تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ماٺار جي چؤواٽي تي بيٺل سنڌي قومپرستي

عطا محمد شاھاڻي ھڪ سچو ۽ کرو قومپرست ڪارڪن رھيو آھي. ھو وڏي عرصي کان جي ايم سيد جي سياست سان سلھاڙيل رھيو آھي. پنھنجي لکيل ڪتاب ۾ ھن قومپرستن توڙي وفاق پرستن خاص ڪري سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، عبدالواحد آريسر ۽ ذوالفقار علي ڀٽو توڙي ٻين سياستدانن سان ڪا بہ رعايت ناھي ڪئي، شاھاڻي صاحب ڪتاب ۾ مختلف موضوعن خاص ڪري ”سنڌ ۽ سنڌ جي قومپرستي اڄ هڪ جاءِ تي منجمند ٿي چؤواٽي تي بيوس ۽ لاچار “، ”جي ايم سيد جي سنڌوديش جو اعلان“، ” ڇا سنڌي ماڻھو قوم ٿيڻ لاءِ تيار آهن؟“، ”ڇا قوم آزاديءَ لاءِ سنجيدہ آهي“؟ سميت مختلف موضوعن ۽ سوالن تي بحث ڪيو آھي. آخر ۾ ھن خلاصو ۽ نتيجو پڻ پيش ڪيو آھي.

Title Cover of book Mathaar jy Chowaty ty bethal Sindhi Qomparasti

باب ڇھون

1947ع تي وجود ۾ ايندڙ نئين ملڪ پاڪستان اندر ايندڙ ڌاري آبادي ڪاري سبب سنڌ جي آبادي ۾ بگاڙ پيدا ٿيو. نئين ملڪ ۾ اصل باشندن کي فائدي پھچڻ بجاءِ ڌڪي ديوار سان لڳايو ويو. ٻاهريون آيل مسلمان جيڪو هتان جي زبان بہ نہ ڳالھائيندو هو. الٽو هتان جي زبان تي چٿرون ڪندي حقير سمجهڻ لڳو. سنڌي مسلمانن جي کليل ٻانھن سان آجيان ڪرڻ کي بہ پسند نہ ڪيائين. پاڻ کي اعليٰ نسل جو سمجهي هتان وارن کي پنھنجي اچڻ کي احسان سمجهندا آهن. نئين ملڪ جي حڪومتي جوڙجڪ ۾سنڌي بلوچ ڪونہ هيو بنگالين کي بہ نالي ماتر حصو مليو. پشتونن کي سرحد ۾ برابر جو حصو مليو باقي هندوستان جي مختلف علائقن مان لڏي آيل مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙن کي اهميت ڏني وئي. باقي ملڪ تي قبضو اولھہ پنجاب وارن جو هو. پنجابي پناهگير مستقل مفاد تحت حڪومتي ۽ سرڪاري محڪمن جي جوڙجڪ ڪئي وئي. سنڌي مسلمان وڏيرو پنھنجي گروي رکيل زمين بچائيندي سڄي سنڌ گنوائي ويٺو، نہ ملڪيت بچي نہ سنڌ بچي. هوش ۾ ايندي ايندي سندس گهڻو ڪجهہ ختم ٿي چڪو هو. سڀ ڪجهہ لٽا ڪي هوش ۾ آئي تو کيا هوا وارو قصو هو.
1972ع ۾ سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ٻولي وارا فساد شروع ٿيا جنھن ۾ اردو ڳالھائيندڙ مسلمان ڀائرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌين کي گهٽ وڌ ڳالھائيندي سنڌي ماڻھن جو قتل عام ڪيو. ان دؤر ۾ اهو بہ نعرو ٻڌڻ ۾ ايندو هو تہ ”پنجابي اردو ڀائي ڀائي يہ قوم ڪھان سي آئي“ يعني سنڌي ڪٿان کان آيا آهن. ٻولي وارا فساد سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻولي جو بل پيش ٿيڻ تان شروع ٿيا دنگن فسادن سبب نوبت وڃي ڪرفيو لڳڻ تائين پھتي سنڌي ٻولي وارو مسئلو انگريز قبضي دوران حل ٿي چڪو هو. 1935ع واري ايڪٽ ۾ ٻولي بابت ڪجهہ بہ نہ چيل هو تہ پوءِ سوال ٿو اڀري تہ هن بل پيش ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت پئي هئي ڪنھن جي چوڻ تي هي بل پيش ڪيو ويو؟
نتيجو اهو نڪتو جو بل بہ پاس ڪونہ ٿيو رهندو انگريزن واري پراڻي حيثيت بہ ٻولي وڃائي ويٺي. فخر ايشيا جي ٻنھي ايوانن ۾ اڪثريت هوندي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت سان گڏ وزير اعليٰ ڏهيسر سنڌ جي هوندي بل پاس هوندي نہ ڪرائي سگهيا. رهندو ڪراچي اندر جيڪي اسڪول هئا انھن مان سنڌي ٻولي کي نيڪالي ڏني وئي ياد رهي تہ ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۾ سنڌي اسڪول هئا. جيڪي لياقت علي جي فرمان تحت بند ٿي ويا هئا. وزيراعظم لياقت علي خان 1951ع تي راولپنڊي جي هڪ جلسي ۾ فضل اڪبر نالي همراھہ هٿان قتل ڪرايو ويو هن جي خون سان انصاف نہ ٿي سگهيو ۽ هن جو خون لڙهي ويو.
پناھہ گيرن سنڌ کي پنھنجو فتح ٿيل علائقو سمجهي سنڌي ڀائي بندن جي گهرن زمينن، ملڪيتن ۽ ڪوڙن ڪليمن تحت ملندڙ ملڪيتن ۽ نوڪرين کي مال غنميت سمجهيو هيڏانھن سنڌي مسلمان کي ديوانن سيٺين وٽ گروي رکيل زمينون ۽ قرض معاف ڪرائي ڏنائون ان بعد سنڌي مسلمان لسي ڀنگ پي سمھي پيا. وطن لٽبو رهيو ساحل وسيلا کسبا ويا. پر هنن جي ڪنن تي جون بہ نہ چري.
ان پسمنظر ۾ سنڌ جي آزادي جي نعري تحت جيئي سنڌ محاذ ٺھي ٿي جيڪا معروضي حالتن تحت ڀلو عمل هيو. پر ڪجهہ سوال اڀرن پيا تہ پارٽي ٺاهيندڙ وٽ ڪو فريم ورڪ هيو يا هوم ورڪ ٿيل هو؟ هي ايتري وڏي ڳالھہ ڪرڻ ڪا اڪ جي ماکي لاهڻي ڪونہ هئي تازو اوڀر پاڪستان مان 16 ڊسمبر 1971ع تي بنگلاديش ٺھي چڪو هو. 1973ع ۾ باقي بچيل ملڪ جي وزيراعظم بلوچستان ۾ چونڊيل عوامي حڪومت کي ختم ڪري اتي گورنر راڄ نافذ ڪري ڇڏيو. جنھن جي رد عمل ۾ بلوچن احتجاج ڪندي پھاڙن جو رخ ڪري مزاحمت جو اعلان ڪيو. جنھن تي سرڪار فوج ڪشي جو اعلان ڪندي برگيڊيئر ٽڪا خان جي قيادت ۾ بلوچن جو قتل عام ڪيو ويو. جي ايم سيد جي سربراهي ۾ سنڌ جي آزادي جي ڳالھہ تہ ڪئي وئي پر پاڪستان جي چئن صوبن مان ٽن صوبن ۾ بغاوت جھڙي صورتحال هئڻ گهرجي ها پر ائين بہ ڪونہ ٿيو سواءِ سرحد جي جتي مفتي محمود جي گڏيل سرڪار احتجاجن استيعفا ڏئي ڇڏي. سنڌ ۾ جيئي سنڌ محاذ ڀُٽي جي ان عمل جي مزاحمت ڪرڻ کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهي. ملڪ اندر آئين هوندي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. ايمرجنسي مان مراد آهي تہ ملڪ اندر ڳالھائڻ ۽ احتجاج ڪرڻ تي پابندي، لکڻ پڙهڻ تي پابندي، پريس تي پابندي، انساني حقن جي لتاڙ ۽ اهڙي ڪا بہ چرپر نہ ٿي ڪري سگهجي جيڪا سرڪار جي نظر ۾ ملڪي مفاد جي خلاف هجي، ملڪي مفاد ڇا آهي ڪنھن بہ سرڪار ان جي ٻولي تائين وضاحت نہ ڪئي آهي اهو اهڙو مبھم آواز آهي جنھن جي آڙ ۾ رياست تائين ماڻھن جي آواز کي دٻائي ڇڏي ٿي. جي ايم سيد گرفتار ٿي وڃي ٿو شاگرد احتجاج ڪن ٿا ڄامشورو ڦاٽڪ بند ڪيو وڃي ٿو ٻنھي پاسي ٽرئفڪ جام ٿي وڃي ٿي. پوليس آنسو گيس جو استعمال ڪري شاگردن کي گرفتار ڪري ٿي شاگرد ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪن ٿا. اتنظاميه يونيورسٽي بند ڪري شاگرد هاسٽلون خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو. شاگرد دربدر ٿي مختلف ريلوي اسٽيشن تان ڳوٺ روانا ٿي وڃن ٿا باقي سيد جي گرفتاري تي سنڌ جو ڪو بہ ننڍو وڏو شھر بند ڪونہ ٿيو سواءِ تعليمي ادارن جي باقي شھرن جو ڪاروبار معمول مطابق جاري رهي ٿو.
ان مان ائين لڳي ٿو تہ سنڌ جو پيغام سنڌي ماڻھن وٽ پھچي نہ سگهيو آهي يا پارٽي جا ليڊر ۽ ڪارڪن پنھنجي پيغام پھچائڻ ۾ ناڪام ويا آهن شايد هنن وٽ پيغام پھچائڻ جو فن ڪونھي يا وري ٿي سگهي ٿو تہ سنڌي ماڻھو ورهاڱي واري بخار مان نڪتو ئي ڪونھي. جي اتان نڪتو آهي تہ پوءِ ڀٽي جي جادوگري واري طلسم ۾ ڦاسي پيو آهي جو هن کي اوڙي جي حالتن ۽ واقعن جي خبر ئي ڪونھي 1972ع ۾ ٻولي تي ٿيندڙ جهيڙن ۾ قتل ٿيندڙ سنڌين جي خون تي بہ هي ننڊ مان سجاڳ ڪونہ ٿيا ٻيو تہ 1971ع ۾ بنگالين جو قتل عام ٿيو اولھہ پاڪستان جو ريڊيو ۽ اخبارون چوويھہ ڪلاڪ ڪوڙ ڳالھائيندي بنگالين کي ملڪ جو غدار ۽ هندوستان جو ايجنٽ ثابت ڪرڻ ۾ رڌل هئا ۽ سنڌي ماڻھو ان سرڪاري پروپئگنڊا سچ سمجهندا هئا ان ڪري سنڌ بلوچستان واري معاملي ۾ ڀٽي کي وڌيڪ سچو ۽ پنھنجو سمجهندا هئا جيئن تہ سنڌي ماڻھن کي فطرتن لٻاڙ گهڻي پسند آهي ان ڪري لٻاڙ کي سچ سمجهندا آهن ۽ سچ ٻڌڻ کان لنوائيندا آهن، ان ڪري جڏهن ڇوڪرا پنھنجي مائٽن کي سنڌ جي سورن جي ڳالھہ ٻڌائيندا هئا تہ مائٽ ڳالھہ ٻڌڻ بدران انھن کي لوفر سمجهندا هئا ان کان سواءِ مائٽن ۾ اها سوچ هوندي هئي تہ پٽ ڪا نوڪري وٺي تہ جيئن غريبي جي سورن کان نجات حاصل ڪري ڪو سکيو ٽڪر کائجي ۽ وڏيري جي هيبت مان بہ جان ڇٽي اها سوچ هنن جي دماغ ۾ گهر ڪري وئي جنھن مان اڄ تائين جان نہ ڇڏائي سگهيا آهن.
تعليمي ادارن ۾ شاگردن پٺيان پوليس ۽ سي آءِ ڊي هر وقت ڪڍ هوندي هئي پريس تي پابندي سبب سرڪاري موقف کان سواءِ اخباري مالڪ مخالف کي جڳھہ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونہ هئا. سراج الحق جي اداريت ۾ هلال پاڪستان اخبار قائد جمھوريت جي ثنا ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي هئي. قاضين جي حيدرآباد مان نڪرندڙ عبرت اخبار بہ ڀٽي جي مدح خواني ۾ رهي باقي آفتاب اخبار ٿوري گهڻي مخالف کي جاءِ ڏيندي هئي قائد عوام جي دور ۾ ٻہ ڀيرا سنڌي پريس کي پابندين جو منھن ڏسڻو پيو ۽ ڪيترن ئي سنڌي رسالن تي پابندين جو منھن ڏسڻو پيو جنھن ۾ سھڻي رسالو بہ شامل هو. سھڻي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف کي جيل حوالي ڪيو ويو. ٻئي مھراڻ نالي اخبار جيڪا پير پاڳاري جي هوندي هئي اها اخبار سرڪاري مخالفن کي جاءِ ڏيندي هئي پر ان جي ريڊرشپ مخصوص سانگهڙ ۽ ان جي ڀر وارن علائقن تائين هوندي هئي خاص ڪري حر جماعت ان کي پڙهندي هئي.
جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو هوم ورڪ بلڪل ڪمزور هو. جنھن سبب سندن سياست ماس مومينٽ ۾ تبديل ٿي نہ سگهي سندن سياست شاگردن وٽ ايستائين مقبول هوندي هئي جيستائين شاگرد هئا. ان بعد جڏهن اهي شاگرد عملي دنيا ۾ آيا تہ وري انھن ڪڏهن پوئتي ڪونہ نھاريو. ماضي ۾ ڪيل واعدا قسم وساري هن سسٽم جو حصو ٿي گورک ڌنڌي ۾ لڳي ويا ۽ پنھنجو پاڻ کي گهر تائين محدود ڪري ڇڏيائون. قومي سماجي ذميوارين کان پڙ ڪڍي بيھي رهيا. انھن منجهان ڪجهہ تہ اهڙا بہ هئا جن مڌر پارٽي کي برباد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو انھن جا نالا لکڻ جي ضرورت ڪونھي. اهي ڪرپشن ۾ شامل ٿي وڏيون ملڪيتون ٺاهي ويا. پارٽي اندر سرڪار پنھنجا ماڻھو سيٽ ڪرايا ۽ ضيا جي دؤر ۾ يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ ڏوهاري ماڻھن کي جاءِ پناھہ ڏني جنھن ۾ سرڪار نواز بظاهر قومي سياست جا وڏا نالا شامل هئا. ضياء جي دور ۾ پارٽي ليڊرن ۽ ڪارڪنن کي ميدان صاف ۽ خالي مليو هو.
جيڪڏهن ميدان عمل ۾ لھي سنڌ جو فڪر ۽ پيغام گهر گهر پھچائن ها تہ شايد سنڌ جي سياست ڪجهہ ٻئي نموني جي هجي ها پر ائين نہ ٿي سگهيو هي يار سنڌ ۾ خال نہ ڀري سگهيا. هوڏانھن شاگرد جساف ۽ سپاف هڪ ٻئي خلاف مورچا بند ٿي وڙهڻ لڳا. جيڪا حيرت جھڙي ڳالھہ هئي. ملٽري ڀُٽي جو جو تختو اونڌو ڪري ڀٽي جو عدالتي قتل ڪرايو هو. جيڪو سپاف جي مڌر پارٽي جو چيئرمين هو. ٻنھي جو دشمن ساڳيو هو. انھن سان وڙهڻ بجاءِ هي هڪ ٻئي سان وڙهيا بيٺا هئا. حالانڪ ٻنھي کي گڏجي عوام وٽ سنڌ جو ڪيس رکڻو هو. جيئي سنڌ وارن وٽ تہ بھترين موقعو هو تہ هو سنڌي ماڻھن وٽ پھچي سنڌ جو طاقتور ڪيس رکن ها ۽ وزنائتا دليل ڏئي ماڻھن کي پاڻ ڏانھن آڻين ها پرهي هڪ ٻئي خلاف وڙهي سرڪاري موقف جي مدد ڪندا رهيا ۽ تعليمي ادارن ۾ ڏوهن کي وڌائيندا رهيا هن رياست مصنوبي تحت سنڌ اندر ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي وٺرائي جنھن سبب عام سنڌي ماڻھو بي يقيني جي ڪيفيت ۾ هليو ويو ۽ ماڻھو سنڌ جي گڏيل سورن بجاءِ پنھنجي ذاتي جان ۽ مال جي حفاظت ۾ لڳي ويا ان سان فوجي سرڪار کي ٻٽو فائدو رسيو. هڪ تہ سنڌي قوم ٻروچ تضاد کي فوجي سرڪار منصوبي مطابق هٿي وٺرائي سنڌ اندر اهو تاثر ڇڏيو تہ ڌاڙيل رڳو سنڌي ذات وارن کي اغوا ڪندا آهن. ٻروچن کي ڇو نہ ٿا کڻن ٻروچ ۽ سيد کي جڏهن ڀل ۾ کڻندا آهن تہ انھن کي فورن واپس ڪندا آهن تہ جيئن سنڌي ذاتين ۾ يقين پيدا ٿئي تہ اهي ٻروچ ڏوهارين سان مليل آهن اهي ئي هنن کي اغوا ڪن ٿا پوءِ پئسا وٺي ڏين ٿا يا ماري ڇڏن ٿا ڌاڙيل ٻروچن کي ڇو نہ ٿا کڻن جڏهن تہ اهي بہ پئسي وارا آهن پر انھن کي ڪو بہ هٿ نہ ٿو لائي جيڪو شڪ هو. اهو يقين ۾ بدلجي ويندو هو فوجي سرڪار هڪ ڌڪ سان ٻہ ٻہ شڪار ڪيا اها سازش سنڌ جي قومي پارٽي سمجهي نہ سگهي انھيءَ بھاني خانگي ۽ سرڪاري فورس ڪچي ۾ لاٿا ويا جيئن سنڌ اندر خانہ جنگي ڪرائي سگهجي. اهڙو ماحول تيار ٿي چڪو هو ان حوالي سان حر فورس ڪچي جي ماڻھن سان ڌاڙيلن جي بھاني بي واجبيون ڪيون ڪچي جو ماڻھو ٻن باهين وچ ۾ ڦاسي پيو. ڌاڙيلن کي ماني پيو کارائي تہ پوليس ۽ حرن جو زيادتيون برداشت ڪرڻيون ٿي پيون ماني نہ پيو کارائي تہ ڌاڙيل پيا مارين هي مالوند هاري ناري ماڻھو وڏي جنجهٽ ۾ ڦاسي پيا.
ان وقت پڙهيل لکيل شاگرد اڳواڻ بہ چور خانن سان ياريون باشيون رکڻ ۾ پورا هئا ۽ پارٽي اندر شخصي رساڪشي ۾ هڪٻئي کي ڪٽڻ لاءِ سازش ڪرڻ ۾ پورا هئا. سنڌ ۽ سنڌي ماڻھو ٽيڻي عذاب ۾ اچي ويا، نہ گهر اندر محفوظ نہ وري ٻاهر حفاظت ۾ هئا. هوڏانھن ڀُٽي جي پارٽي بہ ڪيترن حصن ۾ ورهائجي وئي. مولانا ڪوثر نياز پنھنجو الڳ ڌڙو ٺاهيو تہ سنڌ اندر وري غلام مصطفيٰ جتوئي پنھنجي الڳ پارٽي نيشنل پيپلز پارٽي جي نالي سان جوڙي. ممتاز ڀٽي ۽ حفيظ پيرزادي ڪنفڊريشن جي نالي پارٽي جوڙي جنھن مان حفيظ پيرزادو الڳ ٿي پي اين پي بزنجو واري پارٽي ۾ شامل ٿيو. بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو فرانس هليا ويا.
حرن جي وڌندڙ زيادتين سبب شمشير الحيدري سميت ڪجهہ ماڻھو پير پاڳاري سان ملاقات ڪري سنڌ جي اندروني صورتحال کان کيس واقف ڪيو. جنھن همت ڪري صحي فيصلو ڪندي حر فورس جي واپسي جو اعلان ڪيو. ائين سنڌي هڪ وڏي ممڻ کان بچي ويا. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ اندر متبادل قيادت جي کوٽ هئي. جيڪڏهن سيد وٽ صحي حڪمت عملي هجي ها تہ اها کوٽ آساني سان پوري ڪري پي سگهيو پر هي ان جي ابتڙ هو. سياسي سوچ جي ڪمي سبب هي حالتن کي پنھنجي حق ۾ ڪرڻ بجاءِ سمورين حالتن کي پنھنجي خلاف ڪرڻ ۾ پورو هو. ان دور ۾ ويھي گوڏا کوڙي غور ويچار ڪرڻ گهرجي ها دشمن پھريون ڀيرو ننگي جارحيت تي لھي آيو هو. لاش ڪري رهيا هئا جتي لاش ڪرندا آهن اتي جوڌا جوان جنم وٺندا آهن جيڪي خوف جي بلا کي پنھنجي صفن مان ڪڍي دشمن سان مھاڏو اٽڪائيندا آهن بدنصيبي چئجي جو قومپرستن جي کاتي ۾ ڏوهاري ڏوھہ ڪرڻ لڳا خود حفيظ قريشي جو پٽ اغوا ٿيو ۽ هي سيد جي در تي فرياد کڻي آيو سمجهہ ۾ نہ پيو اچي تہ هي سنڌ کي ڪھڙي طرف وٺي پيا وڃن. ان ۾ ڪو بہ شڪ ڪونھي تہ جي ايم سيد صوفي ازم جو تھہ دل سان حامي هو. هو ڪڏهن بہ ڪنھن سان ٿيندڙ سماجي برائي جي حق ۾ نہ هو. نہ وري ان جي حمايت ڪندو هو پر سندس لڏي ۾ ڪي پڇ ڇڙيا لوفر هئا جيڪي سيد جي ڪنٽرول ۾ نہ هئا. ائين پئي لڳو تہ سيد بيوس هيو پارٽي تي سرڪاري ايجنٽن جو قبضو ٿي چڪو هو ۽ انھن ۾ اهڙا ماڻھو بہ آيا جيڪي دولت هٿ ڪرڻ لاءِ اهڙيون سرگرميون ڪندا رهيا جن کي ڪير روڪي نہ ٿي سگهيو وقت گذرڻ سان گڏ اسي ۽ نوي واري ڏهاڪي ۾ پارٽي اندر ڌڙا بندي ۽ ڏوهاري ڪلچر گهر ڪري چڪو هو. سياسي عمل رڪجي ويو هو صرف وڪٽ رڪارڊ ۽ خالي نعرن تائين پارٽي محدود ٿي وئي. جيڪا وڌيڪ 25 اپريل 1995ع تي سيد جي هن جھان ڇڏڻ کان پوءِ صالحن قومي محاذ ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. هڪ حصي جو وڏو ۽ ٻي حصي جو ٿريو اڳواڻ ٿي ويھي رهيا. ان کان سواءِ جوڻيجو گروپ، سرور سھتو گروپ مطلب تہ جيئي سنڌ تقسيم ٿيندي رهي ايتري تائين جو ڪراچي ۾ آفيس واري جاءِ نيلام ڪيو ويو جنھن جي پلاٽ تي اڪثر منھن ماري ٿيندي رهندي هئي. پيپلن واري پئسي گڏ ڪرڻ جي بيماري بہ هنن ۾ ڪاهي پئي جيڪا ان حد تائين پھتي جو ملڪ خلاف بغاوت ڪندڙ آزادي پسند ليڊر سرڪاري پروٽوڪول ۾ وڃي پيو. آزادي جي متوالن جي سنڀال سرڪار طرفان مليل پوليس گارڊ پيا ڪن. جي ايم سيد هڪ ڪلٽ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جنھن تي ڳالھائڻ ڪفر جي برابر آهي سنڌو ديش مقدر آ، سائين جي ايم سيد رهبر آ. اڄ ڪلھہ اِهو برانڊ آهي ڀلا ٻڌايو تہ جي ايم سيد ڪڏهن پنھنجي زندگيءَ ۾ چيو تہ هي منھنجو فڪر آهي جيڪو ڪجهہ مون لکيو آهي اهو فڪر سنڌ آهي ان پيڙهي جي ليڊرن وٽ پوءِ بہ حال ۽ مستقبل جو پروگرام ڪونہ هو. جيئن جناح وٽ پاڪستان جي حال ۽ مستقبل جو ڪو پروگرام نہ هو صرف ٺلھو نعرو هو تہ ملڪ مذهب نالي بڻيو آهي ۽ اسلام ئي سڀ ڪجهہ آهي پر ملڪ هلائڻ سماجي سائنس آهي اهو ڪنھن الھام يا دعا، تعويذ، ڦيڻي ۽ دورد ذريعي ڪونہ هلندو ان کي هلائڻ لاءِ سماجي جوڙجڪ معشيت، جديد تعليم، زراعت ۽ انفراسٽڪچر جي ضروت آهي شريعت کي ايڪويھين صدي ۾ ڏيڻ لاءِ ڪجهہ ڪونھي هتي قومن جا وڏا پيچيدہ مسئلا آهن جيڪڏهن اهي حل نہ ٿيا تہ اهڙا ملڪ گهڻو وقت هلي نہ سگهندا مقبوضہ قومون پنھنجو گس ڳولينديون بنگالين ٽيويھہ سال انتظار ڪيو تہ من ڪجهہ ٿئي پر نيٺ هنن پنھنجو فيصلو ڪيو قيمت ڀري آزاد ٿي ويٺا اهڙي طرح سنڌ کي بہ هڪ پلاننگ تحت 1843ع واري مزاحمت جي سزا ڏئي وئي جيڪا سنڌي مسلمان سمجهي نہ سگهيا ۽ انھن جي سازش جو شڪار ٿيا تر جي خطا نسلن جي لوڙ ٿيندي آهي جي ايم سيد پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ستر جي اليڪشن تائين جيڪي غلطيون ڪيون انھن کان بچڻ لاءِ ۽ تاريخ ۾ زندہ رهڻ لاءِ آزادي جو نعرو هنيو. سندس قومپرستي ۾ يقين هيس پر آزادي وٺندڙن مان ڪونہ هو. هن گهڻو ڪري جذباتي فيصلا ڪيا اهڙا ليڊر جيڪو جناح لاءِ جذبات ۾ اچي سر قربان پيو ڪري ان مان مراد تہ هو جذباتي هو جذباتي ليڊر ڪڏهن عقل استعمال ڪونہ ڪندا آهن اهڙا ليڊر گهڻو ڪري فاشزم جا شڪار ٿي ويندا آهن جيئن پليجو فاشزم جو ايجنٽ هو. سندس لکڻين ۾ مستقبل جو سواءِ لفاظي جي ٻيو ڪو بہ پروگرام ڪونہ هو. سنڌ جي نوجوان کي ڪلٽزم شخصيت پرستي مان نڪري عقل علم سائنسي انداز ۾ ايڪويھين صدي جي گهرجن مطابق جي ايم سيد کي پڙهڻ گهرجي ان لاءِ تاريخ، سماجي سائنس ۽ دنيا جي جديد علمن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي لٻاڙ بازي ۽ سکڻي نعري بازي مان ٻاهر نڪري سنجيدگي سان چوطرف نھاري حالتن کي سمجهڻ گهرجي ۽ نئيون راهون تلاش ڪرڻ گهرجن. جي ايم سيد جي دور جي پوئلڳن کي پاسيرو ڪري سيد جي اصل متن ساڻ ڪري گانڌي ۽ صوفي ازم کي تالو ڏئي عملي ميدان ۾ دشمن سان اک ۾ اک ملائي هن جي ٻولي ۾ هن کي جواب ڏيو تہ جيئن هي رياست جلدي سمجهي سگهي. جي ايم سيد ۽ سنڌ جي اولڊ گارڊن جي هاڻي اهميت نہ رهي آهي اهي هاڻي بوجھہ آهن جيڪي جي ايم سيد جي پيغام ۾ ڪنفيوزن ڦھلائي رهيا آهن ان ڪري وقت جي گهرج اها آهي تہ ڪم ڪيو.
سنڌ تي هاڻي شعر و شاعري گهڻي ٿي وئي آهي. انھيءَ شاعر جذبو پيدا ڪيو هو ۽ ٿورو گهڻو ڪم ٿيو هو پر هاڻي اها شاعري پراڻي ٿي جذبن کي ماٺو ٿي ڪري. ان ڪري خيالي دنيا مان نڪري حقيقي دنيا لاءِ عملي طور ڪم ڪيو پنھنجون صفون درست ڪرڻ جو وقت آهي ڪنھن ايري غيري نٿو خيري کي پارٽي جو ميمبر ڪرڻ بند ڪيو. ميمبرشپ ڪرڻ لاءِ ڪجهہ ڪواليفڪيشن رکو. ميمبرن کي تاريخ، جاگرافي جي ڄاڻ هجي خود احستابي ۽ جزا سزا لاءِ پارٽي اندر ادارا هئڻ گهرجن جنھن ۾ گهيراءُ ڪيو ۽ ان کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ان سان سياسي سماجي بائيڪاٽ ڪريو ايستائين جو انھن جي جنازن ۾ بہ نہ وڃو.
جي ايم سيد تي بہ جائز سياسي تنقيدي بحث ڪيو ان جي خوبين کي کڻو خامين کي پاسيرو ڪري ڇڏيو. ان ۾ اصلاح جي ضرورت آهي ان سان سنڌ جو ڪو وڙ ڪونہ گهٽبو پر سگهارو ٿي ايندو نئون نسل سمجهي ٿو تہ ماڊرن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان سڀ ڪجهہ بدلائي سگهنداسين پر ائين بہ ڪونھي. هتي رجيم Regime تبديل ڪرڻي ڪونھي هتي قومي آزادي جو ڏکيو ڪم آهي ان ڪري اجاين خيالن مان نڪري اچو عملي ڪم ڪيو هوٽلن تي ويھي اجايون ڊاڙون نہ هڻو جتي زبان سان هلڻو پوندو آهي اتي پٿر جو استعمال ڪندو تہ پوءِ توهان ڪوڙڪي ۾ ڦاسي پوندو ۽ مائٽ ڳولڻ لاءِ رستن تي پيا رلندا وتندا.
يونيورسٽي جي شاگردن وقت بوقت پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيل سازشن خلاف پوءِ ڇو نہ اهو ون يونٽ جي خلاف هجي يا نوابشاھہ وارو واقعو هجي جنھن ۾ شاگرد جذبات ۾ اچي پوليس ۽ فوج سان مقابلو ڪيو هو جنھن سبب شاگرد ريسٽيڪيٽ ٿيا جيل بہ ويا ۽ انھن کي سخت سزائون بہ مليون. سنڌي شاگرد تمام گهڻا قومي قافلي سان لاڳاپيل رهيا جيڪي سنڌ لاءِ سر قربان ڪرڻ لاءِ بہ تيار هئا ۽ هنن ڪڏهن ڪنھن قرباني ڏيڻ کان ڪين ڪيٻايو پر اهو ليڊرشپ تي هيو نہ انھن کي صحي رستو ڏيکارن ها جيئن ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو ٿيو هو جنھن ۾ فوج شاگردن جي بسن تي سڌيون گوليون هلايون هيون جنھن ۾ ڪيترائي شاگرد امر ٿي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا. هي واقعو ڀٽي جي قتل کان پوءِ سنڌ ۾ ٻيو وڏو واقعو هو. جنھن سنڌ کي دهلائي ڇڏيو هو. هن واقعي جو ڪيس بہ شاگردن تي داخل ڪيو ويو. 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي هلندڙ تحريڪ دوران سنڌ جي ڳوٺن مٿان جنگي جھازن ۽ هيلي ڪاپٽر ذريعي گولا بارود استعمال ڪيو ويو وري ڪيس بہ مقتولن ۽ زخمين مٿان بغاوت جا قلم هڻي داخل ڪيا ويا. سنڌي ماڻھو احتجاج ڪيو ۽ ۽ ڪري ڏيکاريو اها ٻي ڳالھہ آهي تہ پي پي هي ليڊرشپ ڪفن چور نڪتي. اهڙي طرح سان ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو سنڌ جي تاريخ جو اهم موڙ هيو روئڻ پٽڻ ۽ رانڀاٽ ڪرڻ بجاءِ ان ڏک ۽ صدمي کي کڻي سنڌ جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهي پئجي ها سنڌي ماڻھن اڳيان پنھنجو مضبوط ڪيس رکي سنڌي ماڻھن کي پنھنجي ساٿ ۾ شامل ڪري سنڌ جي هر شھر ۽ ڳوٺن ۾ سخت احتجاج ۽ مزاحمت ڪئي وڃي ها تہ سنڌ اڄ ڪنھن ڀٽي يا زرداري کان ڪوهين ڏور هجي ها ۽ دنيا جي توجھہ جو مرڪز هجي ها پر افسوس سيد ۽ سندس پارٽي يوم سوڳ ملھائڻ تائين محدود رهي ۽ ۽ ساڳين گٺل پيٺل نعرن سان پنھنجو وقت زيان ڪيائون. ساڳئي ڳالھہ تہ سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي اسان امن امان چاهيون ٿا جن جا نوجوان مارجي ويا ۽ جن جا ٻچا جيل ڀيڙا ٿيا اهي مصيبتن جي گهڙين ۾ گذارن پيا ۽ همراھہ صرف تعزيتي گڏجاڻين ۾ مصروف هئا. هن هيڏي ساري الميي کي اڳتي کڻي هلڻ لاءِ تيار ڪونہ هئا سنڌ جون ٻيون پارٽيون ڪميونسٽ ڊي ايس ايف ۽ پليجي سميت جيئي سنڌ جي شاگردن کي لوفر سڏيندا رهيا. ان سبب هن واقعي جي صرف سکڻي مٿاڇري مذمت ڪندا رهيا ۽ سرڪار سان ٻٽ رهيا رهندو ڊي ايس ايف الزام هنيو تہ جيئي سنڌ وارا بسون ڪاهي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊي ايس ايف جي رٿيل پروگرام کي خراب ڪرڻ لاءِ پئي آيا ان جو مطلب اهو ٿيو تہ هي سرڪار سان ملي ڪري ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو ڪرايو هجي پر اهي الزام بازيون پارٽيون هڪٻئي تي هڻنديون آهن جنھن جا ثبوت ڪنھن ڌر وٽ نہ هوندا آهن جو ثابت ڪري سگهجي ائين ڪرڻ سان رياستي جبر کي تحفظ ملندو آهي ٽوڙهي ڦاٽڪ واري واقعي جي حڪمت عملي سان مزاحمت ۽ بغاوت ڏانھن کڻي سگهجي پيو ۽ اها ڪا نئين ڳالھہ ڪونھي دنيا ۾ اهڙن واقعن جي بنياد بغاوتون جنم وٺنديون آهن پر ان لاءِ بھترين ليڊرشپ ۽ اديبن دانشورن ۽ اهل علم ماڻھن جي ضرورت هوندي آهي جيڪي پنھنجي قوم کي اهڙن واقعن جي بنياد تي غاصب قوتن کي شڪست ڏئي منزل ماڻيندا آهن سنڌ اندر سيد ۽ سندس ٽيم اهڙو سونھري موقعو ڄاڻي واڻي هٿ سان وڃائي ڇڏيو ان کان سواءِ نوابشاھہ واقعو ٿيو جنھن جي ردعمل ۾ ڄامشوري جو واقعو ٿيو پر انھيءَ واقعي جو بہ ڪو کڙ تيل نہ نڪتو ۽ خاموشي ٿي وئي پر اڳتي هلي ساڳي نموني جو واقعو ڊيرا بگٽي ۾ ٿيو جنھن تي نواب اڪبر بگٽي سخت احتجاج ڪندي مزاحمت تي لھي آيو جنھن جي نتيجي ۾ پاڻ ساٿين سميت هميشہ لاءِ امر ٿي ويو ۽ موٽ ۾ سنڌين اڪبر بگٽي جي حق ۾ احتجاج بہ نہ ڪيو ۽ اها سنڌي خاتون بہ خاموشي سان سرڪار سان ٺاھہ ڪري وڃي ڪئينڊا ۾ پناھہ ورتي هن مھل تائين نواب لاءِ لفظ بہ نہ ڳالھايو آهي ۽ سنڌ جو سو ڪالڊ قومپرست جماعتون ڄاڻ هوندي بہ خاموش رهيون پر اڄ بلوچ تحريڪ جي ڪنھن بہ موقف جي حمايت ڪرڻ کان پڙ ڪڍي بيٺا آهن. ٿيڻ ائين گهرجي ها جو بلوچ ۽ سنڌين کي هڪ ٻئي جي ويجهو ٿيڻ گهرجي ها هي فطرتن هڪ ٻئي جا اتحادي آهن ۽ عملي طور بہ هڪٻئي جا اتحادي هئڻ گهرجن ها پر ائين ڪونہ ٿيو ان جي برعڪس سنڌين جي پرستي وارن دانشورن کان هميشہ اهو ٻڌو ويو آهي تہ بلوچ چون ٿا تہ مان جنگ ڪنا مان جنگ ڪنا روهڙي سکر دنگ ڪنا. انھيءَحوالي سان بلوچ سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي ڳالھہ ڪڏهن ڪانہ ڪئي آهي پر هي همراھہ ڳالھہ ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونھن ۽ اعتبار تہ پري جي ڳالھہ آهي پر سو ڪالڊ مزدورن وارو واقعو ٿيو تہ هي سنڌي آءِ ايس پي آر کان بہ ٻہ وکون اڳتي نڪري ان واقعي جي مذمت ڪرڻ لڳا بغير ڪنھن تحقيقات ڪرڻ جي يا ٻئي ڌر جي موقف ٻڌڻ جي ڌمچر لائي ڏنائون پنھنجا معاملا سڌا ڪونہ پيا ڪري سگهن. هاڻي وري ماھہ رنگ جي مقبوليت سنڌ لاءِ چئلينج بڻائي سورٺ کي ۽ روماسا کي ماھہ رنگ سان پيا ڀيٽ ڪن ڀلا ماھہ رنگ ڪڏهن چيو آهي تہ اهي گهٽ آهن بلوچن کي پنھنجي سورن مان ڪڏهن فرصت ملي آهي جو ويھي توهان لاءِ سوچن ها انھن سان هنن جو ڪو اختلاف آهي سنڌي دانشور جڏهن ڪاوڙجي ٿو تہ سڀني کي سنڌ جو حصو ڪيون ويٺو آهي يا لس ٻيلو سنڌين جو آهي ايستائين سنڌ هئي وغيرہ ان هوندي بہ بلوچ خاموش آهن ڪڏهن هنن شڪايت ڪانہ ڪئي آهي جڏهن تہ بلوچستان ۾ اٺ سيڪڙو آبادي لاسي سنڌي آهي انھن سنڌين مان نوي سيڪڙو آبادي هميشہ کان رياست سان مليل آهي اڄ بہ بلوچن جي خلاف رياست جي سھولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪري پئي.
سنڌ اندر سنڌي ٻروچ جو رياستي سرپرستي تحت اڀاريل تضاد عروج تي آهي 1983ع ۾ ڌاڙيل فيڪٽر کان وٺي اڄ تائين سنڌي ٻروچن ۾ جهيڙا ڪرايا وڃن ٿا. جيڪي هر روز وڌندا پيا وڃن ختم ٿيڻ جو ڪو امڪان بہ نظر نہ ٿو اچي ۽ رياست بہ نہ ٿي چاهي سنڌي هڪ متحد قوم ٿين ان ڪري سنڌ مان بدامني ڪڏهن ختم ڪونہ ٿيندي.سنڌ ۾ هر ذات پاڻ کي فخر سان قوم سمجهي شايد هنن کي قوم هجڻ جي وصف جي باري ۾ ڪير سمجهائي نہ سگهيو آهي انھيءَ ڪري ذات پات جي چڪر ۾ حقيقي سنڌي قوم غائب ٿي وئي آهي ڪڏهن گڏ ٿيڻ واري سوال تي سوچيو اٿو تہ ڪير گڏ ٿيڻ نہ ٿو ڏيئي؟ ان پٺيان ڪنھن جو سگهارو هٿ آهي؟ ڊاڪٽر اجمل ساوند جو ڏينھن ڏٺي قتل ڪھڙي بيماري تحت ڪيو ويو ۽ ڪنھن ڪرايو اصل هٿ ڪنھن جا هئا؟ سڀ قبيلائي جهيڙو چئي سردار کي گاريون ڏيڻ ۽ گهٽ وڌ ڳالھائڻ ۾ پورا هياسين پر اصل حقيقتن تي پھچڻ لاءِ اسان وٽ علم عقل جي کوٽ آهي ۽ اهو تماشو ائين هلندو رهندو ۽ رياست سنڌ اندر انگريز فارمولي تحت ڪري ٿي ان جي ڪري ڪامياب آهي ۽ سنڌي هر ڏينھن هڪ نيئن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيندا پيا وڃن سنڌ ۾ مذهبي جنونيت کي هٿي وٺرائيندي ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل ڪرايو ويو اهو ڪم پير عمر سرهندي جو فتوا تحت ڪرايو ويو. انھيءَ قتل پويان صرف پير سرهندي ڪونھي اهو هڪ رياستي بيانو آهي جيڪو 1870ع کان لاڳو ڪيو ويو آهي انھيءَ جون مختلف شڪليون وقت بوقت سامھون اينديون رهنديون آهن هي سڄو واقعو سرڪار جي نگراني ۾ ڪرايو ويو اهي سي ايس ايس جا ڪامورا ايترا چريا ڪونھن جو مدرسي ۾ اچڻ تي گلاب جي گلن جي هارن سان گڏ گل پيرن ۾ هاريا ويا هجن. هي واقعو سرڪاري تحويل ۾ ڪرائي ٽيسٽ ڪيس پيش ڪيو ويو آهي نہ ئي هي پھريون ڪيس آهي نہ وري آخري ڪيس آهي اهڙا ڪيس ٿيندا رهندا. ڇاڪاڻ تہ سنڌ جي قومي جماعت وٽ نہ ڪوئي سگهارو ليڊر آهي ۽ نہ وري جماعت ڪا منظم آهي پارٽي پنھنجو پاڻ کي ڌنارن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جيڪي روزانو جي حساب سان ڪنھن نہ ڪنھن سيڪٽر ۾ وڃي رپورٽ ڪندا آهن ان ڪري عام سنڌي ماڻھو اهو آسرو ڪنھن الھامي قوت اڳيان ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو هنن کي اڳي پوءِ پاڻ ڪرڻو آهي پر هي پاڻ کي خوف لالچ ۽ آفاقي طاقت حوالي ڪري پنڻ پٺيان سرڪاري ادارن ۾ ڌڪا کائيندا رهن ٿا. جيڪڏهن گهر جي سمورن مردن عورتن کي خيرات ملي تہ سندن پنج ئي آڱريون گيھہ ۾ هونديون اٿن ۽ وفاقي پارٽي پنڻ جي عيوض هنن کان ووٽ وٺي وڃي ٿي. هن سڄي عمل جو وڏو قصوروار جي ايم سيد ۽ ان جا همنوا آهن جن ورهاڱي کان وٺي جذٻاتي فيصلا ڪيا آهن ۽ انھن جذباتي فيصلن تي عمل بہ نہ ڪرائي سگهيو.
اڌ سنڌ 1947ع ۾ ڌرم کي بچائيندي ڌرتي کان لاتعلق ٿي انگوشو ڪلھي تي رکي ٻارن ٻچن سميت خالي ڪري هلي وئي. مذهب خاطر پنھنجو گهر پنھنجو وطن برباد ڪري ڇڏيائون ان جو نتيجو سڀني جي سامھون آهي ان ڪري ان حقيقت ۾ شڪ ڪونھي تہ سنڌ هندو ۽ سنڌي مسلمان موجودہ حالتن جا ذميوار آهن ۽ ٻئي ڌريون سنڌ ڌرتي جون مجرم آهن.
موجودہ دؤر ۾ جي ايم سيد جي وارثن مان اميد رکڻ وقت جو وڏو زيان آهي ۽ اهڙي طرح پير پاڳاري صبغت ﷲ شاھہ راشدي جي پونئيرن ۾ آسرو رکڻ پاڻ سان ڌوڪي برابر آهي انھن خاندانن منجهان ٻيھر سورهيہ بادشاھہ ۽ جي ايم سيد ڪونہ ٿيندا.
ٻيو تہ جي ايم سيد جي نالي گذر سفر ڪندڙ ليڊر سنڌ کي ڪڏهن بہ سھي رستو اختيار ڪرڻ بہ ڪونہ ڏيندا. ان ڪري پوسٽ جي ايم سيد جنريشن کي درگاهي حاضرين بجاءِ عمل ڪرڻ گهرجي باقي هي هاءِ ٽيڪ نسل پڙهڻ لکڻ کان عاري نظر اچن ٿا.
جيستائين سنڌي پنھنجي زبان تي ڪنٽرول نہ ٿا ڪن ايستائين ڪجهہ ٿيندي نظر نہ ٿو اچي ڇاڪاڻ تہ ڪجهہ ڪرڻ لاءِ خاموشي ضروري هوندي آهي ۽ نتيجا پاڻ گواهي ڏيندا آهن باقي ثبوت ڏيڻ جي ضرورت ڪونھي. سياسي ڪارڪن کي سياسي سماجي اخلاقيات جو پابند رهڻ گهرجي ۽ ماڻھن اندر پنھنجي لاءِ ڀروسو ۽ يقين پيدا ڪرڻ گهرجي. جيئن ڏکئي مھل ۾ عام ماڻھو جهنگن، ٻيلن يا پنھنجي گهرن ۾ سولائي سان پناھہ ڏئي سگهن. ڪارڪن اندر ضابطا اصول پيدا ڪرڻ لاءِ تربيتي ڪلاس هلايا وڃن تہ جيئن ڪارڪن جي اندر اخلاقي معيار بلند ٿئي.
ان کان پوءِ توهان کي غاصب قوت سان وڙهندي جهنگن ۽ جبلن جي ضرورت پوندي ڇو تہ توهان کي سنڌي ماڻھو پنھنجي دلين ۾ جايون ڏيندا.
جيڪڏهن ڪو ڪارڪن قوم يا پارٽي کي ڇيھو رسائي تہ جزا ۽ سزا جي عمل تي ڪنھن بہ قسم جي رعايت نہ ٿيڻ گهرجي بلڪہ پارٽي اندر اهڙو نظام هجي جيڪو جزا ۽ سزا واري عمل جي ڪڙي نگراني ڪري سگهي ۽ توهان منجھہ ڊسپلين نہ هوندو تہ پڪ سمجهو تہ هنن ڍڳن مان ڪجهہ نہ ورندو پروگريس زيرو تي هوندي تہ پاڻ سان گڏ قوم بہ ڏچي ۾ هوندي ۽ غلامي جا ڳٽ اڃان وڌيڪ مضبوط ٿي ويندا.
دنيا اندر اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن اهڙيون تحريڪون راهن ۾ رلي ويون ۽ قومون پنھنجي وجود وڃائي ويٺيون. اهي قومون تاريخ جي ورقن مان هميشہ لاءِ ميسارجي ويون ان ڪري پارٽي جي جوڙجڪ ۾ هر وقت اصلاح ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي جتي ڪوتاهي ٿئي اتي فورن ان کي ٺيڪ ڪيو وڃي.
پروپئگنڊا جي عمل ۾ هر قسم جو حربو استعمال ڪيو وڃي پراڻي طريقي کان وٺي هائي ٽيڪ ڪٽنگ ايج ٽيڪنالاجي جي ڏکيائين کان آگاھہ ڪجي عام طور تي ٿيندو ائين آهي تہ انقلابن ۾ اميد ڏياري ماڻھن کي گهڻا دلاسا ڏنا ويندا آهن پوءِ جڏهن انقلاب ايندو آهي تہ عام ماڻھو اهو سمجهندو آهي تہ انقلاب کان پوءِ ٻئي ڏينھن تي ڏک ڏولا ختم ٿي ويندا پر ايترو جلدي ممڪن ناهي هوندو ان ڪري عام ماڻھو کي ان ڳالھہ تي آمادہ ڪبو آهي تہ ڏکيو مرحلو گذري چڪو آهي هاڻي پاڻ کي ڏينھن رات سخت محنت ڪري ملڪ کي ۽ ماڻھن کي سکيو ستابو ڪرڻو آهي ۽ دنيا کي ڏيکارڻو آهي تہ اسين هڪ لائق قوم آهيون ۽ دنيا جي ترقي ۾ پنھنجو حصو وجهي سگهون ٿا.
جيئن قوم بہ اعتبار ڪري ۽ دنيا بہ يقين ڪندي ترقي ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سيڙپڪاري ڪري سگهجي. ان کان سواءِ اهڙا ادارا کوليا وڃن جن ۾ دنيا جو جديد علم سائنس ٽيڪنالاجي سماجي سائنس سيکاري ۽ پڙهائي وڃي تہ جيئن علمي ماهر سائنسدان ۽ هنرمند ماڻھو گهڻي تعداد ۾ تيار ٿي سگهن.
دم درود الھامي دعائن، ڌاڳن ڦيڻن ۽ قبرن جي گرد ڦيرا پائيندڙن قوم کي سجاڳي طرف وٺي اچڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي پر ناممڪن ڪونھي. 1949ع واري چيني انقلاب آفيمي قوم کي سجاڳ ڪري ايڪويھين صدي ۾ دنيا جو سپر پاور ملڪ ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ آمريڪا سان ٽڪر ڏيون بيٺا آهن ويٽنام 1974ع ۾ آمريڪي قبضي کان آزاد ٿيو هاڻي اتان جو عوام ۽ سرڪار معاشي طور چين وانگر وڌڻ لاءِ جتن پيا ڪن اهڙي نموني سان ڪمپوچيا خيمورج جي قبضي کان پوءِ جان ڇڏائي ترقي ڪري رهيو آهي تہ پوءِ سنڌي ماڻھو بہ ڇو نہ اڳتي نڪري ترقي جي راهن تي هلي سگهن ٿا. جيڪو خطو وفاقي بجيٽ جو پنجهٺ سيڪڙو وفاق کي ڏئي سگهي ٿو اهو خطو پاڻ کي ۽ پنھنجي ماڻھن کي سگهارو ڇو نہ بڻائيندو. پر انھيءَ لاءِ جدوجھد ڪرڻي پوندي اندرين ٻاهرين مداخلتن کي روڪڻو پوندو اصل دشمن جي سڃاڻپ ڪرڻي پوندي ۽ اجايو ٻين سان الجهڻ بجاءِ حقيقي دشمن تي نظر رکڻي پوندي باقي رياستي دلال توهان جي رستا روڪ ڪندا توهان کي ڊيڄاريندا توهان جا ننڍا وڏا نقصان بہ ڪندا پر نظرياتي طور تيار ٿيل ۽ منزل کي سامھون رکندڙن کي اهي عارضي رڪاوٽون ڪجهہ بہ ڪري نہ سگهنديون آهن.
سنڌين جڏهن پاڻ کي غلام سمجهڻ شروع ڪيو ۽ ان غلامي مان نڪرڻ لاءِ واجهائڻ شروع ڪيو تہ پڪ ڄاڻو تہ هي گڏ ٿيڻ ۾ دير نہ ڪندا ۽ جڏهن هي سڌو پنڌ صورت جو ٻيون واٽون ڪل ئي درميان واري رستي تي نڪري پيا ۽ آزادي وٺڻ جي اوڙاھہ ۾ گهڙي پيا تہ پوءِ جيڪي گهڙيا سي چڙهيا وارو معاملو ٿيندو.
جيڪي وري انتظار ۾ رهيا تہ انھن جا انتظار ڪندي نسل گذري ويا ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهيا تنھنڪري رستي تي نڪرڻ کان پوءِ پوئتي نہ نھاربو نظر صرف منزل تي هجڻ کپي. هاڻي وقت اچي ويو آهي تہ قومپرستن کي سنڌين کان معافي وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ تہ گذريل پنجاھہ سالن کان هنن ڪا سياسي راھہ هموار نہ ڪئي آهي ۽ نہ ئي پنھنجو پيغام ماڻھن تائين پھچائي سگهيا آهن پوءِ هنن جي پيغام ۾ خاميون آهن يا پاڻ ۾ بدگمانيون اٿن پر سنڌ جو الميو جيئن جو تيئن رهيو. اڃان بہ سنڌ جي زخمن ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي سنڌين جو وقت حق حڪمراني کان وٺي حق حياتي تائين وحشت، تباهي ۽ بربادي ۾ گذري رهيو آهي قومپرستن جا فرقا وڏيرن جي دلالي ڪري شاهوڪار ٿي ٺٺ ٺانگر واري زندگي گذاري رهيا آهن هي قومي وڏيرا پنھنجي ڪارڪنن کي ائين هلائيندا آهن جيئن اصل وڏيرا پنھنجي هارين نارين کي هلائيندا آهن. هنن قومي وڏيرن جا بہ خاص چمچا رکيل هوندا آهن جيڪي ڳاڙهي ٻوڙ تي چوويھہ ڪلاڪ لٻاڙي ليڊرن جي ثنا خواني ڪندا آهن ۽ ٻيا ڪارڪن ويچارا وڪاڻل گهوڙن ۾ ميدان ملھائڻ جي اميد رکيو پنھنجو خوشحال مستقبل ڳوليندا آهن ۽ فريبي ٺڳ وري هنن سادڙن ڪارڪنن کي پنھنجي تڪليفن جا ڪوڙا داستان سنڌو ديش جي نالي تي ٻڌائيندا آهن سادڙا ڪارڪن موٽ ۾ نعرا هڻي کين داد ڏيندا آهن.
سنڌ جي سياست وڏي ويساھہ گهاتي ٿي رهي آهي هتي قوم سان مخاطب ٿيندڙ ماڻھو جو دامن سچ کان خالي ۽ ڪوڙ سان ڀريل آهي هتي ڪم ان وڏيري وانگر هلندو آهي جنھن جو فصل پچڻ کان اڳ سيٺين وٽ ٻول تي کپايل هوندو آهي. هتي سڀ ڪجهہ اڳ ۾ کپايل هوندو آهي نالو وڏو ديھہ ويران وارو چڪر لڳو پيو آهي. هتي چي گويرا بہ پيدا ڪيو ويو جنھن جي پٺيان ڪيترن ئي پارٽين جا ماڻھو شامل ٿيا ۽ ڪيتريون ئي ٽانگا پارٽيون هن جي پارٽي ۾ ضم ٿي ويون ڪارڪن ويچارا هليا سنڌ جي ڊگهي ويڙھہ وڙهڻ لاءِ پر خبر تڏهن پئي جڏهن سنڌ جو چي گويرا وڃي رياست جي جهولي ۾ ڪريو ۽ ڏسندي ڏسندي يڪدم سنڌ جو چي گويرا وڏيرو بڻجي ويو. ڪارڪن ويچارا دربدر ٿي ويا انقلابي خواب چڪناچور ٿي ويا ۽ خبر ناهي تہ هن کي ان لقب سان ڪنھن نوازيو هو اهي ڏاها الائي ڪٿي آهن پر هن لقب ڏيڻ تي شرمسار ضرور ٿيا هوندا. سنڌ اهڙا تماشا ڏسندي پئي اچي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان صرف ۽ صرف ويساھہ گهاتي پئي ٿئي.
سنڌ جي عقل شعور ڪالھہ بہ غلط فيصلا پئي ڪيا ۽ اڄ بہ غلط فيصلا پيو ڪري جذباتي عقيدت پرست جلدي ٿوري ڏٽي تي اعتبار ڪرڻ ڪوڙي ۽ بي تڪي ڳالھہ تي اعتبار ڪرڻ اهڙي قسم جي قومن سان ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن هاڻي بہ اک نہ کوليائون تہ ائين ئي ٿيندو رهندو.
حيرت جي ڳالھہ اها آهي ايتري تباهي بربادي هوندي بہ هي ماڻھو پنڻ تي زندہ رهندا پيا اڇن هر وڏيرو ليڊر هنن کي ڦرڻ ۽ نيلام ڪرڻ ۾ ڪابہ ڪسر نہ ڇڏي آهي پوءِ بہ جيئرا آهن وري اهي ساڳيا ئي ماڻھو گهر گهر ۾ هڪ ٻئي خلاف ڪھاڙي ڪلھي تي کنيو پيا هلن هر ڪنھن جو ڄڻ پينر پينل هجي مستقبل جي ڀينگ کان لاپراوھہ تي نسلن جي برباديءَ لاءِ ڪم پيا ڪن پرائي دين خاطر پنھنجن کي ماريو ۽ ساڙيو ڇڏين نام نھاد ليڊر وري مقتول جي تڏي تي ۽ قاتل جي ڪڇ ۾ ويٺل نظر ايندا آهن پڇا ڪر تہ ابا ائين ڇو پيا ڪيو؟ چوندا آهن تہ اسان کي سنڌ کي بچايون پيا.
جي ايم سيد کي عمر جي حساب ۽ قيد و بند ۾ رهڻ ڪري عملي سياست ڪرڻ جو وقت نہ ملي سگهيو پر جيڪڏهن پارٽي اندر منظم تنظيم ڪاري ٿيل هجي ها ۽ ادارن کي سائنسي بنيادن تي مضبوط ڪيو وڃي ها ۽ سياسي طور تي هوم ورڪ بہ ٿيل هجي ها تہ قيد يا نظربندي هوندي پيغام رسائي ذريعي عملي سياست ڪري پئي سگهيو جيڪا هن نہ ڪئي.
سيد جي وڃڻ کان پوءِ آريسر، قريشي، ڀائو ۽ جوڻيجو وغيرہ ٻيا ڪيترائي هئا جيڪي شخصي شر کان ٻاهر نہ نڪري سگهيا انقلابي نتظيمن جا فردن جي ڪا بہ حيثيت نہ هوندي آهي پر تنظيم ان جي ادارن ۽ نظريي ۽ فلسفي جي اهميت هوندي آهي پر هتي ان جي ابتڙ شخصيت کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ هو. سيد قيد هوندي هزارن ماڻھن جي ميڙ ۾ سترهن جنوري تي پنھنجي سالگرھہ ملھائي ٿو عجيب قسم جو باغي ليڊر هو.
بلوچ پھاڙن ۾ لڪل هوندي بہ کنڀجي وڃن ٿا انھن کي گم ڪيو وڃي ٿو يا انھن جا لاش ملن ٿا ۽ گهڻن کنڀيلن جي تہ خبر ئي نہ پوندي آهي تہ اهي جيئرا آهن يا مري ويا آهن. هيڏانھن وري سنڌوديش مقدر آ، جي ايم سيد رهبر آ چوڻ وارو پوش علائقن ۾ رهي ٿو ٽي وي چئنل تي انٽرويو ڏئي ٿو پر پوءِ بہ ان کي رياست جي طرفان ڪجهہ نہ ٿو چيو وڃي. هوڏانھن وري بلوچ نوجوان پنڊي يونيورسٽي ۾ ڪلاس وٺڻ وڃي ٿو تہ رستي مان ئي غائب ٿيو وڃي پوءِ سندن مالڪ ڪورٽن جا در کڙڪائن ٿا پر ڪير ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارو ڪونھي. اهڙي نموني جو سنڌ هائي ڪورٽ ۾ مسنگ پرسن جو ڪيس داخل ڪيو ويو پر ڪجهہ ٿيڻ بجاءِ تاريخ تي تاريخ ملندي رهي چيو وڃي پيو تہ هن ملڪ ۾ ڪورٽ آزاد آهي ۽ قانون کان ڪير بہ مٿانھون ڪونھي پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تہ قانون طاقت اڳيان ليٽيو پيو آهي ۽ بندوق قانون کان بالاتر نظر اچي ٿي.
جڏهن کان هن پياري تي بندوق واري اقتدار تي قبضو ڪيو آهي تڏهن کان بندوق بردار انصاف کي تالا هڻي در تي بيٺو آهي ۽ انصاف ويچارو کانئس حڪم وٺڻ لاءِ انتظار ۾ بيٺو هوندو آهي. عام طور تي هن ملڪ ۾ ڪوڙ بہ گهڻو هلندو آهي تہ ڦلاڻي جج قسم کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر حقيقت ۾ بندوق واري ان جج کي منصب ڏيڻ لاءِ ڪڏهن گهرايو ئي نہ هوندو آهي پنجابي جج ڪڏهن بہ بندوق واري جي حڪم جو انحراف نہ ڪري سگهيو آهي. اها ڳالھہ پنجابي جي بلڊ ڪيمسٽري جي خلاف آهي پنجابي هر وقت ۽ هر جاءِ چڙهندڙ سج جو سلامي رهيو آهي هاريل ماڻھو کي هنن ڪڏهن دلاسو بہ نہ ڏنو آهي.
هي اهڙي فيڊريشن آهي جتي سنڌي جج هنن لاءِ قابل قبول ڪونھي اهڙي قسم جو اظھار هڪڙي سابق پنجابي چيف جسٽس ڪيو هو. پر سنڌي ماڻھو اڃا بہ ڪورٽ ڪچھرين ۽ ججن تي اعتبار ڪري ٿو ان جي ڀيٽ ۾ بلوچ ذهني طور اهڙي ڪنھن بہ ٽڪساٽ کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونھي ان ڪري ان جي بغاوت ۾ طاقت آهي بلوچ عوام سرداري اوڙاھہ مان نڪري قبائلي لعنت کي خيرآباد چئي هڪ قوم ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي پر سنڌي ماڻھو قوم ٿيڻ بجاءِ قبائليت ۾ وڃي ذات کي پنھنجي قوم ڪري پيش ڪري ٿو ان ۾ پڙهيل لکيل سنڌي بہ فخر سان ڪردار ادا ڪري پيو جنھن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر اجمل ساوند جھڙا پڙهيا لکيا قابل ماڻھو قتل ٿي وڃن ٿا.
جڏهن قومي سياست پاڪستاني پارليامينٽري سياست وانگر هلندي تہ پوءِ ڇو نہ فرقائي قومي وڏيرا وڌيڪ سستي اگهہ ۾ لانگ بوٽن وٽ نيلام ٿيندا. هيڏانھن وري سچي قومي ڪارڪن کي منجهائڻ لاءِ خوف ۽ جبر جو حربو استعمال ڪيو وڃي ٿو ان کي سخت مارڪٽ ڪري ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪجهہ مانر ۽ عقيدي پرستي واري برانڊ رکندڙ ڪارڪن بہ آهن جيڪي سولائي سان بازار ۾ کپندا آهن.
جنھن ڏينھن مظفر ڀٽي کي قتل ڪيو ويو هو. ان ڏينھن سنڌ جي چڻگي ليڊر اياز لطيف پليجي عذير بلوچ سان يڪجھتي طور محبت سنڌ نالي لياري ۾ ريلي ڪڍي هئي. جنھن تي فائرنگ ڪئي وئي جنھن ۾ پي آئي اي جي خاتون آفيسر سميت نو ماڻھو قتل ٿيا. هاڻي سوال ٿو اڀري تہ مظفر ڀٽي جي قتل واري ڏينھن محبت سنڌ ريلي ڇو ڪڍي وئي؟ ان محبت ۾ رت ڪيئن شامل ٿي وئي؟ قاتل ڪير هئا؟ ڪا خبر ڪونھي پر هر ماڻھو اهو سمجهي ٿو تہ مظفر ڀٽي جو لاش کائڻ لاءِ ڳري قيمت عيوض هنن همراهن کي لياري لي مارڪيٽ واري اسائنمينٽ ڏني وئي هئي. ان کان پوءِ سڀني کي خبر آهي تہ اها هميشہ لاءِ محبت خاموش ٿي ويھي رهي.
هر سال ڊسمبر جي پھرين آچر تي سنڌ تي ٽوپي ڊرامو ڪيو ويندو آهي ۽ رياست طرفان دنيا کي ڏيکاريو ويندو آهي تہ ڏسو سنڌي ماڻھو پاڪستان ۾ ڪيترا خوش آهن ۽ آزاد آهن هي ماڻھو پنھنجا ثقافتي ڏيھاڙا وڏي ڌام ڌوم سان پيا ملھائن. انھيءَ ڏينھن جو آغاز سرڪاري اشاري تي سرڪاري خرچ سان ٿيو هو. جيڪو اڃان تائين هلي پيو اخبار ۽ ٽي وي وارا ان ڏينھن تي سرڪاري اشتھارن ۽ پرائيويٽ پبلسٽي مان خوب ڪمائيندا آهن سيٺين ۽ دوڪاندارن کي عيد جي ڏيھاڙن کان وڌيڪ ڪمائي ٿيندي آهي سنڌي ماڻھو سڄو ڏينھن ناچ ڪري وري سڄي سال لاءِ سمھي پوندا آهن ۽ سنڌ هن ٽوپي ڊرامي بجاءِ ڪنھن زخمي غلام جيان آزادي لاءِ ٻاڪاري ٿي پر هي قوم ان آواز کي ٻڌي نہ ٿا سگهن يا سمجهي نٿا سگهن.
سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ دنيا کي توهان پنھنجو وڪٽم ڪارڊ پيش ڪئين ڪندؤ توهان تي ڪير اعتبار ڪندو جيڪڏهن ماڻھن جي گهڻائي غلط فيصلو ڪري تہ اهو يقينن غلط فيصلو هوندو آهي.
ڇا اهڙو فيصلو توهان 1947ع ۾ ڪونہ ڪيو هو؟
1971ع ۾ توهان بنگالين بجاءِ ڀُٽي سان بيھي رهيا. 1973ع ۾ توهان بلوچن خلاف آپريشن ۾ رياست سان گڏ هئا ۽ اڄ بہ بلوچستان ۾ 8سيڪڙو رهندڙ سنڌي آبادي فوج سان بيٺل نظر اچي ٿي. ان سان گڏ سنڌ ۾ بہ بلوچن جي حمايت ڪندڙ تنظيمون گهٽ نظر اچن ٿيون.
هن ٽوپي ڊرامي واري سازش کي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي تہ ڪونہ سمجهي سگهيا پر پرڏيھہ ۾ رهندڙ سنڌي بہ نہ سمجهي سگهيا آهن.
انساني حقن جي تنظيم ڪنھن سنڌ جي نمائيندي کان اهو سوال ڪيو هو تہ توهان پاڪستان جي حق ۾ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪونہ ڪرايو هو ۽ 1940ع ۾ لاهور ريزوليشن پاس ڪرائي پنھنجي اڌ آبادي کي ڌار ڪري اسان وٽ ڪھڙي منھن سان پنھنجو وڪٽم ڪارڊ استعمال ڪيو ٿا؟ ٻاهرين دنيا ۾ ويٺل ماڻھو انڌا ڪونھن.
سو انھن عملن سبب دنيا جي ڪنھن بہ فورم تي پنھنجو ڪيس پيش نہ ٿو ڪري سگهجي.
جيڪڏهن هنن سان جديديت جي ڳالھہ ڪر تہ چوندا آهن اسين صوفي آهيون بابا توهان ڇا جا صوفي آهيو؟ هر روز هندن جي نياڻين کي زبردستي پير ابراهيم جان جي مدرسي ۾ مذهب تبديل ڪونہ ڪرائيندا آهيو؟ امروٽي جي مسيت ۽ ميان مٺو وارن جي ڏهرڪي ڀرسان درگاھہ تي اهڙا واقعا ڪونہ پيا ٿين انھن جي درن تي هندو نياڻين جا مائٽ ڪونہ پيا روئن ۽ ڌڙا گهوڙا ڪونہ پيا ڪن؟ هرڪو ٻڌي ۽ ڏسي پيو پر سڀ خاموش آهن.
اسان سنڌي قومي سياست ۽ پرستي کي سمجهي نہ سگهيا آهيون اسين پنھنجي هيرن کي وِلين ۽ وِلين کي هيرو سمجهون پيا. جيئن مثال اسين سنڌي ماڻھون حيدر بخش جتوئي کي هاري پرچارڪ، همدرد ۽ قومپرست سمجهندا آهيون پر اهيو ساڳيو حيدر بخش جتوئي سورهيہ بادشاھہ کي 20 مارچ 1943ع تي ڏنل ڦاسي وقت انگريز سرڪار جو جوڊيشل ماجسٽريٽ هيو پر ان ڪردار کي بابا سنڌ جو لقب ڏنو ويو. ڇاڪاڻ تہ هن جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ وارو نظم لکيو هيو پر هن صاحب پارليامينٽ جي سيٽ وٺڻ لاءِ ڇا ڇا نہ ڪيو ڪنھن پارٽي وٽ نہ ويو. ان کان پوءِ پنھنجي زندگي ۾ هاري بہ گڏ نہ ڪري سگهيو نہ وري هن جي وڃڻ کان پوءِ سنڌي هاري کي گڏ ٿيندي ڏٺو ويو. ڪامريڊ عبدالقادر ابڙي کان وٺي غلام رسول سھتي تائين ڪير بہ هارين کي گڏ ڪري نہ سگهيو. غلام رسول سھتي پاڻي جي مسئلي تي خيرپور ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي پر سندس هڙتال ۾ هڪ بہ هاري گڏ ڪونہ هيس ايتري سجاڳي هنن يارن هارين ۾ آندي هئي. نيٺ لاچار ٿي اسلام آباد ۾ بک هڙتال تي وڃي ويٺو پر اتي بہ ڪجهہ ڪونہ ٿيو مجبور ٿي اعتزاز احسن جي چوڻ تي جوس پي فيس سيوونگ ڪرڻ لاءِ بک هڙتال ختم ڪئي ڪنھن بہ سنڌي ڪاموري کي شرم نہ آيو جو وقتي طور پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ڏني غريب هارين جي زندگي بچائي. اهي ساڳيا ايريگيشن جا انجنيئر يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ وقت اڀ ڦاڙي سنڌ جا نعره هڻندا هئا ۽ پاڻ بہ غريبن جا ٻار هئا نوڪري ملڻ کان پوءِ سنڌ دوستي کي طلاق ڏني سسٽم جو حصو بڻجي سنڌ جي سنڌ جي واهن تي بيٺل وڻن کي بہ نيلام ڪري کائي ويا.
سنڌي ماڻھو پليجي کي بہ عظيم انقلابي اڳواڻ ۽ خبر ناهي ڇا ڇا سمجهندا هئا تہ هي آيو تہ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائي ڇڏيندو. جڏهن تہ هن جي منشور ۾ نہ سنڌ جي آزادي جو ذڪر آهي نہ وري سنڌ جي مستقبل جو ڪو هن وٽ پروگرام ملندو. ڪرڻو ڇا آهي ڪا خبر ڪونھي صرف لفاظي ڪرڻ تي هن جو زور هيو يا ڪم ڪرڻ وارن ماڻھن خلاف اجائي لٻاڙي بازي ڪرڻ کان سواءِ هن وٽ قوم کي ڏيڻ لاءِ ڪا بہ شيءِ ڪونہ هئي وري چوندا تہ آهن تہ هي تمام وڏو ڏاهو وڪيل هو. پر ڪنھن بہ ڪورٽ جو رڪارڊ کڻي ڏيکاريو هن شخص ڪڏهن سنڌ جي حقن لاءِ يا سنڌ جي ڪنھن اشو تي ڪنھن بہ ڪورٽ ۾ مقدمو دائر ڪري ان جي پيروي ڪئي هجي کٽڻ ۽ هارائڻ تہ ٻي ڳالھہ آهي پر هي ڏاهو همراھہ نہ ئي سٺو پروفيشنل وڪيل هو نہ وري پنھنجي قول ۽ عمل تي بيٺل نظر آيو. ڪڏهن ڏس تہ هي هٿياربند ڇوڪرين کي سلامي پيو وٺي جڏهن تہ مزاحمت جي ميدان ۾ پري پري تائين هن جو نالو نشان بہ ڪونہ هو. ڏيکاءُ لاءِ سندس پارٽي جون مايون ڪرد عورتن جيئان سجاڳ گوريلا پيون لڳن پر اصل ۾ هي سڀ حربا پيٽ پوڄا لاءِ هئا.
رهبر ڪير قوم جو رسول بخش پليجو آخر ۾ پيءُ ۽ پٽ وڙهي پيا ۽ سندس پارٽي ورهائجي وئي جيڪا اڃان تائين ورهايل آهي ڏوھہ وري سنڌي ماڻھن جو تہ پليجي کي ووٽ ڪونہ ٿا ڏين هن ملڪ ۾ ووٽن تي ڪنھن اليڪشن کٽي آهي؟
پر اصل ۾ اهڙن پگهاردارن کي اليڪشن انجنيئر ڪرڻ وارا اچڻ ئي نہ ٿا ڏين انھيءَ ۾ سنڌي ماڻھن جو ڪھڙو ڏوھہ آهي هنن غريبن جي ووٽ کي پڇي ڪير ٿو بس اليڪشن واري ڏينھن تي هنن کي ڀت جي ٿالھي ملندي آهي اها ئي هنن کي ڪافي آهي.
مگسي، پليجو سن وارا سيد وغيرہ قومپرست ناهن اهي سڀ پيٽ پرست آهن بقول پير شاھہ مردان شاھہ راشدي جي تہ سنڌ جا قومپرست بکيا پيٽ پرست آهن جيڪا ڳالھہ سندن رهڻي ڪھڻي مان ثابت ٿئي ٿي باقي سنڌ جو درد جيڪي ڪارڪن پنھنجي سيني ۾ رکن ٿا انھن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو انھن جا لاش ڪنھن جي روڊ ڪناري گولين سان پروڻ ٿيل ملن ٿا ڪي ويچارا ڪارڪن جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند آهن جن وٽ ماڻھن جا چچريل لاش مليا ۽ جيڪي گم ٿيل آهن يا جيلن ۾ آهن اهي ئي ماڻھو سچائي سان سنڌ جي آزادي ۾ يقين رکندڙ آهن. باقي وڏين گاڏين ۽ سرڪاري گارڊن سان گڏ گهمندڙ ڦرندڙ ليڊر نہ سنڌين سان سچا آهن نہ وري سنڌ سان سچا آهن هنن جي محبت پنڊي وارن سان گهڻي آهي.
انھيءَ سڄي ڪڙي ول جي پاڙ سن جي گرد گهمي ٿي جنھن سنڌ جي قومي سياست ۾ ايترا تہ جهول ڇڏيا جو انھن جهولن تي قابو پائڻ انتھائي ڏکيو ڪم لڳي ٿو. هن سياست کي وڏيرڪي اوطاق وانگر هلايو هن حقيقي فڪر کي قبول ڪندڙ گهٽ ۽ مانر لٻاڙي نعريباز گهڻا پيدا ڪيا. هي صوفي ازم جي رنگ ۾ نالائق جو ٽولو هو. جن ڪنھن سنجيدہ ماڻھو کي اچڻ نہ ڏنو سن کي درٻار ۾ تبديل ڪيو ويو جتي انقلابي فيڪٽري کي بند ڪري نعريباز فيڪٽري کولي وئي آهي.
جيئي سنڌ سان ان دؤر ۾ جيڪي اختلاف ڪري نڪتا هئا يا ڪڍرائي ويا هئا. انھن بہ نالائقي ڪرڻ ۾ حد ڪري ڇڏي جنھن سنڌ جي ٿوري گهڻي شعور کي مايوس ڪري ڇڏيو. ارباب کهاوڙ جي سنڌ سنڌ وطن دوست پارٽي هڪڙن فون ڪال تي ادريس چانڊئي سميت ڍير ٿي وئي وري ترقي پسند پارٽي جڙي جيڪا اڳتي هلي پنھنجي ڪڌن ڪرتوتن سبب نروار ٿي بيٺي. اهڙي نموني صوفي آمريڪا ۾ ويھي منڊي گهوڙي وانگر غلط نمبرن سان ريس پيو ڪري جڏهن سڄو گهر خالي ٿي ويس تڏهن ڳالھہ سمجهہ ۾ آيس ايسيتائين وقت گذري چڪو هو. هاڻي هٿ هڻڻ مان ڪجهہ ڪونہ ورندو. سنڌ جو ٻاهر ويٺل ماڻھو بہ سنڌ جو ڪيس سھي نموني پيش ڪري نہ سگهيو آهي ٻيو تہ ٺھيو پر ڪلچر ڊي جي نالي تي ٽوپي ڊرامي کي بہ نہ سمجهي سگهيو آهي رهندو ان جي رنگ ۾ رنگجي ان کي ملھائڻ ۾ مست لڳو پيو آهي ۽ زميني حقيقتن کان ڪوهين ڏور نظر ٿو اچي ان جي پيٽ ۾ ٻاهر رهندڙ بلوچ پنھنجي موقف رکڻ ۾ چٽو نظر اچي پيو سنڌي هر سال ٻئي کان پوءِ مائٽن سان ملڻ لاءِ سنڌ اچڻ ٿو چاهي بس هي ويچارو رياست جي ڪڍيل لڪير اندر رهي ڪري ڪم ڪري ٿو ۽ فوٽو سيشن لاءِ پاڻ سان گڏ ڪئميرا کنيون پيو هلي ان کان وڌيڪ هي ڪجهہ بہ نہ ٿو ڪري سگهي. جڏهن تہ ساجد بلوچ جو لاش سوئيڊن مان آيو ۽ ڪريمه بلوچ جو لاش ڪئنڊا مان آيو. اهڙي طرح بلوچن جا لاش اندران ٻاهران ايندا رهن ٿا. ڇو تہ بلوچ هنن جي ريڊار تي آهن پر سنڌي ايڪٽيوسٽ اهڙو نظر ڪونہ ٿو اچي سنڌي امن امان چاهن ٿا پوءِ ڀلي ڀينگ ٿي وڃي ساحل وسائل ڦرجي وين پر هنن کي پرامن طريقي سان رهڻو آهي ۽ هي پنھنجي وسيلن جي لٽجڻ تي رستا روڪ بہ نہ ٿا ڪري سگهن.
هڪڙو ڀيرو مالڪن جي چوڻ تي بحريا ٽائون خلاف احتجاج چند ڪلاڪن لاءِ ڪيو ويو پر ان ۾ بہ ڪيترائي مھا ليڊر ڀڄي ويا هئا ۽ سوين ماڻھن تي ڪيس داخل ٿيا هئا شابس آهي وري بہ سنڌي نوجوان وڪيلن کي جن جيل اندر واڙيل سياسي ڪارڪنن جي سار سنڀال لڌي ۽ ماني ڪپڙن جو بندوبست ڪيو سندن ضمانتون ڪرائي کين آزاد ڪرايو ليڊرن جي ڀڄڻ سبب ڪارڪن بہ توبھہ ڪري گهر ويھي رهيا.
تحريڪون ۽ مظاهرا ائين بہ هوندا آهن جتي بہ ٿين ۽ جڏهن بہ ٿين اتي جيڪڏهن رياست طاقت استعمال ڪري ٿي تہ مظاهرين وٽ بيھڻ جي سگهہ هجي ۽ گهڻي ويھڻ لاءِ مڪمل تياري هجي جيئن بلوچ يڪجھتي ڪيمٽي وارن گوادر سميت پوري بلوچستان ۾ ڪري ڏيکاريو. رياست پنھنجو سمورو زور لڳايو پر بلوچ پنھنجي مرضي سان اٿيا هئا ۽ هي اسان وارا همراھہ جيڪي اچڻ ۾ سڀني کان پوئتي ۽ ڀڄڻ ۾ سڀني کان اڳيان هئا ان عمل مان ثابت ٿيو تہ هي ڪنھن بہ ڪم ڪرڻ ۾ سنجيدہ ڪونھن پر هميشہ وانگر پاڪستان جي جابر رياست جي رحم و ڪرم تي هلندا آهن. اهڙي طرح سنڌي سو ڪالڊ قومي جماعتن وٽ بہ اهيو تصور آهي تہ حال ۾ مست ۽ مستقبل جي پارت مولا کي آهي علي وارث آهي مولا مشڪل ڪشا ڀلائي ڪندو ۽ جڏهن ڪنھن سياسي پروگرام لاءِ ٻاهر نڪرندا آهن تہ ٻانھن ۾ امام ضامن جا تعويذ ٻڌرائيندا آهن هاڻي هي انقلابي ليڊر معاشري ۾ ڪھڙي سجاڳي آڻيندا قوم کي ڪھڙو علم ڏئي سجاڳ ڪندا يا هي قوم کي سائنسي بنيادن تي آزادي ڏياريندا اهو مائينڊ سيٽ رياست جي پٺڀرائي سان جوڙيو ويو آهي جيڪو معاشري کي اونداهي جي ڪن ۾ ٻوڙي ڇڏيندو.
سنڌي قومي سياست نالي ماتر رهي آهي ۽ هي سڀ قومي وڏيرا سنڌ کپائڻ ۾ پورا آهن سنڌ جو ڪو والي وراث ڪونھي جيڪو انھن جي رستا روڪ ڪري هن بازاري ڇڙواڳي کي نڪ ۾ ناڪيلي وجهي.
سن ۾ سال اندر ٻہ ڀيرا اجتماع ٿيندا آهن انھيءَ اجتماع ۾ ايندڙن مان صرف هڪ سيڪڙو ماڻھو مضبوط ۽ منظم ٿي ڪري سنڌ سان بيھن تہ يقين سان چئي سگهجي ٿو تہ ٿوري وقت ۾ بھتر نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا قومي تحريڪ جي سگهاري ٿيڻ سان هي ووٽ جي پرچي جا ڌاڙيل ۽ انھن جا روڊن ۽ چوراهي تي ٽنگيل پينافليڪس نظر ڪونہ ايندا ان کان سواءِ سنڌ اندر ڪنھن ايري غيري کي جدا قومي فرقو ٺاهيندي بہ ڪونہ ڏسندو. ملن، مدرسن ۽ درگاهن جا رخ سنڌ طرف هوندا يا بند ٿيڻ شروع ٿي ويندا شھر پنھنجي وجود بچائڻ خاطر قومي تحريڪ ۾ جاءِ ڏيندا.
ان ۾ مانر پراڻا ساٿي راھہ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪندا پر انھن کي نظرانداز ڪري اڳتي وڌڻو آهي باقي اها مانر ليڊرشپ هاڻي موڪلائڻ واري ڪنڌي تي بيٺل آهن.
ايڪويھين صديءَ جي تناظر ۾ سنڌي پڙهو ۽ سنڌي لکو ان کان سواءِ قومي شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن لاءِ بہ هڪڙو معيار جوڙيو انھن کي پاڻ سان گڏ کڻو جيڪي پنھنجي تخليق ۾ جيڪو چون ٿا ان تي عمل ڪري بہ ڏيکارن ٿا. جيڪي وطن خاطر مصيبتون ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تي تيار آهن ان ڳالھہ جو ڌيان رکيو وڃي تہ هتي کپڻ جو رواج بہ گهڻو عام آهي ائين نہ ٿئي جو اڄ ڪلھہ جو شاعر ۽ اديب بہ اياز وانگر کپي وڃي.
ياد رکو تہ فيصلا اندريان ٿيندا آهن ٻاهريان کٽيندڙ ڌر سان بيھندا آهن پوءِ هارائيندڙ جو ڪو بہ مددگار نہ ٿيندو آهي تاريخ هميشہ فاتح جو چوڻ وٺندي آهي روئڻ پٽڻ وارن کان تاريخ پاسو ڪري رستو بدلائي هلي ويندي آهي.