تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ماٺار جي چؤواٽي تي بيٺل سنڌي قومپرستي

عطا محمد شاھاڻي ھڪ سچو ۽ کرو قومپرست ڪارڪن رھيو آھي. ھو وڏي عرصي کان جي ايم سيد جي سياست سان سلھاڙيل رھيو آھي. پنھنجي لکيل ڪتاب ۾ ھن قومپرستن توڙي وفاق پرستن خاص ڪري سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، عبدالواحد آريسر ۽ ذوالفقار علي ڀٽو توڙي ٻين سياستدانن سان ڪا بہ رعايت ناھي ڪئي، شاھاڻي صاحب ڪتاب ۾ مختلف موضوعن خاص ڪري ”سنڌ ۽ سنڌ جي قومپرستي اڄ هڪ جاءِ تي منجمند ٿي چؤواٽي تي بيوس ۽ لاچار “، ”جي ايم سيد جي سنڌوديش جو اعلان“، ” ڇا سنڌي ماڻھو قوم ٿيڻ لاءِ تيار آهن؟“، ”ڇا قوم آزاديءَ لاءِ سنجيدہ آهي“؟ سميت مختلف موضوعن ۽ سوالن تي بحث ڪيو آھي. آخر ۾ ھن خلاصو ۽ نتيجو پڻ پيش ڪيو آھي.

Title Cover of book Mathaar jy Chowaty ty bethal Sindhi Qomparasti

باب پنجون: قوم، قومي جماعت ۽ فرقي پرستي

جڏهن جي ايم سيد رهبر آهي ۽ سنڌو ديش مقدر آهي تہ پوءِ رهبر جو ڪم راھہ ڏيکارڻ هوندو آهي ۽ قوم جي اڳواڻي ڪندي قوم کي منزل مقصود تائين پھچائڻ هوندو آهي پر هن رهبر کي ستر سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو پر هن رهبر جي زندگي جو اڀياس ڪيون ٿا تہ هي پاڻ بہ مختلف راهن ۾ ڀٽڪندو رهيو آهي. آخر ستر واري ڏهاڪي ۾ هن ٿڙي ٿاٻڙي حقيقي راھہ ڳولي ورتي ۽ ان راھہ تي آخري دم تائين قائم بہ رهيو ۽ پنھنجا پنجاھہ سالن جا سياسي تجربا بہ استعمال ڪيائين پر پوءِ بہ نتيجا نہ ڏئي سگهيو هن کي سو سيڪڙو نہ تہ ڀلا ڏھہ سيڪڙو نتيجا ڏيڻ گهرجن ها پر ڪجهہ بہ نظر نہ ٿو اچي هن قومي تصور سان گڏ قومي جماعت جوڙي پر سندس آخري ايامن ۾ اها قومي جماعت بہ ڇڙواڳي سبب فرقي پرستي جي ور چڙهي وئي سوال ٿو اڀري تہ ائين ڇو ٿيو؟
ان ۾ سيد جي عمر جي لحاظ کان جماعت تي ڪنٽرول ڪمزور ٿي ويو هو يا شروع کان ئي جماعت اندر ڇڙواڳي سبب ڪي ضابطا اصول جڙي نہ سگهيا هئا يا هجوم گڏ ڪرڻ جي شوق ۾ ڪوالٽي کي پاسيرو رکيو ويو هو. جنھن سبب پارٽي اندر سرڪاري ۽ درٻاري ماڻھن جو گهيرو مضبوط ٿي ويو. جنھن ڪري سيد کان لکڻ پڙهڻ وارا وفادار ماڻھو پري رهجي ويا لڳي ائين ٿو تہ رهبر کي زميني حقيقتن جي سھي ڄاڻ ڪونہ هئي سڀ ٺيڪ آهي واري سرڪاري پاليسي پارٽي اندر هلندي رهي. خود سيد پنھنجي گهر جنھن کي سب جيل قرار ڏنو ويو هو ۽ مسلسل نظربند رهيو. اهڙي ماحول ۾ ايجنسيز جا ماڻھو آساني سان پارٽي اندر گهڙي پنھنجي جاءِ بڻائيندا رهيا پوءِ ٿيندو ائين آهي تہ شاھہ کان وڌيڪ شاهي جا وفادار هوندا آهن. ڇو تہ اهڙن ماڻھن کي ورڪڻ وارو ڪير نہ هوندو آهي پر جيڪڏهن اهڙن ماڻھن جي ڪنھن رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي بہ تہ اهي پاڻ تڙجي ويندا آهن. بظاهر پارٽي قومي اصولن تحت ٺھندي هوندي پر عملي طور ان تيعمل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ان ڪري پارٽي اندر انقلابي نظرياتي ماڻھن جي کوٽ سبب ڪيترائي مشڪوڪ ماڻھو قومي ڪارڪن جي شڪل ۾ پارٽي اندر داخل ٿي ويا هوندا. جڏهن تہ هنن وٽ شيخ مجيب جو مثال ڪافي هيو ان مان سبق سکڻ گهرجي ها تہ آزادي لاءِ جدوجھد ڪيئن ڪبي آهي ۽ صرف آزادي وٺڻ ڪافي ناهي هوندي. پر آزادي کي بچائڻ ان کي ڪامياب ڪرڻ ۽ ماڻھن سان ڪيل واعدا وفا ڪرڻ وارا مرحلا تمام گهڻا ڏکيا هوندا آهن. اهو سبق سکڻ بجاءِ هتي سکڻا نعرا لٻاڙ هڪ ٻئي خلاف چغل خوري ڪرڻ ۾ هي يار محو رهيا.
ان صورتحال بعد هي سوال پنھنجي جاءِ تي ڪر کنيو بيٺو آهي تہ سنڌي ماڻھن آزادي جي هن پيغام کي سمجهيو آهي يا جي نہ سمجهيو اٿن تہ انھن جي سمجهڻ جي ليول ڪيتري آهي انھن اهو بہ سمجهيو آهي تہ هي هڪ وحشي رياست سان مھاڏو اٽڪائڻ پيا وڃن. جنھن وٽ ڀٽي جھڙو مداري جيڪو سنڌ ڪارڊ کي استعمال ڪندو ان لاءِ بہ ڪا حڪمت عملي هئڻ گهرجي تنھنڪري سنڌ جي عام ماڻھن کي ايترو شعور هئڻ گهرجي جو هن خطي اندر سڄڻ ۽ دشمن جي پرک ڪري سگهن انھن کان سواءِ شاگردن کي جيڪا باشعور طبقي جي ٿوري گهڻي حمايت ملي هئي تنھن کي ڪيش ڪرائڻ لاءِ شعوري پروپينگنڊا جا مختلف پليٽ فارم جوڙي انھن کي متحرڪ ڪيو وڃي ها تہ جيئن سنڌ جو پيغام ڳلي ڳلي واهڻ واهڻ پھچڻ گهرجي ها.
هفتيوار انھن کان پروگريس رپورٽ وٺڻ گهرجي ها ان مان اندازو لڳائي آئيندہ جي حڪمت عملي جوڙي سگهجي ها. تنظيم جو هر عمل خفيا ۽ انڊر گرائونڊ هجڻ گهرجي ها. پر ائين ڪونہ ٿيو. ان جي ابتڙ سپاف سنڌي شاگرد تحريڪ ڊي ايس ايف اردو ڳالھائيندڙ مسلم اسٽوڊنٽس ۽ جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ جمعيت جن سرڪاري سرپرستي ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو گهيرو تنگ ڪري هنن کي الجهائي ڇڏيو. جنھن جي ڪري جساف ۾ نظرياتي طور تي ڪو بہ جٿو پيدا ٿي نہ سگهيو ان ڪري عمومن هي ڪنھن بہ بحث ۾ دليل ڏيڻ بجاءِ تلخ ڪلامي تي لھي ايندا هئا ڪڏهن ڪڏهن تہ تشدد جو پڻ استعمال ڪندا هئا. جيڪو رياست چاهي پئي تہ هي پنھنجي جاندار پيغام نہ پھچائي سگهن اتر سنڌ وارا شاگرد اڪثر ڪري سڀني پارٽين جي شاگرد ونگ ۾ هوندا هئا ان ڪري علمي دليل بجاءِ طاقت جو استعمال ٿيندو هو.ڳالھہ سمجهندي بہ گهڻا قومي ڪارڪن ليڊرن جي شھہ تي هلندا هئا.
پر کين خبر نہ پوندي هئي تہ سندن ليڊر اندروني طور سرڪاري ڌر وٽان پگهار کڻندڙ آهن. جيئي سنڌ محاذ پارٽي جڙي وئي پر ٻن مھينن اندر ان ۾ شخصي تضاد اچڻ شروع ٿي ويا. هڪڙا چوڻ لڳا تہ هي ليڊر ملو آهي هن کي سياست جي ڪھڙي خبر.
ٻين چيو تہ هي وڏو ڄاڻو اديب آهي اهڙي قسم جا اجايا سوال ٿيڻ لڳا پر ڪنھن بہ اهو سوال ڪونہ ڪيو تہ هي ماڻھن کي پيغام ڏيندي ڪيترو متوجھہ ڪري سگهي ٿو. ڇا هن وٽ اهڙو فن آهي پارٽي اندر ڪيترو ڊسيپلن قائم رکي سگهي ٿو پارٽي اندر سائنسي بنيادن تي ادارا جوڙي سگهندو؟
ڇا پارٽي ليڊر ۽ ڪارڪنن کي ڪارڪردگي جي باري ۾ رپورٽ وٺي ٿي، پارٽي اندر احستابي عمل آهي، ڪنھن ڪارڪن يا ليڊر جي ڪوتاهي تي سندن ڪن مھٽ ٿئي ٿي. اها جانچ بہ ڪئي وئي تہ پارٽي اندر ڪا مخبر ونگ تہ ناهي. ڀلا اهي ميمبر ٿيڻ لاءِ پارٽي اندر ڪي ٽرمس ۽ ڪنڊيشن رکيل آهن يا ڪو ڪواليفڪيشن جو شرط آهي. ميمبر ٿيڻ لاءِ ڪھڙا ڪھڙا مرحلا هوندا آهن عھديدار ٿيڻ تہ پري جي ڳالھہ آهي پھريائين ڪارڪن ٿيڻ لاءِ ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي هن نظرياتي طور پروگرام کي ڪيترو سمجهيو آهي يا سنگت جي ڪري پارٽي ۾ شامل ٿيو آهي. پارٽي رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جي ڳالھہ ڪري ٿي هن ۾ ڪيترا ڏک تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون ان لاءِ ذهني تيار آهن ڪارڪن پارٽي منشور سان ڪيترو متفق آهي ڇو تہ هي پارٽي ووٽ گهرڻ واري پارٽي ڪونھي ڪنھن پارليامينٽ جو حصو ٿيڻ وڃي ٿي. هي خالص انقلابي آزادي پسند پارٽي آهي. هي پارٽي انقلاب آزادي عدم تشدد صوفي ازم ۽ رواداري جي بنياد تحت جدوجھد ۾ يقين رکي ٿي يعني گانڌي ازم ۾ رهي ڪري سنڌي جي آزادي جي گهر ڪري ٿي. هي اهڙا سوال هئا جن تي غور ويچار ٿيڻ گهرجي ها ان سان گڏ اهو بہ طئي ٿيڻ گهرجي ها تہ گانڌي ازم واري سوچ سنڌ سان ڪيتري ٺھڪندڙ آهي جڏهن تہ گانڌي جي ان نظريي هندوستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ ورهاڱي جي صورت ۾ مستقل دشمني هندوستان جي ورثي ۾ آئي جنھن جو انت چار جنگيون لڳڻ باوجود بہ دشمني ختم ٿيندي نظر نہ ٿي اچي انھيءَ گانڌي جي نظريي کي سنڌ جا هي قابل ليڊر سنڌ جي موجودہ جاگرافي ۾ رکندي پرامن جدوجھد تحت آزادي وٺي ڏيندا؟
جڏهن تہ اوڀر پاڪستان هزار ميل پري هوندي بہ لکين انسانن جي قتل کان پوءِ آزاد ٿيو پر هنن جي جگر کي سلام آهي جو هي پرامن جدوجھد ذريعي آزادي وٺندا. مٿي بيان ڪيل حقيقت مان عقل وارن کي سمجهڻ گهرجي تہ هي آزادي جي راھہ ۾ ڪيترا سيريس آهن هڪ رهبر پاڻ کي تاريخ ۾ زندہ رکڻ لاءِ نعرو ۽ پيغام اهڙو ڏنو جيڪو بلڪل سچ آهي وري غير سنجيدگي جو بہ اهڙو مظاهرو ڪيائين جنھن تحت زندہ بہ رهي ۽ تاريخ هن کي پوين صغيرن ڪيبرن گناهن کي معاف ڪري ۽ هن کي هيرو بہ سمجهيو وڃي. ان حقيقت ۾ ڪو بہ گمان ڪونھي تہ هي پنھنجي ڏنل فارمولي تي آخري دم تائين قائم رهي لکندو بہ رهيو. ان اميد تي تہ ڪو صالح ايندو جيڪو هن جي فڪر کي اڳتي کڻي هلندو. ان ڪري وصيت لکي ڪنھن کي بہ نامزد بہ ڪونہ ڪيائين. صالح رهبر جي پيالي پيئڻ کان پوءِ رهبر صرف برانڊ بڻجي ويو. هاڻي سندس ساليانو عرس مبارڪ ڪري سال ۾ ٻہ دفعا ليڊر ۽ ڪارڪن آرام گاھہ تي ايندا آهن مختلف دوڪان سجائي دونھيدار تقريرون جا ڪارڪنن جي دماغ ۾ ڊوز ڀري شام جو ميلو گل ڪري واپسي گهرن ڏانھن روانا ٿيندا آهن ائين هر سال تقريري اسٽالن ۾ اضافو ٿيندو رهندو آهي. عمل جي طرف وڌڻ وارن ڪارڪنن کي هي رانڀاٽي ليڊر ڪنفيوز ڪري پنھنجي مليل ڊيوٽي ڏئي، ٻئي ڏينھن جي اخباري سرخين ۾ ڇپيل تقريرون ۽ فوٽون ڏسي خوش ٿيندا آهن.
ائين صالحين جو سلسلو ۽ قافلو هلندڙ آهي نہ ليڊر ڪارڪن کان پڇا ڪري ٿو ۽ نہ ڪارڪن ليڊر کان پڇاڻو ٿو ڪري ٻنھي کي هڪ ٻئي جي پرڪارن جي خبر آهي. بس ائين گاڏو هلندو پيو هلي هنن جا ٽارگيٽ بہ عجيب آهن ڪالھہ ڀٽي ۽ پليجي خلاف هلندا هئا هاڻي ترقي ڪري زرداري تائين پھتا آهن باقي جيڪي سنڌ جا اصل ويري آهن ان طرف وڃڻ کان ٻرو ٿو چڙهين. وري بہ ڪارڪنن جو اهڙو لڏو بہ آهي جنھن جون وڏيون قربانيون ڏنل آهن. ٽوڙهي ڦاٽڪ کان چچريل لاشن تائين جن کي هي صالحين ليڊرشپ ظاهري طور پنھنجو نہ ٿي ڪري هتي صالحن کي ملھہ کان سواءِ راڳ جا سڀ سر ايندا آهن ائين بہ ڪونھي تہ ڪو هي صفا نہ ٿا ڄاڻن سڀ ڪجهہ ڄاڻن ٿا پر لوڀ لالچ ۽ خوف جي ڪري ڄاڻي واڻي اصل واٽ وٺڻ کان لنوائين پيا ۽ ڪارڪن کي بہ هي رستو ڏيکارڻ لاءِ تيار ڪونھن. هي ڪيستائين رستا روڪ ڪندا هڪ ڏينھن نيٺ هنن جا بہ ڳٿا بند ٿي ويندا پوءِ هي ڪيڏانھن ويندا.
شھيد سنڌو ديش بہ ائين ڪيو ون مين شو جي چوگرد ڦرندو رهيو. اهوئي تنظيم هو ۽ اهوئي سڀ ڪجهہ هو. ڳالھہ سنڌو ديش جي آزادي جي پيو ڪري ويٺو نيشنل هاءِ وي تي آهي ڳالھہ پاڪستان کي ٽوڙڻ جي پيو ڪري وري ويٺو ٽي پروگرام صبح پاڪستان ۾ آهي. هي ڇا پيو ٿئي؟ ڪو پڇڻ وارو بہ ڪونھي. سماجي براين جي روڪٿام لاءِ صلح جي ڪوشش ۾ الجهي ويو. هن سمجهيو شايد سنڌ هن نموني سان آزاد ٿي سگهي ٿي. وقت گذرڻ سان آهستي آهستي هي پنھنجي شخصي Cult ۾ تبديل ٿي ويو. پارٽي جي تنظيم ڪاري بند ٿي وئي. هڪڙا آيا ٻيا ويا پئي. ڪير ڪنھن کان پڇڻ وارو ڪونہ هو. ڪير ڪنھن جي لاءِ ڪم ڪري ٿو بس رش ۾ خوش پوءِ ڇا ٿيو؟ جڏهن همراھہ جو لاش سنڌ کي مليو تہ پوءِ ڪاڏي وئي پارٽي ڪيڏانھن ويا ميڙ ۾ ڪٺا ٿيل ماڻھو... قومي محاذ بہ تراني پڙهڻ کان پوءِ دفن ٿي وئي. پر اڄ تائين ڪنھن ان تي سوچيو سوال ڪيو. تحقيق ڪرائي؟ تہ ائين ڇو ٿيو؟ وڏي سان گڏ هي پارٽي سگهاري قوت رکندڙ هئي ان پارٽي کي وڏي جي امر ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ طاقت ملڻ گهرجي ها وڏي جي ڏک ۽ ڪروڌ کي طاقت ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ها پر ائين نہ ٿيو.
پارٽي جي بقايا قيادت نئون کيل شروع ڪيو تہ وڏي جي باڊي جا جزا چيڪ ڪرايو هن چڪر ۾ قيادت ۽ ڪارڪنن پنھنجو وقت ضايع ڪيو. جڏهن تہ سڀني کي خبر آهي تہ اهڙي قسم جي هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ حقيقت ڪڏهن بہ سامھون نہ ايندي آهي نہ وري رياست ۽ ايجنسيون چاهينديون آهن تہ اهڙن ڪيسن جي خبر عام ٿئي پر يار بضد رهيا تہ ايس ايڇ او ايف آر نہ ٿو وٺي، تحقيقات يو اين او جي ٽيم ڪري، لک لڇڻ حليمان جي ٻارن جا لڳي ائين ٿو تہ هي سڄو معاملو ڪنھن اسڪرپٽ تحت ٿيو ۽ ٿئي پيو. ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن تنظيم ڪاري مضبوط بنيادن تي ڪيل هجي ها تہ شايد پارٽي پاڻ اندروني طور تي تحقيق ڪري ان ۾ ملوث ماڻھن جو تعين ڪري سزا جو عمل تجويز ڪري ها پر ائين ڪونہ ٿيو سڀني پئي دسڙ ۾ پير هنيا، نتيجو اهو نڪتو جو اڳين سال ۾ وڏي جي ڀاءُ کي دوست سميت قتل ڪري لاشن کي ساڙيو ويو. ان ڪيس تي بہ پارٽي جو ساڳيو رينگٽ رهيو جڏهن تہ قاتل سڀني جو ساڳيو آهي هدايتڪار بہ ساڳيو آهي. پر هنن کي اهي واقعا ڪيش ڪرائڻ نہ آيا يا وري پارٽي ۽ قيادت انھيءَ موڊ ۾ ڪونہ هئي تہ هي واقعا ڪيش ڪرائجن.
سنڌ ڪروڌ، ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ ورتل هئي ان ڪروڌ کي رستن تي ڪير وٺي اچي اهو ڪم سگهاري تنظيم جو هوندو آهي جيڪي هي تنظيم وڏي لاءِ نہ ڪري سگهي ڪراچي صفوران وٽ ٿيل وڏي تي حملي کان پوءِ سڄي پارٽي کي الرٽ رهڻ گهرجي ها ليڊرشپ وڌيڪ هر طرح سان هوشيار رهي ها ڇو تہ ڪنھن بہ وقت ڪجهہ بہ ٿي سگهيو پئي پنھنجن پراون تي نظر هجي ها ليڊر جي حفاظت ڪارڪن ڪندا آهن نڪي سيڪورٽي گارڊ وغيرہ
سنڌ جي سگهاري پارٽي جيڪا پارليامينٽ جي سياست کان پري هئي ان جي ليڊر ۾ اهڙي ڪشش هئي جو هو جتي بہ چاهي جڏهن بہ چاهي ماڻھن جو انبوھہ گڏ ڪري سگهندو هو. هو سڄي سنڌ هڪ ڪال تي بند ڪرائڻ جي طاقت رکندو هو. هن جي ميل جول جو انداز اهڙو هو جو هر ماڻھو هن کي دوست سمجهندو هو. غريب امير جو ڪو بہ فرق نہ رکندو هو. گڏھہ گاڏو هلائيندڙ کان پندڙ فقير تائين ماڻھن کي ڀاڪر پائي ملندو هو. ڪارڪنن جي سڏ ۾ سڏ ڏيندو هو هن جون ڪيتريون ئي خوبيون هيون انھن ڳالھين جي قيمت ڪيتري بہ هجي پر هو ذهني طور تي تيار هوندو هو سنڌي ماڻھن جي دلين ۾ هن لاءِ جايون هيون. ذوالفقار ۽ بينظير ڀُٽي جي قتل کان پوءِ وڏي جي وڇوڙي مرد عورتن سميت سڄي سنڌ غم ۾ ورتل هئي. سنڌ جي تاريخ هڪ ڀيرو پنھنجي رفتار کي روڪي هن جي جسد کي ڏسي سلام ڪري پنھنجي رفتار جاري رکي.
پارٽي جي نالائق قيادت ان ڏک، ڪروڌ ۽ ڪاوڙ کي طاقت ۾ بدلائي نہ سگهي رهندو ڪارڪنن کي ننڍين ننڍين ڳالھين ۾ الجهائي ڇڏيو. ائين هن سڄي واقعي تي پاڻي ڦيري مٿان کان مليل ايجنڊ پوري ڪيائون. پارٽي کي بہ هٿرادو اختلافن جي ور چاڙهي ڪارڪنن ۾ مايوسي ۽ نااميدي پيدا ڪري وڏي پارٽي کي پنھنجي منطقي انجام تي پھچائي نعرن لٻاڙن ۽ هلڪا ڦلڪا مارچ ڪرڻ ۾ پورا ٿي هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ۾ جنبي ويا. سون تي سھاڳ وارو ڪم تڏهن ٿيو جڏهن آزادي پسند پارٽي جو سربراھہ سندس پٽ کي ڪيو ويو. هي حال آهي سنڌ جي انقلابين جو انقلاب آيو ئي ڪونھي ۽ انقلاب ۾ وراثت شروع ٿي وئي جن جا اهڙا پرڪار هوندا اهي انقلاب آڻيندا؟ سنڌ اتر ڪوريا ڪونھي ٻي جنگ عظيم کان پوءِ 1950ع ۽ 1953ع دوران ڪوريا ٻن حصن يعني اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي صورت ۾ تقسيم ٿي وئي. اتر ڪوريا ۾ سويت يونين جي مدد سان ڪم ال سنگ کي آندو ويو اتي ڪميونسٽ ڊڪٽيٽرشپ قائم آهي. جنھن ڪري بادشاهت وانگر پيءُ کان پوءِ پٽ جي حڪمراني پئي هلي اهو مثال انقلاب جي حوالي سان مٿي ڏنل آهي. جيئن سنڌ اندر هلندڙ وڏيرڪو نظام ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ڀٽو هو. ان جي مرڻ کان پوءِ ڌيءَ آئي ان جي قتل بعد مائي جي پٽ کي پارٽي جو سربراھہ مقرر ڪيو ويو. ساڳي طريقي جي واردات سنڌ جي آزادي پسند پارٽي قومي محاذ سان ڪئي وئي. جيڪا واردات اڃا بہ جاري آهي پوءِ وري ان جا نتيجا بہ سڀني جي سامھون آهن هاڻي هي انقلابي نہ کپي نہ کپي جي نعري کان ڊڄن ٿا. جڏهن تہ سندن رهبر جي ايم سيد پنھنجي اولاد کي سياسي وارث مقرر ڪونہ ڪيو پر صالحين تي ڇڏي ويو هو. انھن صالحين سيد جي پيغام کي اڳتي وٺي وڃڻ بجاءِ جي ايڇ ڪيو سان اندروني رشتو جوڙي ورتو ۽ هاڻي لئي لست واري زندگي گهارين پيا.
موجودہ وقت ۾ جيئي سنڌ جي ڪنھن بہ فرقي جو ليڊر جيل ۾ ڪونھي نہ وري سختي واري زندگي گذارين ٿا باقي سچا ڪارڪن آهن جيڪي کنڀيل آهن ڪيترن جا چچريل لاش مليا آهن يا جيلن جي ڪال ڪوٺڙين ۾ عذاب واري زندگي گهارين پيا. جيئي سنڌ جو ڪو بہ فرقو ۽ انھن جا ليڊر انھن ڪارڪنن کي پنھنجي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونھن ۽ نہ وري سنڌي قوم بہ انھن کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ تيار آهي البتہ سندن جنازن تي پاسي اوسي جا ماڻھو ڳوٺاڻي راويت کي سامھون رکندي وڏي تعداد ۾ شريڪ ضرور ٿيندا آهن.
وڏي پنھنجي زندگي ۾ تنظيم ڪاري تي ڌيان گهٽ ڏنو اڳ ۾ جڙيل تنظيمي اسٽريڪچر کي غيرفعال ڪيو. تنظيم صرف نالي ماتر ٿي ويئي هئي وڏي ۽ رياست درميان سڌي يا اڻ سڌي طريقي جا رابطا هئا. جيڪڏهن وڏو پارٽي اندر تنظيم ڪاري سگهاري نموني ڪري ها تہ شايد کيس ايترو وقت زندہ رهڻ ڪونہ ڏينس ها اهو هن شايد محسوس بہ ڪيو هوندو.
وڏو ذاتي طور درياھہ دل ماڻھو هو پر جيڪڏهن پارٽين ۾ ڪو ايڪو اتحاد جي ڳالھہ ٿيندي هئي تہ هن کي اها ڳالھہ گهٽ پسند ايندي هئي اهڙين ڳالھين کي پاسيرو ڪري ڇڏيندو هو. باقي نعري باز گهڻا وڻندا هئس. ائين ٿئي پيو تہ سنڌ جي آزادي ۾ ڪو بہ سنجيدہ ڪو نہ هو سڀ نعري باز جي پاسداري ڪرڻ ۾پورا هئا ڇو تہ هن نعري مان هٿ ڪڍندڙ جو حشر هنن کي معلوم هو. جن بہ هن نعري کي ڇڏيو تن کي سنڌي ماڻھن پنھنجي دلين تان ميساري ڇڏيو جيڪي جيئرا آهن اهي زندہ لاشن وانگر گهمي ڦري رهيا آهن ان خوف جي ڪري هي سڀ ليڊر برانڊ جي طور تي واپار ڪري رهيا آهن.
وڏي سيد واري ڇڙواڳي کي اڃان وڌيڪ ڇڙواڳ ڪيو. پاڻ بہ غير سنجيدہ رهيو. پر جڏهن بہ هن طاقتورن جي ريڊلائين کي ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي تہ هن کي وارننگ ملندي هئي وري هي درميانو رستو ڪڍندو هو پر ڪجهہ وقت کان پوءِ هن کي محسوس ٿيڻ لڳو تہ شايد هاڻي هو هن کي گهڻو وقت نہ ڏيندا ان ڪري هن رمپا پلازه جي اوور هيڊ پل تي ڪيل تقرير ۾ منصور واري ڳالھہ ڪئي هئي جيڪا ايندڙ واردات متعلق هئي وڏي پٺيان نعري بازن جي گهڻائي هئي پر سمجهدار ماڻھن جي کوٽ هئي جنھن ڪري سڀ ڪجهہ ائين ٿي ويو.
هدايتڪار وٽ اداڪارن جي کوٽ نہ هوندي آهي بس اشاري جي دير هوندي آهي وڏي کي سگهاري تنظيم ٺاهڻ گهرجي ها جيڪا قابل عالم، اديب، سائنسي سوچ رکندڙ ۽ دانشور ماڻھن جي صلاحن ۽ مشورن تحت پارٽي کي فعال ڪرڻ گهرجي ها ان کان سواءِ سنڌ جي هر مڪتبہ فڪر جي ماڻھن تي مشتمل ڪاميٽيون ٺھيل هجن ها جيڪي وقت بوقت سنڌ جي حالتن ۽ عالمي صورتحال کي مدنظر رکندي فيصلا ڪن ها. مرڻو تہ هر صورت ۾ هيو پوءِ ڊڄڻ ڇا جو سيد واري پيٽرن ۾ ريفارمز اچڻ گهرجن ها. ڳالھہ آزادي جي هئي عمل پارلياماني سياست وارو هو. ماڻھن سان سچ ڳالھائجي ها ماڻھن جي سوچ کي ڏسڻ گهرجي ها تہ ماڻھو توهان جي حمايت ٿا ڪن يا توهان جي مخالفت ٿا ڪن. سکڻي ضد ۽ اناپرستي واري عمل کي ترڪ ڪري پارٽي اندر وڌڻ ويجهڻ واري عنصر کي هٿي ڏجي ها ان سان ٻين کي بہ اڳتي اچڻ جو موقعو ملي وڃي ها جنھن مسئلي تحت پارٽي ڪم ڪري پئي اهو مسئلو سنڌي قوم جو گڏيل مسئلو آهي ڪنھن جو ذاتي مسئلو ڪونھي قوم اندر اجتماعيت پيدا ڪرڻ لاءِ پارٽي اندر جمھوري انداز اپنائڻو پوندو آهي. جئين قوم نفعي ۽ نقصان ۾ گڏ هجي جئين هاڻي درياھہ سڪڻ واري مسئلي ۾ سڄي سنڌ جو نقصان آهي ان ۾ زميندار سان گڏ هاري مزدور شھري ۽ ٻھراڙي جو ماڻھو متاثر ٿيندو. جيڪڏهن درياھہ ۾ پاڻي هوندو تہ ڪراچي کي بہ ملندو جي پاڻي نہ هوندو ٻھراڙي بہ سڪندي ۽ شھري بہ پاڻي ڍڪ کان سواءِ اڃ سبب مرندا. ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي مھاجر پنجابي پٺاڻ ۽ بلوچ سڀ پاڻي جي کوٽ سبب متاثر ٿيندا.
ان ڪري اهو گڏيل مسئلو آهي ان ڪري ان مسئلي تي سڀني کي گڏ کڻي پنجاب جي فوجي پروگرام کي روڪيو وڃي. ان کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونھي ڀلي گهوڙا ڀڄائي ڏسو. جيئي سنڌ قومي محاذ ٻن حصن ۾ ورهايل هو هڪ حصي جي قيادت وڏو ڪندو هو. جيڪا بظاهر طاقتور ڌڙو هو. هن وٽ ماڻھن جي گهڻائي هئي ٻي ڌڙي جي قيادت ٿريو ڪندو هو جنھن وٽ بہ ماڻھن جو چڱو خاصو انگ هو. ٿريو ملائپ ڇڏي سيد جي ويجهو رهيو. پاڻ کي سيد وٽ اهو مقام ڏياريائين جيڪو گانڌي جي نيشنل ڪانگريس ۾ ابوالڪلام آزاد جو هو. انھيءَ صف ۾ بيھڻ جو سبب سندس لکڻيون بہ آهن بظاهر ٿريو ڪنھن يونيورسٽي جو پڙهيل ڪونہ هو پر ڪنھن يونيورسٽي جي پڙهيل کان گهٽ بہ ڪو نہ هو. سواءِ انگريزي زبان جي باقي عربي، فارسي ۽ سنڌي لفظن جو وٽس ذخيرو هو. جملن ۾ وڏي رواني هيس ان ۾ شڪ ڪونھي تہ عالم هو. جڏهن ڳالھائيندو هو تہ ميڙ خاموش ٿي ويندا هئا ماڻھو غور سان ٻڌندا هئس اهو وڏو ڏانءُ هيس ان سان گڏ شاطر قسم جو ماڻھو هو. هن تي پارٽي اندر گروپ بنديون ڪرائڻ سان گڏ پارٽي اندر بغاوتون ڪرائڻ جو بہ الزام آهي.
ٿريو جڏهن پئيندو هوتڏهن سچ ڳالھائيندو هو ۽ چوندو هو تہ ميان سنڌوديش ٺاهڻ پنھنجي وس جي ڳالھہ ڪونھي. مڙوئي ڳالھہ ڪري پوئتي هٽي نہ ٿا سگهون. جو ماڻھو پاڻ کي جوتا هڻندا. ميان بنڊ گهڻو ڳرو آهي ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ ٿريي ۽ لاڙي کي ضياء جي مارشل لا جي دور ۾ ملٽري ڪورٽ ڪوڙن جي سزا ٻڌائي جيڪي هنن کي هنيا ويا ۽ هي ٻئي همراھہ سيد جي پارٽي جا اهم عھديدار هئا. جڏهن تہ پي پي جا سابق اميدوار اندر ٻاهر ٺيڪ هئا ۽ ضياء شاهي دور ۾ پيپلا وڏيرا مزي سان گهمندا ڦرندا هئا. ان هوندي بہ سنڌي ماڻھن جو الزام سيد تي هو تہ هن ضياء کي شريف النفس سڏيو آهي ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ کي ڪفن چور سڏيو اٿس. ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪري جيئي سنڌ قومي محاذ اندر سيد جي خلاف آواز اٿڻ لڳا جن سيد کي مجبور ڪيو تہ هو بين الاقوامي ادارن ڏانھن خط لکي تہ اسان جي ماڻھن جو قتلام بند ڪيو وڃي خط لکڻ جي موٽ ۾ هندوستان جي ان وقت جي وزير اعظم اندرا گانڌي جو بيان آيو تہ پاڙي ۾ جيڪو ڪجهہ ٿي رهيو آهي ان تي هندوستان سرڪارخاموش تماشائي نہ ٿيندي. هندوستان ان مسئلي تي پنھنجي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ان جي ردعمل ۾ پاڪستاني خارجه پاران انھيءَ بيان کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ داخلت قرار ڏنو هو.
جيئي سنڌ قومي محاذ ايم آر ڊي جي حوالي سان ٻن حصن ۾ ورهايل هئي هڪ حصي جو خيال هو تہ ان تحريڪ جي حمايت ڪرڻ گهرجي هي ڏکيو وقت آهي سنڌي ماڻھن جي واهر ڪرڻ فرض ۾ شامل آهي انھن کي اڪيلو نہ ڇڏڻ گهرجي ۽ فوجي مارشل لا جي خلاف ميدان ۾ لھڻ گهرجي ٻي حصي جو خيال هو تہ توهان جذباتي نہ ٿيو حڪومت اندر گروپ بندي آهي انھن ٻاهرين قوتن جي اشاري تي هي ڪجهہ ڏيکارڻ خاطر ڪيو آهي اهو عمل گهڻو وقت نہ هلندو.
ٻيو تہ هنن تحريڪ هلائيندڙ پارٽين کان پڇيو بہ ناهي ۽ نہ وري ڪا صلاح ڪئي اٿن ان ۾ شموليت پرائي شادي ۾ احمق نچي وارو مثال ٿي ويندو ان لاءِ انتظار ڪيو سڀ ڪارا اڇا پڌرا ٿي ويندا تحريڪ کي هڪ هفتو مس گذريو تہ حڪومت ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو. هيڏانھن غلام مصطفيٰ جتوئي گهاري ريسٽ هائوس مان تحريڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سنڌ اندر باھہ ٻري رهي هئي. لاکاٽ، نيو جتوئي، مورو، ميھڙ، دادو ۽ راڻي پور مطلب تہ سنڌ جي گهڻن شھرن ۾ سنڌي ماڻھو باهيون ڏئي ويٺا هئا. سڪرنڊ ڀرسان پنهل چانڊيو ڳوٺ تي پنجابي فوجي گولاباري ڪري رهيا هئا دادو ڀرسان احمد خان برهماڻي ڳوٺ تي بم وسايا پئي ويا. سنڌ تيزي سان ايم آر ڊي جي هٿن مان نڪرندي پئي وڃي. ان دوران سيد جو بيان آيو تنھن سو ڪالڊ جمھوريت پسند ان ڪري ڀڄي ويا مزي جي ڳالھہ تہ ملڪ گير پارٽين جي سڏ تي جمھوريت لاءِ سنڌ جي ننڍن شھرن ۾ تحريڪ زور ورتو باقي سنڌ جا وڏا شھر ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاھہ ۽ ميرپورخاص بلڪل خاموش هئا. پنجاب جا پنجابي ۽ هارين مزدورن سميت سڀ خاموش پنھنجي روزمره جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف هئا. بلوچستان سرحد بلڪل نارمل هئا اصل ۾ 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ جي آڙ ۾ ڀٽي جي قتل واري ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سبب سنڌي ماڻھو رستن تي نڪري آيا هئا جان جي بازي لڳائي پنھنجي ڪاوڙ جو اظھار ڪيائون.
جي ايم سيد سمجهہ وارو ماڻھو هو. ان تي فرض بہ هو تہ هو پنھنجي قوم کي تاريخي حقيقت کان واقف ڪري ان جي حوالي سان جي ايم سيد بيان جاري ڪندي چيو تہ توهان سان دوکو پيو ٿئي هي ڪفن چور قيادت سرڪاري دلال اٿو. انھن تي ڀروسو نہ ڪيو پر جذباتي عوام دلالن جي ڏٽن تي لڳي ميدان ڪيو. ان کان پوءِ جيڪي نتيجا آيا اهي توهان جي سامھون آهن ٿريو ان گروپ جي قيادت پيو ڪري جيڪي ايم آر ڊي تحريڪ جي حق ۾ دليل بازي پيا ڪن تہ اسان جا ماڻھو مرن پيا. ان ڪري پاڻ کي ڪجهہ ڪرڻ گهرجي پر هي وڏيرو (جي ايم سيد) ڪجهہ ڪرڻ نہ ٿو ڏيئي. هيڏانھن سنڌ جي دلال پريس کي موقعو ملي ويو جن جي ايم سيد کان پراڻا پلاند پئي ورتا. اخبارن شھہ سرخين ۾ غلط خبرن سان گڏ فقير محمد لاشاري جھڙن سيد جي خلاف اخباري اداريا پئي لکيا ۽ سيد کي فوج جي بي ٽيم ڪري پيش ڪيائون. حالانڪ ان وقت سرڪاري فوجي ڪورٽن مان ٿريي لاڙي ۽ ڀائو وارن کي ڦٽڪن جي سزا پئي ملي پر پوءِ بہ لبرانڊو ليفٽو وارن جيئي سنڌ جي مٿان ڦٽڪار پئي ڪئي.
جڏهن تہ پاڪستان ۾ جمھوريت نالي ڪنھن بہ شيءِ کي اچڻ ئي نہ ڏنو ويو آهي پاڪستان خود گريٽ گيم جو پلان هو. مذهب جي نالي کي استعمال ڪيو ويو پر ان ۾ مذهب جو پري پري تائين واسطو ڪونہ هو. گانڌي جناح سڀ ٻاهريان مھرا هئا صرف استعمال ٿيا. گڏيل هندوستان مستقبل جي اسيڪيم ۾ ڪڏهن بہ گريٽ گيم جو حصو نہ رهيو آهي ڇو تہ گڏيل هندوستان هڪ طاقتور ملڪ هجي ها ۽ هنن جي ڊڪٽيشن کي قبول نہ ڪري ها بلڪ قابض سمراٽ کي پنھنجا پراڻا اسڪور سڌا ڪري ها. اڄڪلھہ وارو بلاسفيمي قانون بہ انگريز سمراٽ جي دور جي پيداوار آهي. جيڪو 1870ع ۾ نافذ ڪيو ويو. 1857ع واري بغاوت جي خوف سبب انگريزن گڏيل هندوستان کي تقسيم ڪرڻ لاءِ هندن ۽ ذات پات وارو فارمولو استعمال ڪيو. ان کان پوءِ مذهبي بنياد تي هندو مسلم فارمولو استعمال ڪري ٻنھي کي هڪٻئي خلاف استعمال ڪيو ۽ مذهب ۾ فرقا بندي بہ ڪرائي وئي هي ديوبندي، بريلوي، شعيه، تبليغي جماعت ۽ احمدي سڀ انگريز سرڪار جي پيداوار آهن جيڪي پاڪستاني شڪل ۾ پنجابي فوج جي وفاداري جي عيوض تحفي ۾ مليل آهن. بدلي ۾ مستقبل لاءِ پنجابي فوج گريٽ گيم ۾ انگريز جا وفادار رهندا جنھن کي انھن آزمايو بہ آهي ۽ انگريزن هنن کي استعمال ڪيو مثال طور ڪعبي تي فائرنگ هجي يا يروشلم ۽ بيت المقدس تي حملو هجي اهي ان جا پڪا ۽ چٽا ثبوت آهن ايتري تائين جو سلطنت عثمانيه خلاف 1914ع کان 1918ع تائين هندوستاني پنجابي فوج انگريز سان گڏ هئي ۽ گڏ آهي. ٿريو سيد سان گڏ رهي ڪري سازش ڪندو هو. ڌڙابندي بہ ڪرائيندو هو پر ڪڏهن بہ سيد خلاف سڌو ٿي سامھون نہ بيٺو. جيڪو هن کي بيھڻ گهرجي ها شايد هن ۾ همت ڪونہ هئي يا پنھنجي ساٿين تي ڀروسو نہ پيو ڪر سگهي. بظاهر ٿريو مرندي دم تائين سيد جي نظريي ۽ فڪر سان چنبڙيل رهيو. شايد ان پيغام کي سنڌ لاءِ صحي پيو سمجهي پر قيمت ڀرڻ لاءِ تہ سيد ۽ نہ وري هي پاڻ تيار هو. باقي اهو سچ آهي تہ ٿريي ڪا بہ فنانشل ڪرپشن ڪانہ ڪئي نہ ڪوئي گهر بنگلو ٺھريائين. گاڏي بہ هن کي چندي مان وٺي ڏني وئي تيل جو خرچ پارٽي يا ڪارڪن ڀريندا هئا پاڻ سدائين هٿين خالي رهيو.
پيئڻ واري علت بہ پارٽي جي اندر اهڙي قسم جا ماڻھو هئا انھن هن کي برائي ۾ لاٿو. جنھن هن کي ذهني معذور ڪري ڇڏيو هو ۽ هي زندہ لاشن جيان سفر ڪندو رهيو. هن جيڪا قوم لاءِ جاکوڙ ڪئي تنھن جي بدلي ۾ قوم مان موٽ ڪانہ مليس پارٽي اندر عملي ڪم کان هرڪو لنوائي پيو سڀ ڄنڊا پٽ ۾ پورا هئا ۽ ٻيو تہ سرڪاري جبر ۽ ڏاڍ بہ ماڻھو کي ٿڪائي ٿو وجهي جنھن جهوپڙي کان ٿريي شروعات ڪئي آخري سفر بہ هن جو ان جهوپڙي تي ختم ٿيو.
سنڌ سان ڪيترو سچو هو اهو وقت فيصلو ڪندو. ٻيو سنڌ جا ماڻھو ڪندا اڃان سفر ڊگهو آهي انھن ليڊرن جي تحقيق ٿيڻ گهرجي تہ جيئن هنن جون خاميون ۽ خوبيون عوام سامھون اچي سگهن. ڀائو جو پھريون تعريف جوڳو آهي هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ان کان وڌيڪ ڪھڙي قرباني آهي جو پاڻ ٿاڻي ۾ ان وقت جي وزير اعليٰ (جنھن کي ڪجهہ ويڪائو دانشورن ڏهيسر سنڌ جو خطاب ڏنو هو) جي فرمائش تي هن کي ڪٽيو ويندو هو ۽ ٽرنڪ ڪال فون تي وزير اعليٰ هن جون دانھون ٻڌندو هو. ڏوھہ اهو هو جو هن ڀٽن جي خلاف آواز اٿاري ڀٽن جي شان ۾ گستاخي ڪئي هئي. ان دور ۾ جيڪڏهن ڀائو نہ ملندو هو تہ سندس عيوض ۾ ماءُ ڀاءُ کي ٿاڻي تي وٺي ويندا هئا. ڀائو جي مايوسي کان پوءِ وارو ڪردار انتھائي خراب رهيو. پي آءِ اي ۾ هنن اهڙي حرڪت ڪئي جنھن سبب سنڌي نوجوانن کي نوڪريون ختم ٿي ويون. اهي نوجوان گرفتار ٿي جيل ۾ هليا ويا. هن کي ائين نہ ڪرڻ گهرجي ها. ماٺ ڪري هڪ پاسي پنھنجو موقف لکي ها جيڪو هن پوءِ لکيو ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهي. ناريجي جي قتل جا پيرا بہ ان واقعي ڏانھن وڃن ٿا. هر تنظيم ۾ رياستي تربيت يافتہ دلال هوندا آهن. اهو ان تنظيم تي آهي تہ اهڙن ماڻھن کي پنھنجي صفن مان ڪڍي ڇڏي. پر قومپرست پارٽي وٽ اهڙو ڪو بہ مڪينزم ڪونہ هو. جزا ۽ سزا وارو عمل اڻ ڏٺي تصور تي ڇڏي ڏيندا آهن. پاڻھي ان کان حساب ٿيندو. اها سوچ صوفي وحدانيت ۾ آهي.
قومپرست وٽ هڪڙو آپشن هوندو آهي تہ هو پرست آهي ان ڪري ڪنھن بہ وقت انھيءَ ۾ ڦيرڦار ڪري سگهجي ٿي تنھن ڪري هنن وٽ لڪير نڪتل نہ هوندي آهي وري آزادي وٺندڙ وٽ پرستي گهٽ ۽ حاصل ڪرڻ اهم هوندو آهي. ان ڪري هو ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر حدون اڪري وڃڻ ۾ دير نہ ڪندا آهن ۽ منزل کي معراج ماڻڻ سمجهندا آهن. پرست جو تعلق وري مزاج سان هوندو آهي. جيئن ان جي مزاج چاهيو تيئن ڪندو آهي هن جي مزاج چاهيو پئي تہ تڏهن تہ ان جي محفل ۾ پير علي محمد راشدي بہ هوندو هو تہ سيد غلام مصطفيٰ شاھہ بہ هوندو هو ۽ ڊاڪٽر حميده کھڙو کان بہ ان پٽ وٺندو هو. هي صرف ريڊيڪل ڳالھيون ڪندو هو پر مزاج ۾ نرم دل هو. جنھن جي ڪري هن قول ۽ فعل ۾ تضاد هو. ان سڄي صورتحال کي سمجهي ڪري هو دلي خواهش مطابق آزادي ماڻڻ چاهي پيو پر مگر عملي طور تي آزادي وٺڻ لاءِ تيار ڪونہ هو. ڇاڪاڻ تہ عمل قيمت گهرندو آهي انھيءَ قيمت ڀرڻ کان هن کي خوف ٿيندو هو.
1984ع ۾ هندوستاني وزير اعظم اندرا گانڌي جي قتل بہ سيد کي ڊيڄاري ڇڏيو هو. جنھن سبب 1985ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن تائين سنڌي قومي اتحاد جي حمايت ۾ سيد پارلياماني سياست طرف وريو هو.