باب چوٿون: ڇا قوم آزاديءَ لاءِ سنجيدہ آهي؟
هاڻي اچون ٿا سنڌ جي نوحا خواني تي حر تحريڪ کان پوءِ سنڌ ۾ ڪنھن قسم جي شعوري قومي تحريڪ جو وجود ڪونہ هو. بظاهر ان جي ڪا جوڙجڪ ڪانہ هئي 1970ع واري اليڪشن بنگالين جي قومپرستيءَ کي پنڊي ۽ اسلام آباد وارن عروج بخشيو. بنگال جيڪو پاڪستان ٺاهڻ ۾ سڀني کان ٻہ هٿ اڳتي هيو جنھن ۾ ڪلڪتہ، چٽاگانگ ڍاڪا ۾ هندو مسلم فساد ڪرايا ويا. جنھن هزارين قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ملڪيتون تباھہ ۽ برباد ٿيون. انھيءَ ساڳئي بنگالي مسلمان پنھنجي من گهڙت ٻہ قومي نظريي کي پنھنجي خون سميت پنجابي پناهگير خونخوار هيٿارن سميت هميشہ لاءِ دفن ڪري ڇڏيو. جنھن جي نتيجي ۾ 16 ڊسمبر 1971ع تي اوڀر پاڪستان مان آزاد بنگلاديش ٿي دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو. بنگالين جي آزادي کان پوءِ ذوالفقار ڀُٽي جي دور ۾ حڪومت ۾ بلوچستان جي نعپ حڪومت کي ذوالفقار ڀٽي 1973ع ۾ هڪ صدارتي آرڊينس تحت برطرف ڪري ڇڏيو.
جنھن جي ردعمل ۾ مفتي محمود جي گڏيل سرڪار صوبي سرحد ۾ استيعفا ڏئي ڇڏي. 1975ع ۾ حيات محمد شير پائو جو قتل ٿيو ۽ حيدرآباد سازش ڪيس۾ بلوچ ليڊرن سميت ولي خان کي گرفتار ڪري جيل اندر هڪ اسپيشل ٽربيونل ٺاهي ڪيس هلايو ويو. مٿن ملڪ دشمني ۽ غدار جھڙا الزام هنيا ويا ۽ سپريم ڪورٽ جي معرف نعپ تي پابندي مڙهي وئي. انھيءَ ردعمل ۾ بلوچن پھاڙن جو رخ ڪيو. موٽ ۾ قائد جمھوريت بچر آف بنگال جنرل ٽڪا خان کي بلوچن خلاف آپريشن جو سربراھہ مقرر ڪيو ويو. پوءِ جيڪو ٿيو اهو تاريخ جو حصو آهي. سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن جيڪو پاڪستان ۾ اسلام ۾ پنھنجو تحفظ سمجهيو هو اهو خواب چڪنا چور ٿيڻ لڳو. ڪراچي شھر سنڌي ماڻھن کان کسي وفاق جي حوالي ڪيو ويو. سنڌ حڪومت کي پنھنجو هيڊڪوارٽر حيدرآباد منتقل ڪرڻ جو چيو ويو حيدرآباد جي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي تي پابندي مڙهي وئي.
ديوانن جو ڇڏيل ملڪيتون سنڌين بجاءِ ڌارين جي حوالي ڪيون ويون سنڌ جون زمينون ڪوڙن ڪليمن ذريعي پناهگيرن ۾ تقسيم ڪيون ويون سنڌ ۾ خالي ٿيل آسامين تي سنڌين بجاءِ پنجابين ۽ پناهگيرن کي ڀرتي ڪيو ويو. سنڌين کي پنھنجي شھرن ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ خوف ۽ حراس وارو ماحول پيدا ڪيو ويو. هڪ اجنبي ڌاري ٻولي کي سڀني ٻولين جو سردار بڻايو ويو. جنھن تي بنگالين جناح جي سامھون احتجاج ڪيو هو پر جناح ڪنھن نہ ٻڌي ان جو نتيجو 1971ع ۾ ظاهر ٿيو.
712ع کان حر تحريڪ تائين سنڌي ماڻھن جي مزاحمت ڇڙوڇڙ صورت ۾ رهي پر ڪنھن رٿابندي تحت منظم تحريڪ يا تنظيم وجود ۾ ڪانہ آئي جيڪا ڌارئي حاڪمن کي سنڌ مان بچائي سگهي تنھن هوندي بہ حر تحريڪ جو انگريزن خلاف هلندڙ ويڙھہ ۾ پھريون ڀيرو سنڌ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري مارشل لا لاڳو ڪئي وئي ۽ باقائدہ ايئرفورس جو استعمال ڪيو ويو جنھن ۾ ڪيترائي ڳوٺ تباھہ ۽ برباد ٿي ويا. سنڌي پنھنجي ڌرتيءَ تي جلاوطني واري زندگي گذارڻ لڳا. ان هوندي بہ سنڌي ماڻھن حر تحريڪ کي پنھنجو نہ ڪيو پر ان تحريڪ کي صرف پير پاڳاري ۽ سندس مريدن تائين محدود ڪري ڇڏيو هو. اڄ تائين جي ايم سيد سميت سنڌي دانشورن ڪڏهن بہ حر تحريڪ کي پنھنجو نہ سمجهيو آهي سواءِ عثمان ڏيپلائي جي جيڪو جيل ياترا ڪري اتي حر قيدين سان ملاقاتون ۽ ڪچھريون ڪيون. حر تحريڪ معلومات وٺي پوءِ سانگهڙ ناول لکي ڇپرايو. جڏهن هي ناول ڇپيو ان وقت سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ هلندڙ هئي ماڻھن ۾ جوش ۽ جذبو هيو ان ڪري هن ناول کي سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي. عثمان ڏيپلائي بہ ملائيت مان هٿ ڪڍي اديب بڻجي ويو. انھيءَ دؤر ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۾ سنڌ بابت آزاد اسٽوڊنٽ فيڊريشن لالا قادر جي مارئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ اين ايس ايف جي پليٽ فارم تان بحث ٿيندا هئا. 70ع جي ڏهاڪي ۾ جيئي سنڌ فيڊريشن جو بنياد رکيو ويو ۽ ان جو پھريون صدر اقبال ترين ۽ جنرل سيڪريٽري شاھہ محمد شاھہ ٿيو. جيڪو اين سي ايف کي تازو ڇڏي آيو هو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو باني ميمبر هو ان تنظيم جو جهنڊو ڪھاڙيءَ وارو ڳاڙهو جهنڊو تخليق ڪيو ويو. ڪھاڙي مزاحمت جي نشاني هئي ۽ آهي...ڳاڙهو رنگ رت يعني قرباني جي نشاني آهي ان وقت ڪي سرڪار ان عمل کي سيريس ورتو رات جو شاگردن جي هاسٽلن تي ڇاپا لڳڻ شروع ٿي ويا. سنڌ يونيورسٽي ڍاڪا يونيورسٽي جو ڏيک ڏيڻ لڳي. ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽي جون بسون جيڪي گاڏي کاتي حيدرآباد مان اينديون هيون. تن ايندڙ سنڌي شاگردن کي شھر ۾ سرڪاري اتحادي پناهگيرن تمام گهڻو تنگ ڪندا هئا پر سيد جا ڏنگا شاگرد سولائيءَ سان ڪنھن جي زير ٿيڻ وارا ڪونہ هئا.
هڪ ڳالھہ جا سمجهہ ۾ نہ ايندڙ آهي تہ جهنڊي جون نشانيون مزاحمت واريون آهن ۽ حالتون بہ مزاحمت ڪرڻ واريون آهن پر مزاحمت ڪرڻ لاءِ ذهني طور تي ليڊر تيار آهي نہ وري عوام تيار آهي ليڊر پاڻ کي صوفي ۽ گانڌيءَ جي عدم تشدد واري پاليسي جو کي پيروڪار سمجهي ٿو. هاڻي ڳالھہ اڳتي وڌي تہ ڪيئن وڌي اهو پنھنجي جاءِ تي سوال آهي عام سنڌي شاگرد ويڙھہ لاءِ تيار هئا پر انھن جي تربيت ۽ ڄاڻ پري پري تائين ڪانہ هئي هي سياست جي الف بي کان بہ واقف ڪو نہ هئا ٻيو نہ اڪثر شاگردن جو تعلق غريب جي اڻ پڙهيل گهرائڻ سان هو جن ويچارن کي اها بہ خبر ڪونہ هئي تہ پاڪستان ڪڏهن ۽ ڪيئن ٺھيو. سمجهو تہ ماڻھو رات جو ماني کائي سمھي پيا صبح جو جاڳيا تہ خبر پين تہ پاڪستان ٺھي ويو آهي جڏهن هي بازار ۾ پنھنجي سيٺ ڀوڄو مل جي دڪان تي ويا خبر پين تہ سيٺ ڀوڄو مل کي پاڪستان ٺھڻ ڪري هتان زوري ڪڍيو ويو آهي جيڪو ريل ذريعي هندوستان روانو ٿي ويو آهي.
سچ تہ اهو بہ آهي جيڪو سنڌ اسميبلي ۽ پاڪستان جي حق ۾ پاس ٿيندڙ قرارداد بابت سنڌ جي اسي سيڪڙو ٻھراڙين ۾ رهندڙ ماڻھن کي خبر ئي ڪونہ هئي ۽ نہ وري ڪنھن هنن کان ريفريڊم ذريعي راءِ پڇي هئي جڏهن تہ سنڌ جي جاگيردارن ۽ شھري ماڻھن کي اها خبر هئي تہ هن خطي مان ڇا ٿيڻ پيو وڃي پر اهي بہ چپ رهيا انھيءَ پس منظر ۾ يونيورسٽي جي بھترين استادن جو فرض آهي تہ هو پنھنجي شاگردن کي سياسي تاريخي سبجيڪٽ سان گڏ سماجي تعليم کان بہ روشناس ڪرائين تہ جيئن شاگردن کي بہ خبر پوي تہ وطن ۽ قوم سان هن ملڪ ڪھڙا ڪلور ڪيا آهن.
15 آگسٽ 1975ع ۾ بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان کي سندس ڪاڪول جي ٽرينگ يافتہ بنگالي فوج گهرجي ٽيويھہ ڀاتين سميت گوال منڊي واري گهر ۾ بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو جنھن ۾ هڪ اٺن سالن جو ٻار بہ شامل هيو شيخ مجيب جي نسل مان سندس ٻہ ڌيئر حسينا ۽ ريحانہ بچي ويون جيڪي ملڪ کان ٻاهر تعليم پرائي رهيون هيون. ان وحشيانہ قتل بعد ۾ مارشل لا جي نفاذ جو اعلان ڪيو ويو جنھن کي ان وقت پاڪستاني وزير اعظم بنگالي فوجي جنتا کي Recognize ڪندي امداد جي شڪل ۾ پنج هزار ٿان ڪپڙي جا پنج هزار ٽن چانور موڪليا ڄڻ تہ ان فوجي قدمن جو خير مقدم ڪيو ويو. سنڌ جي قومپرست جماعت کي زبردست جهٽڪو لڳو ان لاءِ مذمت ڪرڻ جي سواءِ ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهيا.
1971ع کان پوءِ ٿيڻ ائين گهرجي ها تہ سنڌي ۽ بنگالي جيڪي سنڌ ۾ رهن پيا انھن کي دوران آپريشن يا بنگلاديش ٺھڻ کان پوءِ ويجهو اچڻ گهرجي ها پر سنڌي بھارين سان گڏ بنگالين جي خلاف ٿي نہ کپن جا نعرا هنيا بھارين واري ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي پئي تہ اهي ٽيويھہ سال بنگال ۾ رهندي بہ بنگالين جا دشمن بڻجي پنجابي فوج سان گڏ بنگالين جي نسل ڪشي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا پر بنگالي خود ستم جو شڪار رهيا انھن سان سنڌين کي همدردي هئڻ گهرجي ها پر سنڌي قومپرست جماعت بنگالين تي هٿ رکڻ بجاءِ ڪراچي حيدرآباد شھرن جي ديوارن تي بھارين سان گڏ بنگالي نہ کپي جا نعرا پي لکيا.
نتيجو اهو نڪتو جو بنگالي فطرتي سنڌين جو اتحادي ٿيڻ بجاءِ پناهگيرن ڏي رخ رکيو ايئن بنگالي ۽ سنڌي فطري اتحاد نہ جڙي سگهيو اهو محض اتفاق نہ هيو پر پارٽي اندر اثر رسوخ رکندڙ ڌرين نہ چاهيو هوندو يا وري عقل، دانش فھم جي ڪمي هئي.
بنگلاديش جون اندريون حالتون سازگار ٿيون ٽڪي جي قيمت بھتر ٿيڻ لڳي سنڌ ۾ رهندڙ بنگالي گهڻي ڀاڱي واپس پنھنجي وطن هليا ويا ۽ اسان جي پلئہ بھاري پئجي ويا ان مان اهو ثابت ٿيو تہ سنڌي عوام سڄڻ دشمن جي فرق کي سمجهڻ کان عاري آهي هوش مند قومون پنھنجي سڄڻ دشمن جي پاڻ وٽ لسٽون رکنديون آهن جيئن سڄڻ دشمن تي گهري نظر هجي پر هتي گڏھہ گابو برابر نظر اچي ٿو.
سکڻ لاءِ بنگلاديش جي آزادي مان گهڻو ڪجهہ سکي پنھنجي اندر جون اوڻايون ختم ڪري سگهجن ٿيون. ماڻھن کي بہ آزادي بابت گهڻو ڪجهہ ٻڌائي سگهجي پيو تہ هي ڏک سور آزادي جي ٻي ڏينھن تي ختم نہ ٿيندا آهن پر ان لاءِ محنت جفاڪشي ۽ نسلن جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي رات ڏينھن جي پورهئي سان سماج تبديل ٿيندا آهن سنڌي سماج کي 1973ع واري آئين جنھن ۾ ڀُٽي سنڌ جي ڊيموگرافي کي تباھہ ڪرڻ لاءِ ڌاريي سماج سان اهڙي جٺ ڪونہ ٿي هئي، ڀٽي جي دور کان اڳ سنڌ ۾ ڌاريا ماڻھو مزدوري سانگي ايندا هئا. مزدوري ڪري واپس هليا ويندا هئا. مثال طور ڪراچي اندر ٻاهرين مزدورن کي ڪي ايم سي جي ٽڪيٽ تي مزدوري ڪرائي ويندي هئي ڏهاڙي پوري ٿيڻ تي شام جو ٽڪيٽ واپسي ڪري پنھنجي رهائش وارن جاين ڏانھن هليا ويندا هئا. انھن کي ووٽ ڏيڻ يا اليڪشن ۾ بيھڻ جو يا ملڪيت خريد ڪرڻ جو جي قانوني حق حاصل نہ هوندو هو. پر 73ع جي آئين ڌارين ماڻھن کي ملڪيت خريد ڪرڻ ڪاروبار ڪرڻ ۽ اليڪشن ۾ بيھڻ ۽ ووٽ وجهڻ جو مڪمل حق ڏئي ڇڏيو جنھن جي نتيجي ۾ پنجابي، پٺاڻ، گلگتي ۽ ڪشميرين جا ڪٽڪ ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا جن ڪراچي جي سماج تي پنھنجا اثر ڇڏيا سنڌي ماڻھو کي پنھنجي شھر ڪراچي ۾ ڌاريو سمجهڻ لڳا ۽ سنڌين کي نفسياتي طور تي پنھنجي شھر کان پري رکڻ لاءِ پڇڻ لڳا تہ ”آپ سنده سِي آئي هو“ يعني ڄڻ ڪراچي شھر ايران جو شھر هجي يا هي ڌاريا مڪي کان ڪراچي جي چڪي کڻي آيا هجن ۽ سنڌي بہ اڄ ڏينھن تائين اها ذات سھڻ جا عادي ٿي ويا آهن پر ڌاريا پنھنجي حرڪتن ۾ نسل در نسل جيئن جو تيئن سنڌين سان ساڳيو رويو رکيون پيا اچن.
ملڪ ۾ ايمرجنسي سبب سنڌ جي قومپرست سياست تي سختي هوندي هئي پوءِ شاگرد ويچارا لطيف ڊي ملھائڻ تي گذارو ڪرڻ لڳا پر لطيف جي آڙ ۾ سنڌ جو سياسي پيغام سولائي سان عوام تائين پھچي نہ پيو سگهي يا وري چار پنج جذباتي تقريرون ڪاليجن اندر ٿينديون هيون پر پوءِ سرڪار سي آءِ ڊي ۽ پوليس شاگردن پويان رڻ ٻاري ڏيندي هئي شاگردن جي سار سنڀال غريب مائٽ ئي لھندا هئا ڪيترائي شاگرد ان ڪري بہ تعليم مڪمل نہ ڪري سگهيا جو اهي پويان کان غريب هيا ويچارا اهڙا ڪيترائي شاگرد رلي ويا ڪو صحي پليٽ فارم بہ ڪونہ هيو سن ۾ بہ ماني کائڻ، ڪچھريون ڪرڻ، سيد جا هڪٻئي خلاف ڪن ڀرڻ ۽ هڪ ٻئي خلاف ڪوڙ هڻڻ کان سواءِ باقي ڪجهہ بہ ڪونہ هو. ڪي قومي ڪارڪن سيد کي چوندا هئا تہ جيترا ٻڪر ڇوڪرن کاڌا آهن جيڪڏهن انھن جي اڌ جيترا پيسا ڇوڪرن کي ملن ها تہ سنڌ آزاد ڪرائي وڃن ها سيد اهو ٻڌي کلندي هيو اصل ۾ سيد جي سن ۾ قائم لائبريري جو استعمال گهٽ ٿيو ۽ راڳ رنگ چرچن ڀوڳن کي گهڻي اهميت ملندي هئي.
ائين بہ ڪونہ هو تہ سڀئي شاگرد ائين هئا انھن ۾ ڪافي شاگرد سنڌ جي آزادي لاءِ سيريس بہ هئا. ذهني طور تي سنڌ جي آزادي جي جدوجھد ۾ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هئا ذڪريا ميمڻ کان مستاني سنڌيءَ تائين ٽوڙهي ڦاٽڪ کان چچريل لاشن تائين نارا جيل کان گم ٿيلن تائين سميع ﷲ ڪلھوڙي کان افضل پنھور تائين سنڌ جي قومي ڪارڪنن جون عظيم قربانيون آهن پر جيڪا آرگنائيزنيشنل کوٽ اسٽيڪلچرل کوٽ ايڪو سسٽم جو نہ هجڻ ڪري گهڻي ڇڙواڳي هئي سيد صرف نالي ۾ رهبر ۽ پرستش تائين محدود هيو ۽ اڄ بہ آهي باقي هيٺ ويٺل سندس چوڻ ۾ ڪونہ هئا جيڪو وڻندو هيئن اهوئي ڪندا هئا هنن کان ڪو پڇاڻي ڪرڻ وارو ادارو منڍ کان ئي جڙي نہ سگهيو هو.
ان ڪري پارٽي اندر ڪجهہ غير اخلاقي، غير سماجي حرڪتون بہ ٿينديون هيون انھن جي رپورٽ سيد کي ملندي هئي پر ان تي ڪو قدم نہ کنيو ويو بلڪ خاموش ٿي اهڙن معاملن کي خاموشي جي ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو ان ڪري جيئي سنڌ ۾ ڪرمنل ڪلچر کي هٿي ملي ڏوهاري ڏوھہ ڪري جيئي سنڌ جي ڇانو ۾ پناھہ وٺڻ لڳا انھن ڏوهارين جي همت افزائي طور سنڌ ۾ کين مڙس ماڻھو جي سڃاڻپ ملي. بھرحال پارٽي جي ليڊرشپ ڪجهہ ڄاڻندي بہ خاموش رهي.
جڏهن ڪا بہ تنظيم اندر سيريس سياسي چرپر ٿيندي هئي تڏهن سيد جا ويجها ساٿي دٻاءُ طور سيد کي جاگيردار وڏيرو چئي سيد کي انھي چرپر کان ٻاهر نڪرڻ جي صلاح ڏيندا هئا ۽ ان سياسي چرپر خلاف سيد کان ٻئي ڏينھن تي پريس ڪانفرنس ڪرائي سيد کي چوندا هئا تہ سائين سٺو ٿيو آهي ڊينڊڙا ڪميونسٽ هئا جيڪي پارٽي اندر گهڙي وڏي سازش ڪري رهيا هئا جن جي ڳالھہ تي توهان عمل نہ ڪيو مطلب تہ چور ڀاڳئي وارو حساب هيو سيد پاڻ ڪنن جو ڪچو هو. جنھن پھريان ڳالھہ ٻڌائي انھيءَ کي سچ سمجهندو هو باقي دير سان حقيقتون ٻڌائيندڙ کي گهٽ ورنائيندو هو، ان جو سبب شايد دراز عمر ۽ ڪمزور يادگيري بہ چئي سگهجي ٿو.
اهڙين تنظيمن ۾ ڏاهن ماڻھن تي ٻڌل ڪميٽي هئڻ گهرجي ها جيڪا تنظيم اندر هر ماڻھو تي نظر رکي ها تنظيم جا قائدا قانون جوڙي ان تي سختي سان عمل ڪرائي ها هيرا ڦيري ڪرڻ وارن کي قابو ڪري سخت احتسابي عمل ۾ آڻي ها انحرافي ڪندڙن جو سخت گهيراءُ ڪرڻ گهرجي ها پارٽي ۾ ايترو دم هيو جيڪڏهن ان کي ويھين صدي جي گهرجن پٽاندڙ سياسي سماجي ۽ سائنسي بنيادن تي استوار ڪيو وڃي ها تہ هي قومي پارٽي سنڌ ۾ تاريخي رول ادا ڪري سگهي پئي پر سيد جي زندہ هوندي بہ پارٽي گروپ بندي جو شڪار ٿي وئي هئي ان گروپ بندي سبب پارٽي نظرياتي هئڻ بجاءِ شخصيت پرستي جي عنصر ۾ ڦاٿل رهي. ليڊر حضرات سيد جي ڄنگهن ٻانھن ۾ چنبڙي پيا هوندا هئا. جڏهن تہ سيد کي انھن جي ضروت ڪونہ هئي سيد کي پنھنجو خدمتگار هوندو هو هنن ليڊرن ۽ قومي ڪارڪنن کي گهرجي ها تہ سيد کان سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت سوال ڪري ان جا جواب وٺي انھيءَ تي عمل ڪن ها تہ شايد اڄ سنڌ عقيدي جي آڙ مان نڪري عمل جي ميدان ۾ وکون کڻي ها پر ائين ڪونہ ٿيو سڀني شعوري طور يا لاشعوري طور سنڌ جي پيغام کي گهٽ اهميت ڏني ۽ شخصيت پرستي کي چوٽ چاڙهڻ ۾ مصروف عمل ٿي ويا.
جي ايم سيد جي قد ڪاٺ جھڙو ماڻھو سنڌ هينئر تائين پيدا نہ ڪري سگهي آهي جنھن جو سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي پورهيو هن جيترو هجي ستر جي ڏهاڪي کان آخري سفر تائين جتي بيٺو اتي ئي بيھي رهيو ٻئي در ڪڏهن بہ نہ واجهايائين ڏک تڪليفون برداشت ڪرڻ جو تانو بہ سيد وٽ تمام گهرو هو پنھنجن ۽ پراون کي گڏي پئي منھن ڏنائين. جنھن جي ڪڍ پوندو هو ان کي پنھنجي انجام تائين وٺي ويندو هو. وڏي پاڙهو ۽ ليکڪ سان گڏ ڪيتريون ئي ٻوليون ڄاڻندو هو هن قسم جي ماڻھن دنيا کي گهڻو ڪجهہ ڏنو آهي ۽ ورتو تمام گهٽ آهي هڪ (تمنا) جي صورت ۾ راھہ ڏيندڙ مان هيو راھہ ڀلائيندڙن مان ڪونہ هو اهڙي قسم جي انسانن کان لاشعوري طور تي يا جذبات جي وهڪري ۾ اچي ڪڏهن ڪڏهن غلط فيصلا ٿي ويندا آهن جن جو جڏهين کين ادراڪ ٿيندو آهي تڏهن ان جو اعتراف ڪرڻ ۾ بہ عار محسوس نہ ڪندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن گهڻي دير ٿي ويندي آهي سڀ ڪجهہ هليو ويندو آهي سندن ڪيل ڪجهہ فيصلا معاف ڪرڻ جھڙا هوندا آهن ۽ ڪجهہ فيصلا معاف ڪرڻ جھڙا نہ هوندا آهن اهي ڪڏهن ڪڏهن غلط ڪيل فيصلا سندن پيڇو ڪندي قبر تائين بہ پھچندا آهن.
جي ايم سيد جي سياسي سفر کي پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1970ع تائين سندس ڪيل فيصلن کي موجودہ نتيجن موجب سامھون رکي باريڪ بيني سان جانچبو تہ سندس جذباتي عقيدي پرستي ۽ نفرت سان ڀريل فيصلا نظر ايندا جنھن جو اعتراف هن خود پنھنجي لکت ۾ بہ ڪيو آهي جي ايم سيد 1970ع جي اليڪشن ۾ بنگلاديش ٺھڻ کان پوءِ جنھن سھي نتيجي تي پھتو هو ان کان اڳ معمولي ۽ سطحي مطالبن جي ڄار ۾ ڦاٿل رهيو جنھن مان ڪجهہ ورڻو ڪونہ هيو اجائي ڊڪ ڊوڙ ۾ سرگردان رهيو پر جيڪا ڳالھہ ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪيائين اها ڳالھہ 1940ع واري قرارداد کان اڳ ۾ سمجهہ ۾ اچيس ها ۽ گانڌي ۽ جناح واري لائين وٺڻ بجاءِ پير صبغت ﷲ شاھہ راشدي يا سڀاش چندر بوس واري راھہ اختيار ڪري ها تہ اڄ نتيجا ٻيا هجن ها پر اها ساڳي غلطي غفار خان بہ دهرائي ان جا خوفناڪ نتيجا نڪتا عدم تشدد جي لفظ نسلن جا نسل تباھہ ۽ برباد ڪري ڇڏيا نہ خدا ئي مليو نہ ئي وصال صنم.
عدم تشدد جي ڪري ڏکڻ آفريڪا جي آزادي کي پنجاھہ سال وڌيڪ انتظار ڪرڻو پيو. جيستائين سويت يونين جو خاتمو نہ آيو ايسيتائين نيلسن منڊيلا ساٿين سميت روڊ آئيلينڊ جي جيل ۾ سڙندو ۽ ڳرندو رهيو. لڳندو آهي تہ جي ايم سيد اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺاهي جيڪو آزادي جو نعرو هنيو اهو تمام گهڻو وقتائتو قدم هيو ان وقت ملڪي حالتون بہ ڪجهہ اهڙيون هيون بنگلاديش ۽ شيخ مجيب جو فئملي سميت قتل ٿي وڃڻ شايد جي ايم سيد کي ڊيڄاري ڇڏيو. هندوستان جي انٽليجنس فيلوئر جي ڪري شيخ مجيب جو خاندان سميت ڀيانڪ قتل هن ڏکڻ ايشيا هي حريت پسند تحريڪن کي وڏو ڇيھو رسايو ان ڪري سيد پنھنجي پيغام ۾ ڳالھہ ملھہ وڙهڻ جي ڪئي پر خبر ناهي تہ ڪھڙي سبب راڳ طرف هليو ويو. دراصل جي ايم سيد پيغام ڏيڻ سا ن گڏ انڌي منڊي تنظيم بہ جوڙي جنھن پارٽي جي شڪل اختيار ڪئي پر پارٽي اندر مضبوط ادارا نہ جوڙي سگهيو پارٽي اندر چيڪ ائنڊ بيلنس جو سسٽم ڪونہ هو. پارٽي اندر تمام گهڻي ڇڙواڳي هئي جيڪا ڄاڻي واڻي ڪرائي وئي هجي خون خرابي کان بچڻ لاءِ بہ ائين ڪرڻو پوندو آهي ان کان سواءِ پارٽي اندر منظم طريقي سان ڪم هلي ها ماڻھن جي سائنسي بنيادن تي نظرياتي تربيت ڪئي وڃي ها تہ پوءِ اڳتي وڌڻ لاءِ سوال بہ اڀرن ها ۽ ٿي سگهي ٿو نقصان ٿيڻ جي صورت ۾ عدم تشدد واري راڳ تان هٿ کڻڻو پوي ها ۽ صوفي ازم واري فارمولي کي بہ ڇڏڻو پوي ها جيڪو جي ايم سيد ڪرڻ نہ ٿي چاهيو ٻيو هن بہ ڏٺو تہ بنگال جيڪو جاگرافي جي بيھڪ جي حساب سان اولھہ پاڪستان کان هڪ هزار ميل پري هو. جنھن جي وچ ۾ هندوستان جھڙو وڏو ملڪ هو ان جي باوجود پنجابي فوج بنگال اندر عصمت دري ڪئي ملڪيتون تباھہ ۽ برباد ڪيون ۽ هي اها ئي ظالم پنجابي فوج آهي جيڪا چوندي آهي تہ زمين کپي ماڻھو نہ کپن سنڌ تہ هنن جي بغل ۾ آهي ۽ سنڌ جاگرافي جي حوالي سان سڄو ميداني علائقو آهي.
هي ظالم سنڌ ۽ سنڌين جي نسلن کي تهس نهس ڪري ڇڏيندا. سنڌين ۾ ٻڌي ۽ ايڪو اتحاد بہ ڪونھي. ٻيو تہ ڀٽي جي پيپلز پارٽي بہ هنن سان گڏ بيٺي آهي انڪري ٿي سگهي ٿو تہ جي ايم سيد سنڌو ديش جو نعرو ڏنو پر جان مال جي خوف سبب ان کي آخري حد تائين وٺي وڃڻ نہ ٿي چاهيو رڳو سالگرھہ جي ڪيڪ ۽ راڳ جي محفل تائين پاڻ کي محدود رکڻ ٿي چاهيو. پر جيڪڏهن اسي واري ڏهاڪي ۾ ايس اين اي SNA يعني سنڌي قومي اتحاد ٺاهڻ بجاءِ سنڌي قوم کي اعتماد ۾ وٺي بين الاقوامي سطح تي ڪاميٽيون ٺاهي دنيا کي سنڌ اندر ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين کان آگاھہ ڪري ها ۽ سنڌ اندر هڪ مضبوط منظم مزاحمتي ونگ تيار ڪري ميدان ۾ لاهي ها تہ جيئن رياستي گولي جو جواب گولي سان ڏجي ها لاش ڪرن ها خون وهي ها انھيءَ خون مان زرخيز مٽي ڪيترن ئي سورهيہ پٽن کي جنم ڏئي ها ان کان سواءِ سکڻن نعرن هڻندڙن جي بہ خبر پئجي وڃي ها تہ ڪيتري پاڻي ۾ آهي.
جي ايم سيد سنڌين جو هڏڏوکي هيو سنڌي قوم سان عشق جي حد تائين پيار ڪندو هو. پر جي ايم سيد علدگي وٺڻ وارن مان ڪونہ هو. هُو پارليامني سياست ۾ ايمان رکندو هو. هن اليڪشن بائيڪاٽ باوجود ڪنھن کي ڪڏهن ووٽ وجهڻ کان نہ روڪيو. بلڪہ 1985ع واري غير جماعتي چونڊ ۾ پير پاڳاري جي ماڻھن جي حمايت ڪئي ۽ نہ وري پنھنجي پٽ امداد شاھہ کي اليڪشن وٺڻ کان روڪيو. 1988ع واري اليڪشن ۾ ايس اين اي جي اميدوارن جي حمايت ڪئي هئي.
جي ايم سيد اصل ۾ شيخ مجيب واري طرز جھڙو انقلاب ٿي گهريو پر سنڌ ۽ بنگال جي حالتن ۾ ڏينھن رات جو فرق هيو. بنگال اٺانوي سيڪڙو آبادي بنگالي ٻولي ڳالھائيندڙ ن جي هئي. جيڪي شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ آباد هئا. جڏهن تہ سنڌ ۾ سنڌ جا شھر سنڌين جي هٿن مان سندس جڙيل پاڪستاني سياست هٿان خالي ڪرائي سنڌين کي ٻھراڙي تائين محدود ڪيو ويو سيد علحدگي پسندي جو جبو پائي وفاقي پارليامينٽري سياست جو بائيڪاٽ ڪيو پر عملي طور ووٽ جو بائيڪاٽ ڪري نہ سگهيو. ان کان سواءِ جڏهن پارليامينٽ کي خيرآباد چئي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ پير رکيو تہ هن آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنھن واضح رستي جي چونڊ ڪئي هن مزاحمتي عمل کي اختيار ڪرڻ بجاءِ صوفي جي يڪتاري چپڙي کي چنبڙي پيو ڇا يڪتاري ۽ چپڙي سان سنڌ آزاد ٿيندي. بظاهر اهڙو مثال دنيا جي ڪنھن ملڪ ۾ نہ ٿو ملي تہ ڪو امن سان ميٺ محبت سان ملڪ آزاد ٿيا هجن سواءِ سويت يونين جي. جيڪو 1991ع ۾ گوربا چوف سويت يونين ۾ آئين تحت ڪيو هو. جيڪو سويت يونين جي آئين ۾ رياستن لاءِ حق خوداراديت بشمول علدگي وارو نڪتو، چٽي نموني سان شامل هو. پر اهو ساڳيو طريقو روس چچنيا سان نہ ڪيو جڏهن ايئر مارشل دودايوف پنھنجي چچنيا جي آزادي جي ڳالھہ ڪئي تہ روسي فوجين پنھنجي طاقت جو استعمال ڪيو چچنين مزاحمت اڃان بہ هلندڙ آهي پر هاڻي هي مزاحمت سيڪيولر مان ڦري مذهبي رنگ ورتو آهي اهڙي طرح هندوستان جو ورهاڱو بہ امرتسر ۽ لاهور درميان انساني خون سان رڱيل آهي ڪلڪتو ڍاڪا ۽ چٽگانگ بہ خون سان ڀريل شھر هئا ڇا سنڌ ۾ ٿيل لڏپلاڻ امن سان ٿي هئي؟
ياد رهي تہ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ برطانوي سامراج معاشي ۽ عسڪري طور ڪمزور ٿي چڪو هو انھي ڪري هن کي هندوستان ڇڏڻو پيو ان جو مثال اهيو آهي تہ وزير اعظم ڪليمينٽ اٽلي ۽ جسٽس چڪروتي جي درميان ڪلڪتي ۾ ملاقات ٿي هئي جڏهن جسٽس چڪروتي سوال ڪيو تہ توهان انگريزن جو هندوستان ڇڏڻ جو تڪڙو پروگرام ڪونہ هو پوءِ توهان جلدي ملڪ ڇڏڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهيو ان سوال جي جواب ۾ اٽلي Attle وراڻيو تہ فيبروري 1946ع واري نيول بغاوت جنھن ۾ سٺ هزار انڊين جوان شامل هئا. جن ۾ ڇويھہ هزار ٽي سو سٺ جوان ان بغاوت ۾ ماريا ويا جيڪو رڪارڊ آهي ان ڪري 25 لک انڊين فوج ۾ پنجابي جو اثر تيزي سان وڌي رهيو آهي ان 25 لک فوج ۾ انگريز صرف چاليھہ هزار آهن چڪروتي ٻيو سوال ڪيو تہ هند جي آزادي ۾ گانڌي جو ڪيترو ڪردار آهي؟
جواب ۾ اٽلي چيو تہ گانڌيءَ جو گهٽ ۾ گهٽ ڪردار ادا ڪيل آهي جيڪو رڪارڊ تي موجود آهي ان کان سواءِ هندوستان جي اقتدار جي منتقلي وارو مواد برٽش انڊيا لائبريري ۾ موجود آهي جيڪو ڏسي سگهجي ٿو.
جي ايم سيد سنڌ سان محبت ڪندو هو آخري دم تائين ڪندو رهيو پر ڪنھن وڏي دنگي کان فساد ڪرڻ جي حق ۾ هرگز نہ هو ۽ هي بنيادي طور تي صوفي هو سيڪيولر ڪونہ هو. جنھن جو مثال هي آهي تہ جيئن آهي ڏٺو مون ڪتاب ۾ هن ملن جي اسلام ۽ انھن جي وضاحتن کي غلط سمجهي انھن تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي مذهب اسلام جي حق ۾ صوفياڻا دليل ڏئي ان کي صحيح بہ سمجهي ٿو ان مان ثابت ٿئي ٿو تہ سيد تي مذهب گهٽ اثر ڪيو هو پر لاتعلق بہ نہ هو اها ٻئي ڳالھہ آهي تہ سيد اسلام اندر ملن طرفان مڙهيل شين ۽ ملاڻي تشريح خلاف پنھنجي مشاهدي ۽ علمي دليلن سان خوب لتاڙيو آهي سيد سنڌ جي آزادي وارو رستو وٺڻ لاءِ تيار ڪونہ هو. پر جيئي سنڌ محاذ جي ليڊرشپ بہ ان رستي تي هلڻ لاءِ سيد تي زور نہ ڀريو. اهي سڀ سن ۾ شھنشاهي فرمان جا قائل هئا.
جيتوڻيڪ سيد ان حوالي سان بحث ڪرڻ گهري پيو پر سندس پارٽيءَ ۾ پڙهيل لکيل گهٽ ۽ درٻاري گهڻا هئا ان ڪري بحث مباحثي ٿيڻ بجاءِ شخصي وفاداري تي گهڻو زور ڏنو ويو.
پارٽي اندر جيڪي بغاوتون ٿيون جيڪي همراھہ سيد سان اختلاف ڪري نڪتا تن بہ ڪو ٻوٽو ڪونہ ٻاريو تن جو ڪردار سنڌ اڳيان پڌري پٽ چٽو پيو آهي. جنھن مان لڳي ٿو تہ هي همراھہ بہ اصل سرڪار جي چوڻ تي سرڪاري منصوبابندي تحت نڪتا هئا. نڪتل همراهن سيد تي لڳايل الزام سھي بہ هجن پر مارڪيٽ ۾ هنن جو وکر کپي نہ سگهيو فٽ بال وانگر ڪڏهن ڪھڙي پارٽي ۾ ڪڏهن پارٽي ۾ ڌڪا کائيندي پنھنجي منطقي انجام تي پھتا. سنڌ کي ڪجهہ ڏيئي ڪونہ سگهيا رهندو سنڌ سان ويساھہ گهاتيون ڪيائيون. اهڙي قسم جا ماڻھو سنڌ جا قومي مجرم آهن جيئي سنڌ محاذ پارٽي بہ ڇڙواڳي جي ور چڙهيل هئي ان ڪري سيد کان فيصلا بہ ڇڙواڳي وارا ڪرائيندا هئا پڇڻ وارو ڪير بہ ڪونہ هوندو هو. ليڊرن جي حالت اها هوندي هئي جو جڏهن چاهن نڪري ويندا هئا ۽ جڏهن چاهن ساڳيا ماڻھو سيد جي سالگرھہ ۾ اسٽيج تي ويٺل نظر ايندا هئا. ان مان هنن ليڊرن جي قومي آزادي جي تحريڪ سان سنجيدگي جي خبر پوي ٿي. ڪنھن جا ذاتي نالا نہ ٿا لکجن پر انھن سڀني ڪردارن جي سنڌ جي ماڻھن کي خبر آهي سنڌي ماڻھو حرامي حلالي کي پري کان سڃاڻيندو آهي پر ڪڇن پڇن ڪونہ ٿا خاموش ٿي موڳن ماڻھن وانگر گهمندي نظر ايندا آهن سنڌي ماڻھو لالچي ٿي سگهن ٿا پر بيوقوف ناهن.
سيد جو قد ڪاٺ جيترو سنڌ ۾ نہ ڪوئي سياستڪار آهي نہ وري ڪو اديب آهي هن جو وڏو سياسي تجربو هو ۽ هن کي سنڌ مان سھي اسٽاف ڪونہ مليو. ان ڪري هن ڪاٻاڙي مال مان ڪم ورتو ۽ ان ڪاٻاڙي مال مان ورتل ڪم جا نتيجا بہ اهڙائي نڪرندا. جيڪي سڀني جي سامھون آهن عقيدت مندن ۽ مريدن جو جٿو آهي جيڪي پنڊي ۽ آبياره جي اشاري تي جيئي سنڌ جا فرقا ٺاهي پيا هلن.
اهڙن ڪمن جو ثبوت ڪنھن وٽ بہ ڪونھي. پر حالتون، واقعا، حرڪتون ۽ مراعتون اٿڻ ويھڻ سڀ ڪجهہ ٻڌائيندو آهي تہ ڪير ڪنھن جي کوھہ جو پاڻي پيئندو آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم اڃان تائين قبائل، ذات ۽ قوم واري ٻہ واٽي تي بيٺل آهي شھري سنڌي قوم جي طرف مائل آهن پر ٻھراڙي جو سنڌي قبيلي ۽ ذات واري قوم جي تصور ۾ گم ٿي چڪا آهن. ڇاڪاڻ تہ رياست بہ هنن کي اصل قومي تصور کان پري رکڻ لاءِ ڇاهتر سالن کان وسان ڪونہ گهٽايو آهي رياست پنھنجي هن منصوبي ۾ گهڻي قدر ڪامياب وئي آهي جي ايم سيد جي قوم ٿيڻ واري سبق کي جي او سي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي انھيءَ ۾ اڻ پڙهيل وڏيري کي وري بہ جس هجي جنھن سنڌ جي 25 لک ايڪڙ زمين ڌارين ملھہ وٺي آزادي ڪرائي آهي. سو ڪالڊ پڙهيل لکيل سنڌي پئسن جي لالچ ۽ وردي جي حڪم اڳيان پنھنجي شھرن جون زرعي زمينون سڪني ڪري بلڊرن جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن انھن پڙهيل سنڌين ئي ڌارين کي ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ان جي اگهہ تي ٺاهي ڏنا. انھن پڙهيلن ئي پنھنجي گهرن مان پنھنجي سنڌي ٻولي کي لکڻ پڙهڻ سميت تڙي ڪڍيو آهي. سنڌي ٻولي مارڪيٽ جي ٻولي بہ نہ ٿي سگهي جڏهن تہ خريدار اسان سنڌي آهيون اهو سڀ ڪجهہ اسان پاڻ جيڪو سمجهون ٿا تہ پڙهيل لکيل آهيون ڄاڻي واڻي ڪري رهيا آهيون.
ڪجهہ غير ذميواريون پنھنجون بہ آهن پنھنجي ذميوارين تي بہ غور ڪرڻ گهرجي رڳو ٿڪ لعنت سان مسئلا حل ڪونہ ٿيندا آهن سنڌ اندر پاڻي جو مسئلو شدت اختيار ڪندو پيو وڃي سنڌو ندي تي ٻڌل ڪينال ڊيم جلسن جلوسن نعرن تاڙين سان بند ڪونہ ٿيندا. دشمن جنھن ٻولي سان ڳالھائي ٿو اها ٻولي استعمال ڪرڻي پوندي عقم فھم جي ڳالھہ ڪريو ۽ ان تي سچائي سان عمل ڪريو هن ملڪ ۾ پنجابي فوج اسلامي برانڊ هلي پيو ان فوجي اسلام مان هٿ ڪڍڻو پوندو باقي راز جا راڻا آهيون.
سنجيدگي سان سنڌ جي حالتن جو جائزو وٺو سنڌ جي هر مسئلي جي پوري ادراڪ سان ڇنڊڇاڻ ڪري ان بعد سڄي سنڌ نيت ۽ مضبوط ارادي سان قوم ڏي وڃو سڀني سنڌي ماڻھن کي سنڌي قوم واري نقطي تي گڏ ڪيو سنڌي قبائلي سسٽم ۾ نہ اڳ هئا نہ وري هاڻي ان سسٽم جو حصو ٿيندا. اهي سرڪاري تجربا وقتي طور ڪامياب نظر اچن ٿا پر مضبوط ۽ ديرپا ڪونھن ان کان سواءِ سنڌي ٻروچ واري سرڪاري ناٽڪ مان بہ نڪري اچو سڀ هن ڌرتي جا وارث ٿيو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان رشتيداريون ڪيو. جيئن هڪ قوم ٿيڻ ۾ آساني پيدا ٿئي جيڪڏهن هن رياستي ناٽڪ کان بہ نڪرندؤ تہ پوءِ وقت بہ توهان جي هٿن مان نڪري ويندو نقصان بہ گهڻو ٿيندو ۽ پوءِ جاگرافي جي طاقت پنھنجي حق ۾ فيصلو ڪندي تنھن ڪري سنڌين کي ڪو فيصلو ڪرڻ گهرجي تاريخ کان نہ لنوايو سچ کي پٺي نہ ڏيو. پنھنجو پاڻ مان سچي ثابت قدم ذهين ليڊرشپ پيدا ڪريو هنن ليڊرن کي ڀڄايو يا راھہ راست وٺي اچو وقت ڪنھن جو انتظار ناهي ڪندو تاريخ پنھنجا فيصلا ڪندي اڳتي نڪرندي آهي. جيڪي سمجهي سگهيا اهي ان ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويندا آهن جيڪي رهجي ويا اهي صفه هستي تان مٽجي ويندا آهن انھن کي نہ هيٺ وارا بچائيندا آهن نہ مٿي وارو بچائيندو آهي بچندو اهو جيڪو سجاڳ هوندو ان لاءِ پھريان قوم کي ثابت ڪري ڏيکاريو ان کان پوءِ چؤگرد لڳل زنجيرن جي چوگان مان پاڻ کي آجو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لھي پئو. پر لھجو اهڙي انداز ۾ جو لھڻ کان پوءِ پوئتي ڏسڻ واريون سڀ سوچون ذهن جي ڪنھن ڪنڊ ۾ نہ هجڻ گهرجن نيئن سنڌ کي ڪنھن جو غلام ٿي رهڻو ڪونھي اهو قوم هجڻ جي ناتي وچن ڪريو شخصيت پرستي جي بيماري کان نڪري قوم جي سرپرستي ڪرڻ سکو. جاني مالي وڏا نقصان ٿيندا آهن پر عظيم مقصد حاصل ڪرڻ خاطر سڀ ڪجهہ برداشت ڪرڻو پوندو آهي پوءِ ئي نئون جھان اڏبو آهي همت جو جھان حوصلن جو جھان جنھن ۾ توهان جا نسل آزاد خوشحال ۽ محفوظ هجن چوندا آهن تہ جيڪو اڳي سو تڳي، باقي بچڻ بخت تي آهي.
•