تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ماٺار جي چؤواٽي تي بيٺل سنڌي قومپرستي

عطا محمد شاھاڻي ھڪ سچو ۽ کرو قومپرست ڪارڪن رھيو آھي. ھو وڏي عرصي کان جي ايم سيد جي سياست سان سلھاڙيل رھيو آھي. پنھنجي لکيل ڪتاب ۾ ھن قومپرستن توڙي وفاق پرستن خاص ڪري سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، عبدالواحد آريسر ۽ ذوالفقار علي ڀٽو توڙي ٻين سياستدانن سان ڪا بہ رعايت ناھي ڪئي، شاھاڻي صاحب ڪتاب ۾ مختلف موضوعن خاص ڪري ”سنڌ ۽ سنڌ جي قومپرستي اڄ هڪ جاءِ تي منجمند ٿي چؤواٽي تي بيوس ۽ لاچار “، ”جي ايم سيد جي سنڌوديش جو اعلان“، ” ڇا سنڌي ماڻھو قوم ٿيڻ لاءِ تيار آهن؟“، ”ڇا قوم آزاديءَ لاءِ سنجيدہ آهي“؟ سميت مختلف موضوعن ۽ سوالن تي بحث ڪيو آھي. آخر ۾ ھن خلاصو ۽ نتيجو پڻ پيش ڪيو آھي.

Title Cover of book Mathaar jy Chowaty ty bethal Sindhi Qomparasti

باب ٽيون: ڇا سنڌي ماڻھو قوم ٿيڻ لاءِ تيار آهن؟

انھيءَ جو جواب هاڪاري بہ آهي ۽ ناڪاري بہ آهي. هاڪاري ان ڪري جو جڏهن بہ ڪو ڏکيو وقت آيو آهي يا سندن ذات کي نقصان ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي تہ اتي ذات قبيلن کي ڇڏي سنڌي ٿي پڪارڻ لڳندا آهن يا سندن خلاف ڌاريا سيٽلر زيادتي ڪندا آهن تہ بہ ان وقت هنن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم ياد ايندي آهي يا وري جڏهن نوڪري، ڪاروبار يا ڪنھن مفاد جو ٽڪراءُ ٿيندو آهي اتي بہ سنڌي قوم ياد ايندي اٿن باقي پير پاڳاري واري حر تحريڪ هجي يا جي ايم سيد جو سنڌوديش هجي ان جي حمايت گهٽ ڪندا آهن صرف لفاظي جي حد تائين حمايت ڪندا آهن باقي برائي ڪرڻ ۾ دفتر کولي ڇڏيندا آهن. ڪنھن پنجابي سيٽلر يا پناهگير سان زمين يا پاڻي جو معاملو هوندو اٿن تہ پوءِ جي ايم سيد کان وڌيڪ قومپرست ۽ پاڳاري کان وڌيڪ هٿياربند ويڙھہ ڪندا آهن ڪم لھڻ کان پوءِ ڪجهہ بہ ياد نہ هوندو اٿن.
سنڌي ماڻھو هرڻ وانگر دشمن کي گهٽ سمجهندا آهن ائين کڻي چئجي تہ مستقبل جي خطري کان ٿورو واقف آهن يا وري ڄاڻ هوندي ڪن لاٽار ڪن ٿا. 1988ع ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي جا واقعا آهن يا وري جيڪي ضياء شاهي جي دؤر ۾ ٿيا. انھن ۾ بھترين وقت هيو قوم ٿيڻ جو ۽ کلي اظھار ڪرڻ جو پر اهو وقت رٿابنديءَ سان اڳتي کڻي هلڻ لاءِ طويل جدوجھد ڪرڻ جو پر اهو وقت بہ هنن لٻاڙي دلالن وڃائي ڇڏيو ۽ هنن کان اهو انھيءَ هرڻ وانگر وسري ويو تہ شڪاري لڳاتار هن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هنن جي پويان آهي هن جي تاڙ ۾ آهي رڳو وارو ملي. اهڙي طرح 5 جولاءِ 1977ع ۾ ذوالفقار ڀٽي جي اقتدار جو سج لٿو ۽ 4 اپريل 1979ع تي ڀٽي کي پنڊي جي جيل ۾ ڦاسي ڏئي قتل ڪيو ويو. ان سونھري وقت ۾ سپاف ۽ جيئي سنڌ جساف وچ ۾ ويڇا ختم ڪري سنڌ اندر ڪو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجين ها ڇو تہ انھن جو دشمن هڪ هيو پر ائين نہ ٿيو. ان جي ابتڙ جساف ۽ سپاف پنجابي فوجي مارشل لا جي خلاف جدوجھد ڪرڻ بجاءِ پنھنجو پاڻ ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هڪٻئي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. سپاف ۽ جساف هڪٻئي جي رت جا پياسا ٿي ويا. سنڌ ۾ هي دشمني اصل ۾ سنڌ جو ازلي دشمن ڪرائي تماشو ڏسي رهيو هو جڏهن تہ ان وقت جي ايم سيد بہ زندہ هو ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ بيگم نصرت ڀٽو ۽ بي نظير ڀٽو بہ موجود هيون ۽ ڪو انھن کي روڪڻ وارو ڪو نہ هو.
ان جهيڙي کي ايس ايس ٽي SST ۽ DSF وارا وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا هئا انھيءَ وقت سنڌ جا سڀ ڏاها دانشور اهو ملاکڙو ڏسي رهيا هئا. اهي سڀ علم دان ۽ پروفيسر خاموش هيا پر ڪنھن ان جهيڙي کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪا نہ ڪئي صرف مارڪٽ ۽ هڪٻئي خلاف نعرا هنيا ويا تہ جساف وارا مارشل لا جا ايجنٽ آهن سپاف وارن کي چوندا هيا تہ هي ڌارين جا دلال آهن، جساف وارا جمھوريت جو وجود ئي ڪو نہ هو ۽ وري مستقبل قريب ۾ ڪا ايندي نظر اچي ٿي هي ملڪ ٽٽي سگهي ٿو پر حقيقي جمھوري ملڪ ٿي نٿو سگهي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ جمھوريت برانڊ جي طور تي سڌي يا اڻ سڌي طرح آمرن حاڪمن آندي آهي آئين هوندي هتي ووٽ سسٽم وڏو فراڊ آهي هڪڙا ووٽ ڏيندڙ آهن ٻيا ووٽ ڳڻيندڙ آهن ٽيان وري نتيجا ٻڌائيندڙ آهن. ووٽر ۽ ووٽ رستي مان غائب ٿي وري اليڪشن جي اعلان تائين ڀٽڪندا رهندا آهن. جي ايم سيد جي وڏي ولوڙ ۽ جفاڪشي کان پوءِ ڪجهہ حصو سنڌين جو سنڌين کي هڪ قوم سمجهي ٿو جيڪي تمام ٿورائي ۾ آهن باقي ڪافي ماڻھن کي خبر ئي ڪونھي ڪڏهن ڪڏهن حادثاتي طور تي سنڌي ٿي ويندا آهن جڏهن هنن جي مفادن کي ضرب لڳندي آهي باقي خيالي دنيا ۾ سنڌي سجاڳ قوم آهي پر قوم ٿيندي پري پري تائين نظر نہ ٿي اچي جيڪو سچ آهي ڪنھن کي وڻي يا نہ وڻي اهو ان تي ڇڏيل آهي ڀٽو بہ چوندو هو تہ آئون سنڌين جو ليڊر آهيان پر هن ليڊر سنڌين کي اهڙي اونھي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيو جو اڃان تائين اٻوجهہ سنڌي هن ڪن مان نڪري نہ سگهيا آهن. اهڙي نموني جي ايم سيد چوي ٿو تہ: مون سنڌين کي قومي شعور ڏنو ۽ ان جي قيمت بہ ادا ڪئي آهي ڏٺو وڃي تہ اِها حقيقت آهي تہ سنڌين کي باشعور ماڻھو بنائڻ ۾ سيد جو وڏو ڪردار آهي سيد وڏو ڏاهو ۽ مفڪر هو. هن پنھنجي تقريرن ۽ تحريرن ذريعي ڪلھوڙن جي دؤر ۾ رهندڙ وهم پرست ماڻھن کي ويھين صدي جي سياسي سماجي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏوگڏ هنن جي ضميرن کي جنجهوڙڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آهي ان حوالي سان سنڌ جي هر باشعور ماڻھو تي فرض هو تہ هن جي پيغام کي اڳتي وٺي وڃن ها پر هن سجاڳ قوم سيد کي هڪ اڳواڻ بجاءِ عقيدي ۾ آڻي ڇڏيو جنھن سياسي سفر اڳيان عقيدت جا بند ٻڌي ڇڏيا.
پليجو جيڪو ستر جي ڏهاڪي کان پنڊي وارن سان سلھاڙيل هو ان کي جي ايم سيد جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو پر سنڌي اڄ بہ ان کي استاد ڪري مڃيندا آهن. پليجو پنھنجي تقريرن ۾ چوندو هو تہ: هي مرحوم علي نواز وفائي واري لفاظي پڙهن ڪونہ ٿا، هنن کي دنيا جھان جي ڪا خبر ناهي. هي لوفر، چور ۽ ڌاڙيل سنڌو ديش ٺاهيندا. جي ايم سيد پاڻ وڏيرو سي آئي اي جو ايجنٽ آيو آهي سنڌو ديش ٺاهڻ. پليجو پنھنجي تقريرن ۾ جي ايم سيد کي رهبر نہ رهزن جھڙن خطابن سان نوازيندو هو. هيءَ سنڌي سجاڳ قوم ان جي وڄايل ڍولڪيءَ تي نچندي هئي هي مائو نواز سنہ 71ع ۾ بنگالين جي نسل ڪشي تي ڀٽي جي ڍاڪا ياترا ۾ گڏ هيو. جيئن تہ چين بنگلاديش بنجڻ جي خلاف هيو. بنگال ۾ مولانا عبدالحميد ڀاشائي بہ مائو نواز هيو بنگال جي آزادي دوران هندوستان هليو ويو هو. جڏهن بنگلاديش آزاد ٿيو تہ ان کان پوءِ واپس بنگلاديش ۾ آيو هو اهو مائو نواز پارٽين جو حال هو.
جي ايم سيد تي ٻيو وڏو الزام لڳايو ويو تہ هن ضياء کي شريف النفس انسان سڏيو آهي. جي ايم سيد ان وقت حيدرآباد ۾ ديوان مشتاق اسپتال اندر دل واري وارڊ ۾ داخل هيو. جتي جنرل ضياء سيد جي طبعيت پڇڻ آيو هو. ان زماني ۾ جاڳو اخبار فقير محمد لاشاري جي ادارت ۾ هلندي هئي جنھن اها خبر شھہ سرخي ۾ هلائي ۽ ان خبر تي ايڊيٽوريل بہ لکيو. جنھن ۾ سيد جي ڪردار تي ڇوھہ ڇنڊيا ويا پر جي ايم سيد ف م لاشاري جي هن خبر کي وضاحت لائق نہ سمجهيو ان ڪري نہ تصديق ڪيائين ۽ نہ وري ترديد ڪئي. حيدرآباد ۾ سيد سان ضياء جي ملاقات ڪرائڻ وارا ڪردار محمود اي هارون ۽ الاهي بخش سومرو هئا. جيڪي ضياء جي ڪابينہ ۾ وزير هئا. اي ڪي بروهي لاءِ چيو ويندو آهي تہ هن 1983ع واري سو ڪالڊ مومينٽ دوران جي ايم سيد ۽ ضياء ۾ ملاقات جي حوالي سان يونيورسٽي ۾ رهي ڪري شاگردن ۽ پارٽي اندر جذباتي ڪارڪنن ۽ جي ايم سيد جي حلقن ۾ ڏڦوڙ وڌا. جنھن جي نتيجي ۾ شاھہ محمد شاھہ پنھنجي ٽولي سميت نڪري کڙتالي ونگ جوڙي هئي جيڪا ڪجهہ وقت کان پوءِ ختم ٿي وئي. جنھن کان پوءِ شاھہ محمد شاھہ پنھنجي ساٿين سميت مير غوث بخش بزنجو جي نيئن ٺھيل نيشنل پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. جنھن جو منشور هيو تہ قومن لاءِ جمھوري جدوجھد ڪري پنجابين کان حق وٺي ڏينداسين پر 1988ع واري اليڪشن ۾ مير غوث بخش بزنجو پنھنجي سيٽ پنھنجي جونيئر منظور گچڪي کان هارائي ويو پنڊي سان بھتر لاڳاپن باوجود بزنجي کي شڪست ملي.
مٿين ڳالھہ جي ڪري جي ايم سيد جي تحريڪ کي هڪ وڏو ڌڪ لڳو پر سيد ڪنھن کي محسوس ڪرڻ نہ ڏيو ۽ پنھنجو سفر جاري رکيو هي قوم جوڙيندڙ ليڊر صوفي ازم ۽ عدم تشدد جي حامي هيو ۽ آخري دم تائين گانڌي واري گائيڊ لائين تي قائم رهيو. پنھنجي ڳالھہ رکڻ ۾ ماهر هيو ۽ ضيا سان ڳالھائيندي جڏهن ضياء پڇيو تہ: اڄڪلھہ ڇا پيا لکو؟ تہ جهٽ ۾ جواب ڏنائين تہ “پاڪستان کي ٽٽڻ گهرجي ڪتاب پيو لکان. جنھن تي ضياء ڦڪي کل کليو.
هاڻي سوال ٿو اڀري تہ سنڌي ماڻھو قوم ٿيڻ لاءِ تيار آهن؟ جنھن ۾ سندن ڪو جاني مالي ڪاروبار ۾ نقصان ٿي پئي ڇاڪاڻ تہ سنڌي قوم ٿيڻ سان وطن جي ڳالھہ ٿيندي جڏهن وطن جي ڳالھہ ٿيندي تہ قابض ڌر سان ڇڪتاڻ ٿيندي جيڪي قبضو ڪندڙ آهن اهي سولائي سان قبضو ڪو نہ ڇڏيندا پوءِ لازمي طور تي جهيڙو ٿيندو. ان جاني مالي ڪاروباري نقصان ٿيندو. اهو نقصان سنڌي ماڻھو برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نظر ٿو اچي ان ڪري ايئن چئجي تہ سنڌي قوم ٿيڻ کي يڪدم مسترد بہ نٿو ڪري سگهجي ۽ نہ وري قوم ٿي پنھنجي ايندڙ نسلن جي بقاء لاءِ قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن ٻڏتر واري صورتحال ۾ صديون گذري ويون آهن ان ۾ ٿي سگهي ٿو تہ هنن کي تيار ڪندڙن شايد هنن اڳيان پنھنجو مضبوط ڪيس نہ رکي سگهيا آهن يا انھن وٽ ڪيس رکڻ جو ڏان ڪونھي يا وري ايئن بہ ٿي سگهي ٿو تہ سنڌي قيمت ادا ڪرڻ جي ڀؤ کان هن ڪيس کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار سمجهڻ لاءِ تيارڪونھن پر جڏهن تہ بلوچ ۽ پختون قبائلي سماج کي الوداع ڪندي سردارن، ملڪن ۽ خانن کي خيرآباد چئي هڪ قوم ٿي ڪري پنھنجي قيمت ڀريندا اڳتي نڪري رهيا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي سماج جيڪو صدين جي غلامي ۾ هوندي بہ سماجي جوڙ جڪ ۾ ڪڏهن بہ قبائلي نہ رهيو آهي. سواءِ پنھنجي خاطر ذاتين۾ ضرور ورهايل رهيو آهي پر هاڻي موجودہ ايڪويھين صدي ۾ سنڌي سماج ڄڻ قبائلي ٿي چڪو آهي. يعني هنن تي رياست گذريل پنجهتر سالن کان وڏي سيڙپ ڪري انھن کي سڌريل سماج مان ڪڍي قبائلي سماج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ انھيءَ قبائلي سماج اڏاوت ۾ سنڌ جو پڙهيل لکيل ماڻھو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جنھن ۾ تيزي فخر ايشيا جي دور ۾ آئي سنڌي قوم واري تصور کي روڪڻ لاءِ سولنگي ايسويسئشن، ڪلھوڙن مان عباسي ايسوسيئشن، ملاح ايسوسيئشن ۽ شيخ اتحاد وغيرہ تصور اڀريا جيڪي سنڌ جي سطح کان نڪري پاڪستان جي ليول تي اچي چڪا آهن.
آڪسفورڊ جو پڙهيل لکيل وزير اعليٰ سنڌ جي اهم عھدي تي رهندڙ ممتاز ڀٽو بہ پاڻ کي فخر سان ڀٽن جو سردار سڏائڻ لڳو. صدر پاڪستان رهندڙ آصف زرداري بہ سردار فاروق لغاري کي مات ڏيڻ لاءِ پاڻ کي سردار سڏائي ٿو. اها بيماري هاڻي ايتري تہ وڌي چڪي آهي جو ڏيڍ گهرن وارو بہ پاڻ کي سردار سڏرائي ٿو. شيخ ۽ ميمڻ ذاتيون پڙهيل لکيل ڪاروباري آهن پر پوءِ بہ پاڻ کي ڪنھن سردار سان پيون ڳنڍين جيئن موجودہ سابق ڊي جي ايف آءِ اي ميمڻن جو سردار آهي ڏيو منھن سنڌ ڪٿي بيٺي آهي. جي ايم سيد جي فلسفي کي رياست ڪٿي ڪھڙي حالت ۾ پھچايو آهي پڙهيل لکيل سنڌ کي انھيءَ رياستي عمل اڳيان مزاحمت بجاءِ وڃي ڪنڌ ڀر سجدي ۾ ڪري پيو آهي. اهو سڀ اڻڄاڻائي بجاءِ ڄاڻي واڻي ڪيو ويو آهي. ان ۾ ڪا بہ راڪيٽ سائنس ڪونھي جو سمجهي نہ سگهجي اهڙي عمل جي شروعات سيد ايسوسيئشن کان شروع ٿي جيڪا سڀ ليڪا لتاڙي شيخ ايسوسيئشن تائين پھتي هاڻي ملڪ جي اندر ٻاهر سڀني جا سردار موجود آهن ان هوندي بہ موجودہ غلام سنڌ ۾ سنڌي قوم ۽ آزاد سنڌ واري ڏيکاءُ تي ٻڌل لٻاڙ جاري آهي ان سرڪاري عمل جي خلاف ڪنھن مزاحمت ڪانہ ڪئي.
جنھن ڪري عقل ۽ علم ٽئي ڪٽجي ٻاهر ٿي ويا ايتري ڪمزور پوزيشن ۾ اچي ويا آهن جو گهر اندر بہ محفوظ ناهن. جڏهن تہ سنڌي ويھين صدي جي قومي رياست واري گهربل گهرجن تحت ٿيوريٽيڪل طور تي بلڪل قوم آهن اهي سڀ وصفون سنڌين ۾ موجود آهن موجودہ وقت ۾ سنڌي سڀ کان پھريان مسلمان آهي پوءِ ڀلي ڪھڙي بہ فرقي سان منسلڪ هجي ان بعد پاڪستاني ۽ آخر ۾ سنڌي سڏائي ٿو سنڌين جو ڪجهہ حصو ضرور آهي جيڪو چوي ٿو تہ: هو پنج هزار سالن کان وٺي سنڌي آهن پر 712ع کان پوءِ زبردستي مذهب مڙهجڻ ڪري هاڻي مسلمان آهن ۽ پنجهتر سالن کان انگريز سمراٽ جي گريٽ گيم جي نتيجي ۾ پاڪستاني آهن سنہ ستيتاليھہ ۾ هٿرادو طور هندو مسلم وڳوڙ ڪرائي سڄي منصوبي کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ اهو ٻاهريون فيس ڏيکاريو ويو تہ جيئن دنيا ڀروسو ڪري نہ تہ انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ انگريز سمراٽ جون پيدا ڪيل جماعتون هيون. جناح ۽ گانڌي ان منصوبي تحت لنڊن کان آيا هئا.
سنڌي ماڻھو عملي طور تي 1970ع کان پوءِ پاڪستان طرف زيادہہ مائل ٿيو ڀٽي جي ڌمچر ۾ جڪڙجي ويو ۽ جي ايم سيد کي سمجهہ دير سان آئي ان ڪري سنڌ جي قومپرستي پوئتي رهجي وئي. جي ايم سيد فڪر ۽ فلسفو تہ سيريس ڏنو پر عمل ڇڙواڳي وارو ڪيو. جنھن جي ڪري جيئي سنڌ محض هڪ برانڊ جو نالو ٿي پيو ۽ سنڌوديش ان جي مارڪيٽ بڻجي ويو. سن ۾ هر سال ٻہ ڀيرا ميلو لڳندو آهي جتي هڪ ئي برانڊ جا مختلف دوڪان لڳايا ويندا آهن ماڻھو ڪجهہ ڪلاڪن لاءِ گڏ ٿي پنھنجون يادگيريون موبائيل جي ڪئميرا ۾ سانڍي ساڻ ڪري گهرن ڏانھن روانا ٿيندا آهن، سيد جو جيڪو فڪر هيو اهو منجمند ٿي ويو باقي ڪجهہ لٻاڙي پنڊيءَ وارن جي اشاري تي لٻاڙ هڻندا آهن هاڻي قبر بہ درگاھہ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي باقي خير ٿيو جڏهن پارٽيون ڇڙواڳي جي ور چڙهيل هجن ۽ شخصي عقيدي ۾ ڦاٿل هجن اتي ڪنھن بہ عقل واري جي ڳالھہ مڃڻ ممڪن ڪونھي.
ڇا لئي لست ۽ ٺٺ ٺانگر ۾ ورتل ليڊرشپ قومي انقلاب آڻيندي؟ هرگز نہ. صرف نعرن هڻڻ تي گڦ ڳاڙي سگهجي ٿي پر پنھنجي امر ٿيل ڪارڪنن جي راھہ نٿي وٺي سگهجي. ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ لاءِ دل گردو جگر هئڻ گهرجي جيڪو هنن ۾ سري کان موجود ڪونھي. سنڌ ۾ انگريز جي دور کان پھريان ميرن ۽ ڪلھوڙن جي دور ۾ ديوانن تي مذهب تبديل ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو ويندو هيو. پر ايترو نہ جيترو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ٿي رهيو آهي اڳيئن دور ۾ مردن کي مسلمان ڪيو ويندو هو پر پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ڇوڪرين کي زبردستي مسلمان ڪيو وڃي ٿو. جڏهن کان پنجابي اسلام آيو آهي تڏهن کان آهستي آهستي سنڌ واري صوفي اسلام ۾ پڻ شدت پسندي ايندي وڃي ٿي. پنجابي فوجي اسلام تہ حد ڪري ڇڏي آهي ان برداشت جون سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون آهن. جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي ساھہ بہ کڻڻ نہ ٿو ڏي. انھي صورتحال ۾ اسان جو سنڌي ٿيڻ تہ پري جي ڳالھہ آهي پر سوچڻ تي بہ تالا پئجي ويا آهن.
پڙهيل لکيل جاهل ٿي آدم خور بڻجي آدم بو آدم ڪندا ٿا وتن ۽ جيڪي وري بنھہ اڻ پڙهيل ۽ جاهل آهن اهي هنن تي کلي پاسو ڪري ڀڄي ٿا وڃن. سنڌي ملو مسيت منبر تي ويھي چوي ٿو تہ: زمين ﷲ جي آهي ۽ حڪم بہ ان جو هلندو ائين پيو لڳي ڄڻ ملان ﷲ کان سڀ پاور وٺي پاڻ پيو استعمال ڪري باقي سماجي پاور ﷲ جي حوالي ڪيا اٿس. جن اعمالن جي سزا ﷲ کي ڏيڻ گهرجي جيڪا پڙهائي لکائي ۽ ٻڌائي وئي آهي اها سزا ملان نما صوفي پيو ٻڌائي ماڻھو مارجن پيا، ساڙجن پيا اهي بہ ڏينھن ڏٺي جو ۽ پورو سماج خاموش تماشائي بڻيل آهي اها سڀني کي خبر آهي تہ ملان جي چاٻي پنڊي وارن وٽ آهي انھن جي پٺڀرائي سبب اهي دلال جڏهن چاهين ۽ جتي چاهن قومي سجاڳي جي رستا روڪ ڪري سگهن ٿا. سنڌي ماڻھو ايترو ڊنل هيسل آهي جو پاڻ فيسبوڪ ۽ ٻين ائپ تي خود 164 ڪري پيو تہ منھنجو فلاڻي فلاڻي ڳالھہ سان واسطو ڪونھي. جڏهن تہ انھن صوفين ۽ ملن جي سنہ 1971ع ۾ بنگلاديش اندر ادا ڪيل ڪردار جي سڀني کي خبر آهي تہ هي قاتلن جا رضاڪار هئا. اڄ بہ بلوچستان اندر ڊيٿ اسڪواڊ ڪير پيو هلائي. هي شفيق مينگل يا رمضان وغيرہ ڪنھن جا اثاثا آهن ڊيٿ اسڪواڊ کي بلوچ مزاحمت ڪارن سان ڪير پيو ويڙهائي. پر اسان جا ڏاها چوندا آهن تہ مذهبي جنونيت ۽ ملائيت خلاف نہ ڳالھائڻ گهرجي. ڇاڪاڻ تہ مذهب اسان جو مسئلو ڪونھي، اهو بلڪل سچ آهي تہ اسان کي ملان سان نہ الجهڻ نہ گهرجي. مذهب سنڌ جو مسئلو ڪونھي پر رڪاوٽ ضرور آهي في الحال ڇيڙ ڇاڙ نہ ڪرڻ گهرجي. پر نگاھہ دلال بجاءِ اصل دشمن طرف هجڻ گهرجي. جيئن بلوچ پرچار ڪري رهيا آهن پنجابي فوجي اسلام سنڌي قوم ٺھڻ ۾ پنڊي وارن جي اشاري تي رڪاوٽون وجهندي سنڌي ماڻھن کي مذهبي ڌارا ۾ لوڙهي ڇڏيو آهي هاڻي سادو سنڌي ماڻھو قافلن جي صورت ۾ ايران عراق ياترائن ۾ مصروف آهي اصل قومي ڪرت نڪري وئي آهي هاڻي زيارتن واري ڪرت ۾ لڳي ويو آهي هاڻي هن کي درياھہ جي سڪڻ جي پرواھہ ڪونھي ۽ نہ وري سنڌ جون زمينون بنجر بڻجڻ جو احساس اٿس. شايد هنن کي ڪنھن پير ملي پڪ ڏني آهي تہ اڄ تائين بک سبب ڪير ڪونہ مئو آهي ۽ روزي جو ضامن ﷲ آهي هنن کي خبر ڪونھي تہ 1983ع ۾ ايٿوپيا اندر ڏڪار آيو هو. جنھن ۾ هڪ اندازي مطابق ٻارن ٻڍن سميت ڏھہ لک ماڻھو بک ۾ پاھہ ٿي مري ويا هئا. ان کان اڳ انگريز سمراٽ جي دؤر ۾ هندوستان اندر يارهن دفعا ڏڪار آيو هو. هڪ اندازي موجب ستر کان پنجهتر لک ماڻھو بک وگهي موت جو شڪار ٿيا هئا. اهي ڳالھيون وڏڙن کان پنھنجي ڪنن سان گهڻن ماڻھن ٻڌيون هونديون. پر ان هوندي بہ مرشد ملي جي دعائن کي سچ سمجهن ٿا ۽ تاريخي حقيقتن کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونھن ڀلا پري ڇو وڃون ٿر جو تازو مثال آهي تہ هن ايڪويھين صدي ۾ فخر ايشيا جي پونيئرن جي هلندڙ حڪومت ۾ ٿر اندر خوراڪ جي کوٽ سبب ڪيترائي معصوم ٻار موت جي آغوش ۾ هليا ويا صرف سمجهڻ جي ضرورت آهي.
درياھہ کي سڪائڻ ۾ پيپلن، ليگلن، پيٽ پرستن ڪامريڊن، ملن مولوين ۽ پيرن فقيرن پر ائين چئجي تہ سڄي سنڌي عوام جو هٿ آهي. جن روئڻ پٽڻ سان گڏ پاڪستاني فوج جي سھولتڪاري بہ پئي ڪئي آهي پاڻ کي بچائيندي ايندڙ نسلن کي بربادي جي ور چاڙهي ڇڏيو اٿن. سنڌي پاڻ کي مٿاڇري طور قوم چوڻ لاءِ وات هڻندا آهن. هنن ۾ غلامي گهر ڪري وڃڻ ڪري پھريائين مسلمان ٿيڻ کي ترجيح ڏيندا آهن عربن پارسين ۽ سينٽرل ايشيا جي منگول نسل جي ناجائز اولاد سڏائن تي دل گد گد ٿيندي اٿن. تڏهن تہ پنھنجو گهر جيلاني بخاري سيدن جي حوالي ڪري پاڻ انھن جي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڊوڙندا رهندا آهن پر ٿيڻ ائين گهرجي ها تہ جيڪڏهن هي پاڻ کي غلام سمجهڻ جي ٿوري گهڻي ڪوشش ڪن ها تہ پاڙي ۾ جيڪا اٿل پٿل ٿي رهي آهي ان کي پنھنجي ويجهو سمجهڻ سان گڏ سنڌ اندر ڪا هلچل پيدا ڪن ها ٻاهر نڪرڻ لاءِ واجهائين ها ڳچيءَ ۾ پيل پراڻن زنجيرن ڇنڻ جي ڪوشش ڪن ها پر ائين ڪونہ ڪيائون.
پنھنجون سڀ صلاحيتون بوٽ چاٽو زرداري حوالي ڪري اصل دشمن سان پيچ پڪي ڪرڻ ۾ جنبي ويا. سنڌ جو پنجاب سان پاڻي جو مسئلو آهي اصل ۾ پاڻي پنجابي جرنيلن کي کپي ٿو تہ جيئن خيرات ۾ مليل زمينون آباد ڪري سگهجن. ان لاءِ سنڌ جي درياھہ تي ڪالاباغ ڊيم کان وٺي مختلف ڪئنال جوڙيا وڃن ٿا. موجودہ سيٽ اپ ۾ جيڪڏهن جي ايم سيد جي حڪومت هجي ها تہ سچ اهو آهي تہ اهو بہ انھن کي ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت تہ ڇا پر پاڻ بيھي ٺھرائي ڏين ها پوءِ توهان مسڪين ماروئڙا جھانگيئڙا ڇا ڪيو ها. توهان جو ڪم آهي روئڻ پٽڻ اوسارا ڪڍڻ ٻيو ڇا ڪندو. ڇاڪاڻ تہ ٻيو ڪجهہ ڪرڻ سان توهان جا ٻچا مرندا ظالم توهان کي ماري ڇڏيندا ظالم جو ڪم آهي ظلم ڪرڻ ائين ڪرڻ سولائي سان ڪجهہ حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونھي اهو قدرتي قانون آهي.
هاڻي اهو مظلوم تي منحصر آهي تہ هو ظالم سان مھاڏو اٽڪائي ۽ سدائين سورن سھڻ کان بھتر آهي تہ هڪ بھتر آهي تہ هڪ ڀيرو نينھن جو نعرو هڻي ظالم کان هميشہ لاءِ جان ڇڏائجي باقي سنڌي ماڻھو کي ڪنفيوز ڪرڻ لاءِ ڪجهہ ماڻھن کي منصوبو مليل آهي اهي ماڻھو هر هنڌ پوز هڻن ٿا تہ سڄي سنڌ انھن جي حوالي آهي ماني راڄ تي آهي عام ماڻھو پنڌ پيا گهمن ۽ هي لٻاڙي ليڊر وڏين گاڏين تي گهمندا آهن باقي ڪت خلق واندي هوٽلن حوالي پيا لتاڙجن.
جي ايم سيد الائي ڪھڙي خوش فھمي هو تہ شايد ڇڙواڳيءَ سان هن جو سنڌ وارو پيغام سنڌين کي گڏ وٺي قوم بڻائي ڇڏيندو ۽ هن جي جيئري ئي هن وارو ڪم تصوف جي صورت ۾ غيبي مدد سان ٿي ويندو. شايد هي يوٽوپيائي دنيا جو ماڻھو هو. جيڪو خيالي تصور ۽ خوابن جي وسيلي پنھنجي منزل طرف گامزن هيو. هيڏانھن وري هي مانر ڇورا غريبن جا ٻار هن جي سنڌ واري سڏ کي ليبڪ چئي ميدان تي عملي پرچارڪ ٿي جهرجهنگ ڪاهي پوندا ۽ سنڌي ماڻھو ايترا اياڻا آهن جو هنن کي ٻڌي جيءَ ۾ جايون ڏيندا. اهڙو آرٽ نہ سيد هنن کي سيکاريو هو ۽ نہ ئي وري انھن شاگردن سيد جي ڪيل اعلان کي سيريس ورتو هو. نتيجو اهو نڪتو جو سيد هن جھان مان موڪلائي ويو. پويان هنن سيد جي ميلي جي تياري ڪئي ان ميلي ۾ جک هڻڻ لاءِ جدا جدا دوڪان کلي ويا. پر انھن دوڪانن تي سڀني جو نعرو هڪڙو رهبر هڪڙو پيغام بہ هڪڙو مقصد بہ هڪڙو تہ وکر بہ هڪڙو ڪم ڪرڻ جو بہ ساڳيو ڇڙواڳيءَ وارو طريقو رهيو. ڪنھن بہ پارٽي اندر گروپنگ هوندي آهي پر پارٽي اندر شخصي اختلاف نہ ٿيندا آهن ڪم ڪار جي طريقن ۾ فرق هوندو آهي پر هنن جي دوڪانن ۾ هلندڙ طريقو دنيا ۾ انوکو طريقو آهي. هن مان ثابت ٿيو تہ اسان اڃا قوم نہ بڻجي سگهيا آهيون توهان سنڌين جي هڪ قوم واري فارمولي سان سچا ناهيو. توهان ڄاڻي واڻي ڏيڍ سري مسيت ناهي امامت شروع ڪئي آهي جئين سنڌي عوام هڪ ٿيڻ بجاءِ ڪنفيوز ٿي وائڙپ جو شڪار ٿين. جيئن سنڌي ماڻھو اصل دشمن ۽ اصل مقصد کان پري هٽي ڇڙوڇڙ واري زندگي گذارن حقيقت ۾ توهان منجھان ڪو سيريس ٿي انقلابي نقاضائن کي سامھون رکي جيڪا ماضي ۾ ڇڙواڳي ٿي آهي يا تحريڪ اندر جيڪي جهول هيا انھن کي ريفارم ڪري اصل منزل ڏانھن قافلي کي وٺي هلي ها پر ائين ڪونہ ٿيو ۽ نہ ئي وري قومي ڪارڪن يا سنڌي عوام پنھنجي طور تي انھن سو ڪالڊ اڳواڻن جو گهيراءُ ڪيو ۽ نہ ئي ڪنھن ساڃاھہ وند انھن جو دڳ روڪيو. ان سياسي ڇڙواڳي شخصي عقيدت پرستي تحريڪ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ تحريڪ کي صرف پيپلن کان سواءِ ٻيو ڪو دشمن نظر نہ آيو ۽ نہ ئي وري کين ڪنھن سمجهايو تہ هڪڙا ڪمدار ايندا آهن ۽ ٻيا ڪمدار ويندا آهن. اهو سلسلو پيو هلندو آهي.
تنھنڪري توهان اصل دشمن کي ڳچيءَ ۾ رسو وجهو نتيجا پاڻھي ئي نڪري ايندا باقي سکڻو پاڻي ولوڙڻ مان ڪو فائدو ڪونھي. اسان جا ڀائي بند جيڪي سنڌ ۽ سنڌي قوم جو اڻٽٽ حصو آهن. انھن ۾ وڻج واپار، ڪمرشل ۽ علم دانش جا ماهر ماڻھو هئا جن ۾ ڊاڪٽر، انجنيئر، ڪامورا، سيٺ، زميندار بہ هئا ۽ انھن کي خبر هئي تہ دنيا اندر ڇا ٿي رهيو آهي۽ ڇا ٿيڻ وارو آهي هوا جو رخ ڪھڙي پاسي آهي ورلڊ وار ون ۽ ورلڊ وار ٽو کي بہ هي بھتر طريقي سان سمجهن پيا هي باقي ڄٽن کان بھتر ڄاڻ رکندڙ هئا پر هي سياڻا سيبتا انگريز سمراٽ جي پلان جو حصو ٿي مذهب جي بنياد تي ڪنھن انڊين نيشنل ڪانگريس تہ ڪي هندو مھاسڀا تہ ڪي وري آر ايس ايس طرف لڙهي ويا. پر ڪو بہ مائيءَ جو لعل سنڌي قوم سنڌ وطن جي پاسي ليڪو ڪڍي بيھي نہ سگهيو. خبر ناهي تہ اهڙن دانشورن ۽ ڏاهن جي مت ڇو منجهي پئي هئي جو ڌرم بچائڻ خاطر پنھنجي ماءُ کي بگهڙن حوالي ڪري رلي ڪلھي تي رکي هزارن سالن جي سڀيتا کي الوداع ڪري هليا ويا ۽ پوئتي لاءِ وري نہ نھاريائون شرناٿي بڻجي دربدر ٿي ويا. پنھنجي زندگي بچايائون پر ماتر ڀومي وڃائي ويٺا. هاڻي ڀلي ارب پتي ٿي وڃن پر وطن ڌرتي ٻولي هنن کان نڪري وئي حقيقت ۾ هنن وٽ ڪجهہ بہ نہ بچيو آهي. هندوستاني ماڻھو هنن کي صرف دولت جي ڪري مان ڏين ٿا جيڪڏهن هي سڃا هجن ها تہ اهي ساڳيا ڌرمي ڀائي هنن کي ڌڪا ڏئي ٻاهر تڙي ڪڍي ڇڏن ها.
هيڏانھن سنڌ اندر بہ سنڌي مسلمانن جو ساڳيو حال رهيو سنڌي مسلمان پنھنجون زمينون بچائڻ ۽ سٺين کان ورتل قرض واپس نہ ڪرڻ جي ڪري هر اهو ڪڌو ڪم ڪندا رهيا جو ايندڙ نسل ان جي قيمت وڏي مشڪل سان ادا ڪري سگهندو. هنن کي نہ زمين ملي نہ قرض کٽو پر الٽو سندن زمينون، ساحل، وسيلا، روزگار ۽ شھر ڌارين جي حوالي ٿي ويا. پاڻ شھرن اندر خوف جي عالم ۾ ويڳاڻن وانگر رهن ٿا. سنڌين ٻنھي طرفن کان پنھنجي نالائقي جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن مگر حيرت هن ڳالھہ جي آهي تہ هنن ۾ ڪو بہ پڇتاءُ ڪونھي ۽ نہ ئي وري انھيءَ عمل کي جسٽيفاءِ ڪري سگهن ٿا. وري مٿان ان جي حق ۾ ڪيترائي دليل بہ ڏين ٿا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ سنڌ اندر مذهبي فرق کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهہ ساڳيو هو. هي پاڻ ۾ مختلف شعبن اندر مثال طور زراعت واپار پڙهڻ لکڻ هنر جي ميدان ۾ مقابلو ڪري سگهن پيا. پر هنن ائين ڪرڻ بجاءِ ڪن ڪانگريسن جي دلالي ڪئي تہ ڪن وري مسلم ليگ جي دلالي ڪئي سواءِ پير صبغت ﷲ شاھہ راشدي جي باقي انگريزن جي دلاليءَ ۾ لڳي ويا ۽ حر تحريڪ جيڪا نج سنڌ جي آزاديءَ خاطر هئي تنھن کي ڌاڙيل ۽ ڦورو قاتل قرار ڏئي انگريزن جي ڊگ ڊگيءَ تي نچندا رهيا. سنڌ پنھنجي بيوسيءَجي عالم ۾ پنھنجي اولاد جو تماشو ڏسندي ۽ روئيندي رهي. سنڌي ماڻھو اڃا تائين ڪنفيوز آهي ۽ ڪنھن گهري ڪُن جي ڪنب ۾ ڦاسي پيو آهي اٻوجهہ سنڌي ماڻھو سوچي ٿو پيو تہ سنڌي قوم آهي بہ يا ناهي... هي سادو ماڻھو ڪڏهن ذات کي قوم ٿو سڏي تہ ڪڏهن قوم کي ذات ٿو سمجهي. ان منجهيل چؤواٽي تي بيٺل هن سادن ماڻھن کي هي ڏاها دانشور خوف ۽ لالچ سبب سچ نہ ٿا ٻڌائن ۽ نہ وري هي سادو ماڻھو بہ سچ ٻڌڻ لاءِ تيار آهي ڇو تہ ٻنھي جو هڪ ٻئي تان ويساھہ ختم ٿي ويو آهي. عام ماڻھو بہ ڏسي ٿو تہ هي دانشور يا ڏاها جلسي ۾ سرڪار جي مخالفت ڪن ٿا ۽ اهي ساڳيا دانشور ڏاها رات جي انڌيري ۾ ايوان اقتدار جو طواف ڪندي نظر اچن ٿا. هاڻي عام ماڻھو ويساھہ ڪئين ڪري جنھن اکين سان ڏٺو تہ پيادل هلندڙ ليڊر ڪجهہ وقت کان پوءِ ٺٺ ٺانگر سان گاڏين ۽ بنگلن جو مالڪ بڻجي وڃي ٿو. اهي پئسا ڪٿان ٿا اچن؟ يا هي بُڪي ٺوڪ ليڊر ڪنھن پھتل شخص وانگر سرڪار جي خلاف ڳالھائي ٿو ۽ آزادي جا نعرا بہ هڻي ٿو وري عيش عشرت سان بنگلن ۾ رهي ٿو وڏين گاڏين ۾ هائي ويز تي گهمندو وتي ٿو. ان جي برعڪس بلوچ پھاڙن جي چوٽيءَ تان ويران گهرن مان کنڀيو وڃي ٿو ۽ هتي آزادي وارو رهنما بنگلن ۾ رهيو پيو آهي. ضرور ڪو تہ چڪر آهي هتان جي آزادي پسند رهنما کي سار سنڀال لاءِ سرڪاري طور پوليس مليل آهي ۽ نڪو جيل وڃڻ جو خوف اٿس، سرڪاري آفيس ۾ بہ هن جي آجيان ٿيندي آهي اصل ۾ اهڙي سياست کي سنڌ اندر رياست جي پٺڀرائي حاصل ٿي وئي آهي جنھن قومي سوچ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي ان سوچ جي ايم سيد جي کريل ٻارن ۽ ڏنگن ٻارن جي راھہ روڪي ڇڏي آهي انھن کي ڪم ڪرڻ نہ ٿا ڏين بلڪ ڪنھن ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي تہ انھن کي کنڀيو ويو آهي. اهڙيون وارداتون ٿينديون رهن ٿيون.
جي ايم سيد جي تعليم ۽ پيغام جو مقصد صرف سنڌ هيو. هن جو ڪم الڳ پيغام يا فڪر ڪو نہ هو. پر ان پيغام کي عملي جامي پارائڻ ۾ جيڪا ڇڙواڳي ٿي سا جي ايم سيد جي وقت ۾ ٿي ۽ ان وقت جي ايم سيد عمر جي تقاضا مطابق بيوس هو. ٻيو مسئلو اهو هو تہ سيد هميشہ ون وي ٽريفڪ جي ڪري ٻي طرف جو موقف ٻڌي نہ سگهيو. هن هميشہ فيصلا اميدن، آسرن ۽ جذبات جي وهڪرن ۾ ڪيا ان ڪري جيڪي نتيجا آيا اهي فيڊريشن ۽ پارٽي طرفان ڏاڍا مايوس ڪن هئا. اهو بہ سچ آهي تہ سيد ڪاٻاڙ مان پئي ڪم هلايو هڪ تہ ڳالھہ وڏي ڪري ويٺو ٻيو هوم ورڪ بہ ڪونہ ٿيل هيس گهڻو ڪري جيلن ۾ رهڻ ڪري زميني حقيقتن کان اڻ واقف هو. ٻي سيد جي اهم ڪمزوري اها هئي تہ هو درٻارين جي گهيري ۾ رهيو ۽ انھن کان فيڊبيڪ وٺندو هيو. سيد سنڌي قوم جي فريم ورڪ واري ٿيوري تہ ڏني جيڪا اڳتي وڌڻ گهرجي ها پر اها ذاتي Cult جي ور چڙهي وئي ۽ سندس پيغام عقيدي جي صورت اختيار ڪري ويو اها حقيقت آهي تہ عقيدو ۽ عمل پاڻ ۾ ٺھن ئي ڪونہ سنڌي ماڻھو چواوٽي تي ٽياس تي ٽنگجي پنھنجي نسلن جي مستقبل کان لاپرواھہ ٿي ساھہ کڻڻ کي نعمت سمجهي ٿو. ڊپ ۽ خوف هن جي ذهن ضمير تي ڇانيل آهي سنڌي ماڻھو هن مھل تائين سڄڻ ۽ دشمن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ دير ڪئي آهي يا وري سڀ ڪجهہ سمجهندي ڪن لاٽار کان ڪم وٺندي ڪنھن آفاقي قوت جي آسري ۾ آهي تہ ڪو اچي سڀ ڪجهہ ڪري ڏيندو.پر هاڻي ڪا بہ ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونھي هي اهي ماڻھو آهن جيڪي چوري يا ڀينگ ٿيڻ تي خوش ٿيندا آهن مثال طور ڪنھن علائقي مان ڪوئلو گئس نڪرندو آهي تہ ان تي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن تہ اسان جي فلاڻي علائقي مان هي هي ذخير نڪتا آهن جيڪڏهن ڪو پڇڻ وارو پڇندن تہ توهان کي ڇا مليو تہ رکو جواب ڏيندا تہ پاڻ کي بابا اچڻ بہ نہ ٿا ڏين. چون ٿا توهان چور آهيو، سامان کڻي ويندؤ. پوءِ وري پنھنجي منھن پٽڻ شروع ڪندا آهن ۽ چوندا آهن تہ اسان کي ذخيرن ملڻ مان ڪو وڏو فائدو تہ نہ مليو پر چوڪيداري يا پٽيوالي بہ نہ ملي. اصل ۾ اهي رياستي ڪارندا پاڻ خود چور آهن جيڪي توهان جي زمين مان ڏينھن ڏٺي جو چوري پيا ڪن. توهان انھن کي چوري ڪرڻ کان روڪيو ۽ توهان کي انھن جي رستا روڪ ڪرڻ گهرجي. ان تي هي سادا ماڻھو چوندا آهن تہ انھن چورن کي پاڻھي خدا پڄندو اسان جي دانھن ان کي آهي جيڪو صدين کان هنن جي فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونھي پر پوءِ بہ هي سادڙا ماڻھو ان ۾ آسرو رکيون پيا اچن.
هي اهي ماڻھو آهن جن پاڻ کي سمجهيو ئي ناهي تہ هن جھان ۾ اچڻ کان پوءِ هنن تي بہ ڪي ذميواريون آهن پنھنجي وطن جي حفاظت ان جي ڀلائي، ڌاريي جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائڻ، پنھنجي جان، مال، عزت، غيرت، زر، زن ۽ زمين کي بچائڻ جي ذميواري هنن جي سِر تي آهي پر هي اهو سڀ خدا تي ڇڏي پاڻ جک هڻڻ ۾ مست لڳا پيا آهن. جيڪڏهن هڪ قوم ٿيڻ جو چوين تہ مذهب کي وٺيو بيٺا آهن ۽ جي چوين دولت ۽ ملڪي ذخيرا پيا لٽجن ڌاريا کنيون پيا وڃن تہ چون ٿا تہ بس خدا آهي. سڏ ڪر هن پر تہ بيٺا هن هوندا هن ڀر. جي وڃ مذهبن تي ڀڄندا فرقن ڏي. جي وڃ فرقن ڏي تہ وري چوندا اسين صوفي آهيون. توهان جي صوفين ئي فتويٰ ڊاڪٽر شاھہ نواز ڪنڀر کي قتل ڪرائي لاش ساڙائي ڇڏيو ۽ مائٽن کي سڙيل لاش دفن ڪرڻ بہ نہ ڏنائون. سنڌي ماڻھن هن مسئلي کان لاتعلقي جو اظھار ڪندي اصل دشمن کي لڪائي هڪ ملان کي ڏوهي قرار ڏئي فيصلو آسمان واري پاسي اڳين جھان تي ڇڏيو اٿن سو هنن ماڻھن کي هڪ قوم جي شڪل ۾ گڏ بيھارڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي هي ڪم ناممڪن ڪونھي پر مشڪل ضرور آهي.