تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ماٺار جي چؤواٽي تي بيٺل سنڌي قومپرستي

عطا محمد شاھاڻي ھڪ سچو ۽ کرو قومپرست ڪارڪن رھيو آھي. ھو وڏي عرصي کان جي ايم سيد جي سياست سان سلھاڙيل رھيو آھي. پنھنجي لکيل ڪتاب ۾ ھن قومپرستن توڙي وفاق پرستن خاص ڪري سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، عبدالواحد آريسر ۽ ذوالفقار علي ڀٽو توڙي ٻين سياستدانن سان ڪا بہ رعايت ناھي ڪئي، شاھاڻي صاحب ڪتاب ۾ مختلف موضوعن خاص ڪري ”سنڌ ۽ سنڌ جي قومپرستي اڄ هڪ جاءِ تي منجمند ٿي چؤواٽي تي بيوس ۽ لاچار “، ”جي ايم سيد جي سنڌوديش جو اعلان“، ” ڇا سنڌي ماڻھو قوم ٿيڻ لاءِ تيار آهن؟“، ”ڇا قوم آزاديءَ لاءِ سنجيدہ آهي“؟ سميت مختلف موضوعن ۽ سوالن تي بحث ڪيو آھي. آخر ۾ ھن خلاصو ۽ نتيجو پڻ پيش ڪيو آھي.

Title Cover of book Mathaar jy Chowaty ty bethal Sindhi Qomparasti

باب ٻيون: جي ايم سيد جي سنڌو ديش جو اعلان

1843ع کان اڳ واري خوشحال سنڌ جنھن تي انگريز غيرقانوني طريقي سان قبضو ڪيو هو. اها سنڌ وري سنڌوديش ڪيئن ڪنھن جي مدد سان ٺھندو.
ڇا ان لاءِ جي ايم سيد اڳ ۾ هوم ورڪ ڪيو هو جنھن لاءِ جي ايم سيد اعلان ڪيو هو تہ (سنڌوديش هڪ آزاد خودمختيار يو اين اي جو ميمبر ملڪ ٿيندو) ڇا؟ سنڌوديش ٺاهڻ لاءِ سنڌ جي جاگرافي اندر حالتون سازگار هيون ڇا سنڌي ماڻھو دشمن جي سگهہ، ڄاڻ رکڻ، وٺڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار بہ آهن. سنڌوديش جي اعلان کان ٽي ڏهاڪا اڳ ۾ انگريز سمراٽ خلاف اهڙو تجربو ٿي چڪو آهي. 
جنھن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻھو قتل ٿيا لکين ماڻھو بي گهر ٿيا. انگريز سرڪار ڪيترن ئي ڌارين ماڻھن کي ان بغاوتن وارن علائقن ۾ آباد ڪيو. انھن ڌارين ماڻھن انگريز سرڪار جي سھولت ڪاري ڪئي. انھن ڌارين مقامي سنڌي مسلمانن سان ڪھڙو ورتاءُ ڪيو؟ ڇا اهو تجربو هن اعلان ڪندڙ کي هو؟ رڳو ڪتاب لکڻ سان يا پنھنجي موقف ٻڌائڻ سان ماڻھو ايڏو جلدي قائل ڪونہ ٿيندا آهن جو سر جي بازي لڳائي پنھنجي غلامي جي مضبوط زنجيرن کي ٽوڙن.
هي سڀ ڳالھيون اهڙي انسان کي معلوم هئڻ گهرجن جنھن کي اهي ڳالھيون پنھنجي سياسي سفر دوران مشاهدي ۾ آيون هيون. هو سماج کي هموار ڪرڻ جو تجربو بہ رکي ٿو ان کان سواءِ هن انگريز سمراٽ جي گماشتن سان بہ گڏ ڪم ڪيو آهي ۽ هي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ بہ شامل رهيو آهي.
ڇا اعلان ڪندڙ جيڪو اعلان ڪيو آهي ان هن پريٽيڪل طور تي ڇا ڪيو آهي ڇا هي سنڌين کي تحريرن ۽ تقريرن ذريعي سجاڳ ڪري سگهيو آهي ڀلا هي پرامن جدوجھد ۽ صوفي فلاسافي سان پنجابي راشڪس فوج ۽ جنوني مذهبي پنجابي ماڻھن مان نجات ڏياري سگهندو. هن کي پنھنجي دشمن طاقت ۽ پنھنجي سگهہ جي توازن جو ڪو ادراڪ هيو يا محض نعري هڻڻ ۽ اعلان ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ هو. شايد اهو سوچيو هوندو تہ نعرو هڻي ڏسجي وڌ ۾ وڌ هي مون کي جيل حوالي ڪري سگهن ٿا پر هي تجربو ڪري ڏسون ٿا. 
شاگرد تنظيم جڙي وئي پارلياماني سياست کي طلاق ڏني وئي، هاڻي شاگردن جي معرفت سنڌ جو پيغام گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ پھچايو ويندو ۽ سنڌي قوم جيڪڏهن ان پيغام کي دل سان لڳائي قبول ڪندي تہ پوءِ سڀني جي ڀلائي سنڌوديش ۾ آهي.
پر ٿيو ڪجهہ ائين جو شاگردن جي گهر وارن ٻڌڻ تہ پري جي ڳالھہ آهي پر شاگردن کان لاتعلقي جو اظھار ڪري ڇڏيو ڪن مائٽن خرچ ڏيڻ بہ بند ڪري ڇڏيو ڪي ماڻھو وري مٿن الزام لڳائي پرڀرو ٿي ويا ان ڪيفيت ۾ سنڌوديش جي پيغام کي موٽ ملي؟ ان جو سبب سنڌي ماڻھن جي گهڻائي زراعت سان وابستہ هئي تعليم کان اڻ واقف هئي باقي جيڪا شھري آبادي يا سروس ڪلاس هيو اهو ڀُٽي جي سحر ۾ ٻڏل هو ۽ انھن وٽ سنڌ ۽ سنڌين جي فڪر ڪرڻ لاءِ وقت بہ ڪونہ هيو سنڌي زميندار پنھنجي قبضي ۾ ڪيل زمين بچائڻ خاطر ڀُٽي جي در تي قطار ڪيو بيٺا هئا. سنڌي ڪارخاني دار مورڳو هيو ئي ڪونہ ٿورو گهڻو جيڪي هيو مثال طور اٽي جا ڪارخانا ڦٽي جا ڪارخانا، سارين جا ڪارخانا هئا تن کي ڀُٽي پھرين ڌڪ ۾ وار ڪري سرڪاري تحويل ۾ وٺي پنھنجي پارٽي جي جيالن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
سنڌ اندر اڀرندڙ واپاري طبقي کي بہ ڪنڌ ڀر ڪيرايو ويو استادن شاگردن کي پاڻ ۾ ويڙهائي تعليم جي اڀرندڙ سوچ کي ٻنجو ڏنو ويو. تعليم جيڪا سوچ ماضي حال ۽ مستقبل لاءِ عقل علم ۽ عمل ڪرڻ تي مجبور ڪري ها اها شيءِ بہ قائد عوام کسي ورتي ۽ لٻاڙي نعري بازي جاهلن جا جٿا سرٽيفڪيٽن سان تعليمي ادارن مان نڪرڻ لڳا ادارا تہ کوليا ويا بلڊنگون ڀليون جڙيون پر سوال ڪرڻ وارو علم کسيو ويو لوڀ لالچ ۽ خوف جو خوب استعمال ڪيو ويو. ڳوٺن مان جڏهن غريب جو ٻار تعليم حاصل ڪرڻ ايندو آهي تہ ان جي ذهن ۾ نوڪري هوندي آهي جيئن هو غربت جي عذاب کان پاڻ ۽ پنھنجي گهر وارن کي ڪڍي ڪا بھتر زندگي گذاري سگهي پر جڏهن غريب جو ٻار يونيورسٽي ۾ پھچندو آهي تڏهن سندس اها سوچ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ هو سمجهڻ لڳندو آهي تہ هن جي غربت جو ڪارڻ ۽ سبب ڪھڙا آهن ۽ ڪٿان گڙٻڙ ٿيل آهي تڏهن هو ان ظلم ۽ جبر جي خلاف سوچڻ شروع ڪندو آهي پر گهر جي حالتن ۽ غربت جا زنجير هن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪندا آهن پوءِ هي حالتن سان سمجهوتو ڪري پاڻ ان ظالم نظام ۾ غرق ٿي وڌيڪ غلامي کي مضبوط ڪندو آهي اهو غريب جو الميو آهي جيڪو سچ آهي.
تعليم جي نيڪالي جي ڪري سنڌ ۾ سنڌوديش جي پيغام کي هٿي نہ ملي سگهي ڇاڪاڻ تہ جيو پوليٽيڪس صورتحال کي علم عقل ۽ سائنس کي پنھنجي حق ۾ آڻي ان جو بھترين استعمال ڪندي آهي ان جي تنظيم سازي بہ ان انداز ۾ ڪندي آهي. جيڪي گهربل حالتن کي نظر ۾ رکندي پنھنجي تنظيم سازي جا معيار مقرر ڪندي آهي. ان لاءِ مختلف شعبا تيار ڪري اهي قابل ماڻھن جي حوالي ڪندي آهي پر افسوس سان چئجي ٿو تہ هتي اهڙي ڪا بہ سيريس ڪوشش ڪونہ ڪئي وئي هئي شرو ع کان وٺي ڪنھن بہ قسم جو ڊسيپلين بہ ڪونہ هيو. سياست کان وڏيرڪي اوطاق وانگر پئي هلايو ويو ڪنھن بہ قسم جي ڀڃڪڙي بابت پڇاڳڇا ڪانہ هئي.
جي ايم سيد جي سنڌوديش جي اعلان کان پوءِ ستت ئي عوامي تحريڪ کي ميدان ۾ لاٿو ويو ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ اڳ ۾ جنرل اڪبر سان ملٽري ڪوپ آڻڻ ۾ گڏ هئي پير پاڳارو لنڊن کان واپس اچڻ کان پوءِ پاڪ فوج جي هنج ۾ وڃي ويٺو پاڪ فوج جي بي ٽيم جماعت اسلامي جي ايم سيد خلاف مذهبي مورچو فتوائن سميت گرم ڪري ڇڏيو هو. جي ايم سيد جي سٿ مان پھريان رسول بخش پليجو نڪتو جنھن سيد تي مختلف معمولي نوعيت جا الزام لڳائي ڌار ٿيڻ جو بھانو ڳوليو اصل ۾ ڌرتي ڌڻين جي چوڻ تي قافلي مان نڪري آيو هو جڏهن تہ ان وقت سنڌي ماڻھن کي ٻڌي ۽ اتحاد جي سخت ضرورت هئي. 
جي ايم سيد کي پليجي جي نڪرڻ تي ڌچڪو ضرور لڳو پر سيد اهو چئي پاڻ ۽ پنھنجي ساٿين کي تسلي ڏني تہ هي آزادي جو ڪاروان آهي هن ۾ هڪڙا ايندا ٻيا ويندا پر حقيقت ۾ انقلابي نعري ۽ پروگرام کي ان ڪاروان سيريس ئي نہ ورتو هو. بس پارليامينٽري جماعت وانگر اڳتي وڌندو رهيو. پليجي نڪرڻ سان پنھنجي تيرن جا رخ سنڌوديش جي خلاف ۽ سيد جي ذات پاسي ڪري ڇڏيا. جي ايم سيد جي پاران بہ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پوءِ سيد الزامن جو جواب ڏيڻ مناسب نہ سمجهيو ۽ پليجي کي بہ اهميت ڏيڻ ڇڏي ڏني ان دور ۾ حفيظ قريشي وڪيل، ابراهيم جويو ۽ ڪيترا اڪابر سيد کي غلط سمجهي پليجي جي حمايت ڪري رهيا هئا.
ان ۾ بہ سنڌ لوڙيو پاڪستاني فوج ڪيترن ئي پرامن سنڌين کي ماري ڇڏيو. ڪيترن ئي سنڌين تي رياست خلاف بغاوتن جا ڪيس داخل ڪيا ويا پر عام پنجابي جي ڪن تي جونءَ بہ نہ چري پنجابي مزدور هاري کي جيئي سنڌ ۽ بلوچن جي باري ۾ راءِ ڏيندي ٻڌو اٿو تہ انھن کي ڇا سڏيندا آهن غدار، ڪافر، هندوستان ۽ اسرائيل جا خفيہ ايجنسين جا ايجنٽ ڪري سڏيندا آهن.
آئي ايس پي آر I.S.P.R جي بياني ۾ هنن پنجابي مزدور هاري جي خيال ۾ ڪو فرق نہ هوندو آهي پنجابي هاري مزدور ايترو معصوم ڪونھي جيترو توهان اسان جي اکين ۾ ڌوڙ وجهو ٿا.
پنجابي دانشورن جي حوالي سان چيو ويندو آهي تہ هي چند جرنيلن جي بدمعاشي آهي باقي فوج اهو سڀ ڪجهہ نہ ٿي چاهي اهو بہ سراسر ڪوڙ آهي جيڪڏهن چند جرنيلن جي ڪري ملڪ پوئتي ٿي رهيو آهي تہ پوءِ سن 1971ع ۾ هنن چند جرنيلن جي ڪري اڌ ملڪ ڌار ٿي ويو يعني اوڀر پاڪستان مان بنگلاديش بڻجي ويو ان وقت باقي فوج سڌو ٿي سمھي پئي هئي ڇا؟ ڪڏهن انھن کان پڇاڻو ڪيو ويو ڀلا ڪڏهن ملڪ ۾ لڳندڙ مارشل لائن جي باقي فوج رستا روڪ ڪئي آهي؟
12 آڪٽوبر 1999ع واري پرويز مشرف واري قدمن جي ڪنھن رستا روڪ تہ نہ ڪئي پر ان خوشي ۾ پنجاب عوام گهٽين ۾ مٺايون ڪونہ ورهايون هيون؟ پوءِ انھن مظلوم هارين مزدورن مٺاين ورهائيندڙن جو گهيراءُ ڪيو هو؟ هرگز نہ ڇاڪاڻ تہ پنجابي ان فارمولي تحت سڀ گڏ ۽ هم آواز آهن تنھن ڪري ليفٽو لبرانڊو سيڪيولر صوفي جو دليل ڇسو ۽ مظلوم قوم کي ڪنفيوز ڪرڻ ۽ ملا ملٽري الائينس جي حمايت ۾ آهي اهي انھن جا نالا دلال ۽ ڇاڙتا آهن.
منظور پشتين جي پي ٽي ايم ۽ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ جي بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي خلاف سرڪار پنڊي ۽ آي ايس پي آر جي موقف سان هر پنجابي گڏ آهي. جڏهن تہ هنن ٻنھي اڳواڻن جي موقف ۾ آئين پاڪستان جي اندر رهي ڪري پنھنجا جائز مطالبا ڪندا رهن ٿا پر رياست جي مٿي تي جونءِ بہ نہ ٿي چري. گذريل جنوري ۾ ڊاڪٽر ماھہ رنگ جي ڌرڻي دوران اسلام آباد ۾ بلوچن کي مسجد ۾ نماز پڙهڻ کان روڪيو ويو ۽ چيو ويو تہ بلوچ هن مسيت ۾ نماز نہ ٿو پڙهي سگهي. هي مائينڊ سيٽ ڪنھن جي عڪاسي ڪري ٿو؟ سنڌ ۽ سنڌين جو سياسي مسئلو آهي اهو ڪنھن هاري مزدور جو اڪيلو ڪونھي، هاري، مزدور سنڌي سماج ۾ سمايل آهن انھن کي اڪيلو ڪرڻ سماج اندر ڏڦيڙ ڦھلائڻ جي برابر آهي جيڪو سنڌ کي پنھنجو سياسي ڪيس رکڻ ۾ رنڊڪ وجهندو ۽ سماج اندر سول وار War جي صورتحال کي جنم ڏيندو. جيڪو سنڌ دشمن چاهي ٿو تہ جيئن سنڌي نوجوان جي احساس محرومين جو دل فريب دليلن جي صورت ۾ ڏئي ان کي قومي ڌارا مان ڪڍي پاڻ ۾ويڙهائجي تہ جيئن سنڌي ماڻھن جي گڏيل سوچ کي ورهائي اصل دشمن کان ڌيان هٽائجي ۽ ڪنھن ننڍي دلال طرف هنن کي متوجه ڪجي تہ توهان جو اصل ترقيءَ جو دشمن زميندار، پير، درگاھہ ۽ وڏيرو آهي. جڏهن تہ زميندار، پير، درگاھہ يا وڏيرو بہ رياست جا ساٿاري آهن. جڏهن تہ ساڳيو وڏيرو، زميندار، پير ۽ مير هنن جي حڪم جي تعميل ۾ دير ڪري ٿو تہ ان کي هڪ پوليس جو جمعدار ڪنڊياري شھر جي بازار ۾ اگهاڙو ڪري گهمائي ٿو. پر اهو ساڳيو ماڻھو سرڪار وڏي جو ٻڌو ٻانھو ٿي زندہ ماڻھن کي دفن ڪرائي ٿو تہ ساڳيو قانون ساڳيو جمعدار ان ماڻھو تي ايف آئي آر بہ داخل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي. ساڳي طرح صدر زرداري ۽ سندس طاقتور ڀيڻ کي رات جي انڌيري ۾ اسپتال مان جيل موڪليو ٿو وڃي اهو سڄو کيل اصل سرڪار جو آهي.
زميندار، پير، وڏيرو، ملان ۽ سيد ڪير ٿيندا آهن جيڪي سنڌي سماج کي ڊيڄارڻ، فتوا ڏيڻ پڙهيل لکيل ماڻھو مارڻ لاشن کي ساڙڻ وري دفن ڪرڻ جي اجازت نہ ڏيندڙ سرهندي ملو ٽڪي جو ماڻھو جيڪو هڪ جمعدار جو خرچ آهي پر ان جي پٺيان اصل دشمن کي سڃاڻڻ جي ضرورت آهي.
مٿئين ڳالھين مان معلوم ٿئي ٿو تہ شايد جي ايم سيد جي فلسفي ۽ فڪر ۾ يا سمجهائڻ جي طريقي ڪار ۾ ڪٿي ڪا ڪمي آهي جيڪا ماڻھو سمجهي نہ سگهيا آهن يا وري تنظيم ڪاري ۾ ڪٿي گهٽتائي آهي ان معيار جي تنظيم ڪاري نہ ڪئي وئي آهي شايد ان جا هيٺيان سبب ٿي سگهن ٿا جي ايم سيد جي دراز عمر تنھا قيد و بند، سنڌي اهل علم جي ڀاڙيائپ خوف ۽ لالچ جي مار جنھن اهل علم کي جي ايم سيد کان پري رکيو سياسي ڪارڪنن جي گهٽ تربيت جو هجڻ ڇو تہ ڪنھن کي سمجهائڻ بہ هڪ قسم جو فن هوندو آهي طاقت ۽ هٿيار جي ڀؤ ڪڏهن بہ ڪنھن کي سمجهائي نہ ٿو سگهجي ۽ اهو بہ لازمي ناهي تہ هر ماڻھو توهان جي بياني سان متفق هجي مختلف خيال هوندا آهن ان ڪري سمجهائڻ بہ هڪ آرٽ هوندو آهي جيڪا ڪنھن خاص ڳالھہ کي هر ماڻھوءَ جي بيٺل سوچ کي تحرڪ واري پاسي وٺي وڃي.
ڪارڪنن کي گهرجي تہ ڪنھن بہ قسم جي وڏائي گهٽ وڌائي کان بالاتر ٿي قوم کي پنھنجو پيغام پھچائي ان پيغام ۾ ايترو اثر هجڻ گهرجي جو اڳيان ٻڌندڙ ان پيغام تي غور ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي پر افسوس جو اهڙي قسم جي مھم عام ماڻھن ۾ نظر ڪو نہ آئي سواءِ شاگردن جي حد تائين سا بہ هلا گلا جي صورت ۾ ٿيندي رهي. ان حوالي سان سنجيدہ ماڻھن تي مشتمل نيشنل ڊسڪورس ٿيڻ گهرجن ها پر ٿيو ايئن تہ هنن قومي ڪارڪنن کي عوامي تحريڪ جي شاگرد ونگ ايس ايس ٽي فضول قسم جي ڪج بحثي ۾ منجهائي ڪم ڪرڻ جو وقت ضايع ڪندا رهيا جيڪو سرڪار طرفان انھن کي چيل هيو ٻيو حربو وري اهيو استعمال ڪيو ويو تہ کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيم اين ايس ايف جي صورت ۾ يا ڊي ايس ايف جي صورت ۾ ٿورين معمولي ڳالھين تي قومي ڪارڪنن کي جذباتي ڪري ڇڏيندا هئا. قومي ڪارڪنن بہ جذبات ۾ اچي ڪري انھن جي سرڪاري چال کي سمجهي نہ سگهيا نتيجو اهو نڪتو جو صرف نعرو ڦٻيو ۽ قومي تحريڪ شھرن، ڳوٺن ۽ عام ماڻھن تائين پھچي نہ سگهي ۽ جيڪي شاگرد تحريڪ سان جڙيل هئا اهي جڏهن نوڪري لاءِ مارڪيٽ ۾ آيا تہ انھن کي سخت دشوارين جو منھن ڏسڻو پيو. جنھن سنڌي ڪاموري ڏانھن هو اميد کڻي نڪتا تن ڪامورن هنن کي ڏنڀ ڏنا. هيڏانھن مائٽن بہ ان آسري تي پيسا خرچ ڪيا تہ نوڪري ملندي پٽ ڪمائيندو ۽ هنن جا ڏک سور لھي ويندا. پر سچ ڪجهہ ٻيو هو. ڀٽي جنھن سماج لي متعارف ڪرايو هو ان ۾ پارٽي شموليت، سفارشي ڪلچر، رشوت نيون درگاهون مسيت ملو وغيرہ ان سماج ۾ شامل ڪيا هئا عام ماڻھو کي در در جا ڌڪا کائڻا پيا ٿي مطلب سڄي نظام کي هن اونھي کڏ طرف موڪلي ڇڏيو وري بہ محمد خان جوڻيجو شابس هجي جنھن روشني اسڪول پروگرام شروع ڪيو جنھن ۾ گهڻن ماڻھن کي نوڪريون مليون ان کان سواءِ سنڌ ۾ جيڪي بہ ڊاڪٽر انجنيئر هئا تن کي ڊگري ڏيکاري نوڪري جوائن ڪرڻ لاءِ چيو ويو جنھن ڪري هزارين فارغ بي روزگارن کي بغير ڪنھن پارٽي رنگ نسل جي نوڪريون مليون. سنڌوديش جي اعلان کان پوءِ جي ايم سيد ڪا سياسي ونگ پارٽي بہ نہ جوڙي سگهيو جو شاگرد يونيورسٽي مان نڪرڻ کان پوءِ ڪٿي پنھنجي سياسي عمل جو غاز ڪري سگهن ها. ان ڪري قومي سياست ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. جنھن ڪري سياسي ڪارڪنن مايوس ٿي ويھي رهيا يا وري ڪنھن نوڪري کي چنبڙي پيا ان سياسي عمل مان نڪرڻ کان پوءِ اهي شاگرد رياستي سسٽم جو حصو ٿي ويا.
ٻيو الميو اهو ٿيو تہ ان وقت سنڌ ۾ پيپلز پارٽي يا پير پاڳاري جي مسلم ليگ پارٽي هئي جيڪي ملٽري حڪومت جي بي ٽيم هئي ان ڪري ڀٽي جي خلاف ڳالھائيندڙ وري ڀٽي جي پارٽي ۾ ئي ڪريا.
جي ايم سيد پنھنجي لکڻ ۾ مصروف ٿي ويو سندس ڪتاب مٿان ڪتاب اچڻ لڳا ٻئي پاسي وري سنڌ جو آواز شيخ اياز کي ڀٽي ماسڪو جو سفير بنائڻ بجاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. هي قومي شاعر هڪ نوڪري تي وڪامجي ويو هو. پر اڻ ڄاڻائي ۾ قومي ڪارڪنن، شاگردن شيخ جو والھانہ استقبال ڪيو جيڪو وڪاميل گهوڙو هيو ان مان اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر هو.
شيخ اياز جيڪو قومي مزاحمت کي ڌڪ هنيو هو اهو تہ پنھنجي جاءِ تي پر هن جيڪو ادبي علمي دانشورن کي درٻاري بڻايو ان جو نتيجو سنڌ اڃا تائين ڀوڳي رهي آهي. دانشوري دوڪانداري ٿي وئي هر اديب کپجڻ لاءِ بازار ۾ بيٺو آهي لئي لست جي علت ۾ اياز ڀينگا ڀينگ ڪئي ايتري تائين اياز ڪري پيو جو اقبال کي ڀٽائي کان وڏو شاعر ڪري مضمون لکيائين پنھنجي نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ هر قسم جا جتن ڪندو رهيو.
سنڌي ماڻھو بہ عجيب آهن هڪ وڪيل ۾ قومي نجات جي پڪي اميد ڪري رهيا هئا وڪيل دوڪان جو وکر هوندو آهي جيڪو پيسن خاطر ڪنھن جو بہ ڪيس وڙهي سگهي ٿو وڪيل صرف فيس سان ٻڌل هوندو آهي قوم جي ڪيس وڙهڻ لاءِ جان جي بازي لڳائڻي پوندي آهي پر اهو بہ سچ آهي تہ اياز جي وڙهڻ لاءِ جان جي بازي لڳائڻي پوندي آهي پر اهو بہ سچ آهي تہ اياز جي مزاحمتي شاعري بہ پنھنجو مٽ پاڻ آهي. ان جو ڪو بہ انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي. اياز جي شاعري سنڌي ماڻھن جي رڳن ۾ شامل ٿي چڪي آهي. جنھن کي مڃڻ ۾ ڪو حرج ڪونھي اياز شاعر هو ۽ رهندو. باقي فرد جي ڪردار تي تنقيد ٿي سگهي ٿي. هر ڪنھن انسان ۾ خاميون ۽ خوبيون هونديون آهن ڪو بہ تخليقڪار پرفڪيٽ ناهي هوندو.
بھرحال ايترو بہ نہ هجي جو سماج بيزار ٿيو وڃي جي ايم سيد جو اعلان سنڌي پڙهيل لکيل نوجوان جي اندر جي عڪاسي ڪرڻ لڳو. ڄڻ تہ غيريقيني واري ڪيفيت ۾ ڪو روشني جو ڪرڻو نظر آيو هجي ان اعلان بحث جا دروازا کولي ڇڏيا ۽ پوءِ ڪن حمايت ۾ ڪن وري مخالفت ۾ دليل ڏنا ائين ڪافي هائوسز ۾ ڳالھيون ٿيڻ لڳيون شاگردن کي سياست جو هڪ نئون رخ ملي ويو. هارين، مزدورن نوڪري ڪندڙ ۽ پيشہ ور ماڻھن اندر قوم ۽ قومي مستقبل تي بحث ٿيڻ لڳا. يقينن نئون گرم رت هيو ان ۾ اختلاف بہ ٿيا ۽ جهيڙن تائين پھتا. ايئن ٿيندو آهي ڇو تہ زلزلي کان پوءِ ٽيڪنونڪ پليٽ Tectonic Plates کي سونت ۾ اچڻ لاءِ ڪجهہ وقت لڳندو آهي جي ايم سيد بہ گذريل ستر سالن جي سياسي تجربن کان پوءِ ڪا راھہ مقرر ڪرڻ لاءِ ليڪو ڪڍيو هو ۽ هن انالحق جو نعرو هنيو هاڻي ڏسڻو اهو آهي تہ هن نعري سان ڪير ٿو بيھي ڪير ٿو پاسيرو ٿئي راھہ مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن ڪونھي جيڪڏهن قوم جو چڱو تعداد ان راھہ تي هلڻ جو فيصلو ڪري ها تہ نسل ڏيڻ سان نسلن کي آزادي ملندي آهي.
الاهي مدد سان نہ، پر قومي شعور ۽ تدبيرن سان گڏ ڪمنٽمينٽ هجي پوءِ دنيا جي ڪا بہ طاقت ڀلي ڪيتري بہ سگهاري هجي پر قوم جي فيصلي اڳيان ان طاقت کي جهڪڻو پوندو آهي. دنيا اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. بنگال کان وٺي آفريڪا تائين، افغانستان کان وٺي ويٽنام تائين دنيا جا مثال آهن. پر جي قوم ڀاڙي ٿي پئي تہ پوءِ تباهي ۽ بربادي کان سواءِ ڪجهہ بہ ڪونھي. غلامي جي ڏائڻ نسلن کي ڳھي ويندي آهي. نعرن هڻڻ کان عمل اهم آهي ۽ عمل ڪرڻ جا نتيجا گواھہ هوندا آهن جيڪي ثبوت ڏيندا آهن خالي نعرن سان لٻاڙ هڻي سگهجي ٿي پر ان جو عام ماڻھو تي اثر نہ پوندو آهي. رهندو ماڻھن جي اندر ۾ بيزاري پيدا ٿي پوندي آهي ان ڪري چوندا آهن تہ ڪجهہ چوڻ کان اڳ سو ڀيرا سوچڻ گهرجي. سوچ ويچار کان پوءِ جيڪو چيو ويو ان تي قائم رهڻ گهرجي پوءِ ڀلي ان جا نتيجا ڇا بہ نڪرن ان جي قيمت ڀرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
ان حوالي سان اهو بہ سچ آهي تہ جيڪو جي ايم سيد چيو ان تي آخري دم تائين قائم رهيو ڪڏهن ان تي ڪا سوديباري نہ ڪيائين. ها ان ۾ کيس تڪليفون مليون جيلن ۾ رهيو. گهر ۾ نظربنديون ڪاٽيائين پر سيد پنھنجي موقف تي قائم رهيو ويندي آخري دم تائين جيڪو تاريخ جو اهم رڪارڊ آهي.
اها ٻئي ڳالھہ آهي تہ ڪير هن سان بيٺو ۽ ڪنھن هن کي بٺيءَ ۾ خنجر هنيا. پر هي سڀ ڳالھيون سمجهندي بہ برداشت ڪندو رهيو. سندس اولاد بہ هن جي هنيل نعري سان گڏ نہ بيھي سگهي سيد جي اليڪشن واري بائيڪاٽ هوندي بہ سندس پٽ ملڪي اليڪشن ۾ حصو وٺندا رهيا. امداد شاھہ 1985ع واري ضياء جي ڪرايل غير جماعتي بنيادن تي اليڪشن ۾ حصو ورتو ميمبر چونڊجي آيو ان کان پوءِ جلال شاھہ بہ ميمبر ٿيو ۽ سنڌ اسميبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر بڻجي ويو.
1995ع ۾ سيد جو جھان ڇڏڻ کان پوءِ جلال شاھہ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جوڙي. باقائدي هر اليڪشن ۾ حصو وٺندو پيو اچي. پر اها ٻي ڳالھہ آهي تہ پنڊي وارا هن تي ڀروسو نہ ٿا ڪن. انھيءَ ۾ هنن جو ڏوھہ ڪونھي پر مٿين جي بيوقوفي آهي. جي ايم سيد اليڪشني بائيڪاٽ کان پوءِ ڪڏهن بہ پاڻ اليڪشن ۾ ڪونہ وڙهيو پر اليڪشن ۾ پير پاڳاري جي حمايت لاءِ چوندو ٻڌو ويو ۽ ان کان سواءِ قومي ڪارڪن بہ هر اليڪشن ۾ مختلف اميدوارن جي چونڊ مھم سان گڏوگڏ پولنگ ايجنٽ طور پنھنجون خدمتون انجام ڏيندا آهن جڏهن تہ سندن رهبر جو کليل اعلان هو تہ اليڪشن سنڌ جي مسئلن جو حل ڪونھي پر سنڌ کي اليڪشن ذريعي وڌيڪ تباھہ ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ تہ پنجاب صوبو باقي اليڪشن کي ملائڻ جي باوجود بہ عددي طور اڪثريت ۾ آهي. ان ڪري اهو ممڪن ئي ڪونھي تہ پنجاب توهان کي اليڪشن وسيلي حق ڏيئي فوج ۽ بيورو ڪريسي ۾ مڪمل ڪنٽرول پنجابين وٽ آهي انھيءَ ڪري سن ستر جي اليڪشن جي نتيجي ۾ عوامي ليگ کي حڪومت ڏيڻ کان انڪار ڪيو پنجابين اڌ کان وڌيڪ ملڪ وڃايو پر پاور منتقل نہ ڪيائون. ياد رهي تہ 1971ع ۾ ٻہ قومي نظريي واري ٿيوري، علامہ اقبال جو خواب ۽ جناح جو ٽائيپ رائيٽر بي آف بنگال ۾ هميشہ لاءِ ٻڏي ويا.
موجودہ بچيل پياري ملڪ کي پنجابي بندوق جي ڏاڍ تي رکيون پيا اچن هاڻي اهو وقت ۽ تاريخ تي ڇڏيل آهي تہ جن قوتن هن کي جنم ڏنو آهي ڪڏهن ٿيون هن کي پورو ڪن. هونئن بہ هر شيءِ جو طبي وقت مقرر ٿيل هوندو آهي جيڪو وقت گذرڻ سان پنھنجي اهميت ۽ طاقت وڃائڻ شروع ڪندو آهي ۽ ان کي زنگ لڳڻ شروع ٿي ويندو آهي. پوءِ هڪ وقت اهڙو بہ ايندو آهي جڏهن مالڪ بہ بيزار ٿي ان کي الوداع ڪرڻ لاءِ مٿي نھارڻ لڳندا آهن تہ جڏهن امانت کي هاڻي واپس وٺ گهڻو ئي ٿيو ائين ئي هاڻي هي پيارو بہ ان طرف وڌي رهيو آهي هن مريض لاءِ وينٽيليٽر ڪيستائين استعمال ڪندا جڏهن تہ مريض ڪنھن قسم جي امپروومينٽ نہ ٿو ڏيکاري هاڻي هن مريض کي ڪيستائين رکندا هاڻي تہ دوا لاءِ پيسا ڪونھن سو الوداع ڪرڻو پوندو ها اها ڳالھہ ٻي آهي تہ هي ويندي ويندي آخر ۾ گهڻن جا سر کڻندو اهو ضرور ٿيندو.