ٻاراڻو ادب

گُلن جهڙي شاعري پوپٽَ جهڙا ٻارَ

ٻارن لاءِ لکڻ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي! پر، ٻار بڻجي لکڻ ۾ اڃا به وڌيڪ مزو آهي، ۽ اهو مزو ڪنهن ڪنهن جي حصي ۾ ئي ايندو آهي. ڪنهن ليکڪ کي اهو حصو وڌيڪ ملندو آهي ته ڪنهن کي گھٽ ۽ ڪنهن کي بنهه نه.
”گُلن جهڙي شاعري پوپٽ جهڙا ٻارَ“ ٻارڙن لاءِ سرجيل شاعريءَ جو مجموعو آهي.
Title Cover of book گُلن جهڙي شاعري پوپٽَ جهڙا ٻارَ

• او ڍولڻ

اٿ، نه ويهي جَلُ او ڍولڻ،
هِير ٿڌيءَ جيان، گُهل او ڍولڻ.

ساجن سوڍل، شفن شوڪت،
آيا ساٿي، ڪُل او ڍولڻ.

ڌرتي ڪيئن ٿو کيڙي بيٺو،
هُو ڏس چاچو ڦُلُ او ڍولڻ.

مايوسي آ موت برابر،
وِک وِک ئي پر هل او ڍولڻ.

جُوءَ سڄيءَ کي جاڳائي وجهه،
ٻول مٺا ڪجهه کُل او ڍولڻ.

پنهنجا آخر پنهنجا آهن،
ماروئڙن سان مل او ڍولڻ.

خوشبوءِ خوشبوءِ سنڌ سڄي آ،
تون ته گلابي گل او ڍولڻ.

هل ته هلي ٿا چانهن پيون اڄ،
بادل ڏيندو بِلُ او ڍولڻ.

*