• ٻارن جهڙا پيارا ۽ وڻندڙ نظم
ٻارن جهڙا پيارا ۽ وڻندڙ نظم
(شاعريءَ جي مجموعي “ڌرتي روشن ٿيندي” جو مهاڳ)
مختيار جا وڻندڙ نظم، ڪرفيوءَ واري ڏينهن، گهر واري پينگهي ۾ ليٽي پڙهان ويٺو. صبح کان وينٽيليٽر تي مستيءَ خور جهرڪيون چرِ چرِ لايون ويٺيون آهن. جهرڪين جي چرِ چرِ ڀَرئي ان پس منظر ۾ موسيقيءَ وارا هي نظم پڙهندي، ڀاسيم پيو هي نظم به انهن جهرڪين وانگر ئي آهن سٻاجها. پيارا. سادا ۽ معصوم. جيئن جهرڪين جي ان جهرمٽ ۾ مختلف سائيز ۽ سڀاوَ واريون جهرڪيون موجود هيون، مختيار جي هنن نظمن ۾ وري بنهه ائين ئي مختلف سڀاوَ ۽ قسمن جا ٻار پيا نظر اچن؛ قوم پرست ٻارِ، بي پرواهه ٻار. ڪِن جي هٿن ۾ رانديڪا، اکين ۾ شرارتون، چپن تي ٽهڪن جا جرڦل، ڪنِ جي هٿن ۾ وري جهنڊا ۽ نرم چپڙن تي هي اُتساهيندڙ نعرا:
ڌرتي روشن ٿيندي هـاڻ،
ڌرتي روشن ٿيندي هاڻ.
ياد اٿم، 1979ع کي جڏهن “ٻارڙن جي عالمي سال” طور ملهائڻ جو اعلان ٿيو هو، تڏهن سڄيءَ سنڌ ۾ ٻارڙن جي ادب ۽ شاعري سرجڻ لاءِ نوجوان شاعرن جي هڪ کيپ اڀري ائين ظاهر ٿي هئي، جيئن برسات کان پوءِ انڊلٺ ظاهر ٿيندي آهي. خوشيءَ جي ڳالهه هتي هيءَ به آهي ته ٻارڙن لاءِ ادب لکڻ وارن انهن ليکڪن ۽ شاعرن جي فهرست ۾ سال بَه سال گهٽتائي اچڻ بدران، ان جي انگ ۾ اضافو ئي ايندو پئي ويو آهي. 1983ع کان جڏهن ان قافلي ۾ مختيار به نئين اُمنگ ۽ موتين جهڙا اُجرا جذبا کڻي داخل ٿيو، تڏهن نهايت جلد دنيا جي گول دائري ۾ مڃتا ماڻيندي، پنهنجن مزيدار نظمن سان، ٻارڙن جي ذهنن ۾ نقش ٿيندو ويو. اهي 1983ع وارا مختيار جا نظم جن جن معصوم ٻارڙن پڙهيا هوندا، ماشاءالله اهي ته هاڻي خير سان اچي جوان ٿيا هوندا. خوشيءَ جهڙيء ڳالهه هتي هيءَ به آهي ته مختيار وري ٻارڙن جي نئين کيپ لاءِ به نت نئين اتساهه سان نت نوان نظم لکڻ ۾ اڳرو پيو نظر اچي. اِن لاءِ دل بي اختيار مختيار کي شابس ڏيڻ ٿي چاهي، جنهن پنهنجي ڏات ۾ ٻارڙن لاءِ به حصو مخصوص ڪري، کين نظر انداز نه ڪيو آهي. هونئن سنڌي ٻار تعليمي، تفريحي ۽ ثقافتي ميڙن ۾ سرڪاري نمائندگيءَ جي سطح تي ڪهڙيءَ ڪهڙيءَ ريت نه نظر انداز پئي ڪيا ويا آهن. اڄ سنڌي علمي ادبي ادارن، لڳي ٿو پَڪو پَھ ڪيو آهي ته سندي ٻارڙن لاءِ ڪجهه به نه ڪنداسين. باوجود سنڌي ٻارن سان اِنهن زيادتين جي، مختيار جي نظمن واري ٻار وٽ مايوسي بنهه ڪنهن به قسم جي ناهي... ۽ هجي به ڇو؟ مختيار جي نظمن وارو ٻارڙو ته پنهنجي همٿ ۽ محنت تي ئي ڀاڙيندڙ آهي.
چوڏهــن چنڊ لڳائي ڇـڏبا،
همٿ حشمت محنت ساڻ،
ڌرتي روشن ٿينـدي هـاڻ.
سنڌي ٻارڙن جي اها سوچ، انا ۽ خوداعتمادي ڏسي من خوشين سان ڀرجيو ٿو وڃي. خوشيءَ جهڙي ڳالهه هتي هيءَ به آهي ته پنهنجن وڏڙن سان گڏ ڌرتيءَ کي روشن ڏسڻ جي خواهش سنڌي ٻارڙن جي به اڄ تهائين وڌي رهي آهي، باوجود ان جي ته هو اڄ هر پاسي غير محفوظ آهن. ٻهراڙين ۾ اغوا ٿيڻ جو ڊپ، شهرن ۾ وري دهشتگرن جون قاتل نگاهون هنن کي گُهورين پيون. روز روز ڪرفيوءَ واري صورتحال الڳ، ٻارڙن جي ايڪٽِوِٽِيز کي ٻنجو ڏئي هنن جي ذهني ۽ جسماني اوسر ۽ تربيت ۾ رخنو وجهي ڇڏيو آهي، ۽ ڏسو هر پاسي هو ڪيڏو نه مجبور ۽ بيوس پيو نظر اچي.
ڪرفيوءَ آهي مَن منجهـايـو،
شـهـر سـڄـو سـنـسـان بنـايو.
ڌاڙيـلـن جـو ويل وڌي ويو،
ماروئڙن جوسُک ڦٽي ويو.
ٻارڙن لاءِ مختيار جا هي نظم سنڌ ۾ ظاهر ٿيندڙ هاڻوڪي نئين صورتحال جا نمائندا نظم آهن، ۽ اڃا به اتساهيندڙ حقيقت هيءَ آهي ته مختيار جي نظمن ۾ موجود ٻار ايترا ته سجاڳ ۽ باشعور ٿا نطر اچن جو پنهنجي آئندي کي سنڌ جو آئندو سمجهندي، راندين ۽ رانديڪن مان هٿ ڪڍي، سنڌ جي بقا لاءِ جنگ جوٽڻ لاءِ هينئر کان ئي وڏي واڪ، هم آواز ٿي، هي نعرو هڻڻ جو شعور رکن ٿا ته:
دل نه لاهيو سـڏ ٿـيـو ڙي،
سنڌي سڀئي گڏ ٿيو ڙي.
يا هي چتاءُ ڏسو!
ڳاٽ جهڪيو جي هيڪر پيارا،
داغ نــه لـهـنــدو عــمـــر ســـــاري.
هاڻوڪي دَور جي هاڃن کان اڃا به ڏهه ٻارهن سال اڳ سنڌ ۽ سنڌ جي اٻوجهه عوام ۽ سياسي ڪارڪنن، يارهن سال آمريت جا جيڪي ڏاڍ، جبر ڏٺا ۽ ڀوڳيا پئي، مختيار جي نظمن جو سجاڳ ٻار هتي ڪهڙيءَ نه سادگيءَ ۽ دل موهيندڙ انداز سان انهن کي راند روند ۾ خراج عقيدت پيو ٿو پيش ڪري:
واهه واهه گيت خوشيءَ جا ڳايان،
تنهن کي مفت ۾ سيـر ڪرايـان.
کــاڌا آهـــن جـنـهـن ڀــــي ڪـــوڙا،
ڊُڪُ ڙي مـنـهـنـجـا پـيـارا گهـوڙا.
اهي ته خير سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال ۾، ٻارڙن لاءِ مختيار جي لکيل ڪجهه نظمن جي پس منظر ۾ ڳالهيون ٿيون. هن جي هنن نظمن جي البم ۾ ڪي ٻيا به وندرائيندڙ، هلڪا ڦلڪا، جيءَ جهوريندڙ ۽ دل ڀِڄائيندڙ موضوع ٽـڙيا پکڙيا پيا آهن. خير نظم جو موضوع کڻي ڪهڙو به هجي، مختيار ان ۾ ڪو نه ڪو سنيهو رکيو ضرور آهي. مثال طور، انهيءَ ساڳي مٿئين نظم “ڊُڪ ڙي گهوڙا” ۾ مختيار ڪهڙي نه ذهانت سان ٻارڙن ۾ خوداعتمادي، همٿ ۽ شجاعت ڀرڻ لاءِ هي نصيحت ڀريو نقطو به رکيوآهي:
رستي ۾ ڪِــٿ رڪـڻــو نـاهي.
ڪنهن جي آڏو جهڪڻو ناهي.
شاعري ڪنهن لاءِ به هجي، وڏن لاءِ يا ٻارڙن لاءِ، پيغام ان ۾ اَوس هجڻ گهرجي. ٻارڙن لاءِ ڪيل شاعريءَ ۾ ته اڃا به اها ڳالهه ضروري آهي جو ٻار ته هوندو ئي آهي “مڇ جو وار”. ان ڪري ٻار جي ذهنيِ ۽ اخلاقي تربيت لاءِ نصيحت تِهائين ضروري به آهي. مختيار پنهنجي اڌ کان وڌيڪ نطمن ۾ نهايت ڏانوَ سان سهڻيون سهڻيون نصيحتون به ڪيون آهن ۽ جائز ڪيون آهن. ڇا جي لاءِ جو، ٻارڙن جي اخلاقي تربيت ڪرڻ لاءِ آسمان تان ڪي فرشتا ڪونه ايندا. اهو ڪم استادن، مائٽن ۽ مختيار جهڙن سجاڳ ذهن رکندڙ شاعرن کي ئي ڪرڻو آهي:
انــســان ســو ئــي آهي جـنـهـن ۾ نه آ ٻـيـائـي،
سَرهَو نه ٿيءُ ڪڏهن، ڏک ۾ ڏسي ٻين کي.
وڙهڻ ۽ لڙڻ سان وڏو ڪونه ٿينـدو،
پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ وارو منزل ٿو ماڻي.
مختيار جي نظمن تي نگاهه وجهڻ ۽ پڙهڻ سان ڪهڙن نه ٻارڙن سان ملاقات ٿئي ٿي. غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ، پورهئي جي ڳاهه ۾ ڳهندڙ ٻار. اهڙن ٻارڙن سان به ملاقات ٿئي ٿي جن زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڦوڪڻو ناهي ڏٺو، جن کي ڪڏهن راند کيڏڻ لاءِ رُپئي وارو بال به ميسر ڪونهي، ۽ جيڪي گند جي ڍير تان اڳڙيون ٿڳڙيون ميڙي بال ٺاهي راند کيڏندا رهندا آهن. زندگيءَ جي ڳاهه ۾ ڳهندڙ، انهن مسڪين ٻارن جو بيان مختيار ڪهڙيءَ نه دل ڀڄائندڙ انداز ۾ ڪيو آهي:
پـيـر اگهـــاڙا لــيــــڙون ڪـپــــڙا،
اکـيـون ڳــوڙهــن سـان ٽــمـٽــار.
ڏڪندو ڏڪندو سيءَ ۾ ننڍڙو،
ڏس ڪيئن ويٺو هڪلي جهار.
ڪــڏهــن ڪـڏهـــن روئـيـنـــدو آ،
پــوڙهـــو پـــيءُ ڏســـي بــيـــمـار،
هـــو بــه تــه تــو جـيـئـن آهي ٻار.
ڄاڻڻ گهرجي ته ٻار ڪهڙي به طبقي مان، ڪهڙي به نسل جو هجي، جيستائين هو ٻار آهي هيءَ دنيا هن لاءِ پڪنڪ پوائنٽ کان وڌيڪ اهميت ڪانه ٿي رکي. درياهه جي ڪناري تڙڳڻ، باغن ۾ وڃي ڪچا زيتون، ڪچيون انبڙيون ڇاڻڻ، گاهه مٿان ڊوڙڻ ۽ ڀولڙن ۽ رڇ جا ڪرتب ڏسڻ ٻارڙن کي ڪيترو وڻندا آهن! نچندڙ مور، ڊُڪندڙ هرڻيون، ترندڙ رنگين مڇيون، ٻڪرين جا ڇيلڙا، ڪارٽون فلمون، ڊسڪو ميوزڪ، سرڪس ۽ ٻيون اهڙيون شيون ٻارڙن جي من ۾ ڪيئن نه خوشيون ڀري ڇڏينديون آهن، ۽ جي انهن مان ڪا شيءِ ٻارڙن کي اوچتو ڏسڻ لاءِ ملي ٿي، ته هو ان کي اهڙي حيرانيءَ سان ڏسندا آهن ڄڻ اها دنيا جي ڪا عجيب شيءِ آهي. يقين ڪريو، ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ مون ڪيئي اهڙا ٻار به ڏٺا آهن، جن ڪڏهن زندگيءَ ۾ ريل ناهي ڏٺي، بس ۾ ناهن چڙهيا. اهڙا ٻار جڏهن مختيار جو هي نظم پڙهندا، اڃا به ڪيڏو نه حيران ٿيندا:
ڪٿي ڪراچي، ڪٿي آ ڪوئٽا،
شــهـــر ڇــڏيــا ٿَـئـيــن رَلــي رَلي.
هُــو ڏس ڪيئــن ٿـي ريـل هلـي.
جيئن فوٽ بال راند ۾ سڀ کان اهم شيءِ هوندو آهي فوٽ بال، ائين ٻارڙن جي نظمن ۾ سڀ کان دلچسپ شيءِ هوندو آهي خود ٻار، ۽ سندس حيرت ۾ وجهندڙ حرڪتون، ڳالهيون ۽ معصوم خواهشون. مثال طور “پائلٽ ٿيندس” نظم ۾، مختيار جون هڪ ٻارڙي واتان چَورايل مزيدار ڳالهيون ۽ سندس هيءَ خواهش ڪيڏي نه نئين ۽ متاثر ڪندڙ ٿي لڳي:
گهوٽ ڀٽائي جي روضي تي،
گـل ڇـٽـيـنـدس، ڦـيـرا ڏيندس،
آءٌ ته سـائـيـن پـائـليٽ ٿـيـنـدس.
ڪاش! سنڌ جا سڀ ٻاراهڙو جذبو رکي، وڏي هوندي سنڌ جا، ڀٽائيءَ جي روضي ۽ ٻوليءَ جا محافظ بڻجي ڏيکارين. خير منهنجي اها خواهش ۽ دعا ته پنهنجي جاءِ تي، مختيار ۽ ان جي نظمن جا ٻار بهرحال پُراميد آهن ۽ چون پيا ته...
منهنجا ساٿي هيڻا ناهن،
سـڀ بـهـــادر ٻــيـڻــا آهن.
مختيارَ پنهنجن نظمن ۾ جيڪا ٻارن جي دنيا ڏيکاري آهي، ان ۾ هر طرح ۽ قسم جو ماحول نظر اچي ٿو. ڪٿي ٻار نعرا پيا هڻن، ڪٿي رُسن پرچن پيا، ڪٿي اجهو وئڪيشن ملهائڻ لاءِ پڪنڪ تي به پيا وڃن.
ماڻيو موڪلن جو مـــزو ڙي ـــــ هلو ڙي،
موهن جي دڙي تي، هلو ڙي ـــــ هلو ڙي.
جيئن چئبو آهي ته اخبار شهرت ۽ ٻار حرڪت کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي، هن نظم ۾ ٻارڙا پنهنجين حرڪتن ۽ شرارتن سان وندرائيندا، بينڊ باجا وڄائيندا، کلندا کلائيندا اچيو موهن جي دڙي تائين ٿا پهچائين. ان ڏَس ۾ مختيار جا نظم “ڀينڊو” ۽ “منهنجي شاديءَ جون ڳالهيون” پڻ ٻارڙن لاءِ وڏي وندر جو سامان ٿا فراهم ڪن. مختيار جا ڪجهه نظم ته پٺين پندرهن سالن کان مسلسل ٻارن لاءِ لکجندڙ نظمن جي ڍڳ ۾ بنهه نوان ۽ منفرد ٿا نظر اچن. مثال طور سندس نظم “هون مان هون” نه فقط پيارو نظم آهي پر ساڳي وقت بنهه نئين موضوع تي به آهي:
گاهه هلي ٿو توکي چـاريان،
چـاري پـوءِ پـاڻــي پـيــاريان،
امڙ ڏهنــدي تــوکــي شُــون،
هُــون مــان هُـون مــان هُون.
مختيار جو هڪ ٻيو، اهڙو ئي نئين موضوع وارو نظم آهي “واهه واهه سائين”. هن نظم ۾ ڪهڙي نه دلچسپ انداز ۽ ٻارن کي هن وڻندڙ معلومات فراهم ڪري باخبر ڪرڻ جي ڪوشش ڪي آهي:
لاڙ جو پلو، ڪوٽ جي گوبي، ڀٽ جو ميلو،
اهڙو آجو واهه وا، سائيـن!
اڇي ٻڪري، ڳاڙهي ڪـڪـڙ، ڪـارو ڇـيلــو،
اهڙو آجو واهه وا، سائين!
ٻار عجيب شيءِ هوندا آهن. ڏسڻ سان هر دفعي پنهنجي ڪنهن نئين حرڪت، ڪنهن نئين معصوميت سان موهي وجهندا آهن. ٻار جيستائين ٻار هوندا آهن انهن سان ملندي، ڳالهيون ڪندي، دل ڪڏهن به ناهي ڀربي. سنڌي ٻوليءَ جي سانوري بانوري شاعر مختيار جا هي بنهه ٻارڙن جهڙا نظم به ٻارڙن وانگر ئي وڻندڙ ۽ پيارا آهن. پڙهڻ سان هر دفعي منجهائن وڌيڪ لطف ماڻيو اٿم. مختيار جي هن مجموعي “ڌرتي روشن ٿيندي” جا ڪجهه نظم اهڙا به آهن جن منجهان ڪجهه ٻارڙا پنهنجون نماڻيون اکيون کولي انگل ڪندي چونم پيا ... نصير چاچا! اسان کي موڪلائڻ کان اڳ آٽوگراف نه ڏيندَو؟ ۽ مان کلندي مرڪندي، کين مختيار جي نظمن مان هڪ نصيحت ڀريو شعر چونڊي، آٽوگراف طور ڏيندي، انهن کي تاڪيد ٿو ڪريان ته اُن تي عمل ڪرڻ بلڪل نه وسارجو. منهنجي پاران انهن ٻارن لاءِ اهو نصيحت ڀريو آٽوگراف اجهو هن ريت آهي ته:
محنت سان ئي ماڳ به اينـدو،
مـاڳ تـه ڇـا گـڏ ڀـاڳ به ايندو،
ملندي هر ڪنهن کي واڌائي.
چڱو، الله واهي،
الله______ واهي.
***