سنڌي ادبي سنگت اسان جو اتساهه آهي : عزيز منگي
جنهن دؤر جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي، انهيءَ ۾ سڌو يا اڻ سڌو سهڪاري مان به رهيو آهيان. جڏهن شاخ ڏوڪريءَ جو حوالو اچي ٿو ته، جيتوڻيڪ مان عيسيٰ ميمڻ جي ڪابينا جو حصو ته نه رهيس، البته سنگت ڏوڪريءَ جي پراڻي عهديدار ۽ ڪارڪن طور شاخ ڏوڪريءَ سان جذباتي لڳاءُ اڻٽرهيو. منهنجو هن سان سهڪار سنگت جي عام سرگرمين کان وٺي اهم پروگرامن تائين محدودو نه رهيو، پر سندس سٿ جوئي هڪ اهم فرد سمجهيو ويندو هوس. دستوري گڏجاڻين توڙي پروگرامن ۾ اخلاقي سهڪار سان گڏ، مالي سهڪار به منهنجو ڪن اصل ميمبرن کان گهڻو وڌيڪ رهيو. هنن نوجوانن جي اتساهيندڙ جذبي کي ڏسي اسان جي حوصلن ۽ همتن ۾ نه صرف روح ڦوڪجي ويندو هو ۽ سندن علم ۽ ادب دوستي ڏسي هر موڪل وارو ڏينهن سندن مقصد جي حاصلات ۽ علمي ادبي خدمتن ۾ گذارڻ ڄڻ ته پسند جو مشغلو بڻجي ويو هو. جڏهن به سنڌي ادبي سنگت جا مفاد سامهون آيا آهن، تڏهن مون انهن آڏو دوستي ۽ رشتيداري پاسيري رکي سچ ۽ سنگت جو پاسو ورتو آهي. ان سبب وقتي طور تي ناراضگيون به پلئه پيون آهن، پر ڪڏهن ڪمپرومائيز نه ڪيو اٿم.
سو ذڪر پئي ڪيم عيسيٰ ميمڻ سان سهڪار جو ته، جڏهن هي يار ڏوڪري ڇڏي معاشي معاملا نبيرڻ لاءِ لاڙڪاڻي پهتو، تڏهن مون سندس ميمبر شپ هتان واري شاخ ۾ هجڻ تي زور ڏنو. نيٺ ڪافي وقت کان پوءِ هن جي مرضيءَ سان، سنگت شاخ لاڙڪاڻي ۾ ميمبرشپ منتقل ٿي وئي. سال ڏيڍ مس گذريو ته هن پنهنجي محنت ۽ اورچائيءَ سان شاخ جي سربراهه طور نئين سڃاڻپ حاصل ڪري ورتي.
چونڊجڻ واري ڏينهن ئي ڪجھ فتوائون ٻُڌڻ لاءِ مليس ته ڪجھ ڪم نه ڪرڻ جا انديشا به ڳنڍڙيءَ ۾ ٻڌل مليس، مون وانگر هن يار جي ترجيح به ذاتيات کان وڌيڪ سنگت رهي آهي، سو سندرا ٻڌي لهي پياسين ميدان تي، ٻنهي لاءِ مسئلو ساڳيو ته، ملهه مليا ڪجھ اناڙي، جنهن ڪري وڌيڪ همت ۽ حوصلي سان ڪم ڪرڻو پيو. حقيقت اها آهي ته، جيتري نظر عيسيٰ ميمڻ ۽ اسان جي ڪارڪردگيءَ تي رکي وئي ڪم اسان ان کان وڌيڪ بهتر ۽ صاف سٿرا نتيجا پيش ڪندي، سرانجام ڏيندا رهياسين. جيترو اتساهه اسان عهديدارن (عيسيٰ، عزيز، استاد گل ۽ روشن ٽوٽاڻي) هڪ ٻئي کي پئي ڏنو ان کان اڻ ڪٿ اتساهه سنڌي ادبي سنگت اسان کي ڏيندي رهي. عيسيٰ ميمڻ کي مون يقين ڏياريندي ڪم ڪرڻ ۽ سنگت لاءِ جاکوڙڻ جي وڌيڪ همت پيدا ڪندي چيو هو ته، تاريخ هن سان انصاف ضرور ڪندي ۽ سندس ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ جا مثال ان جو حصو بڻجي ٻين لاءِ اتساهه جو سبب بڻبا.
[b] عزيز منگي [/b]