مختلف موضوع

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي رپورٽ (سال 2002ع، 2003ع ۽ 2013ع)

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب حاضر آهي. نوجوان ليکڪ عيسيٰ ميمڻ جي محنت ۽ محبت سان هي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي سال 2002ع ۽ 2003ع ۽ سنگت لاڙڪاڻي جي 2012-13ع جي ڪارڪردگي رپورٽ آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ پڌري ڪري عام ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2229
  • 730
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عيسى ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي رپورٽ (سال 2002ع، 2003ع ۽ 2013ع)

سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي

21- اپريل 2015ع ”روزانه عوامي آواز ۽ سوڀ“ ۾ چوٿين دنيا جي مفڪر محترم عبدالواحد آريسر جو ڪالم ”سنگت جون چونڊون: اچو ته ماتم ڪريون“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي. جنھن ۾ آريسر صاحب سنگت سان شعوري ۽ جذباتي وابستگيءَ جي ناتي سنگت ۾ غير جمھوري روايتن ۽ سنگت جي چونڊن ۾ ناڻي تي ورتل ووٽن کي سنڌ جي اديبن کي ميارَ به ڏني آهي ته سنڌ-سنگت جي حوالي سان هڪ نئين بحث جو آغاز پڻ ڪيو آهي. آريسر صاحب جي جواب ۾ سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم ڊاڪٽر مشتاق ڦل جو ”اچو ته محبتون ورهايون“ جي عنوان سان ليک شايع ٿيو آهي. اصولي طور تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل صاحب کي سنگت جي ڪارڪردگي ۽ ترقي پسند رُخن تي وڌيڪ لکڻ ۽ وضاحت ڪرڻ کپندي هئي پر ڊاڪٽر صاحب، آريسر صاحب سان شڪايتون، ڪجهه عقيدتون ۽ آخر ۾ ويندي ويندي ميارون به ڏنيون آهن. جنھن مان محسوس ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب سنگت تي تنقيد کي پنھنجي ذات تي تنقيد سمجهي جواب ڏنو آهي، جيڪو عمل ڊاڪٽر صاحب کي سونھين نه ٿو. آءٌ سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر صاحب ۽ آريسر صاحب جي وچ ۾ ٿيل گفتگو کي ڇڏي مجموعي طور تي سنگت جي هڪ ڏهاڪي جي ڪردار تي خصوصاً ۽ سنگت جي مستقبل جي ڏس ۾ بحث ڪرڻ جي ضرورت وڌيڪ آهي. ان ڪري سنڌ جي ساڃاهه وندن کي سنگت جي مثبت ۽ منفي پاسن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، سنڌي ادبي سنگت جي ترقي پسند رخن، سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ سنگت جو ڪردار ڇا هئڻ گهرجي تي کليل نموني بحث مباحثي جي لاءِ ايمانداريءَ سان لکڻ ۽ راءِ ڏيڻ لاءِ هي اهم موقعو ۽ مھل آهي. سنگت جي مجموعي ڪردار جي حوالي سان ڪجهه حقيقتون سنڌ جي ساڃاهه وندن جي اڳيان رکان ٿو. ان اميد سان ته دوست تعصب جو چشمو پائي تنقيد کي ڏسڻ بجاءِ تعميري انداز ۾ سنگت کي هلائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ضرور وٺندا.

[b]سيڪيولر روايتون ۽ سنگت جو ڪردار:
[/b] سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي سيڪيولر روايتن جي امين جماعت رهي آهي. سنڌ ۾ مذهبي انتھاپسنديءَ کي روڪڻ لاءِ جتي سنڌ جي سياسي پارٽين جو ڪردار آهي ته اتي سنگت جو ڪلچرل محاذ ۽ فنون لطيفه توڙي ادب جي ميدان تي سيڪيولر روايتن جي آبياري ڪرڻ ۾ پڻ اهم حصو رهيو آهي. اڄ اها سنگت پنھنجون ڪاروايون مذهبي انداز ۾ هلائي رهي آهي. سنگت جي ڪيترين ئي شاخن ۾ مذهبي ڏينھن ملھائڻ جون روايتون پڻ پئجي ويون آهن، جنھن ڪري سنگت جون سيڪيولر روايتون زبردست نموني متاثر ٿيون آهن. هڪ طرف جيڪي سياسي ڌريون مذهبي انتھاپسندي کي روڪڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪنديون هيون، اڄ انھن جو اهو ڪردار نه رهيو آهي ته ٻئي طرف سنگت به هڪ ڏهاڪي کان سيڪيولر روايتن کان منھن موڙي ڇڏيو آهي، جنھن ڪري سنگت جو اصل روح مجروح پڻ ٿي رهيو آهي.

[b]سنگت: مزاحمت کان مفاهمت تائين:
[/b]سنڌي ادبي سنگت ون يونٽ کان وٺي ايم.آر.ڊي تحريڪ، توڙي پاڻيءَ جي مسئلي کان وٺي سنڌ جي ننڍي وڏي مسئلي تي هر اول دستي جو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو اديب عوام سان پنھنجو رشتو جوڙي ۽ سرڪار کان ڪنھن مراعت وٺڻ کي عيب سمجهندو هو. پر هڪ ڏهاڪي کان سنڌي ادبي سنگت تي سرڪار جي ايتري ڇاپ رهي آهي جو سرڪار ۽ سرڪاري ادارن کان پئسا، فنڊ، ايوارڊ ۽ مراعتون وٺڻ عيب جو معاملو نه رهيو آهي. اهي سڀ سھولتون سرڪار کان وٺڻ لاءِ سنگت ڄڻ ته هر وقت دروازا کولي ڇڏيا آهن. اها سنگت جيڪا ”ڀلي بک ڀرم جي، شال مَ وڃي شانُ“ جو مثال هئي، اڄ سرڪار کان مراعتون ۽ سھولتون وٺڻ پنھنجو آئيني ۽ قانوني حق سمجهي ٿي. يقيناً سنگت جو سالن جو سفر جيڪو مزاحمت جي علامت هو اڄ اهو مفاهمت جي بي لغام گهوڙي تي سوار آهي. تاريخ هن موڙ تي سنگت کي يقينن ڪٽھڙي ۾ ضرور بيھاريندي.

[b]سنگت جي جمھوري قدرن جي پائمالي:
[/b]يقيناً سنڌي ادبي سنگت جمھوري قدرن جي نمائنده تنظيم رهي آهي. خصوصاً 1983ع جي چونڊن کان پوءِ سنگت جون باضابطه چونڊون هر ٻئي سال ٿينديون رهيون آهن. جنھن ۾ سنـگـت جــا ووٽــر پـنـھـنجي ضمير کي سامھون رکندي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندا رهيا آهن پر خاص ڪري 06-2005ع جي چونڊ ۾ سرڪش سنڌيءَ جي پئنل کي هارائڻ لاءِ پئسن جي استعمال کان وٺي سرڪاري سطح تي ووٽرن کي خريد ڪرڻ ۽ ڊيڄارڻ جھڙا سمورا غير جمھوري طريقا استعمال ڪيا ويا، جيڪو سلسلو اڄ تائين ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ جاري آهي ته ٻئي طرف صرف پنھنجي ووٽ کي بچائڻ لاءِ سنڌ ۾ صرف ووٽر شاخون قائم ڪرائڻ ۽ مخالف شاخن جا الحاق رد ڪرڻ کان وٺي سمورا اهي رستا اختيار ڪيا وڃن ٿا، جيڪي ادبي سنگت جھڙي ترقي پسند جماعت کي ڪڏهن به سونھنَ نه ٿا. هن ڀيري ته سنگت جي چونڊن جو شيڊول به جنھن انداز ۾ جاري ڪري من پسند ضلعي رابطا سيڪريٽري چونڊرايا ويا اهو به ڪنھن صورت ۾ سنگت لاءِ سٺو سنوڻ نه آهي. اهي سڀ غير جمھوري قدر سنگت جي بھتر مستقبل لاءِ ڪنھن به صورت ۾ چڱائي جي خبر نه کڻي ايندا.

[b]سنگت جي تنظيمي جوڙجڪ ۽ مرڪزي آفيس:
[/b]سنگت جون هن وقت ڪل 123-شاخون آهن، جن مان تمام ٿوري تعداد ۾ شاخون نه صرف سرگرم آهن پر ادب جي واڌ ويجهه ۾ حصو پڻ ادا ڪن ٿيون. باقي اڪثر شاخون من پسند ماڻهن تي مشتمل آهن جيڪي ووٽ وٺڻ لاءِ قائم ڪيون ويون آهن. نتيجي طور سنگت جو تنطيمي بنياد مڪمل طور تي ڪمزور ٿي ويو آهي. ضلعن کان وٺي شاخن تائين تنظيمي ضابطي نالي ڪابه شيءِ نه بچي آهي. جنھن ڪري نئين نسل جي تربيتي نرسري هاڻي ڄنڊن پٽڻ ۽ غير تخليقي عملن ۾ تبديل ٿي رهي آهي. يقيني طور تي جڏهن تخليقي ڪم نه ٿيندو اتي تخريب جي لاءِ وڏي گنجائش موجود هوندي آهي. مرڪزي عھديدار ڀُلجي به ڏهن سالن کان ڪڏهن شاخ جو رڪارڊ چڪاس ڪرڻ، سنگت جي سرگرمين تي نظر رکڻ جھڙو ڪم غير ضروري سمجهن ٿا. ته ٻئي طرف سنگت جي مرڪزي آفيس هاڻي سواءِ ڇھين، اٺين مھيني اجلاس ڪرڻ جي ٻئي ڪنھن به ڪارائتي ڪم لاءِ استعمال نه ٿي ٿئي. ان صورت ۾ سنگت جي آفيس جو ڪارج ڄڻ ته رهيو ئي نه آهي. سنگت جي موجوده قيادت سنگت کي فعال ڪرڻ ۾ ڪوبه ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ نه وري ان ڏس ۾ ڪا سنجيده نظر اچي ٿي.
سنڌي ادبي سنگت جي ويب سائيٽ جيڪا 2007ع کان پوءِ ڪڏهن به اپ ڊيٽ نه ڪئي ويئي آهي، سنگت جو ترجمان رسالو ٻن ٽن سالن کان وٺي شايع نه ٿيو آهي. جنھن جو اعتراف سنگت جي سيڪريٽري 19- اپريل 2015ع جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ پڻ ڪيو آهي. اڄ جڏهن سنگت جي موجوده صورتحال تي نظر وجهون ٿا تڏهن سواءِ ڪنھن مايوسيءَ جي ڪجهه به پلئه نه ٿو پوي. ان ڪري هن مايوس ڪن صورتحال ۾ سنگت جي بھتريءَ لاءِ ڪجهه تجويزون پيش ڪجن ٿيون.
سنگت سيڪيولر روايتن جو شاندار ماضي رکي ٿي. ان ڪري سنگت کي پنھنجو جائزو وٺي سيڪيولر روايتن کي نه صرف برقرار رکڻو پوندو پر ان جي واڌ ويجهه لاءِ عملي طور تي وڏي جدوجھد پڻ ڪرڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته هن وقت سماج وڏي مذهبي انتھاپسنديءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي رهيو آهي. ان لاءِ سنڌي ادبي سنگت کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
سنڌي ادبي سنگت، سماج جي نمائنده جماعت رهي آهي، جنھن جو رشتو سرڪار سان جوڙڻ بجاءِ عوام سان جوڙڻ جي ضرورت آهي. جيڪا مزاحمت سنگت مختلف دؤرن ۾ اڀري سڀري حال ۾ پئي ڪئي آهي اڄ ان کي مراعتن ۽ سھولتن جي آسري ۾ مفاهمت جي جهوليءَ ۾ڪيرڻ نه گهرجي.
سنڌي ادبي سنگت، جمھوري قدرن جو مثال رهي آهي اڄ اها غير جمھوري روين جو شڪار ٿي رهي آهي. پنھنجي مخالفن کي سزائون ڏيڻ، ووٽن لاءِ پئسن جو استعمال ڪرڻ وغيره، سنگت جو ڪڏهن به وڙ نه رهيا آهن، ان ڪري سنگت جي قيادت کي اهڙن روين خلاف وڙهڻ ۽ جمھوري قدرن جي پاسداري ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺڻي پوندي.
سنگت جي تنظيمي جوڙجڪ مڪمل طور تي تباهيءَ جي ڪناري تي آهي. ان ڪري سنگت جون شاخون سرگرمين ۽ اهليت جي بنياد تي کولڻ يا ان جا الحاق ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته سنگت جي مرڪزي آفيس جي بھتر ڪارج لاءِ مرڪزي سيڪريٽري ۽ مرڪزي عھديدارن جي اتي موجودگي، علمي ادبي سرگرمين ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ، سنگت جو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ مرڪزي آفيس کي مستقل ٺڪاڻو بنائڻ جي ضرورت آهي.
سنگت جي ترجمان رسالي کي ريگيولر شايع ڪرائڻ، ان ۾ معياري ادب کي جاءِ ڏيڻ، پنھنجا نوازيءَ بجاءِ اهليت جي بنياد تي مواد شايع ڪرڻ ۽ وقت سر شاخن ۽ اديبن تائين پھچائڻ جي اشد ضرورت آهي.
سنڌ جي اديبن، شاعرن، مصورن، راڳين جي مالي سھائتا ڪرائڻ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ، جنھن ۾ سرڪار جي مدد بجاءِ ”پنھنجي مدد پاڻ تحت“ جھڙا وسيلا پيدا ڪرڻ گھرجن ته جيئن سرڪار جي وانگار وهڻ بجاءِ پنھنجي خودداريءَ وارو تاريخي ڪردار ادا ڪري سگهجي.
تاريخي ماڳن جي تحفظ لاءِ ڪوشش وٺڻ، فن، ادب ۽ راڳ جي تاريخ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ نوجوان نسل جي ادب جي ڏس ۾ تربيت ڪرڻ جھڙن ڪمن ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي.
هن سڄي بحث ڪرڻ جو مطلب هرگز اهو نه آهي ته منھنجي راءِ پھرين ۽ آخري آهي جنھن تي هرحال ۾ عمل ڪيو وڃي پر هي هڪ ڪوشش آهي. جيڪا سنڌي ادبي سنگت جي قبلي درست ڪرڻ ۽ ان کي بھتر مستقبل اڏڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ جي. بيماريءَ جي بستري تي هوندي به آريسر صاحب جو هنن حالتن ۾ بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿُر اڇلڻ جو مطلب به اهو ئي ٿي سگهي ٿو. اسان کي پنھنجو دامن ڪشادو ڪري تنقيدن ۽ بحث توڙي راين لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته تضاد زندگيءَ جي علامت آهي، شيون تضاد جي ذريعي ئي سفر ڪنديون آهن.

***