مهاڳ : هڪ خواب جي ساڀيا : آزاد انور ڪانڌڙو
سنڌي ادبي سنگت جي ”ٻوليءَ لاءِ جدوجهد“ ايوبي ڏاڍ واري زماني جو هڪ اهڙو ڪارنامو آهي، جيڪو سنڌي قوم ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي. ”شريف ڪميشن“ جي مخالفت ، لکين صحيحن جو اسڪرول ۽ ” يوم سنڌي زبان“ جا ميڙاڪا ، ان ڳالهه جا شاهد آهن ته سنڌي ٻولي ۽ تعليم کي سنگت ان دور ۾ ائين بچايو ، جيئن سنڌ جي عظيم شاعر شاهه لطيف ڪلهوڙن جي دور ۾ سرڪار جي زبان فارسي جي مخالفت ڪري سنڌي زبان جو ست ۽ سيل سلامت رکيو هو. ون يونٽ جي قيام سنڌ جي جدا قومي وجود جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو ۽ سنڌ ”سابق سنڌ“ بنجي وئي هئي. اهو درد ۽ پيڙا محسوس ڪندي شيخ اياز چيو هو ته ،
سنڌڙي تنهنجو نانءُ ڳـڌو،
ڄڻ ڪاريهر تي پـيـر پـيـو.
ون يونٽ جي خلاف سياسي ميدان ۾ سائين جي ايم سيد ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ، قاضي فيض محمد ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جدوجهد ڪئي ۽ جيلن ۾ قيد ۽ نظر بند ٿيا. ليڪن ادبي مورچو ، سنڌي ادبي سنگت ، سنڌ جي هٿن ۾ هو ۽ ان مورچي تان اسان جي باشعور ۽ باضمير اديبن ، شاعرن جيڪا جدوجهد ڪئي ۽ خود سياست جي جيڪا رهنمائي ڪئي ، اها تاريخ جو رڪارڊ آهي. ڪامريڊ سوڀي جي لفظن ۾ ون يونٽ جي 10 سالن جي دور ۾ احساس محرومي ۾ واڌارو ٿيندو ويو. انهيءَ سموري عرصي ۾ سنڌي ادبي سنگت قومي ادبي تحريڪ کي منظم ڪرڻ ، ترقي ۽ اشاعت لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، سي بي مثال ۽ تاريخي آهن. پر مان چوندس ته سنڌي ادبي سنگت قوم پرستي ۽ سنڌي معاشري کي ترقي پسند لاڙن تي منظم ڪرڻ جي خواهش ۽ امنگ جي علامت بڻجي چڪي آهي. جڏهن سنڌ جي سياست ، موقعي پرستي ، ضمير فروشي ، محلاتي سازشن جو شڪار هئي ته ان وقت سنڌي ادبي سنگت ئي اها تنظيم هئي ، جنهن جدوجهد ڪئي هئي ۽ هي سنڌي نوجوان ، اديبن ، شاعرن ۽ دانشورن جو مخلصانه ، دلير ترقي پسند جدوجهد ۽ ڊگهين قربانين جو نتيجو هو، جو سياستدانن کي به انهيءَ راهه تي واپس ورڻو پيو، جيڪا نوجوان سنڌي اديبن اختيار ڪئي هئي. سنڌي ادبي سنگت جي ان ڪردار بابت ناليوارو سياسي اڳواڻ يوسف لغاري لکي ٿو ته، 1958ع کان پوءِ سنڌ جي سموري سياست تي گهٽ ۽ ٻوسٽ ڇانيل هئي ۽ ڪوبه اهڙو سياستدان ڪونه هو جيڪو ايوب خان جهڙي آمر سان سنڌ جي مسئلن ۽ حقن بابت ڳالهائي سگهي. جي ايم سيد ، حيدر بخش جتوئي ، شيخ اياز ۽ قاضي فيض محمد ۽ انهن کانسواءِ فقط سنڌي ادبي سنگت ئي هئي ، جيڪا سنڌ جي مسئلن تي وقت بوقت آواز اٿاريندي رهي.
سنڌي ادبي سنگت ، پنهنجو تنظيمي ، تخليقي ، ۽ قومي سفر طئي ڪندي 70 سالن جي ڊگهي سفر ۾ سنگت جي پهرئين باني سيڪريٽري جنرل گوبند مالهيءَ جي تسلسل کي برقرار رکيو. افسوس ته گذريل ڪجهه سالن کان سنڌي ادبي سنگت جي ان تاريخي جدوجهد جي تسلسل کي برقرار رکڻ بجاءِ سنگت کي سرڪار جي چاپلوسي ۽ هر اڀرندڙ سج جي سلاميءَ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. هاڻي ته بوگس شاخن جي آڌار تي پاڻ کي 3 ڀيرا لاڳيتو چونڊرائيندڙ سيڪريٽري جنرل جي هاڻوڪي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ سان وڏي هٿ چراند ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي بنياد 1947ع کان ئي انڪار ڪيو پيو وڃي. اهڙي روش جي شروعات سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪئي هئي.
[b]سنڌي ادبي سنگت جو بنياد
[/b]
سنڌي ادبي سنگت جو بنياد ورهاڱي کان اڳ 1947ع ۾ پيو. ان حوالي سان ڪامريڊ اي جي . اُتم ، ايڊيٽر ماهوار “ نئين دنيا ” پنهنجي 1 آگسٽ 1947ع جي پرچي ۾ ، هيٺين خبر شايع ڪئي:
“گذريل آرتوار تي ڪراچيءَ جي سنڌي ليکڪن جو ميڙ “ بايرس شپرس چيمبر” ۾ پروفيسر ايم . يو ملڪاڻيءَ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو ، جتي پروفيسر ايم . يو ملڪاڻي ، لالچند امر ڏنو مل ، آسانند مامتوراءِ ، چوهڙ مل هندوجا ، منوهر داس ڪوڙو مل ، تيرٿ سڀاڻي ، سوڀو گيانچنداڻي ، گوبند مالهي، بهاري ڇاٻڙيا ، آنند گولاڻي ، ڪيرت ٻاٻاڻي ، موهن پنجابي ، ڀڳوان لالواڻي ۽ ٻيا ڪيترا جهونا خواهه نوان سنڌي ليکڪ حاضر هئا. شروعات ۾ گوبند مالهيءَ ، ترقي پسند ادب جي باري ۾ پنهنجا ويچار رکيا، جنهن کان پوءِ ، منوهر داس ڪوڙيمل ، آسانند مامتوراءِ ، لالچند امر ڏني مل ۽ پروفيسر ملڪاڻيءَ به پنهنجا پنهنجا رايا پيش ڪيا. آخر ۾ “سنڌي ليکڪن جي جماعت بندي” ڪرڻ لاءِ حال ڪراچيءَ ۾ “ سنڌي ادبي سنگت” جي نالي سان هڪ جماعت برپا ڪئي وئي. اُن خبر شايع ٿيڻ جي هفتي اندر سنڌي ادبي سنگت جي پهرين باڊيءَ جي چونڊ ٿي.
گوبند مالهيءَ جو ساٿي، ڪيرت ٻاٻاڻي ، پنهنجي دوست گوبند مالهيءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ ، سنڌي اڪيڊمي دهلي پاران نڪرندڙ ڇماهي رسالي “سنڌي جوت” جي “گوبند مالهي خاص شماري” (جنوري- جون 2001) ۾ ديو- قد مفڪر: گوبند مالهي مضمون ۾ لکي ٿو:
........... اهوئي سمو هئو، جو گوبند مالهيءَ جي جماعتبندي ۽ تخليقي قوتن جو نکار ٿيو. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اسٿاپنا جو سوال اٿيو ته سڀني جون اکيون وڃي گوبند مالهيءَ تي کتيون. اديبن جو ميڙ آگسٽ 1947ع ۾ بايرس – شپرس چيمبر ۾ گهرايو ويو، جنهن ۾ ڪراچيءَ جي بزرگ توڙي نوجوان ساهتڪارن شرڪت ڪئي. مٿين جماعت کي وجود مليو. سيڪريٽريءَ جون جوابداريون گوبند مالهيءَ مٿان رکيون ويئون. آسانند مامتوراءِ : پريزيڊنٽ ، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: نائب پريزيڊنٽ ، شيخ اياز ۽ بهاري ڇاٻڙيا جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيا.” (ص - 16 -17)
1947ع ۾ ، ورهاڱي کان ڇهه مهينا اڳ گوبند مالهي ڪراچيءَ ۾ ، ڪميونسٽ پارٽيءَ تان استعيفا ڏني هئي. هو پنهنجي آتم ڪٿا “ ادب ۽ اديب” جي ٽئين جلد “نرواس ۾ آس” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:
“ مون کي پارٽي ورڪ مان فارغ ڏسي، منهنجي پبلسٽي سروس ۾ ڀائيوار ايسر پوپلي صلاح ڏني ته ماهوار مخزن ڪڍجي ، اشتهار ملڻ ۾ دقت ڪانه ايندي ، پريس جي سهولت به موجود آهي. مون کي هن جي صلاح جچي. “نئين دنيا” ماهوار مخزن جاري ٿي....... ان جي اردگرد ساهتڪارن جو مجموعو به مڙي ويو. سنڌي ساهتڪاري جي جماعتبندي به ٿي، “سنڌي ادبي سنگت” به جڙي، جنهن جو پريزيڊنٽ آسانند مامتوراءِ ۽ جنرل سيڪريٽري مان چونڊيس، جوائنٽ سيڪريٽري بهاري ڇاٻڙيا ۽ شيخ اياز چونڊيو ويو.
”(ڏسو نرواس ۾ آس “ ص – 26 ۽ پنجئي جلد گڏ” سنڌڙي منهنجي جندڙي” ، ص -183 ، سنڌي ساهت گهر ، حيدرآباد ، اپريل 2004ع)
خود گوبند مالهي جڏهن 1989ع ۾ ، سگا پاران سڏايل ”انٽرنيشنل سچل سيمينار“ ۾ هند جي ٻين اديبن سان گڏجي سنڌ آيو هو ته حيدرآباد ۾ ، ان وقت جي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز جي باڊيءَ کيس آجياڻو ڏنو هو، جتي هن تقرير ڪندي چيو ته:
“سڄڻو! اها منهنجي لاءِ نهايت فخر ۽ خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته هڪڙو ننڍڙو ٻوٽو مون لڳايوهو. مارچ – اپريل 1947ع ۾ ، ڪوشش اها هئي ته هر قسم جي ويچار ڌارا رکندڙ سنڌي اديب هڪڙي ماڳ تي اچي گڏ ٿين ۽ رابطي ۾ رهن جيتوڻيڪ ، هڪ ترقي پسند جي حيثيت ۾ ، ترقي پسند ليکڪن جي جماعت هتي اڳ ۾ ئي ٺهيل هئي، جنهن جي جنرل سيڪريٽري هئڻ جو شرف به مون کي رهيو، پر مون چاهيو پئي ته هر پيڙهيءَ ۾ هر پيڙهيءَ جا سنڌي اديب هڪڙي ئي ماڳ تي هجن............. ۽ اها تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت اسان هتي پيدا ڪئي“.
(سنگت پبليڪيشن ڪتاب نمبر 4 ، فيبروري 1990ع ، ص - 64)
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي ادبي سنگت لاءِ ڪوششون مارچ - اپريل 1947ع کان شروع هيون، وري گوبند مالهيءَ ، ڊاڪٽر ادل سومري کي ، (جنهن سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي رهنمائيءَ ۾ پي . ايڇ . ڊي ڪئي آهي) 1- سيپٽمبر 1992ع تي ممبئيءَ مان خط ۾ لکيو هو:
”در حقيقت ، اسان جي سنڌ ۾ هجڻ تائين ، سنڌي ادبي سنگت جي بلڪل مختصر تاريخ رهي. 1947ع ۾ جيئن ئي “ سنڌي ادبي سنگت“ جڙي، تيئن ئي هن اپکنڊ جي آزادي ۽ هندن جي ڀارت ڏانهن لڏ پلاڻ جون ڳالهيون شروع ٿيون. مان اوهان کي سنگت جي پهرين عهديدارن جي خبر چار ڏيان ٿو:
پريزيڊنٽ: آسانند مامتوراءِ
وائيس پريزيڊنٽ: پروفيسر ايم . يو ملڪاڻي
جنرل سيڪريٽري: گوبند مالهي
جوائنٽ سيڪريٽري: شيخ اياز ۽ بهاري ڇاٻڙيا
ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي بزرگ اديب لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي ، سوڀو گيانچنداڻي ۽ شايد عبدالرزاق رازبه هو.”
(سنگت گولڊ جوبلي ڪانفرنس – 97 سووينيئر ، ص – 6)
1956ع جي سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن (ڪراچي ، 17 – آڪٽوبر 1956ع) بابت ”سنگت هڪ ادبي تحريڪ – هڪ نئين تاريخ“ ڪتابڙي ۾ مرحوم ڊاڪٽر اياز قادريءَ (ان وقت جي سيڪريٽري جنرل) جي رپورٽ ڇپيل آهي، جنهن ۾ هو خود لکي ٿو؛
”سنڌي ادبي سنگتون به انهيءَ دور (آزاديءَ کان پوءِ) جي پيدائش آهن. پهريائين ڪراچي شهر ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ برپا ٿي ۽ جنهن بعد سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ سنڌي ادبي سنگتون هستيءَ ۾ اچڻ لڳيون.” (ص – 64) ان بعد لاڙڪاڻي اجلاس جي ذڪر بعد ڪراچي ۾ ٿيل سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن بابت لکي ٿو:
“ هي ڪنوينشن آچر 17 آڪٽوبر 1956ع تي سنڌ مدرسي ۾ گڏ گڏ ٿي ۽ ان ۾ سنڌ جي جملي 12 سنگتن، 33 عيوضي موڪلي شرڪت ڪئي. ”(ص - 66)، اهي 12 سنگتون – شڪارپور، لاڙڪاڻي، قمبر علي خان، سکر، خيرپور، مورو، نوابشاهه، جيڪب آباد، ٽنڊومحمد خان ، جهمپير ، ميرپور بٺورو ۽ ڪراچي هيون. “
سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل شمشير الحيدري، هلال پاڪستان حيدرآباد جي 23 مارچ 1956ع واري اشاعت ۾ لکي ٿو:
”سنڌي ادبي سنگت جي نالي سان سڀ کان پهرين جماعت ڪراچيءَ ۾ سن 1946ع ڌاري ٺهي، جنهن جو پايو وجهندڙ گوبند مالهي ، شيخ اياز ، موهن پنجابي ۽ شيخ راز جهڙا قابل ۽ پختا اديب هئا، پر 1947ع واري لڏ پلاڻ سان هيءَ سنگت پڻ خودبخود ختم ٿي وئي. ان بعد 1952ع ۾ نورالدين سرڪي ۽ عبدالغفور انصاريءَ جي دلچسپيءَ سان اها سنگت نئين سر ترتيب ۾ آئي“.
سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري رشيد ڀٽي ، پنهنجي مضمون ”سنڌي ادبي سنگت جا 23 سال ( 1947ع کان 1970ع )“ ۾ لکي ٿو:
”سنڌي ادبي سنگت جي پيڙهه جو پٿر تڏهن پيو، جڏهن هندو پاڪ اپکنڊ ۾ هڪ پاسي انگريز سامراج جي خلاف هلچل زورن تي هئي ته ٻئي پاسي نوان اقتصادي نظريا دنيا جي ڳپل حصي ۾ ڏتڙيل ۽ ڦريل لٽيل عوام جا ڀاڳ ڀلائي چڪا هئا. اهي ٻئي عمل ئي وقت جي ادبي لاڙن ۽ قدرن تي ڪم ڪري رهيا هئا. لازمي طور سنڌي اديب به انهن نون اثرن کان متاثر ٿيو. 1946ع ڌاري ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر گربخشاڻيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ اهڙن خيالن ۽ نظرين جي حامي شاگرد اديبن ۽ شاعرن هڪ جماعت جو بنياد وڌو. جنهن جو نالو “ سنڌي ادبي سرڪل” رکيو ويو. ان سرڪل جي جوڙ جڪ ۾ اهم حصو وٺندڙ اديبن ۾ نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ راز، مرحومه روشن آرا مغل، ارجن شاد ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن..... 1947ع جي وچ ڌاري ان تنظيم کي ڪاليج جي حدن کان ٻاهر ڪڍيو ويو. ورهاڱي کان ٻه ٽي مهينا اڳ ڪراچي شهر جي هڪ اداري “شپرس ۽ بايرس” جي آفيس ۾ سنڌ جا هم خيال شاگرد ۽ اديب پاڻ ۾ گڏيا ۽ فيصلو ڪري “ سنڌي ادبي سنگت” جو پايو وڌائون. انهن اديبن ۾ شيخ اياز ،مرحوم احسان بدوي، نعيم صديقي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، سندري ۽ روشن آرا مغل جا نالا قابل ذّڪر آهن. جماعت جو پهريون سيڪريٽري سنڌ جو مشهور ناول نويس ۽ نقاد گوبند مالهي چونڊيو ويو. ترت ئي ورهاڱو ٿي ويو ۽ هندو سنڌي اديبن جي گهڻائي هندستان هلي وئي.
(هفتيوار صبح سنڌ 14 – آگسٽ 1970، ص – 5)
رشيد ڀٽيءَ کان چارج ڇڏائي، قائم مقام سيڪريٽري جنرل بڻيل تاج بلوچ پنهنجي پاران ڇپايل ”سنگت: هڪ ادبي تحريڪ ، هڪ نئين تاريخ“ ڪتابڙي ۾ رقم طراز آهي:
”.........اهڙن ئي اديبن جي ڪوشش سان ”سنڌي ادبي سنگت“ جي تحريڪ جي ابتدا، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان هڪ ٻه يا مهينا اڳ، ڪراچيءَ ۾ شپرس اينڊ بايرس جي آفيس مان، شروع ٿي. سنگت جي پايي وجهندڙن مان ، محترمين گوبند مالهي ، مرحوم احسان بدوي ، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ شيخ اياز جا نالا قابل ذڪر آهن. گوبند مالهيءَ کي ان وقت سنگت جو پهريون سيڪريٽري چونڊيو ويو.“
(2 آڪٽوبر 1966ع س.(الف). سنگت ڪراچي پاران ڪوٺايل سنڌي ادبي ڪانفرنس، خالقڏني هال ۾ پڙهيل استقباليه خطبو)
مشهور محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجي پي ايڇ ڊي جي مقالي ”ڪراچي ضلعي جون عملي ادبي جماعتون ۽ اشاعتي ادارا“ ۾ لکي ٿو:
”سنڌي ادبي سنگت 1947ع ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن جي پايي وجهندڙن مان گوبند مالهي ، احسان بدوي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ شيخ اياز جا نالا قابل ذڪر آهن. گوبند مالهيءَ کي ان وقت سنگت جو پهريون سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.“
(ڏسو، ڊاڪٽر ادل سومري جو مضمون: ”سنڌي ادبي سنگت جو قيام“ سنگت گولڊن جويلي سووينيئر ص -6)
سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ادل سومرو، پنهنجي مضمون ”سنڌي ادبي سنگت جو قيام“ ۾ لکي ٿو ته: ”نئين دنيا آگسٽ 1947ع جي پرچي ۾ شايع ٿيل ان خبر ۾ جماعت جو نالو نهايت واضع ۽ صاف اکرن ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ لکيل آهي، تنهنڪري سنگت جي قيام بابت هيل تائين ٿيل تحقيق ۾ هن نئين ثبوت کان پوءِ ڪنهن به مبالغي جي گنجائش نه ٿي رهي ۽ اهو پڌرو ٿئي ٿو ته سنگت جو قيام ورهاڱي کان ٻه مهينا کن اڳ ٿيو هو. جيئن ته اهو ثابت ٿي ويو ته ”سنڌي ادبي سنگت“ 1947ع ۾ قائم ٿي هئي، تنهنڪري ان حساب سان، سال 1997ع سنگت جو گولڊن جوبلي سال ٿيندو.
(سنگت گولڊن جوبلي سووينيئر – 1997ع ، ص – 7)
هنن تحريري ثبوتن کان پوءِ به سنڌي ادبي سنگت جي موجوده قيادت پاران ”سنڌي ادبي سنگت“ جو بنياد 1956ع کان ڄاڻائڻ سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ سان وڏي هٿ چراند آهي.
[b]سنڌي ادبي سنگت جي قيام کان اڄ تائين جا رهندڙ مرڪزي عهديدار؛
[/b]
[b]پهرين گڏجاڻي ڪوٺائيندڙ:
[/b]گوبند مالهي ، شيخ اياز ، بهاري لال ڇاٻڙيا
[b]تاريخ ۽ جاءِ : مارچ – اپريل 1947ع انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن هال ، سٽي اسٽيشن ڪراچي) .
[/b] صدارت: لال جڳتياڻي
صدر : آسانند مامتو راءِ
نائب صدر : ايم . يو ملڪاڻي
جنرل سيڪريٽري : گوبند مالهي
جوائنٽ سيڪريٽري: اياز شيخ ۽ بهاري لال ڇاٻڙيا
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر:
سوڀو گيانچنداڻي ، لال چند
امر ڏنو مل جڳتياڻي
(مارچ – اپريل 1947ع انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن هال ، سٽي اسٽيشن ڪراچي) .
سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر اياز قادري
جوائنٽ سيڪريٽري: شمشير الحيدري
خزانچي: موتي رام رامواڻي
آڊيٽر: ع – ق شيخ
(7 آڪٽوبر 1956ع سنڌ مدرسو ڪراچي)
سيڪريٽري جنرل : (قائم مقام) شمشير الحيدري
خزانچي: موتي رام رامواڻي
آڊيٽر: ع – ق شيخ
(اپريل 1957ع)
سيڪريٽري جنرل : ڊاڪٽر تنوير عباسي
جوائنٽ سيڪريٽري : پروانو ڀٽي
خزانچي : حميد سنڌي
آڊيٽر: تاج بلوچ
( 2 آڪٽوبر 1966ع 17- اورنگزيب مارڪيٽ بندر روڊ ڪراچي )
سيڪريٽري جنرل رشيد ڀٽي
جوائنٽ سيڪريٽري : تاج بلوچ
خزانچي : محمد بخش سومرو
آڊيٽر : منير سنڌي
(24 جنوري 1970ع ميونسپل ٽائون هال ، سکر)
سيڪريٽري جنرل : (قائم مقام ) تاج بلوچ
خزانچي : محمد بخش سومرو
آڊيٽر : منير سنڌي
(1979ع سکر)
سيڪريٽري جنرل : تاج جويو
جوائنٽ سيڪريٽري : شفيع محمد مخفي
خزانچي : علي نواز ڦل
آڊيٽر : امين ٿيٻو
( 5 آگسٽ 1983ع پريس ڪلب خيرپور)
سيڪريٽري جنرل : تاج جويو
جوائنٽ سيڪريٽري : اياز گل
خزانچي : رسول بخش درس
آڊيٽر : اسير ملاح
( 9 آگسٽ 1985ع مسلم ڪاليج هاسٽل حيدرآباد )
سيڪريٽري جنرل : غلام حسين رنگريز
جوائنٽ سيڪريٽري : راشد مورائي
خزانچي : گل ملاح
آڊيٽر : اختر درگاهي
(1 اپريل 1988ع مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد )
سيڪريٽري جنرل : تاج جويو
جوائنٽ سيڪريٽري : اياز گل
خزانچي : نياز پنهور
آڊيٽر: پارس حميد
(23 مارچ 1990ع ٽيچرس ڪلب ڄامشورو)
سيڪريٽري جنرل : ڊاڪٽر ادل سومرو
جوائنٽ سيڪريٽري : منٺار سولنگي
خزانچي : غلام نبي ناشاد
آڊيٽر: نعيم شيخ
(22 مئي 1992ع قاسم آباد ڪاليج حيدرآباد)
سيڪريٽري جنرل : ڊاڪٽر شمس سومرو
جوائنٽ سيڪريٽري: ممتاز بخاري
خزانچي : ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
آڊيٽر: آزاد انور ڪانڌڙو
(3 جون 1994 ڀٽ شاهه)
سيڪريٽري جنرل : (قائم مقام) ممتاز بخاري
خزانچي: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
آڊيٽر: آزاد انور ڪانڌڙو
(17 نومبر 1995ع مورو)
سيڪريٽري جنرل: اياز گل
جوائنٽ سيڪريٽري: وسيم سومرو
خزانچي: غلام نبي ناشاد
آڊيٽر: معشوق ڌاريجو
(8 نومبر 1996ع مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد)
سيڪريٽري جنرل: مختيار ملڪ
جوائنٽ سيڪريٽري: ضراب حيدر
خزانچي: اختر درگاهي
آڊيٽر: اصغر سجاڳ سنڌي
(13 ڊسمبر 1998ع قاسم آباد ڪاليج حيدرآباد)
سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر ادل سومرو
جوائنٽ سيڪريٽري: گل ڪونڌر
خزانچي: آزاد انور ڪانڌڙو
آڊيٽر: اسد سولنگي
(19 فيبروري 2001ع مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد)
سيڪريٽري جنرل: تاج جويو
جوائنٽ سيڪريٽري: رياضت ٻرڙو
خزانچي: آصف مٺياڻوي
آڊيٽر: نور چاڪراڻي
(14 ڊسمبر 2003ع مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد)
سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
جوائنٽ سيڪريٽري: ڊاڪٽر مشتاق ڦل
خزانچي: معشوق ڌاريجو
آڊيٽر: غلام محمد غازي
(16 فيبروري 2005 مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد)
سيڪريٽري جنرل: يوسف سنڌي
جوائنٽ سيڪريٽري: محمد علي مانجهي
جوائنٽ سيڪريٽري عورت: زيب نظاماڻي
خزانچي: جبار ملاح
آڊيٽر: منظور اڄڻ
(27 اپريل 2008ع سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد)
سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر مشتاق ڦل
جوائنٽ سيڪريٽري: مشتاق بخاري
جوائنٽ سيڪريٽري عورت: مهرالنساءِ لاڙڪ
خزانچي: نبي بخش ناز
آڊيٽر: بشير منگي
(جولاءِ 2010ع سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد)
سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر مشتاق ڦل
جوائنٽ سيڪريٽري: ملهار سنڌي
جوائنٽ سيڪريٽري عورت: مهرالنساءِ لاڙڪ
خزانچي: نبي بخش ناز
آڊيٽر: رضا ڏاهري
(سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد)
سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر مشتاق ڦل
جوائنٽ سيڪريٽري: پريل دايو
جوائنٽ سيڪريٽري عورت: مهرالنساءِ لاڙڪ
خزانچي: ذوالفقار گاڏهي
آڊيٽر: فقير محمد انڙ
( 19 اپريل 2015ع سنڌ ميوزيم حيدرآباد)
هن وقت تائين ڪل 22 سيڪريٽري جنرل رهيا آهن.
3 سيڪريٽري جنرل شمشير الحيدري ، تاج بلوچ ۽ ممتاز بخاري قائم مقام سيڪريٽري جنرل رهيا آهن.
4 سيڪريٽري جنرلن اياز قادري ، رشيد ڀٽي ، شمس سومرو ۽ ادل سومرو استعيفائون ڏنيون ، جن مان ڊاڪٽر ادل سومرو جي استعيفا سيڪريٽرين ، ڪائونسلرن جي متفقه فيصلي کانپوءِ موري ۾ ڪاروباري ڪميٽي جي سال 2001ع ۾ ٿيل اجلاس ۾ واپس وٺرائي وئي.
وڌ ۾ وڌ مدو رشيد ڀٽي لڳ ڀڳ 10 سال شمشير الحيدري 9 سال ۽ ٻه مهينا ۽ تاج بلوچ 4 سال سيڪريٽري جنرل رهيو.
سنگت جي تاريخ ۾ 4 ڀيرا سيڪريٽري جنرل رهڻ جو اعزاز تاج جويي کي ۽ 2 ڀيرا سيڪريٽري جنرل رهڻ جو اعزاز ڊاڪٽر ادل سومرو کي رهيو. جڏهن ته لاڳيتو ٽي ڀيرا سيڪريٽري جنرل رهڻ جو اعزاز ڊاڪٽر مشتاق ڦل کي رهيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس دور تڪراري رهيو آهي.
سنگت جي 56 سالن جي تاريخ ۾ مرڪزي آفيس لاءِ اختر ڪاٽيجز قاسم آباد ، حيدرآباد ۾ پلاٽ اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اياز گل ورتو، جڏهن ته مرڪزي آفيس جي اڏاوت جي شروعات يعني پيڙهه جو ڪم ڊي پي سي تائين ڊاڪٽر ادل سومري اپريل 2003ع ۾ ڪرايو. جڏهن ته بعد ۾ سنگت جي آفيس جو ڪم ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي دور ۾ مڪمل ڪيو ويو.
[b]سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي 1997ع
[/b]
سنڌي ادبي سنگت جو قيام ورهاڱي کان اڳ 1947ع ۾ پيو. ان ڪري سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران پنهنجي قيام جا 50 سال پورا ڪرڻ تي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سنڌ جي برک شاعر سائين اياز گل جي دور ۾ سنگت – گولڊن جوبلي ڪانفرنس، 28 ڊسمبر 1997ع تي حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ۾ ملهائي وئي. ان ڏهاڙي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي اوچتي لاڏاڻي سبب سنگت جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس کي “ تعزيتي اجلاس ”۾ تبديل ڪيو ويو. شمشير الحيدري ، نياز همايوني ، فتاح ملڪ ، اياز گل ، نصير مرزا ۽ ٻيا مهمان اسٽيج تي ويٺل هئا. ان موقعي تي شيخ اياز جي لاڏاڻي سبب خاموشيءَ سان سمورن سيڪريٽري جنرلن کي ايوارڊ ۽ ٻين مرڪزي عهديدارن کي مڃتا سرٽيفيڪٽ ڏنا ويا. جڏهن ته 1996ع ۾ ڇپيل ڪتابن تي هيٺيان ايوارڊ ڏنا ويا.
نارائڻ شيام ايوارڊ (شاعري) محترم تنوير عباسي
نارائڻ شيام ايوارڊ (شاعري) محترم تاجل بيوس
نسيم کرل ايوارڊ (ڪهاڻي) محترم طارق قريشي
نجم عباسي ايوارڊ (ناول) محترم غلام بني مغل
رشيد ڀٽي ايوارڊ (ترجمو) محترم انعام شيخ
الهداد ٻوهيو ايوارڊ (تحقيق) محترم اشتياق انصاري
سنڌي ادبي سنگت جي 1997ع ۾ ملهايل گولڊن جوبلي جي حوالي سان ناميارو اديب ، سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل محترم يوسف سنڌي پنهنجي ڪتاب ”اونداهيءَ ۾ سوجهرو“ 2002ع ۾ صفحي 143 تي مضمون ”سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت “ ۾ لکي ٿو؛
”اها اسان جي خوش قسمتي چئبي جو، 1997ع سال ، سنڌي ادبي سنگت جو گولڊن جوبلي سال ڪري ملهائي رهيا آهيون. يعني ان حساب سان ، سنڌي ادبي سنگت جي عمر پنجاهه سال آهي. پنجاهه سال، ڪنهن ملڪ ۽ قوم جي ادب ۽ زبان لاءِ ۽ خود ان ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ ترويج جي لاءِ تمام وڏا سال آهن. 1947ع، جيڪو پاڪستان ٺهڻ سان گڏ ، ”سنڌي ادبي سنگت“ جي جنم جو سال به آهي ۽ 1997ع جيڪو پاڪستان سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جي به گولڊن جوبليءَ جو سال آهي. 1947ع کان وٺي اڄ تائين ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت ۽ سنڌي ادبي سنگت، جاگرافيائي لحاظ کان پاڪستان سان ئي لاڳاپيل رهي آهي. انهن پنجاهه سالن ۾، سنڌي ادب، قوم ، ۽ ثقافت جي ترقي ۽ واڌاري جي لاءِ ادا ڪيل ڪردار ئي اسانجو موضوع هئڻ کپي. ان موضوع تي اسان کليل دل ۽ دماغ سان بحث ڪريون ته بهتر.“
[b]سنڌي ادبي سنگت جي تڪراري گولڊن جوبلي ۽ سالگرهه
[/b]
سنڌي ادبي سنگت جي 1997ع ۾ نامياري شاعر سائين اياز گل جي سيڪريٽري جنرل جي دور ۾ گولڊن جوبلي ملهائي وئي هئي. جنهن کانپوءِ ٺيڪ 10 سالن بعد سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي عمر 10 سال گهٽائي، سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ سان هٿ چراند ڪندي، ٻيهر 1956- 2006 جي حساب سان 15 ۽ 16 ڊسمبر 2007ع تي سنڌي ادبي سنگت جي تڪراري ۽ فرضي گولڊن جوبلي ملهائي وئي. افسوس ته آرگنائيزنگ ڪاميٽيءَ ۾ شمشير الحيدري به شامل رهيو. ان وقت ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويي ۽ مون سنڌ جي ساڃهه وند اديبن، دانشورن ۽ عالمن مظهر الحق صديقي ، پيرزاده محمد قاسم ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج الحق ميمڻ، شمشير الحيدري، امر جليل، امداد حسيني، مظهر جميل، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، سحر امداد، فهميده حسين، ج.ع منگهاڻي ڏانهن 13 صحفن تي مشتمل ثبوتن سان هڪ کليل خط لکيو هو ۽ کين سنڌي ادبي سنگت جي فرضي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت کي ورهائڻ واري ڪوشش جو حصو نه بنجڻ جي گذارش ڪئي هئي.
ان وقت 14 ڊسمبر 2007ع جي روزاني ”ڪاوش اخبار“ جي هائيڊ پارڪ ۾ نامياري شاعر سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي قائم مقام سيڪريٽري جنرل شمشير الحيدري جو ”سنگت گولڊن جوبلي“ جي حوالي سان حيران ڪندڙ ۽ جديد منطق وارو خط ڇپيو. جنهن ۾ هن اهو موقف اختيار ڪيو ته ”15 - 16 ڊسمبر تي ڪراچيءَ ۾ ملهائجندڙ سنگت گولڊن جوبلي، سنڌي ادبي سنگت جي جنم 1947ع جي نه پر ان جي مرڪزي تنظيم جڙڻ 1956ع جي گولڊن جوبلي ملهائي پئي وڃي. جنهن جي جواب ۾ نامياري اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويي ، شمشير الحيدري صاحب جو جديد منطق جي عنوان سان جوابي خط ۾ لکيو هو ته ”اسان جي بزرگ دوست جو هيءُ جديد منطق جيڪڏهن مڃجي به کڻي پوءِ، ان جو مثال ائين ٿيندو ته ڪو شخص پنهنجي ڄمڻ جي گولڊن جوبلي هڪڙي تاريخ تي ملهائي ، بالغ ٿيڻ جي گولڊن جوبلي ٻي تاريخ تي ملهائي ۽ سرڪاري نوڪري ماڻڻ جي سالگرهه ٽين تاريخ تي ملهائي. ان حساب سان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جون ٽي گولڊن جوبليون ملهائڻيون پونديون. هڪڙي آگسٽ 1947ع جي حساب سان ، جڏهن منگهارام ، گوبند مالهيءَ ۽ شيخ اياز ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو هو. ٻي گولڊن جوبلي آڪٽوبر 1956ع جي حساب سان ، جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ ۾ موجود ٻارهن شاخن ، سنگت جي آئيني جوڙجڪ ڪري ، ان جو آئين منظور ڪرائي ، مرڪزي ڪنوينشن ۾ سنگت جا مرڪزي عهديدار چونڊايا هئا. ٽين گولڊن جوبلي 1965ع جي حساب سان ، جڏهن سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ، سنڌي ادبي سنگت کي سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ 1860 هيٺ ، جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز حيدرآباد ۾ رجسٽرڊ ڪرايو هو.“
اهڙي ريت سيڪريٽري جنرل جي دور ۾ وري 17 آڪٽوبر 1956ع جي حساب سان سنڌي ادبي سنگت جي سالگرهه ملهائي سنڌي ادبي سنگت جي 1947ع ۾ قيام کان انڪار ڪيو ويو. جنهن تي پڻ سنڌ جي سينيئر اديبن ، دانشورن اعتراض ڪيو. سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اخبار روزاني ڪاوش ۾ 15 آڪٽوبر 2016ع تي ڇپيل اسٽوريءَ ۾ به سنڌ جي سينيئر اديبن ، شاعرن ، دانشورن سنگت جي 69 هين بجاءِ 60 هين سالگرهه ملهائڻ کي سنگت جي تاريخ سان هٿ چراند قرار ڏنو هو. ”سنڌ جي گهڻ گهرن 69 سالن جي تاريخ رکندڙ سنڌي ادبي سنگت کي 60 سالن جو قرار ڏئي 60 هين سالگرهه ملهائڻ کي سنگت جي تاريخ سان هٿ چراند قرار ڏنو آهي. ان حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سنڌي ادبي سنگت پاران سنگت جي 60هين سالگرهه 17 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي هال ۾ مک تقريب به رٿي وئي آهي، جنهن تي سنڌ جي گهڻ گهرن سخت اختلاف ظاهر ڪندي 69 سالن جي تاريخ رکندڙ سنڌي ادبي سنگت کي 60 سالن جو قرار ڏيڻ کي سنگت جي تاريخ سان هٿ چراند ۽ باني سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي جي ڪردار کان انڪار قرار ڏنو آهي ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته دنيا ۾ جتي به ڪا تنظيم ٺهي ته انهيءَ جي ٺهڻ واري ڏينهن کان تاريخ ڳڻي ويندي آهي. سنڌي ادبي سنگت جو بنياد 1947ع ۾ پيو، ان ڪري اها سالگرهه سنڌي ادبي سنگت جي نٿي ٿي سگهي. 1947ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي باڊيءَ ۾ صدر آسانند مامتو راءِ ۽ سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي هو، ان کانسواءِ شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي عهديدار هئا، تنهن ڪري اها 60هين سالگرهه سنڌي ادبي سنگت جي نٿي ٿي سگهي، پر مرڪز جي ٿي سگهي ٿي. ناليواري شاعر اياز گل چيو ته مون سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل هوندي 1997ع ۾ سنگت جي 50هين گولڊن جوبلي تقريب ملهائي هئي ته پوءِ هاڻ 60هين سالگرهه ڪيئن ٿي؟ سنڌي ادبي سنگت جي بنياد ۾ اچڻ جي تاريخ سڀني جي سامهون آهي، باقي دوستن جي مرضي! ناليواري ليکڪ ۽ دانشور حميد سنڌي چيو ته سنڌي ادبي سنگت ورهاڱي کان اڳ جي تنظيم آهي، گوبند مالهي ان جو بنياد رکيو ۽ هو پهريون سيڪريٽري جنرل هو. سنڌي ادبي سنگت کي 60 سالن جو ظاهر ڪرڻ يقينن تاريخ سان هٿ چراند آهي، ناليواري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شورو چيو ته سنڌي ادبي سنگت ورهاڱي کان اڳ جي تنظيم آهي، ان جو پهريون سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي هو. پاڪستان کي ٺهي به تقريبن 70 سال ٿي ويا آهن ته پوءِ سنڌي ادبي سنگت 60 سالن جي ڪيئن هوندي؟ اهو غلط عمل آهي. ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ صحافي مدد علي سنڌيءَ چيو ته سنڌي ادبي سنگت 1947ع ۾ گوبند مالهيءَ ٺاهي. 1948ع ۾ هو ورهاڱو ٿيڻ سبب هليو ويو هو. سنگت جي سالگرهه ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي، باقي سنگت جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ رڪارڊ گڏ ڪرڻ گهرجي. ليکڪ ڊاڪٽر قاضي خادم چيو ته سنڌي ادبي سنگت جو رڪارڊ موجود ناهي، اسان ته شمشير الحيدري جي دور واري سنگت ڏٺي آهي ۽ اهو ٻڌو آهي ته ادبي سنگت ورهاڱي کان اڳ جي تنظيم آهي. نوجوان ليکڪ محسن جوکيو چيو ته 1991ع ۾ سائين محمد ابراهيم جويو ۽ ٻين گهڻ گهرن سان گڏ هندستان ياترا لاءِ ويو هو، جتي سندن آجيان لاءِ گوبند مالهي، دادا ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين تقريب منعقد ڪئي. جنهن ۾ گوبند مالهي پنهنجي لکيل تقرير جيڪا بعد ۾ وقت ۽ ويچار ۾ شايع ٿي جيڪا رڪارڊ تي موجود آهي، جنهن ۾ هن چيو ته ننڍي کنڊ جي عظيم دانشور محمد ابراهيم جويو ۽ ٻين جي آشيرواد سان 1948ع تائين سنڌي ادبي سنگت جي پهرين سيڪريٽري جنرل واري عهدي تي رهيس. سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ شاخ جي سيڪريٽري، آزاد انور ڪانڌڙي چيو ته سنڌي ادبي سنگت 1947ع ۾ قائم ٿي ۽ ان جو پهريون سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي هو پر ڊاڪٽر مشتاق ڦل ٺوڪي 60هين سالگرهه ملهائي، سنگت جي تاريخ سان هٿ چراند ڪئي آهي. هن سنڌ جي ناليواري برک اديبن محمد ابراهيم جويو، غلام حسين رنگريز ۽ ٻين کان سنگت جي تاريخ سان هٿ چراند ٿيڻ تي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. ٻئي طرف ڄاڻايل معاملي تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته اسان سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سالگرهه ملهائي رهيا آهيون. 17 آڪٽوبر 1956ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسته اسلام ۾ ٿيل ڪنوينشن ۾ جمال ابڙو، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، بردو سنڌي، ع ق شيخ، شمشير الحيدري، احسان بدوي، اياز قادري ۽ ٻين 33 عيوضين شرڪت ڪئي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد رکيو ويو، انهيءَ جي 60هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون ۽ اڳ ۾ به ملهائيندا رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کي گوبند مالهيءَ جي ڪردار تي ڪو اعتراض ناهي پر سندس دور ۾ سنڌي ادبي سنگت سرڪل هئي ۽ ان جو سڪريٽري هو. هن چيو ته گوبند مالهي جي نالي سان منسوب لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ به ڪنهن شخصيت کي ڏنو ويندو، هن چيو ته 2007ع ۾ ڪراچيءَ ۾ گولڊن جوبلي ملهائي وئي. اعتراض ڪندڙ دوست پنهنجي رڪارڊ کي درست ڪن، هوڏانهن سنڌي ادبي سنگت جي سرگرم ميمبر ۽ سياسي ڪارڪن مشڪور ڦلڪاري جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت ورهاڱي کان اڳ موجود هئي، گوبند مالهي سنڌي ادبي سنگت جو باني سڏجي ٿو. سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ کي رڪارڊ تي تبديل ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. سائين ابراهيم جويو ۽ ٻين بزرگن وٽ موجود رڪارڊ جي شاهدي جي بنياد تي تاريخ مقرر ڪري پوءِ سالگرهه پروگرام رکيو وڃي.“ ( 15 آڪٽوبر 2016ع روزاني ڪاوش حيدرآباد.)
17 آڪٽوبر 2016ع تي سنگت جي 1947ع ۾ قيام کان انڪار ڪري سنگت جي 60هين سالگرهه ملهائيندڙ ڊاڪٽر مشتاق ڦل پاڻ 10 فبيروري 2009ع ۾ نوشهرو فيروز ۾ سنگت جي باني سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي جي ورسي جي موقعي تي تقرير ڪندي چيو هو ”گوبند مالهي هن ديس جو مالهي بڻجي ادبي ٻوٽو پوکيو ، جنهن جي ڇانو ۾ سنڌوءَ جي سڀيتا جا گيت سرجيون پيا. مالهيءَ حوصلو ۽ همٿ ڏني، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، هن جون ادبي خدمتون هميشه ياد رهنديون. گوبند مالهي جو سنڌي ادب ۽ علم جي واڌاري لاءِ تاريخي ڪردار آهي. هن ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. هن ادبي سنگت جهڙو ادارو جوڙي هر خيال جي ماڻهو کي گڏ بيهاريو“. (ڏسو روزاني ڪاوش، عوامي آواز 11 فيبروري 2009ع) افسوس ته ڊاڪٽر مشتاق ڦل 8 سالن بعد سال 2016ع ۾ پنهنجي موقف تان پاڻ ئي ڦري ويو!!
17 آڪٽوبر 2016ع تي سنڌي ادبي سنگت جي سالگرهه تقريب ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت ۾ ملهائي ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل وارن سنگت جي ماضي واري مزاحمتي ڪردار ۽ باغي روح ختم ڪري، ان کي ”سرڪار نواز پاليسين“ هيٺ هلائڻ واري رويي تي سنڌ جي مزاحمتي شاعر گدا خاصيخلي پنهنجي شعر ۾ هيٺين ريت احتجاج ڪيو هو.
چاڪُو هٿ ۾ جڏھن وزير کنيو هوندو ،
ادبي سنگت سُڏڪي ساھ ڏنو هوندو.
” گوبند مالهي“ جو ٿَي رُوح رُنو جڏھين،
زرداري جي نوڪر ڪيڪ ڪٽيو هوندو.
. ”گدا“ خاصخيلي.
[b]سنگت جي دستور جي ترميمن ، پيٽي قاعدن ، پڌرنامي، مونو گرام جي منظوري ۽ رجسٽريشن
[/b]
سنڌي ادبي سنگت جي دستور جي ترميمن ، پيٽي قاعدن ، پڌرنامي ۽ مونو گرام جي منظوري 24 جنوري 1970ع تي سنڌي ادبي سنگت جي سکر ۾ مهان ڪوي شيخ اياز جي صدارت ۾ ٿيل ڪنوينشن ۾ ڏني وئي. ان ڪنوينشن ۾ شيخ اياز ( سکر) حميد سنڌي (حيدرآباد) اقبال جتوئي (ڪراچي) تنوير عباسي (خيرپور) غلام رسول ڪلهوڙو (جيڪب آباد) شوڪت سنڌي (دادو) علي بابا (ڪوٽڙي) محبوب علي شاهه (ٺٽو) سرويچ سجاولي (سجاول) سيد اڪبر (دڙو) ڪرم علي شاهه ( ٻوٻي) پٿر سنڌي (بٺورو) معصوم هالائي ( جهول) انورهالائي (هالا) مخدوم اشرف ڀٽي (پراڻا هالا) پروانو ڀٽي (ٽنڊو محمد خان ) نور عباسي (نواب شاهه) ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ان حوالي سان سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل سائين رشيد ڀٽي پنهنجي مضمون سنڌي ادبي سنگت جا 23 سال
(1947ع کان 1970ع تائين) ۾ لکي ٿو ”سنگت جو پويون ڪنوينشن 24 جنوري 1970ع تي سکر جي ميونسپل ٽائون هال ۾ شيخ اياز جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ دستور جي ترميمن ، پيٽي قاعدن ۽ پڌرنامي سان گڏوگڏ سنگت لاءِ مونو گرام به منظور ڪيو ويو.“
ان کان اڳ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي سيڪريٽري جنرل شپ جي دور ۾ رشيد ڀٽي تي سنڌي ادبي سنگت لاءِ پيٽي قاعدا (باءِ لاز) ۽ جوڙ جڪ ۾ ترميمن جو ڪم ۽ تنوير عباسي ، نورالدين سرڪي ۽ غلام ربانيءَ کي پڌرنامي جو مسودو تيار ڪرڻ جو ڪم مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي پاران سونپيو ويو هو. ان حوالي سان سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل سائين رشيد ڀٽي پنهنجي مضمون سنڌي ادبي سنگت جا 23 سال ( 1947ع کان 1970ع تائين) ۾ لکي ٿو ”تنوير جي دور ۾ ٻه ٽي ڪاروباري ڪميٽي جا ميڙ ڪوٺايا ويا، جن ۾ نهايت ئي اهم ٺهراءِ پاس ڪيا ويا ۽ تنظيم لاءِ سيبائتا فيصلا ڪيا ويا. مون تي سنگت لاءِ پيٽي قاعدن ( باءِ لاز) ۽ جوڙ جڪ ۾ مناسب ترميمن جو ڪم رکيو ويو ۽ تنوير عباسي، نورالدين سرڪي ۽ غلام ربانيءَ کي پڌرنامي جي مسودي تيار ڪرڻ جو ڪم ڏنو ويو. اهي ٻئي شيون وقت سر جوڙي ڪاروباري ڪميٽيءَ کان پاس ڪرايون ويون پر ڪن اڻ ٽر سببن ۽ سياسي ۽ ادبي اجتماعن جي مشغولين سبب ڪنوينشن وقت اندر نه ڪوٺائجي سگهيو. 1965ع ۾ سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، سنڌي ادبي سنگت کي سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ 1860 هيٺ ، جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز حيدرآباد ۾ رجسٽرڊ ڪرايو.“
[b]سنڌي ادبي سنگت جي پڌرنامي ۽ آئين ۾ ترميمن ۽ سڌارن جي ٻيهر منظوري
[/b]
سنڌي ادبي سنگت ، سنڌ جي پڌرنامي ۾ 26 سالن کان پوءِ 8 نومبر 1996ع تي سنڌ سنگت جي مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾، سنڌ سنگت ڪائونسل جي اجلاس ۾ پڌرنامي کي ٻيهر ترميمن ۽ سڌارن سان سنڌي ادبي سنگت جي قائم مقام سيڪريٽري جنرل ممتاز بخاري ، خزانچي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، آڊيٽر آزاد انور ڪانڌڙو جي دور ۾ منظور ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جي آئين ۾ به ترميمون ان اجلاس ۾ منظور ڪرايون ويون. سنڌي ادبي سنگت جي آئين جي ترميمن لاءِ محترم وليرام ولڀ ، تاج جويو ، يوسف سنڌي تي مشتمل ڪاميٽيءَ آئين ۾ ترميمن لاءِ سڄي سنڌ مان پهتل تجويزن کي ترتيب ڏئي مرڪزي عهديدارن حوالي ڪيو بعد ۾ آئين ۾ ترميمن وارو مسودو سنگت جي قائم مقام سيڪريٽري جنرل ممتاز بخاري 8 نومبر 1996ع تي سنڌ سنگت جي مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌ سنگت ڪائونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪري منظور ڪرايو.
[b]سنڌي ادبي سنگت ۾ ماضيءَ ۾ پيدا ٿيل بحران
[/b]
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جو سگهارو پليٽ فارم آهي، جنهن سنڌي ادب جي اوسر ۽ نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي تربيت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي وجود خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.سنڌي ادب ۽ شاعري جا ڪيترائي وڏا نالا سنڌي ادبي سنگت جي به سڃاڻپ رهيا آهن، جن پنهنجي دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنگت کي سرگرم ۽ فعال بڻائڻ توڙي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي وجود خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪري پاڻ مڃايو آهي.محترم سائين ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب سنڌي ادبي سنگت جي اهڙن سرواڻن مان هڪ هو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي ادبي سنگت کي ٻئي دؤر ۾ سرگرم ۽ فعال بڻائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. پاڻ سنگت جي 1956ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيل مرڪزي ڪنوينشن ڪوٺائڻ ۽ حيدرآباد ۾ سنگت جي شاخ قائم ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان دؤر ۾ سنگت جي مرڪزي اجلاسن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندو رهيو.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي 2 آڪٽوبر 1966ع ۾ اورنگزيب مارڪيٽ بندر روڊ ڪراچي ۾ ٿيل مرڪزي چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. جڏهن ته پروانو ڀٽي جوائنٽ سيڪريٽري،حميد سنڌي خزانچي ۽ تاج بلوچ آڊيٽر چونڊيا ويا.هن پنهنجي دؤر ۾ سنڌي زبان جي بقا،سنڌي زبان جي واڌاري ۽ ٻين اهم معاملن تي ڀرپور ۽ عملي ڪردار ادا ڪيو.هڪ مضمون ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته:”منهنجو،سنڌي ادبي سنگت سان تعلق، ڪافي ڪهنو آهي .حيدرآباد سنگت جو بنياد وجهڻ ۽ 1956ع واري ڪنوينشن ۾ منهنجون نماڻيون ڪوششون شامل آهن.“
ڊاڪٽر تنوير عباسي سنگت سان هر دؤر ۾ پنهنجو ساٿ نڀائيندو آيو ۽ سنگت کي هڪ مضبوط ادبي پليٽ فارم بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. 1994ع کان 1996ع تائين سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عهديدارن سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر شمس سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ بعد ۾ قائم مقام سيڪريٽري ممتاز بخاري، خزانچي ذوالفقار سيال ۽ آڊيٽر آزاد انور ڪانڌڙو جي وچ ۾ پيداٿيل اختلافن ۽ رنجشن کي ختم ڪرائڻ ۾ به هن پنهنجو شفقت ۽ محبت وارو ڪردار ادا ڪيو.انهن اختلافن جي خاتمي لاءِ وٽس خيرپور ۾ سرمد جي گهر ۾ 02 ڊسمبر 1994ع تي پهرين گڏجاڻي محترم ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب جي صدارت ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ سرچاءُ ڪاميٽي جا ميمبر سائين ادل سومرو، سائين اياز گل ۽ سنگت جو ان وقت جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر شمس سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري ممتاز بخاري، آڊيٽر آزاد انور ڪانڌڙو شريڪ ٿيا هئا ۽ خزانچي ذوالفقار سيال فون ڪري فيصلي تي رضامندي جو يقين ڏياريو هو. هن گڏجاڻيءَ ۾ سڀني مرڪزي عهديدارن پنهنجون شڪايتون، مسئلا ۽ رنجشون کليءَ دل سان پيش ڪيون هيون. آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي بهتريءَ ۽ سنڌي قوم جي اجتماعي مفادن کي نظر ۾ رکندي، سمورن مرڪزي عهديدارن پنهنجي وچ ۾ موجود غلط فهمين ۽ اختلافن کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ گڏجي عهد ڪيو ته هاڻي سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ورتي ويندي ۽ آئيندي اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ نه ڏني ويندي جنهن سان ادبي سنگت، ادب ۽ اديبن جي مفادن کي ڪو ڇيهو رسي.
اهڙي ريت سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر شمس سومري پاران استعيفيٰ جي 17 نومبر 1995ع ۾ مورو ۾ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ سندس غير موجودگيءَ ۾ منظوري بعد ڊاڪٽر شمس سومري پاران استعيفى ٻيهر واپس وٺڻ واري اخباري اعلان بعد جڏهن سنگت جي عهديدارن وچ ۾ اختلاف ٻيهر تيز ٿيا ۽ هڪٻئي تي الزامن جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻن ،اڳوڻن سيڪريٽري جنرلن ۽ سينئرن دوستن جو هڪ اجلاس 12 جنوري 1996ع تي سرمد جي گهر خيرپور ۾ سائين تنوير عباسي جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ سائين ادل سومرو، ڊاڪٽر شمس سومرو، ممتاز بخاري، آزاد انور ڪانڌڙو، تاج جويو، مختيار ملڪ، منٺار سولنگي ۽ يوسف سنڌي شريڪ ٿيا. هن اجلاس ۾ موجود سمورن ميمبرن ،سنڌي ادبي سنگت جي اتحاد، وقار ۽ تنظيمي حيثيت کي برقرار رکڻ لاءِ سمورن ويڇن وسارڻ جو اعلان ڪيو ۽ اتفاق راءِ سان هيٺيان معاملا طئي ڪيا هئا.
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي 1 مارچ 1996ع تي رٿيل ڪاروباري ڪاميٽي جي اجلاس کي سنڌ ڪائونسل اجلاس ۾ تبديل ڪيو ويندو، جيڪو 1 مارچ 1996ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيندو.
ان وچ ۾ تاج جويو ۽ يوسف سنڌي آئيني ڪميٽيءَ جي ڪوآرڊينيٽرس طور آئيني واڌارن ۽ سڌارن لاءِ رٿون 31 جنوري 1996ع تائين وصول ڪري، اڳ رٿيل آئيني ڪميٽي کي پهچائيندا. آئيني ڪميٽي وٽان وصول ٿيل آخري مسودو ولي رام ولڀ، تاج جويو ۽ يوسف سنڌي ڇپائي 15 فيبروري 1996ع تي شاخن کي موڪليندا ۽ انهن کي آخري شڪل سنڌ سنگت اجلاس ۾ ڏني ويندي.
1 مارچ 1996ع واري سنڌ سنگت ڪائونسل ۾ هڪ عبوري نگران ڪميٽي جوڙي ويندي،جنهن کي موجوده مرڪزي اڳواڻ پنهنجا اختيار رضاڪارانه طور سونپيندا، جيڪا ڪميٽي ،نئين آئين هيٺ چونڊون ڪرائيندي.
ان وچ ۾ سنگت جون شاخون پنهنجون چونڊون مڪمل ڪرائي عهديدارن جي لسٽ ائڊريسن سميت، ممتاز بخاري پوسٽ باڪس نمبر102سکر جي پتي تي ڏياري موڪلين .
اڄ کان پوءِ سنگت جا مرڪزي اڳواڻ ۽ شاخون، سنگت بابت ڪي به اختلافي بيان نه ڏيندا.اخبارن، رسالن ۽ همدرد دوستن کي اپيل ڪئي وئي ته سنگت جي وسيع تر مفاد ۾ ڪي به اختلافي مسئلا نه ڇيڙين.
ان بعد خيرپور ميرس ۾ پهرين مارچ 1996ع تي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس محترم تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ ٿيو هو، پر ان ۾ سنڌي ادبي سنگت جو نئون آئين ڪورم پورو نه هجڻ سبب پاس نه ٿي سگهيو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي سربراهيءَ ۾ سائين تاج جويو ۽ يوسف سنڌيءَ تي مشتمل چونڊ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جي نگرانيءَ ۾ 08 نومبر 1996ع تي مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ ٿيل چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل برک شاعر محترم اياز گل، جوائنٽ سيڪريٽري وسيم سومرو، خزانچي غلام نبي ناشاد ۽ آڊيٽر معشوق ڌاريجو چونڊيا ويا. سنڌ ڪائونسل جي محترم تنوير عباسي جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنگت جي قائم مقام سيڪريٽري جنرل ممتاز بخاري سنڌي ادبي سنگت جي آئين ۾ واڌارن ۽ سڌارن واريون رٿون پيش ڪيون جيڪي پاس ڪيون ويون. سنڌي ادبي سنگت جو موجوده آئين محترم ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻن مرڪزي عهديدارن ممتاز بخاريءَ ۽ آزاد انور ڪانڌڙو جي ڪوششن جو نتيجو آهي.
[b]سنڌي ادبي سنگت جو موجوده دور
[/b]
سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي حادثاتي طور لاڳيتو بوگس شاخن جي مدد سان 3 ڀيرا سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جو حال اهڙو ٿيو آهي. جنهن جي عڪاسي نامياري شاعر آسي زميني پنهنجي هائيڪي ۾ ڏاڍي سهڻي ۽ شاعراڻي انداز ۾ ڪئي آهي.
آءُ ادا ڙي ڦل!
ادبي سنگت تي بيهي،
گڏجي پڙهون قل!
سنڌي ادبي سنگت جي آئين موجب سنگت جو مقصد فقط اهو آهي ۽ رهندو ته سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي بقا بهبود ۽ ترقي لاءِ ڪوششون وٺڻ، سنڌي اديبن، شاعرن، مصورن فنڪارن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان لڳاءُ رکندڙن کي وقت بوقت گڏ ڪرڻ ، سنڌي ٻوليءَ جي جائز حيثيت تسليم ڪرائڻ، پراڻي سنڌي ادب کي ٻيهر ڇپرائڻ، جديد ادب کي اهميت ڏئي شايع ڪرائڻ، سنڌ ۽ ملڪ اندر مختلف قومي وحدتن ۽ دنيا ۾ موجود ادبي تنظيمن سان ناتا قائم ڪرڻ، سنڌ جي بزرگ هستين، قلمڪارن جي فن ۽ فڪر جي حوالي سان سيمينار ، ورڪشاپ ، ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ۽ انهن جون ورسيون ملهائڻ ، سنڌ جي جدا جدا شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لائبرريون قائم ڪرڻ، قلمڪارن جي مالي امداد لاءِ ٽرسٽ قائم ڪرڻ، تخليقي، تحقيقي، ترجمي ۽ تنقيدي ادب جا ڪتاب ڇپرائڻ، معياري سنڌي ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائڻ ۽ ٻين ٻولين جي معياري تخليقن کي سنڌيءَ ترجمو ڪرائڻ، سنڌي ادب ۾ نون جديد لاڙن کي همٿائڻ، سنڌي ادب ۾ تنقيد کي همٿائڻ شامل آهي. پر سنگت جي موجوده مرڪزي قيادت جي دور ۾ سنگت پنهنجا اهي فرض ۽ ذميواريون نڀائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.
حيدرآباد ۾ نامياري ليکڪا ۽ شاعره امر سنڌو، عرفانا ملاح ۽ ٻيون خواتين ۽ دوست گڏجي 2015ع ۾ پورو هفتو شيخ اياز ادبي ميلو منعقد ڪن ٿا. 2016ع ۾ ناميارو شاعر علي آڪاش، اظهار سومرو ۽ ٻيا گڏجي حيدرآباد ۾ ادبي ميلو مچائن ٿا، 2016ع ڪراچيءَ ۾ ناميارو شاعر علي آڪاش، نصير گوپانگ، بخشڻ مهراڻوي گڏجي سنڌ لٽريچر فيسٽيول، 2016ع ۾ حيدرآباد ۾ امر سنڌو، عرفانه ملاح، حسين مسرت، تاج جويو ۽ ٻيا گڏجي 5 ڏينهن لاڳيتو اياز ميلو، 2017ع ۾ نوجوان شاعر ۽ ليکڪ اظهار سومرو ٻيو حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۽ ٻيا ڪامياب پروگرام منعقد ڪن ٿا پر ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سال ۾ سنڌ سطح تي ڪا هڪ به ادبي ڪانفرنس نه ٿي ڪري سگهي. جيتوڻيڪ ان جو سيڪريٽري جنرل موجوده هر ٻئي ٽئين مهيني غير ملڪي دورن ۾ مصروف هجي ٿو.
هن جي دور ۾ سنگت جي تنظيمي ڪارڪردگي مڪمل طور تباهه آهي. تنظيمي حوالي سان سندس دور ۾ شاخن ڏانهن ڪوبه خط، ڪارڪردگي رپورٽ، سنڌ ڪائونسل، ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاسن جي رپورٽ نه ملندي. سندس دور ۾ نه ته مرڪزي عهديدارن جا اجلاس ٿين ٿا، نه ئي ضلعي رابطا سيڪريٽرين جا اجلاس ٿيا. جڏهن ته سنڌ سنگت ڪائونسل ۽ مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جا اجلاس به جيڪي سال ۽ ڏيڍ سال جي وقفي کان پوءِ ٿين ٿا. جنهن جو مثال ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ ڪائونسل ۽ ڪاروباري ڪميٽي جا اجلاس به وقت سر نه ٿا ٿين. اهي اجلاس به وقت سر نه ٿيڻ سندس ”مثالي ڪارڪردگي“ کي ظاهر ڪن ٿا. سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو شاخن سان ڪوبه رابطو ناهي. ان باوجود سنڌي ادبي سنگت جون شاخون متحرڪ آهن. سنڌي ادبي سنگت جو هيءُ اهو دور آهي، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪز مڪمل طور غير فعال ۽ سنڌي ادبي سنگت جون شاخون فعال آهن!!!
[b]عيسى ميمڻ
[/b]
عيسى ميمڻ سنڌ جو نوجوان اديب ، ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن آهي. سندس شمار سنڌي ادبي سنگت جي جاکوڙي ڪارڪنن ۾ ٿيندو آهي. هو لکڻ ۽ پڙهڻ سان گڏ سنڌي ادبي سنگت سميت مختلف تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي. تنهن ڪري سندس هر لکڻي ۽ ڪم، سرگرمي ۾ سچائي، ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان محبت جو چٽو جذبو نظر اچي ٿو. ڌرتي جي آجپي لاءِ قومي قافلي جي هن سچي قومي ڪارڪن جو پنهنجي ادبي سڃاڻپ واري تنظيم سنڌي ادبي سنگت سان به اهڙو ئي لڳاءُ رهيو آهي. جڏهن به دوستن، اديبن، شاعرن، ليکڪن مٿس اعتماد ڪري ڪا ذميواري سونپي آهي ته عيسى ميمڻ ان ذميواريءَ کي نهايت سچائي ۽ ايمانداريءَ سان نڀايو آهي. پوءِ اها ذميواري سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي سيڪريٽريءَ جي هجي يا سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو جي سيڪريٽريءَ جي هجي. سندس سيڪريٽري شپ جي دور ۾ ٿيل سرگرمين، پروگرامن جي رپورٽ پڙهي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي.
ڏوڪريءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کونھارا ۾ 09 جولاءِ 1985ع تي الله ڏني ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد عيسيٰ ميمڻ ننڍڙي عمر ۾ ئي ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو آهي. اهڙو اعزاز ان عمر ۾ ماڻهن کي مشڪل حاصل ٿيندو آهي. عيسيٰ ميمڻ 2006ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي ۽ گڏوگڏ 2007ع ۾ ايل. ايل. بيءَ جي سَنَدَ پڻ ماڻي ورتائين. 1998ع ۾ هن ادبي سفر جو آغاز شاعري ، ڪالم ۽ مضمون لکڻ سان ڪيو. عوامي آواز اخبار جي ٻارن جي صفحي ”جوت“ ۾ سندس تخليقون شايع ٿينديون رهيون جن کيس سنڌ جي ادبي حلقي ۾ نئين سڃاڻپ ڏني آهي. پاڻ ادبي سفر دوران 1998ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ جو ميمبر بڻيو ۽ 2002ع ۽ 2003ع ۾ ساڳي شاخ جو ٻه دفعا سيڪريٽري ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ساڳي شاخ ۾ مختلف عھدن تي سرگرميون جاري رکندو آيو ۽ ائين ئي اڳتي اچي سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ جو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر به ٿيو. 07-2006ع ۾ سنڌ سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جي ترجمان پرچي ”سنگت سماچار“ جو جوائنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو جڏهن ته ماهوار ”سارنگ“ ڪراچي جو پڻ 2009ع ۾ جوائنٽ ايڊيٽر بڻيو. سنڌو سڀيتا جي قديم اهڃاڻن جي زبون حاليءَ خلاف وس وارن تائين سنڌ جو آواز پھچائڻ لاءِ 2007ع ۾ ادل سولنگي ۽ عزيز منگيءَ سان گڏجي مُھين جو دڙو اڪيڊمي آف سنڌ جو بنياد رکيائين ۽ ان جي ترجمان پرچي ”سمبارا“ جو ايڊيٽر پڻ بڻيو ۽ اڪيڊميءَ ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪري چُڪو آهي. اڪيڊميءَ کان اڳ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي پليٽ فارم تان مھين جي دڙي لاءِ سندس جاکوڙ ۽ پورهيو هميشه ياد رکيو ويندو. ادب جي ميدان تي تيز رفتاريءَ سان هلندي هلندي 2007ع ۾ ايڪِٽِو اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو ويو ۽ اتي به وڏو اهم ڪردار ادا ڪيائين. ائين هو پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ سان محبت جي جذبي سبب رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر کان متاثر ٿي ، قومي قافلي جو حصو بڻجي ويو. جنوري 2012ع ۾ ئي هن سرسوتي ساهت گھر ڏوڪريءَ جو بنياد رکيو ۽ ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا اٿس. سندس ڇپايل ڪتابن ۾ مُھين جو باغي (ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو) ترتيب: مسيح ڪالاڻي- 2012ع پرهه جو پيغمبر (سائين جي ايم سيد جون يادگار تقريرون) ترتيب: مسيح ڪالاڻي 2012ع. سياست، تاريخ ۽ ڪردار (ڪالم ۽ مضمون) (عيسى ميمڻ) 2013ع، اڻپوري ڪويتا شاعري (منتـظر سومرو)، 2012ع فلسفو ۽ زندگي (جوڻيجو عبدالخالق) 2013ع سياسي تعليمي نصاب (ڊاڪٽر مير عالم مري) 2012ع، سياست، سماج ۽ آزادي (خالد چانڊيو) 2013ع سماج ۽ ادب جوسفر (سرور منگي جون تخليقون) مرتب: عيسى ميمڻ- 2013ع، خانا بدوش لفظن جا قافلا (ادل سولنگيءَ جي شاعري) 2013ع، سنڌ پنھنجي جدا گهرجي (موريل زھراڻيءَ جي شاعري)، 2013ع، سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ: سراج (خالد چانديو)، 2017ع، ارپڻ کان رهجي ويل محبت، (ڪهاڻيون وفا صالح راڄپر“ 2013ع عيسيٰ ميمڻ جي شاعري لاڙڪاڻي ضلعي جي 16 شاعرن جي گڏيل مجموعي ”مون ڏات انوکي آندي آ“ ۾ شايع ٿي چُڪي آهي، جيڪو رياضت ٻرڙي ترتيب ڏئي شايع ڪرايو آهي. هن کي ادبي ۽ علمي ۡخدمتن جي مڃتا طور مختلف اعزاز ۽ سَنَدون به ملي چڪيون آهن، جن مان 2000ع ۾ سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن حيدرآباد ٻاراڻي ادب جي ۡخدمت طور محمد ابراهيم جويو جي صحيءَ سان ”مڃتا سَنَدَ“، 2004ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران ”سنگت جو بھترين ورڪر“ ايوارڊ نمايان آهن.
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي سالياني چونڊ 03 فيبروري 2002ع چونڊ ڪاميٽي جي چيئرمين محترم عزيز منگي ۽ چونڊ ڪاميٽيءَ جي ميمبر محترم حمز علي سوهوءَ جي نگراني ۾ ٿي جنهن ۾ سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري علي بخش پٺاڻ، خزانچي گلاب سومرو ، آڊيٽر منظر ميتلو چونڊجڻ ۽ انور ڏنگڙائي کي بنا مقابلي ڪائونسلر مقرر ڪرڻ بعد سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي ڪارڪردگيءَ کي سچ ته چار چنڊ لڳي ويا. ان عرصي دوران الوداعي پارٽي، آجياڻو ۽ ايوارڊ تقريب ۽ مشاعرو، عيد ملن مشاعرو ۽ محفل موسيقي ، سائين سرور منگيءَ جي پهرين ورسي ، فڪر لطيف ، نون ميمبرن جي مان ۾ چانهه پارٽي ، منٺار سولنگي ۽ حسين بخش ناريجي جي آزاديءَ لاءِ بک هڙتال ، هفتيوار دستوري گڏجاڻيون، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جون گڏجاڻيون ، جنرل ڪائونسل جو اجلاس ، افساني جو فن ۽ ٽيڪنڪ: لڪچر، سماج ۾ خود ڪشيءَ جا وڌندڙ لاڙا؛ لڪچر ادل سولنگي، سان رهاڻ، مشاعرو، محفل موسيقي ۽ ايوارڊ تقريب، ادب جو سماجي ڪارج، ليڪچر، موهن جي دڙي جي مهرن جي واپسيءَ لاءِ تاريخي احتجاج ۽ ٻين ياد گار پروگرامن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري کي سڄي سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ڏياري.
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري مختلف پروگرامن سان گڏ مقامي سطح تي پنهنجي تخليقڪار دوستن جي ادبي خدمتن مڃتا طور کين سنڌي ادبي سنگت جي ان دور جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ادل سومري هٿان 16 نومبر 2002ع تي مڃتا سندون ڏياري سندن همٿ افزائي ڪري هڪ نئين روايت جو بنياد وڌو.
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي 20 اپريل 2003ع تي چونڊن ۾ ٻيو ڀيرو سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري علي بخش پٺاڻ، خزانچي غفور زهراڻي، آڊيٽر گلاب سومرو، ڪائونسلر انور ڏنگڙائي جي عهديدار چونڊجڻ بعد به سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري سال 2002ع وارين روايتن کي برقرار رکيو ۽ سال 2003ع ۾ به ڪيترائي يادگار پروگرام ڪيا. جن ۾ مزدور جدوجهد جو تاريخ پسمنظر تي ليڪچر، ڀٽائي ۽ کاهوڙي تحريڪ“ تي ليڪچر، پڪنڪ ڊي، سرور منگيءَ جي ياد ۾ مشاعرو، انور ڏنگڙائي جي سالگرهه، ساڻس رهاڻ، مشاعرو، ايوارڊ تقريب ۽ راڳ رنگ، لطيفي ميڙَ، تعزيتي ميڙاڪا ۽ آجياڻو، لطيف ڊي، احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالون، موهن جي دڙي مان چوري ٿيل نواردات جي واپسيءَ لاءِ تاريخي احتجاج، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا اجلاس ، دستوري گڏجاڻيون ۽ ٻيا پروگرام شامل آهن.
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري سال 2003ع ۾ به تخليقڪارن جي ادبي خدمتن تي مڃتا واري روايت کي برقرار رکيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويي هٿان 25 ڊسمبر 2003ع تي مڃتا سندون ڏئي پنهنجي اديبن ، شاعرن جي همٿ افزائي سان گڏ کين اتساهه به ڏياريو.
[b]سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو
[/b]
سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو جي 28 اپريل 2013ع تي ٿيل چونڊن ۾ سيڪريٽري عيسى ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري استاد گل دايو، خزانچي روشن ٽوٽاڻي، آڊيٽر عزيز منگي، ڪائونسلر احمد علي صابر چانڊيو چونڊيا ويا. عيسى ميمڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو جي سيڪريٽري چونڊجڻ بعد سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي کي به نئين جذبي سان سرگرم ۽ فعال بڻايو. سنگت لاڙڪاڻو پاران ڪيترائي يادگار پروگرام ان جي شاهدي ڏين ٿا، جن ۾ ليڪچر پروگرام، تعزيتي ميڙاڪو، سالگره تقريب، مشاعرو ۽ محفل موسيقي، رهاڻ پروگرام، ٽي ڪتاب - ٽي نقاد ۽ مهورتي تقريب، سوشل ۽ پرنٽيڊ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سرگرميون، لڳاتار دستوري گڏجاڻيون، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا اجلاس، جنرل ڪائونسل جا اجلاس، ٻولي ڪاميٽيءَ جون سرگرميون، عهديدارن جا اجلاس ۽ ٻيا پروگرام سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو جي سرگرميءَ جو مثالي ثبوت آهن.
عيسى ميمڻ جي سيڪريٽري هئڻ دوران سنگت لاڙڪاڻو پنهنجي شاعر، اديبن جي مسئلن ۽ بيماريءَ جي حوالي سان به سندس علاج لاءِ قابل تعريف سرگرميون فرض سمجهي ڪيون. جن ۾ البيلي شاعر سعيد ميمڻ جي علاج لاءِ ورتل ڪوششون، نثار شاهين تي قتل جي ڪوڙي F.I.R ۽ سنگت جو ڪوششون، حميد الله عباسي سان ٿيل مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون شامل آهن.
[b]مرڪز پاران سنگت لاڙڪاڻي کي بهترين ڪارڪردگي تي مليل ”مڃتا سَنَدَ “
[/b]
عيسى ميمڻ جي سيڪريٽري هئڻ دوران سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو کي سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران سال 14-2013ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي مان بهترين شاخ طور نامياري محقق، مترجم سائين عطا محمد ڀنڀرو جي صدارت ۾ ٿيل پروگرم ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ تي مڃتا سند به ڏني وئي.
[b]هڪ خواب جي ساڀيا
[/b]سنڌ جي نامياري شاعر، دانشور سائين انور پيرزادي حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس جي پيڙهه جي پٿر واري افتتاحي تقريب ۾ 13 اپريل 2003ع تي برک دانشور ۽ ڏاهي سائين محمد ابراهيم جويي جي صدارت ۾ تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته ”سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جي گڏجاڻين ۾ جيڪو ڳالهايو وڃي ٿو يا جيڪي تخليقون پيش ڪيون وڃن ٿيون يا جيڪي پروگرام ٿين ٿا اهي تاريخ جو اهم حصو آهن. جن کي سانڍڻ گهرجي.“ اڄ اسان جي دوست عيسى ميمڻ سنگت ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي شاخن جي ڪارڪردگي رپورٽ کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪري، سچ ته سائين انور پيرزادي جي خواب کي ساڀيا ڏني آهي. عيسى ميمڻ پنهنجي دور جي سنگت جي سرگرمين کي سهيڙي، ڪتابي صورت ۾ ڇپائي ان کي نه رڳو سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ پر سنڌ جي تاريخ ۾ محفوظ بڻائي هڪڙو شاندار ۽ مثالي ڪم ڪيو آهي. جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو.
[b] آزاد انور ڪانڌڙو
[/b] 16 فيبروري 2017ع ميهڙ