سنگت جي ادبي تاريخ : گلاب سومرو
ٿورڙي ئي عرصي ۾ هن سنگت ڏوڪريءَ ۾ چڱو خاصو مقام ماڻي ورتو هو. هي 2002 ۽ 2003ع ۾ س ا س ڏوڪريءَ جو سيڪريٽري چونڊجي آيو. جيئن ته منهنجو سنگت ڏوڪريءَ سان ڪافي پراڻو واسطو رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي سنگت جي سيڪريٽرين جي دؤر ۾ عهديدار رهيس مگر ڪڏهن به سيڪريٽريءَ جو خواهشمند نه رهيس. ان جي باوجود سنگت جا ميمبر زور ڀريندا رهيا.
هن رپوٽ مان ظاهر ٿئي ٿو ته، عيسيٰ ميمڻ نهايت ايمانداريءَ کان ڪم وٺندي گڏجاڻين جو سمورو وچور، سنگت جي ميمبرن جا نالا، منعقد ڪرايل ادبي ميڙاڪا، پروگرام ۽ سندس دور ۾ جيڪي مڃيا ايوارڊ ڏنا ويا، اهي سڀ ان رپورٽ ۾ تفصيل سان شامل ڪيا آهن.
مجموعي طور تي 2002 ۽ 2003ع جي س ا س ڏوڪريءَ جي رپورٽ ڄڻڪه ڏوڪريءَ جي ادبي تاريخ آهي. هي دؤر سنگت جو سرگرم ترين دؤر رهيو آهي.
عيسيٰ ميمڻ پنهنجي ادبي کيتر ۾ وک وڌائيندي هن وقت ڪيترن ئي ڪتابن جو مرتب ۽ ليکڪ رهيو آهي ۽ نهايت جاکوڙي انسان آهي ۽ ڏوڪري هن جي ترجيح ۾ شامل آهي.
گلاب سومرو