سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري : ڪارڪردگي رپورٽ 2003ع
ڪارڪردگي رپورٽ 2003ع
(20 اپريل 2003ع کان 04 جنوري 2004ع تائين)[/b]
[b]عهديدار:
[/b]
1. سيڪريٽري: عيسيٰ ميمڻ
2 . جوائنٽ سيڪريٽري: علي بخش پٺاڻ
3. خزانچي: غفور ذهراڻي
4. آڊيٽر: گلاب سومرو
5. ڪائونسلر: انور ڏنگڙائي
[b]ڪارڪردگي رپورٽ سال 2003ع
[/b]
جِــئــان وَهــي تِئان واٽَ، ڪَپَرَ پُڇَنِ ڪُـــوڙيــــون،
جن کي سِڪ ساهَڙَ جي، سي گهيِڙَ نه پُڇَنِ گَهاٽَ،
جن کي عِشق جي اُساٽَ، سي واهَڙُ ڀانئِن وَکــڙي.
(شاهه)
مانوارا همسفر ساٿيو!
جيئي سنڌ – جيئي سنڌي ادب.
سماج فڪري ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي، چئو طرف روشنيون، اوندهه کان مات کائي رهيون آهن. اهڙين حالتن ۾ سنڌي ادبي سنگت جو هئڻ اسان لاءِ سڀ کان وڏي آٿت جو ذريعو آهي، نظرياتي آڪسيجن آهي. جنهن کان سواءِ اسان اڻپورا آهيون.
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پنهنجي چاليهن سالن جي عرصي ۾ سماجي اُٿل پُٿل جي حوالي سان اهم ڪردار ادا پئي ڪيو آهي: جنهن کان ڪو به ساڃاهه وند انڪاري ٿي نه ٿو سگهي. هن ادبي قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ لاءِ دوستن اسان تي اعتماد ڪندي 20 اپريل 2003ع تي سنگت جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ، ج. سيڪريٽري علي بخش پٺاڻ، خزانچي غفور زهراڻي، آڊيٽر گلاب سومري ۽ ڪائونسلر انور ڏنگڙائي کي سنگت جون واڳون ڏنيون ويون.
اوهان سڀ ڄاڻو ٿا ته جڏهن سنگت جون واڳون اسان کي ڏنيون ويون، تڏهن سنگت بحران جو شڪار هئي. ٽي مهينا سنگت جو ڪاروهنوار ماٺار جو شڪار هيو. اسان پنهنجي پوري ايمانداريءَ سان سنگت کي بحران مان ڪڍڻ ۽ سنگت جي وکريل قوت کي ميڙي مُٺ ڪرڻ لاءِ ڀرپور کان ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ان ڪوشش ۾ ڪيتري قدر سوڀارا ٿيا آهيون، اهو فيصلو اسان تاريخ تي ڇڏيون ٿا، ڇاڪاڻ ته تاريخ ڪنهن جو پورهيو ضايع نه ڪندي آهي.
پنهنجي هن مختصر عرصي ۾ ڪيتري قدر سنگت کي سرگرم رکيو آهي. اهو اوهان اڳيان هن ميڙ ۾ پيش ڪيون ٿا.
سنگت جون ٻيهر چونڊون: 20 اپريل 2003ع تي ٿي گذريون. ان کان پوءِ جيڪي پروگرام ٿي گذريا انهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو؛
[b]”مزدور جدوجهد جو تاريخ پسمنظر“ ليڪچر:
[/b]سنگت ڏوڪريءَ پاران 4 مئي 2003ع آچر ڏينهن مشتاق ڪوچنگ سينٽر ڏوڪريءَ ۾ ”مزدور جدوجهد جو تاريخي پسمنظر“ جي موضوع تي مانواري دانشور اصغر سنڌيءَ جو ليڪچر ٿي گذريو. جنهن جي صدارت حمز علي سوهو ڪئي. آجياڻو سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري علي بخش پٺاڻ ڏنو. ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، سماجي توڙي سياسي ڪارڪنن جي ڪُل شرڪت 63 رهي.
[b]”ڀٽائي ۽ کاهوڙي تحريڪ“، ليڪچر:
[/b]
سنگت پاران 20 جولاءِ 2003ع آچر ڏينهن مهراڻ هوٽل جي ڇت تي ”ڀٽائي ۽ کاهوڙي تحريڪ“ جي موضوع تي لطيف جي پارکو مانواري لطف پيرزادي جو ليڪچر ٿي گذريو. آجياڻو سنگت جي آڊيٽر گلاب سومري ڏنو ۽ ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، سماجي توڙي سياسي ڪارڪنن جي ڪُل شرڪت 75 رهي.
[b]پڪنڪ ڊي:
[/b]سنگت ڏوڪريءَ پاران 27 جولاءِ 2003ع آچر ڏينهن دادو ڪئنال جي ڪپ (سونهري پل) تي ”تفريح ڏينهن“ ملهايو ويو. جنهن جي ميزبانيءَ جا فرائض سنگت جي خزانچي مانواري غفور زهراڻيءَ ادا ڪيا. يادگيريءَ لاءِ فوٽو پڻ ڪڍيا ويا. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، سماجي توڙي سياسي ڪارڪنن جي ڪُل شرڪت 34 رهي.
[b]سرور منگيءَ جي ياد ۾ مشاعرو:
[/b]
سنگت ڏوڪريءَ پاران سماج سڌارڪ، اديب ۽ شاعر سرور منگيءَ جي ياد ۾ 19 آڪٽوبر 2003ع آچر تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ مشاعرو ٿي گذريو. جنهن جي صدارت نالي واري شاعر ”اياز گل“ ڪئي. مهمان خاص سرڪش سنڌي ۽ اعزازي مهمانن ۾ سرمد چانڊيو ۽ جوش ابڙو هئا. آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ ڏنو. ڪاروائي ادل سولنگيءَ هلائي. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، سماجي توڙي سياسي ڪارڪنن جي ڪُل شرڪت 107 رهي.
[b]انور ڏنگڙائي جي سالگرهه، ساڻس رهاڻ، مشاعرو، ايوارڊ تقريب ۽ راڳ رنگ:
[/b]سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران 25 ڊسمبر 2003ع خميس ڏينهن ٽائون ڪاميٽي هال ڏوڪري ۾ لطيف جي پارکو، اديب ۽ شاعر انور ڏنگڙائيءَ جي 40هين سالگرهه جي موقعي تي ساڻس رهاڻ، مشاعرو، ايوارڊ تقريب ۽ راڳ رنگ جو پروگرام ٿي گذريو. جنهن جي صدارت سنڌ سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري رياضت ٻرڙي ڪئي. مهمان خاص انور ڏنگڙائي، اعزازي مهمانن ۾ ممتاز لوهار ۽ سڄڻ سنڌي هئا. آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ ڏنو. ڪاروائي ادل سولنگي ۽ غفور زهراڻيءَ هلائي. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، سماجي توڙي سياسي ڪارڪنن جي ڪُل شرڪت 130 رهي.
[b]لطيف ميڙَ ۽ تعزيتي ميڙاڪا ۽ آجياڻو:
[/b] سنڌي ادبي سنگت پاران 28 اپريل 2003ع آچر ڏينهن ”لطيف ڊي“ ملهايو ويو. جنهن جي صدارت لطيف جي پارکو انور ڏنگڙائيءَ ڪئي ۽ لطيف جي شخصيت، فڪر ۽ جدوجهد تي ڪيترن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ڳالهايو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ هلائي. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، سماجي توڙي سياسي ڪارڪنن جي ڪُل شرڪت 52 رهي.
سنگت پاران 01 جون 2003ع آچر ڏينهن لطيف جي سُرڪَلياڻ داستان نمبر 1 جي بيت نمبر 1 کان 10 تائين بحث مباحثو ڪيو ويو. جنهن جي صدارت انور ڏنگڙائيءَ ڪئي، ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن گڏجاڻيءَ ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 18 رهي.
سنگت پاران 03 آگسٽ 2003ع آچر ڏينهن ”لطيفي ميڙ“ سُرڪَلياڻ جي داستان پهرين جي بيت نمبر 11 کان 21 تائين ٿي گذريو، صدارت انور ڏنگڙائيءَ ڪئي، ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن گڏجاڻيءَ ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 22 رهي.
سنگت پاران لطيفي ميڙ 07 سيپٽمبر 2003ع آچر ڏينهن لطيف جي سُرڪَلياڻ داستان 2، جي بيت نمبر 1 کان 10 تائين ٿي گذريو، جنهن جي صدارت عيسيٰ ميمڻ ڪئي ۽ ڪاروائي عرفان موريي هلائي. هن گڏجاڻيءَ ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 21 رهي.
سنگت پاران 05 آڪٽوبر 2003ع آچر تي ”لطيفي ميڙ“ سُرڪَلياڻ داستان 2، جي بيت 11 کان 20 تائين ٿي گذريو، جنهن جي صدارت انور ڏنگڙائيءَ ڪئي ۽ ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن گڏجاڻيءَ ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 17 رهي.
27 آڪٽوبر 2003ع تي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري خير محمد چنه وفات ڪري ويو، سوڳ ۾ سنگت جون سرگرميون 28 آڪٽوبر 2003ع کان 02 نومبر 2003ع تائين معطل رهيون ۽ 02 نومبر 2003ع آچر ڏينهن خير محمد چنه جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو نامياري سگهڙ روشن ڪوريءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو. ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 53 رهي.
سنگت پاران 21 ڊسمبر 2003ع آچر ڏينهن سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر شمس سومري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو مانواري گلاب سومري جي صدارت ۾ ٿي گذريو. ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن تعزيتي پروگرام ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 56 رهي.
سنگت پاران 28 ڊسمبر 2003ع آچر ڏينهن مهان ڪوي ”شيخ اياز“ جي ياد ۾ ميڙاڪو ٿي گذريو. جنهن جي صدارت نامياري شاعر عبدالحق ساريي ڪئي. ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن ميڙاڪي ۾ ڪُل شرڪت 68 رهي.
سنگت طرفان 17 آگسٽ 2003ع آچر ڏينهن نون ميمبر دوستن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. صدارت مانواري غفور زهراڻيءَ ڪئي. مهمان خاص ڪامران سومرو ۽ آزاد جروارهئا ۽ ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن گڏجاڻيءَ ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 28 رهي.
[b]احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالون.
[/b]
• سنگت ڏوڪريءَ پاران 8 جون 2003ع آچر ڏينهن موهن جي دڙي مان چوري ٿيل مُهرن جي واپسيءَ لاءِ مشتاق ڪوچنگ سينٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ دوستن جي ڪُل شرڪت 25 رهي.
• 04 جولاءِ 2003ع آچر ڏينهن سنگت پاران موهن جي دڙي مان چوري ٿيل مهرن جي واپسيءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. جنهن ۾ دوستن جي ڪُل شرڪت 24 رهي.
• سنگت پاران 14 سيپٽمبر 2003ع آچر ڏينهن ”موهن جو دڙو بچايو“ جي عنوان هيٺ بک هڙتال پريس ڪلب ڏوڪري اڳيان ڪئي وئي. هن بک هڙتال تي ڪُل شرڪت 32 رهي.
• سنگت پاران 5 آڪٽوبر 2003ع آچر ڏينهن سنڌي ادبي بورڊ جي غيرسنڌي چيئرمين جي مقرريءَ خلاف سنگت جي مرڪزي سڏ تي بک هڙتال ڪئي وئي. جنهن ۾ دوستن جي ڪُل شرڪت 27 رهي.
• سنگت ڏوڪري پاران 23 نومبر 2003ع آچر ڏينهن ”موهن جي دڙي مان چوري ٿيل مُهرن جي واپسيءَ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ مهراڻ هوٽل کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي شاخن سميت سنگت جي مرڪزي خزانچي آزاد انور ڪانڌڙي پڻ شرڪت ڪئي. هن احتجاج ۾ 42 دوستن شرڪت ڪئي.
[b]ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا اجلاس:
[/b] سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي پاليسي ساز اداري ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو پهريون اجلاس 18 مئي 2003ع آچر ڏينهن مانواري گلاب سومري جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ پروگرام ڪرائڻ، لطيفي ميڙ ڪوٺائڻ، نئين ميمبر شپ ڪرڻ، موهن جي دڙي جي چوريءَ جي واپسيءَ لاءِ احتجاج ڪرڻ ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽريءَ هلائي.
ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ٻيو اجلاس 10 آگسٽ 2003ع تي مانواري ادل سولنگيءَ جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ آفيس جو مسئلو حل ڪرڻ، پروگرام ڪرائڻ، غير سرگرم دوستن کي سرگرم ڪرڻ، موهن جي دڙي جي چوريءَ جي واپسيءَ لاءِ احتجاج ڪرائڻ لاءِ لائحه عمل طئي ڪيو ويو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري هلائي.
ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ٽيون ۽ آخري اجلاس 09 نومبر 2003ع تي مانواري حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ سنگت کي سرگرم ڪرڻ، مرڪزي چونڊن ۾ حصو وٺڻ، شاخ جون چونڊون ڪرائڻ، موهن جي دڙي جي چوريءَ جي واپسيءَ لاءِ احتجاج ڪرڻ ۽ پروگرام ڪرائڻ متعلق غور ويچار ڪيو ويو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري هلائي.
[b]دستوري گڏجاڻيون:
[/b] سنگت جا هن سال ڪُل 21 دستوري ميڙ ٿي گذريا. جن ۾ 13 غزل، 7 نظم، 8 بيت، 5 وائيون، هڪ ڪافي، 4 نثري نظم، 3 ڊائريءَ جا ورق، 3 ترجما، هڪ تبصرو، 15 ڪهاڻيون، 4 مقالا ۽ 2 تاثر پيش ڪيا ويا.
سنگت جي ميمبرن جي سرگرمين جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
نمبر ميمبر جو نالو شرڪت پڙهيل مواد جو تفصيل
پروگرام گڏجاڻيون لطيفي ميڙ ميڙاڪا
01 عيسيٰ ميمڻ
سيڪريٽري 5 20 9 3 غزل، 2 ڪهاڻيون، هڪ نظم.
02 علي بخش پٺاڻ
ج. سيڪريٽري 5 16 8 هڪ تبصرو، هڪ مقالو ۽ هڪ ڪهاڻي
03 غفور زهراڻي
خزانچي 4 15 8 هڪ وائي، هڪ غزل.
04 گلاب سومرو
آڊيٽر 3 4 2 هڪ مقالو
05 انور ڏنگڙائي
ڪائونسلر 3 13 7 هڪ ڪافي، هڪ غزل ۽ هڪ وائي
06 حمز علي سوهو
م.ڪ.ڪ 3 7 4 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
07 ديدار سولنگي
م.ڪ.ڪ 2 7 4 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
08 ادل سولنگي
م.ڪ.ڪ 5 17 7 2 نظم، 2 تاثر، 2 وائي.
09 ڪامران سومرو 4 12 4 3 ڊائري جا ورق، 3 نظم ۽ هڪ ڪهاڻي.
10 احمد جتوئي 4 10 6 8 بيت، 3 غزل، هڪ مقالو.
11 قاضي راشد 3 12 4 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
12 راحيل قاضي 3 7 2 هڪ ڪهاڻي
13 طارق ”امر“ آريجو 3 7 2 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
14 امام بخش ٻُٽ 2 7 1 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
15 احمد کوسو 4 12 6 هڪ ترجمو
16 شهمير سومرو 4 1 6 هڪ غزل
17 آزاد جروار 5 16 8 3 غزل، 3 وائيون، 7 ڪهاڻيون، هڪ نثري نظم
18 ارشد ”نواب“ ميراڻي 3 8 5 3 ڪهاڻيون، هڪ مضمون.
19 رجب سولنگي 2 3 2 2 نظم.
20 اسد ٻگهيو 1 2 2 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
گڏجاڻيءَ ۾ سنگت جي ميمبرن کانسواءِ جن شاعرن، اديبن شرڪت ڪئي. انهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
21 سارنگ ٻُٽ 1 8 5 2 غزل، 2 نظم، هڪ ڪهاڻي
22 محمد نواز سوهو 2 5 1 غزل، مضمون، نظم
23 مظهر ابڙو 3 8 6 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
24 دريا خان 2 6 2 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
25 منير ”ايس“ سومرو 5 12 4 2 وائيون، هڪ غزل، هڪ نثري نظم
26 مجيد زهراڻي 3 4 2 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
27 عرفان موريو 3 12 6 4 نثري نظم، هڪ مضمون
28 مجيب ”نواب“ ميراڻي 5 12 6 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
29 نظر محمد سومرو 1 2 0 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
30 ڀڳت رام 2 2 2 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
31 ارشاد ٻگهيو 2 2 1 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
انهيءَ کان علاوه مختلف دوستن، مختلف پروگرامن، گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي. جن جو تفصيل رڪارڊ بوڪ تي موجود آهي.
سنگت جي 8 مهينن جي مختصر عرصي ۾ ڪُلُ 5 پروگرام، 5 احتجاجي مظاهرا، بک هڙتالون، 5 لطيفي ميڙ، 3 تعزيتي ميڙاڪا ۽ 3 ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا اجلاس ٿيا.
مختلف شخصيتن ۽ تنظيمن طرفان 70 ليٽر ۽ دعوت نامه پهتا. مختلف تنظيمن پاران مليل دعوتن ۾ 46 پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ سنگت طرفان شرڪت ڪئي وئي. مرڪزي ۽ ضلعي اجلاسن ۾ سنگت جي نمائندگي رهي. سنگت طرفان 43 تنظيمي ليٽر جاري ڪيا ويا. جڏهن ته پروگرامن ۽ احتجاجن لاءِ 1230 دعوت نامن جا ڪارڊ سنگت طرفان جاري ڪيا ويا. سنگت جي دستوري ميڙن جي جن دوستن مختلف وقتن تي صدارتون ڪيون انهن ۾ غفور زهراڻي 4 گڏجاڻيون، حمز علي سوهو 3 گڏجاڻيون، احمد نواز کوسي ۽ عيسيٰ ميمڻ ٻن ٻن گڏجاڻين ۽ گلاب سومري، عارف کوسي، حاڪم مڱريي، احمد جتوئي، مظهر ابڙي، آزاد جروار، رجب سولنگي، انور ڏنگڙائي، ادل سولنگي ۽ نظر محمد سومري هڪ هڪ گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪئي. سنگت جي گڏجاڻين جي ڪاروائي جن دوستن هلائي انهن ۾ 17 گڏجاڻين جي عيسيٰ ميمڻ، 2 گڏجاڻين جي احمد نواز کوسي، غفور زهراڻي ۽ ڪامران سومري هڪ هڪ گڏجاڻي جي ڪاروائي هلائي.
هن سال ڪامران سومري ۽ آزاد جروار کي پڪي ميمبرشپ ڏني وئي ۽ جي ايم سيد جويي ۽ منير ”ايس“ سومري کي ايندڙ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي اجلاس تائين ڪچي ميمبرشپ پڻ ڏني وئي.
[b]مڃتا سَنَدَ 2003ع:
[/b]
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ پاران مختلف شخصيتن کي مختلف شعبن ۾ ڪيل خدمتن عيوض ”مڃتا سَندَ 2003ع“ 25 ڊسمبر 2003ع تي سنڌ سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري محترم رياضت ٻرڙي جي هٿان ڏني وئي. ان جو تفصيل هن ريت آهي.
نمبر نالو شعبو
01 لُطف پيرزادو لطيفيات
02 عزيز منگي ادب
03 ديدار سولنگي تحقيق
04 نظر محمد ڪنڀر تعليم
05 نثار کوکر صحافت
06 منور ابڙو مصوري
07 ڇٽل زهراڻي لوڪ ادب
08 عطا محمد ڀان سماجيات
09 اصغر مڱڻهار موسيقي
10 انور ڏنگڙائي لِسانيات
[b]تعزيتي ٺهراءَ ۽ قراردادون:
[/b]سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران سال 2003ع ۾ جيڪي تعزيتي ٺهراءَ ۽ قراردادون مختلف پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ پيش ڪيون ويون. انهن جو تفصيل ڏجي ٿو.
o دنيا جي عظيم تهذيب موهن جي دڙي مان چوري ٿيل مُهرن واپس ڪرايون وڃن.
o گريٽر ٿل ڪئنال سميت سمورا ڊيم سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ برابر آهن، انهن جون رٿائون رد ڪرائي سنڌ کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.
o سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين غيرسنڌيءَ جي مقرري سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ هاڃيڪار آهي. جنهن کي هٽائي سنڌي اديبن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.
o سنڌ جي انقلابي شاعر ابراهيم منشي، صحافي اميربخش بروهي، ليکڪ ڊاڪٽر علي احمد رند، سنگت ڏوڪريءَ جي اڳوڻي سيڪريٽري خير محمد چنه، مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر شمس سومري، صحافي محمد ادريس سومري جي وفات تي سنگت طرفان گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪندي، سندن پونيئرن سان تعزيت ڪئي آهي.
سنگت شاخ ڏوڪري جا هن وقت ڪُل 20 ميمبر آهن.
جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
عيسيٰ ميمڻ علي بخش پٺاڻ
غفور زهراڻي گلاب سومرو
انور ڏنگڙائي حمز علي سوهو
ادل سولنگي ديدار سولنگي
آزاد جروار ڪامران سومرو
شهمير سومرو احمد کوسو
اسد ٻگهيو امام بخش ٻُٽُ
ارشد ”نواب“ ميراڻي طارق ”امر“ آريجو
ڪامريڊ رجب سولنگي قاضي راشد
راحيل قاضي احمد جتوئي
ڪچا ميمبر:
جيئم سيد جويو منير ”ايس“ سومرو
آخر ۾ سنگت جي سمورن ميمبرن، همدرن جا ٿورا، جن جي سهڪار ۽ ساٿ سان سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ جو هي قافلو پنهنجي سفر تي ڪاميابيءَ سان گامزن آهي.
[b](نوٽ: هيءَ ڪارڪردگي رپورٽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي 04 جنوري 2004 تي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي. جيڪا اڪثريتي راءِ سان منظور ڪئي وئي).[/b]