مختلف موضوع

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي رپورٽ (سال 2002ع، 2003ع ۽ 2013ع)

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب حاضر آهي. نوجوان ليکڪ عيسيٰ ميمڻ جي محنت ۽ محبت سان هي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي سال 2002ع ۽ 2003ع ۽ سنگت لاڙڪاڻي جي 2012-13ع جي ڪارڪردگي رپورٽ آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ پڌري ڪري عام ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2229
  • 730
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عيسى ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي رپورٽ (سال 2002ع، 2003ع ۽ 2013ع)

سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جو سونهري دور : علي بخش پٺاڻ

سنڌي ادبي سنگت جو سماجي ڪارج محسوس ڪندي گوبند مالهي، شيخ اياز، آسانند مامتوراءِ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ ٻين هن تنظيم جا بنياد وڌا. ڊاڪٽر اياز قادريءَ کان وٺي شمشيرالحيدري، تاج بلوچ، ڊاڪٽر شمس سومري، غلام حسين رنگريز، تاج جويي، ادل سومري، اياز گل ۽ يوسف سنڌيءَ جي سرواڻيءَ ۾ سنگت ادب جي آبياري ڪندي آئي آهي. جهڙي ريت فرد ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ هوندو آهي، اهڙي ريت ادارن ۽ تنظيمن کي به ڪڏهن سوکي ته ڪڏهن اوکي وقت مان گذرڻو پوندو آهي. جيتوڻيڪ ويجهي ماضيءَ کان وٺي ادبي سنگت ڏکئي وقت منجهان گذري رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ کيس ڪڙي تنقيد جو به منهن ڏسڻو پئي ٿو. پر ان مايوس ڪندڙ ڪارڪردگيءَ باوجود سنڌي ادبي سنگت جو ڪارج گهٽيو نه آهي، پر اهو تِهائين وڌيو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جو گيڙوءَ رتو سماج سهپ ۽ رواداري جنهن جو شيوو هو، ان کي چئوڦير مذهبي مورچن ورائي ورتو آهي. وستي وستي، واهڻ واهڻ فرقي بنديءَ جا دڪان ۽ فيڪٽريون کلي ويون آهن. ننڍڙن ٻارڙن جي زرخيز مٽيءَ جهڙن ذهنن ۾ بنيادپرستيءَ جو ٻج ڇٽي انهن کي نفرت جو ريج ڏنو پيو وڃي، ان سڄي صورتحال جو نتيجو دهشتگرديءَ جي صورت ۾ اسان سڀ ڀوڳي رهيا آهيون. هن مرحلي تي سنڌي ادبي سنگت کي اڳتي اچي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن کي نه رڳو ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پر اهڙو ماحول به جوڙڻو پوندو جنهن سان نئين نسل جو ناتو قلم ۽ ڪتاب سان جڙي سگهي. مان سوچيان ٿو ته سنڌي ادبي سنگت، ان جو ڪردار ۽ ڪارڪردگي ڪيئن هئڻ گهرجي؟ ان سوال جو جواب عيسيٰ ميمڻ جو سنڌي ادبي سنگت جي موجوده مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل ڏانهن کليل خط ۾ ڀرپور انداز ۾ ملي ٿو. اهو خط اڳ ۾ اخبارن ۾ به شايع ٿيو هو ۽ هاڻي هن ڪتاب ۾ به شامل آهي. بس ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان خط کي ذاتي تنقيد سمجهڻ بدران ڪشاده دليءَ جو مظاهرو ڪندي هيئن سان هنڊائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته خط ۾ موجود سموريون تجويزون سنڌي ادبي سنگت جي آئين جي روشنيءَ ۾ ڏنل آهن. هن خط ۾ عيسيٰ لکي ٿو ته، ”سنگت کي موجوده بحراني حالت مان ڪڍڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري بڻجي ٿي.“ هاڻي اها ذميواري ادا ڪرڻ لاءِ عيسيٰ ته پهل ڪري چڪو آهي باقي سنڌ جي ٻين ساڃاهه وندن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته گهڻن کنئي ئي ڇپر کڄي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي ٻن سالن 2002ع ۽ 2003ع جڏهن ته لاڙڪاڻي شاخ جي سال 2013ع جون ڪارڪردگي رپورٽس شامل آهن.
انهيءَ ڳالهه ۾ ٽڪي جو به وڌاءُ ڪونهي ته سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري شاخ ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي سرگرم ترين شاخن منجهان هڪ رهي آهي. عيسيٰ ميمڻ جي تحقيق موجب 1963ع ۾ هن شاخ جو بنياد پيو ۽ ڪامريڊ حيدر جويو ان جو پهريون سيڪريٽري ٿيو. ۽ پوءِ ڪامريڊ امداد قاضيءَ کان وٺي قربان گاڏهي، نثار کوکر، ڊاڪٽر مظفر کوهاري، دادلي ناصر زهراڻي، انور ابڙي، عزيز منگي، خير محمد چني، حاڪم مڱريي، شهمير سومري، پروفيسر ديدار سولنگي، عيسيٰ ميمڻ، عبدالغفور زهراڻي، اقرار پيرزادي، حاڪم منگي ۽ قربان جتوئيءَ تائين ڪيترائي دوست هن شاخ کي سرگرم رکڻ لاءِ ڪوشان پئي رهيا آهن. ان سموري سفر ۾ ڏوڪري ادبي سنگت ڪيترائي لاها چاڙها ۽ بحران پڻ ڏسندي رهي آهي. پر پوءِ به هي سلسلو ڪٿي ٽُٽُو ناهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڏوڪري شاخ جي رپورٽس جو جائزو وٺڻ سان پتو پوي ٿو ته عيسيٰ ميمڻ جي سرواڻيءَ ۾ ڏوڪري شاخ جو اهو سونهري دور هو. جنهن ۾ ڪابه هفتيوار گڏجاڻي مِس نه ٿي. ۽ ڪيترائي شاندار پروگرام توڙي لطيفي ميڙاڪا ٿيا. اهو ئي سبب هيو جو ڪيترائي نوجوان ادب ڏانهن راغب ٿيا ۽ هنن تعليم سان گڏ پنهنجو تعلق ادبي سرگرمين سان به سلهاڙيو. هن ئي دور جي اهم اچيوِمينٽ اها به هئي ته ڏوڪري شاخ موهين جي دڙي جي ميوزيم مان مهرن جي چوريءَ خلاف وڏي احتجاجي تحريڪ هلائي، جنهن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ڪائونسل ۽ بعد ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تان انهن احتجاجن جا حوالا ڏئي بحث ڪرايو ويو. عيسيٰ جي اها خوبي آهي ته هو جتي به هجي ٿو اتي ميلامچائي ڇڏيندو آهي، ايئن ئي هو جڏهن ٽي سي وٺي لاڙڪاڻي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو ته کيس سال 2013ع لاءِ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڪم سان لڳاءُ ۽ جاکوڙي سڀاءُ هئڻ ڪري هن لاڙڪاڻي شاخ کي به زبردست نموني سرگرم رکيو ۽ ڪيترائي يادگار پروگرام ڪرايائين. اهو ئي سبب آهي جو هو جڏهن ڏوڪري سنگت جو سيڪريٽري هو تڏهن ڏوڪري شاخ کي مرڪز پاران بهترين ڪارڪردگيءَ جو ايوارڊ مليو ۽ جڏهن لاڙڪاڻي سنگت جو سيڪريٽري ٿيو ته مرڪز ان کي مڃتا ايوارڊ ڏنو. يقينن ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻو شاخ عيسيٰ جي انهن ڪاوشن کي سدائين قدر جي نگاهه سان ڏسندي.

[b] علي بخش پٺاڻ
[/b]