مختلف موضوع

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي رپورٽ (سال 2002ع، 2003ع ۽ 2013ع)

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب حاضر آهي. نوجوان ليکڪ عيسيٰ ميمڻ جي محنت ۽ محبت سان هي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي سال 2002ع ۽ 2003ع ۽ سنگت لاڙڪاڻي جي 2012-13ع جي ڪارڪردگي رپورٽ آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ پڌري ڪري عام ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2229
  • 730
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عيسى ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي رپورٽ (سال 2002ع، 2003ع ۽ 2013ع)

سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ڏانهن کليل خط

سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ڏانهن کليل خط....

مانوارا مشتاق ڦل صاحب
سيڪريٽري جنرل
سنڌي ادبي سنگت – سنڌ

اميد ته خوش هوندا !
محترم سائين!

هيءُ منهنجي لاءِ پهريون موقعو آهي جو آءُ هن خط ذريعي اوهان سان سڌيءَ ريت مخاطب آهيان. هونئن بحيثيت سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪن جي اوهان سان رابطن ۽ محبتن جو سلسلو ڪافي پراڻو آهي پر سنگت جي متعلق تفصيلي انداز ۾ هي خط پهريون دفعو لکي رهيو آهيان. يقينن هن خط لکڻ جو مقصد هي آهي ته سنگت جي بهتريءَ لاءِ جيڪو درد اوهان وٽ آهي، اهو درد مون وٽ به آهي. ڇاڪاڻ ته سنگت تي جيترو حق اوهان جو آهي اوترو ئي حق منهنجو به آهي. ان درد جي ناتي سان هي خط جڏهن لکي رهيو آهيان. ان جي پٺيان هڪ نيڪ نيتيءَ جو جذبو ڪارفرما آهي جنهن لکڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي.
سائين منهنجا!
اوهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته جڏهن هٽلر، اقتدار جو دائرو وڌائڻ لاءِ فاشزم جي انتها ڪري ڇڏي هئي. هن اديبن، دانشورن کي مارائڻ، ڪتاب ساڙائڻ کان وٺي انسان دشمنيءَ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا، تڏهن دنيا جي روشن خيال اديبن 1935ع ۾ پئرس شهر ۾ ڪلچر ۽ ادب جي تحفظ لاءِ هڪ ڪانگريس سڏائي هئي، جنهن ۾ عالمي پائي جي اديبن مئڪسم گورڪي، هينري بايرس، رومين رولان، ٿامس مان، آندري مارلو ۽ والڊو فرينڪ ۽ ٻين شرڪت ڪري، اُهو طئي ڪيو هو ته ليکڪ، اديب، شاعر ۽ دانشور کي پنهنجي ذات کان ٻاهر نڪري انسانن جي اجتماعي مفادن، معاشي توڙي تهذيب جي اعليٰ قدرن جي واڌ ويجهه لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڪانفرنس جي اثر ۾ 1936ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي پهرين ڪانفرنس لکنوءَ ۾ ترقي پسند اديب منشي پريم چند جي صدارت ۾ ٿي هئي. جنهن ۾ برصغير جي مڙني علائقن سميت سنڌ مان حشو ڪيولراماڻيءَ شرڪت ڪئي هئي. هن ڪانفرنس ۾ ترقي پسند ادب جي ترقي توڙي واڌ ويجهه لاءِ عملي قدم کڻڻ لاءِ ڪيترائي اهم فيصلا ٿيا جيڪي تاريخ جو حصو آهن.
هن ڪانفرنس کان پوءِ سنڌ ۾ ترقي پسند ادب جو اثر واضع نظر اچي ٿو. هونئن ته ترقي پسند ادب سنڌ ۾ اڳ به لکيو ويندو هو مثال طور تي شاهه لطيف جي شاعري، جاگيرداري مخالف ۽ انسان دوستيءَ جو لازوال مثال آهي. ان بعد ڪشنچند کان وٺي ڪيترائي نالا ڳڻي سگهجن ٿا پر ترقي پسند ادب، هڪ تحريڪ جي صورت ۾ هن ڪانفرنس کان پوءِ سوويت يونين جي سوشلسٽ بلاڪ جي اثرن جي نتيجي ۾ ورتي هئي. جنهن ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ ٻين اديبن سنڌي ادبي سرڪل کي قائم ڪيو، جنهن ۾ 1941-42 ۾ لعل چند امر ڏني مل، شيخ اياز، رام پنجواڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي هئي ۽ ان ادبي سرڪل ئي سنڌي ادبي سنگت جي صورت اختيار ڪئي، جنهن جي 1947ع ۾ باضابطه تنظيم ڪاري ٿي، جنهن جو پهريون صدر آسانند مامتورا، سيڪريٽري گوبند مالهي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري شيخ اياز ٿيا هئا. جنهن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ادبي سنگت جو بنياد 1947ع ۾ ئي باضابطه نموني پيو هو. ورهاڱي کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ 1956ع تائين سنڌ - سنگت جون 12 شاخون کلي چڪيون هيون. 1956ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ - سنگت جي 12 شاخن جو گڏيل اجلاس ٿيو. جنهن ۾ سنگت جي مرڪزي تشڪيل ڪئي وئي. جنهن جون پهريون سيڪريٽري اياز قادري ٿيو. ان کان پوءِ اڄ تائين سنڌي ادبي سنگت، نه صرف ترقي پسند ادب جي آبياري ڪئي آهي پر ترقي پسند تحريڪن جي رهنمائيءَ وارو ڪردار به ادا ڪيو آهي. سنگت نه صرف سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ جدوجهد ڪئي آهي پر سنڌي ثقافت جي تحفظ لاءِ پڻ نه وسرندڙ ڪم ڪيو آهي. ون يونٽ خلاف تحريڪ هجي يا مارشلائي دور هجي پر سنڌ - سنگت هميشه گائيڊ لائين واري حيثيت ۾ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي تاريخ، سنڌي ادبي سنگت جي ڪردار کان سواءِ اڻ مڪمل رهندي.

مانوارا سائين!
يقينن هن تمهيد جو مقصد ۽ سنگت جي ماضيءَ کان وٺي اڄ جي سنگت جي ڪردار جي جائزي وٺڻ جو اهو ئي آهي ته سنڌ - سنگت سنڌ جو مثالي ادارو هو ۽ اڄ اهو مثالي ادارو، جنهن جڳهه تي پهتو آهي، اهو ڏسي افسوس به ٿئي ٿو ته ڳڻتي به ٿئي ٿي. ان ڪري سنگت کي موجوده بحراني حالت مان ڪڍڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري بڻجي ٿي. ان ڏس ۾ سنگت جي آئين جي پسمنظر ۽ پيش منظر ۾ اوهان سان ڪجهه ڳالهيون عرض رکجن ٿيون. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به جماعت جو آئين ۽ منشور نه صرف منزل جو تعين ڪندو آهي پر منزل ڏي ويندڙ رستن ۽ حڪمت عملين کي به متعين ڪندو آهي. سنگت جي آئين جي روشنيءَ ۾ ڪجهه گذارشون اوهان آڏو رکجن ٿيون.

شق. 01: سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي بقا، بهبودي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشش وٺڻ.
ٻولي ڪنهن به قوم جي نه صرف لاڳاپي پر ان کي متحد رکڻ لاءِ اهم ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿي. قومن جي نه صرف سڃاڻپ پر ان جي عزت ۽ وقار لاءِ پڻ ٻولي جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌي ادبي سنگت، تاريخ جي ان ضرورت ۽ اهميت کي سمجهندي پنهنجي بنياد کان وٺي، اڄ تائين نه صرف جدوجهد ڪئي آهي پر ان لاءِ قومي تحريڪن جي گائيڊ لائين وارو ڪردار به ادا ڪيو آهي. پر سنگت وٽ سواءِ فيبروري مهيني ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ جي ڪو منظم، متحد ۽ مسلسل جدوجهد جو تصور ئي موجود نه آهي ۽ نه وري هن ڏس ۾ سنگت ٻين سياسي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن کي پاڻ سان گڏ کڻي سگهي آهي ۽ نه وري ان طرف ڪا ڪوشش ڪئي وئي آهي.

شق نمبر 02: سنڌي اديبن، شاعرن، مصورن، فنڪارن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان لڳاءُ رکندڙن کي وقت به وقت گڏ ڪرڻ.
آئين جي هن شق موجب سنڌ جا شاعر، اديب، مصور ۽ فنڪار نه صرف سنگت جو گڏيل اثاثو آهن پر انهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ رابطو قائم رکڻ به سنگت جي بنيادي مقصدن ۾ شامل آهي. پر سڄي سنڌ ۾ سنگت اديبن ۽ شاعرن کانسواءِ مصورن ۽ فنڪارن کي گهربل عزت ڏني آهي نه وري انهن ۽ سنگت وچ ۾ ڪا گڏيل جدوجهد ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪا پيش رفت ڪئي آهي. هاڻي به 17، آڪٽوبر 2016ع تي حيدرآباد ۾ سنڌ - سنگت پاران ڏنل لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۾ نه ڪو فنڪار شامل آهي ۽ نه ئي مصور. جنهن مان اوهان جي سنجيدگي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

شق نمبر03: پراڻي سنڌي ادب کي ٻيهر ڇپائڻ ۽ جديد ادب کي اهميت ڏئي شايع ڪرڻ:

شق نمبر 10: تخليقي، تحقيقي، ترجمي ۽ تنقيدي ادب جا ڪتاب ڇپائڻ:

شق نمبر 11: معياري سنڌي ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائڻ ۽ ٻين ٻولين جي معياري تخليق کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ:
سنگت جي آئين جي شق نمبر 03، 10 ۽ 11 ۾ متفقه مقصد هئڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ - سنگت ڪتاب (اهي قديم ڪتاب هجن يا جديد ادب سان واسطو رکندڙ توڙي ترجمو ٿيل ڪتاب) هر صورت ۾ انهن کي ترجيحي بنيادن تي شايع ڪرائڻ لاءِ ڪوشش وٺندي. سنگت جي متن ۽ مقصدن جي 11 شقن مان 3 شقون ڪتابن جي ڇپائي لاءِ ڏنل آهن. اوهان جي 6 سالن جي عرصي دوران سنڌ - سنگت هڪ ڪتاب به نالي ماتر شايع ڪرائڻ جي زحمت نه ڪئي آهي. نه وري ان متعلق توهان اجلاسن ۾ ڪڏهن سنجيدگيءَ سان بحث ڪيو آهي ۽ نه وري ڪڏهن اهڙي ايجنڊا بحث لاءِ آندي آهي. ڇاڪاڻ ته اوهان چڱي طرح سمجهو ٿا ته ڪتاب جي ڇپائيءَ جو ڪم ڪيترو محنت ۽ صبر طلب هوندو آهي. ان ڪري اوهان ڪنهن ڪتاب جي خود نمائي ته ڪري سگهو ٿا پر ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم هٿ ۾ کڻڻ، انتهائي ڏکيو عمل آهي. جنهن لاءِ نه اوهان وٽ وقت آهي نه وري ڪا ترجيع.

شق نمبر 04: سنڌ ۽ ملڪ اندر مختلف قومي وحدتن ۽ دنيا ۾ موجود ادبي تنظيمن سان ناتا قائم ڪرڻ:
هيءَ سنڌ - سنگت جي آئين جي اهم شق آهي جيڪا ملڪ جي چئن وحدتن ۽ دنيا جي ادبي تنظيمن وچ ۾ ناتا قائم ڪرائڻ لاءِ سنگت جي آئين ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. اوهان دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ”امڙ جي دعا“ سان ذاتي دورا ته ڪريو ٿا پر سنگت ۽ دنيا جي ادبي تنظيمن ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ نه ڪڏهن ڪوشش ڪئي آهي نه وري ان جي ضرورت محسوس ڪئي آهي. هاڻي ته دنيا انٽرنيٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي سبب هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي ويئي آهي پر اوهان هن دنيا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کي چڱيءَ طرح محسوس ئي ڪو نه ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ننڍڙي ڳوٺ جي سنگت جي رابطن جي اهم ذريعو سنڌ - سنگت ويب سائيٽ آهي. جيڪا 2006ع کان پوءِ جيڪڏهن اپ ڊيٽ ٿي آهي ته ان ۾ صرف اوهان جي تصويرن جو اضافو ٿيو آهي. جنهن مان ائين ٿو لڳي ته سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جو ادب، اوهان جي ذات کان شروع ٿئي ٿو ۽ اوهان جي ذات تي ئي ختم ٿئي ٿو. نتيجي ۾ سنڌ - سنگت گلوبل وليج ۾ ته شامل نه ٿي سگهي آهي پر هڪ وليج ضرور بڻجي وئي آهي سو به دنيا کان بلڪل الڳ ٿلڳ هڪ خول ۾ بند. سنڌ - سنگت جا دنيا جي ادبي تنظيمن سان رابطا ۽ لاڳاپا ته ڇا دنيا جي ادبي تنظيمن جي نالن کان به غير واقف نظر اچي ٿي.
شق نمبر 05: سنڌ جي بزرگ هستين، شاعرن، اديبن جي فن ۽ فڪر جي باري ۾ سيمينار، ورڪشاپ، ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ۽ ورسيون ملهائڻ:
سنڌ جي بزرگ هستين، شاعرن، اديبن جي فن ۽ فڪر تي سنگت جو (ڪنهن قدر) ڪردار ماضيءَ ۾ ته رهيو آهي پر سنگت جي هڪ ڏهاڪي کان ۽ خصوصن اوهان جي 6 سالن جي عرصي ۾ ڏڪر واري صورتحال رهي آهي. هاڻي جڏهن چونڊون ويجهو اچي رهيون آهن تڏهن اوهان پنهنجي من پسند اديبن، شاعرن سان رهاڻين رچائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي. جنهن ۾ انهن جي فن ۽ فڪر تي ڪو به سيمينار، ورڪشاپ يا ڪانفرنس ته نه هوندي آهي جتي سنجيدگيءَ سان انهن جي فن ۽ فڪر جو جائزو ورتو وڃي پر سندن دل خوش ڪرڻ ۽ سنگت کي فوٽو سيشن ۽ خوشامد جا عنصر وڌيڪ جهلڪندي نظر اچن ٿا، جنهن ڪري انهن رهاڻين جو اصل روح توڙي مقصد ڪٿي به نظر نه ٿو اچي.

شق نمبر 06: سنڌي ادبي سنگت جي جدا جدا شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌ - سنگت جي شاخن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ:
2006ع ۾ جڏهن تاج جوئي وارن جو پينل هارائي ويو هو، ان وقت کان پوءِ اوهان جي سٿ تاج جوئي وارين حمايتي شاخن جا الحاق ختم ڪرڻ، انهن شاخن جي ووٽرن خلاف، جنهن انداز سان انتقامي ڪاروايون ڪيون اهو پڻ تاريخ جو هڪ ڏکوئيندڙ باب آهي. خود 2006ع ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال وارن جنهن انداز سان چونڊون وڙهيون، جنهن انداز سان غير جمهوري رويا اختيار ڪيا، اهو خود الڳ باب آهي پر جڏهن اوهان سنگت جي واڳ سنڀالي ته هڪ اميد پيدا ٿي ته اوهان سنگت کي انتقامي ڪارواين کان بچائي سنگتين کي ميڙي مٺ ڪندئو، پر اوهان اڳين جي نه صرف ان غط عمل کي جاري رکيو پر ان ۾ زبردست اضافو به ڪيو. سڄي سنڌ ۾ اوهان پنهنجو ووٽ وڌائڻ لاءِ ووٽر شاخون (جن کي بوگس شاخون نه ٿا سڏيون) قائم ڪيون. انهن ووٽر شاخن جو تعداد خيرپور ۾ ئي 23 شاخن تائين پهتل آهي. سنڌ ۾ 127 شاخن مان 23 ووٽر شاخون رڳو خيرپور ۾ هجن ته ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هاڻي جيڪڏهن شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ سامي به اوهان سان مقابلي ۾ بيهن ته اهي به کٽي نه سگهندا. ڇاڪاڻ ته اوهان جون قائم ڪيل ووٽر شاخون، صرف ووٽ پرچي لاءِ قائم ٿيل آهن. انهن جو سڄي سنڌ ۾ زبردست تعداد آهي. سڄي سنڌ ۾ تنقيدي ڪلاس هلائيندڙ ۽ ادبي سرگرميون ڪندڙ شاخون 25 به مَسَ آهن، جن جون سرگرميون اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي رڪارڊ ٿين ٿيون. باقي شاخون ته اوهان جي ڪرم نوازيءَ سان چونڊن ۾ ووٽ ڪرڻ وقت ظاهر ٿينديون آهن.

شق نمبر 07: سنڌ جي جدا جدا شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ:
هتي ان ڳالهه تي بحث نه ٿا ڪريون ته لائبريريون شعور جي آبياري ڪيئن ڪنديون آهن پر اوهان خود باشعور فرد آهيو، ڪنهن به قوم جي فڪر ۽ ساڃاهه جي پرورش ۽ واڌ ويجهه لائبريري کان سواءِ ممڪن ئي نه آهي. ان ڪري سنڌ - سنگت سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ پنهنجي بنيادي مقصدن ۾ شامل ڪيو آهي. اڄ سڄي سنڌ ۾ سنڌ - سنگت جي ڪنهن به شاخ کي نه لائبريري آهي نه وري لائبريري قائم ڪرڻ لاءِ ڪا ڪوشش ڪئي آهي. ڪنهن اديب وٽ ذاتي لائبريري ته موجود ٿي سگهي ٿي پر اها پبلڪ ڪاز لاءِ ڪٿي به موجود نه آهي. ايتري قدر جو، سنڌ - سنگت جي مرڪزي آفيس ۾ نالي ماتر به لائبريري نه آهي. اوهان ايمانداريءَ سان ٻڌايو ته اوهان ڪڏهن شاخن، ضلعن يا مرڪز کي لائبريري قائم ڪرڻ لاءِ ڪا هدايت ڪئي آهي؟ يقينن ان جو جواب انڪار ۾ ئي هوندو.

شق نمبر 08: اديبن، شاعرن، مصورن ۽ فنڪارن جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ هڪ ٽرسٽ قائم ڪرڻ، جنهن جو نالو ” سنڌ - سنگت“. ڀلائي ٽرسٽ“ هوندو:
سنگت نه صرف ادب ۽ فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ مڙني معاملن جي آبياري ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي پر اديبن، شاعرن، مصورن ۽ فنڪارن جي مالي مدد ڪرڻ ۽ ڏکئي وقت ۾ انهن جي سهائتا ڪرڻ کي به پنهنجو اولين فرض سمجهي ٿي. حقيقت ۾ سنگت کي پنهنجي مدد پاڻ تحت مخير حضرات يا همدردن کان فنڊ گڏ ڪري انهن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ گهرجي، پر اوهان ۽ اوهان جا ساٿي هڪ ڏهاڪي کان سنگت کي سرڪار جي پيرن ۾ اڇلي، سرڪار کان مراعتون وٺڻ پنهنجو حق سمجهو ٿا. جڏهن ته اديب، شاعر فنڪار توڙي مصور 99 سيڪڙو عوام جو نه صرف نمائندو آهي پر انهن جو ادب ۽ فن 99 سيڪڙو عوام جي امانت آهي. اديب، فنڪار يا مصور جڏهن عوام سان گڏ بيهي ٿو، تڏهن يقينن مٿئين طبقي بجاءِ وسيع ترين عوام جو گڏيل آواز بڻجي ٿو جڏهن اهي سرڪار کان مراعتون وٺن ٿا، تڏهن يقينن ان جي خلاف آواز اٿارڻ بجاءِ مصلحت جو شڪار به بڻجن ٿا. ون يونٽ جي مخالف تحريڪ کان وٺي مارشلائي دور هجي يا جمهوريت جي آڙ ۾ عوام دشمن حڪومتون هجن. انهن خلاف سنڌ سنگت مسلسل پنهنجي وس آهر جدوجهد جي هڪ شاندار تاريخ رکي ٿي. پر هاڻي ته سنگت جو ”مزاحمتي ڪردار“ به ”مراعت يافته“ ڪردار بڻجي ويو آهي. يقينن جڏهن سنڌ - سنگت جي نئين سري سان تاريخ لکي ويندي. تڏهن سنڌ - سنگت جي مزاحمتي ڪردار کان مصلحت ۽ مراعت يافته ڪردار تائين سڀ ڳالهيون تاريخ جو حصو بڻبيون. سنڌ - سنگت جي هن مصلحت ۽ مراعت يافته ڪردار بڻائڻ ۾ اوهان جون ڪوششون به رڪارڊ تي ضرور رهنديون.

شق نمبر 09: سنگت پاران ٽماهي ادبي مخزن جاري ڪرڻ، جنهن جو نالو ”سنگت“ هوندو.
ڪنهن به جماعت جو ترجمان رسالو، ان جماعت جي تنظيمي سرگرمين جو آئينو هوندو آهي ۽ ان جي فڪر جو اهم پرچارڪ به هوندو آهي. سنگت جو ٽماهي ترجمان يوسف سنڌيءَ جي دور تائين ڪنهن حد تائين جاري ٿيندو رهيو ۽ اوهان جي پهرين دور ۾ به يوسف سنڌيءَ ان عمل کي جاري رکيو پر هڪ وقت کان پوءِ جڏهن يوسف سنڌي اوهان جي سرگرمين کان مايوس ٿيو، تڏهن هن نه صرف ”سنگت“ ترجمان مان هٿ ڪڍيا پر اوهان جي سٿ کان به ڪنڊائتو ٿي ويو. جنهن جو اظهار ۽ جهلڪ 25 سيپٽمبر 2016ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ يوسف سنڌيءَ پاران توهان تي ڪيل تنقيد ۽ اجلاس جي صدارت کان انڪار مان لڳائي سگهجي ٿو. يوسف جي پاسيري ٿيڻ کان پوءِ سنگت جو هي ترجمان نه صرف بند ٿي ويو پر ڪڏهن به سنگت جي اجلاس ۾ اوهان ان کي جاري ڪرڻ لاءِ ايجنڊا بحث هيٺ نه آندي آهي.

مانوارا سائين!
يقينن مون اوهان جو گهڻو وقت ورتو آهي. ڇاڪاڻ ته سنگت سان نينهن جي ناتي ۽ شعوري ناتو هئڻ سبب سڀ ڳالهيون آئين جي روشنيءَ ۾ اوهان اڳيان رکيون اٿم. جنهن ۾ مون ڪنهن به ذاتي تعصب کان ڪم نه ورتو آهي، نه ئي ان پٺيان ڪو ٻيو مقصد آهي. ان اميد سان هي ڳالهيون رکيون اٿم ته اوهان نه صرف سنڌ - سنگت جي قبلي کي درست ڪندئو پر ان جو ماضيءَ ۾ ادا ڪيل شاندار تاريخي، مزاحمتي ڪردار ۽ وقار کي به بحال ڪرائيندئو، جيڪو ايندڙ 5 مهينن تائين ممڪن ته نه آهي پر گهٽ ۾ گهٽ ان جا بنياد ضرور رکندئو. جنهن سان ايندڙ ساٿين جي لاءِ نه صرف راهه هموار ٿيندي پر انهن لاءِ هڪ مثال به قائم ٿي پوندو.

نيڪ تمنائن سان
اوهان جو پنهنجو

[b]عيسيٰ ميمڻ
[/b]ڪائونسلر
سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو