سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري : ڪارڪردگي رپورٽ 2002ع
ڪارڪردگي رپورٽ 2002ع
(03 فيبروري 2002ع
کان 29 ڊسمبر 2002ع)
[b]عهديدار؛
[/b]
1. سيڪريٽري؛ عيسيٰ ميمڻ
2. جوائنٽ سيڪريٽري؛ علي بخش پٺاڻ
3. خزانچي؛ گلاب سومرو
4. آڊيٽر؛ منظر ميتلو
5. ڪائونسلر؛ انورڏنگڙائي
[b]ڪارڪردگي رپورٽ 2002ع
[/b]
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي سالياني چونڊ گڏجاڻي 03 فيبروري 2002ع بروز آچر ڏينهن چونڊ ڪاميٽي جي چيئرمين محترم عزيز منگي ۽ چونڊ ڪاميٽيءَ جي ميمبر محترم حمز علي سوهوءَ جي نگراني ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ هيٺيان عهديدار بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا.
1. سيڪريٽري: عيسيٰ ميمڻ
2. جوائنٽ سيڪريٽري: علي بخش پٺاڻ
3. خزانچي: گلاب سومرو
4. آڊيٽر: منظر ميتلو
جڏهن ته ڪائونسلر جي چونڊ سنگت جي ڪن معاملن سبب مقرر وقت تي نه ٿي سگهي. بعد ۾ 30 جون 2002ع بروز آچر تي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ اڪثريتي راءِ سان انور ڏنگڙائي کي بنا مقابلي ڪائونسلر قرار ڏنو ويو.
[b]پروگرامن جو تفصيل:
[/b]
[b]الوداعي، آجياڻو ۽ ايوارڊ تقريب ۽ مشاعرو:
[/b]• 17 فيبروري 2002ع آچر ڏينهن سنگت پاران سال 2001ع جي عهديدارن کي الوداعي ۽ سال 2002ع جي عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. جنهن جي صدارت سنگت جي سابق سيڪريٽري حاڪم مڱريي ڪئي. ”سنگت ايوارڊ“ سنگت جي بهترين سيڪريٽري حاڪم مڱريي، سنگت جي خدمتن عيوض محترم گلاب سومري، سنگت جي ڏوڪريءَ جي باني حيدر جويي ۽ سنگت ۾ معياري مواد پڙهندڙ منظر ميتلي کي ڏنو ويو. ان کان اڳ عيسيٰ ميمڻ آجياڻو ۽ سنگت جي مختصر تاريخ پڻ پيش ڪئي. پروگرام ۾ شهر جي سماجي، ادبي ۽ سياسي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. جنهن جو ڪُل تعداد 45 آهي. انهيءَ موقعي تي مشاعرو پڻ ٿيو. جنهن ۾ مختلف شاعرن پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي. ڪاروائي انور ڏنگڙائيءَ هلائي. پروگرام جي آخر ۾ ريفريشمينٽ جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو.
[b]عيد ملن مشاعرو ۽ محفل موسيقي:
[/b]• 24 فيبروري 2002ع عيد جي ٻئي ڏينهن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران موهن جو دڙي تي عيد ملن مشاعرو ۽ محفل موسيقيءَ جو پروگرام ٿي گذريو. پهرين نشست ۾ مشاعري جو صدر عيسيٰ ميمڻ، مهمان خاص ادل سولنگي ۽ اعزازي مهمان جبران سولنگي هئا. مشاعري ۾ ڏوڪري تعلقي جي آسپاس جي شاعرن سميت جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، نصيرآباد، قمبر، باڊهه، آريجا ۽ دادوءَ جي شاعرن پڻ شرڪت ڪئي. ٽوٽل شرڪت 87 رهي. محفل موسيقيءَ جي نشست ۾ اصغر مڱڻهار، بچل سولنگي، سليمان سنڌي ۽ سڪندر بڙديءَ پنهنجا سُر وکيريا. ڪاروائي حاڪم مڱريي هلائي. پروگرام جي آخر ۾ مانيءَ جو بندوبست پڻ ٿيل هو.
[b]سائين سرور منگيءَ جي پهرين ورسي:
[/b]• 7 اپريل 2002ع آچر ڏينهن سنگت طرفان سماجي ۽ ادبي کاهوڙي ڪردار سائين سرور منگيءَ جي پهرين ورسي گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ منعقد ڪئي وئي. جنهن جي صدارت سائين سرور منگيءَ جي ڀاءُ امجد منگيءَ ڪئي. مهمانِ خاص ناميارو ليکڪ سڪندر علي هليو، اعزازي مهمان ناليوارو شاعر ادل سولنگي ۽ قربان منگي هئا. آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ ڏنو. سائين سرور منگيءَ جي شخصيت تي جن مقالا پڙهيا. انهن ۾ پروفيسر موهن لعل پريمي، انور ڏنگڙائي، حاڪم مڱريو، معراج منگي، لالو ماڇي، شفيق آريجو، ادل سولنگي، قربان منگي ۽ امجد منگي شامل هئا. جڏهن ته سائين سرور منگيءَ جي ڪيل ادبي، سماجي خدمتن عيوض ”سنگت ايوارڊ 2002ع“ سندس ڀاءُ امجد منگيءَ وصول ڪيو. پروگرام ۾ 100 کان مٿي ماڻهن جي شرڪت رهي. پروگرام جي ويڊيو رڪارڊنگ پڻ ڪئي وئي.
[b]فڪر لطيف:
[/b]• 28 اپريل 2002ع بروز آچر ڏينهن گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول ڏوڪريءَ ۾ سنگت طرفان سنڌ جي آفاقي شاعر شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ انقلابي لاڙن تي ڳالهائڻ لاءِ ”فڪرلطيف“ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت لطيفي لغات جوڙيندڙ لطيف جي ڄاڻو انور ڏنگڙائي ڪئي. مقالا پڙهندڙ ۽ لطيف تي ڳالهائيندڙ ۾ حمز علي سوهو، گلاب سومرو، ڪاشف گاڏهي، عيسيٰ ميمڻ، ڪامريڊ رجب سولنگي، خير محمد چنه، آزاد جروار، حاڪم مڱريو، علي خان ۽ علي بخش پٺاڻ شامل هئا. هن پروگرام ۾ 57 ماڻهن جي شرڪت رهي. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ هلائي.
[b]نون ميمبرن جي مان ۾ چانهه پارٽي:
[/b]• 14 جولاءِ 2002ع آچر ڏينهن گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول ڏوڪريءَ ۾ سنگت طرفان سنگت ۾ نئين ميمبرشپ وٺندڙ ارشد ”نواب“ ميراڻي، احمد جتوئي، رجب سولنگي، غفور زهراڻي ۽ احمد نواز کوسي جي مان ۾ چانهه پارٽي جو پروگرام ڪيو ويو. جنهن جي صدارت علي بخش پٺاڻ ڪئي ۽ مهمان خاص احمد جتوئي هئا. پروگرام ۾ انور ڏنگڙائي، حمز علي سوهو، قاضي راشد، دريا خان، نديم باغي، ادل سولنگي، نون ادب دوستن جي مان ۾ خطاب ڪري، ادب ۽ ادبي سنگت جي ڪردار کان روشناس ڪيو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽريءَ هلائي. پروگرام ۾ ڪُل شرڪت 46 رهي.
[b]منٺار سولنگي ۽ حسين بخش ناريجي جي آزاديءَ لاءِ بک هڙتال:
[/b]• 3 فيبروري 2002ع آچر ڏينهن پريس ڪلب ڏوڪريءَ اڳيان سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران ناليواري شاعر منٺار سولنگي ۽ حسين بخش ناريجي کي ڌاڙيلن کان بازياب ڪرائڻ لاءِ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. جنهن ۾ شهر جي سياسي، سماجي تنظيمن کانسواءِ عام ماڻهن شرڪت ڪئي. شرڪت جو تعداد 57 رهيو.
[b]هفتيوار دستوري گڏجاڻين جو تفصيل:
[/b]• 10 فيبروري 2002ع: سنگت ڏوڪريءَ جي آفيس ۾ سنگت جي پهرين دستوري گڏجاڻي ڪامريڊ رجب سولنگيءَ جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ منظر ميتلي ”بيت“، دولهه دريا خان ”غزل“، عيسيٰ ميمڻ ”هڪ خط محبوبا جي نانءُ“ ۽ احمد کوسي ”غزل“ پيش ڪيو. راحيل قاضي، حاڪم مڱريو، حمز علي سوهو، قاضي راشد، انور ڏنگڙائي، رشيد زهراڻي، علي بخش پٺاڻ ۽ جليل ٿيٻي سميت 17 دوست شريڪ رهيا. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽريءَ هلائي.
• 3 مارچ 2002ع: سنگت جي ٻي دستوري گڏجاڻي محترم گلاب سومري جي صدارت ۾ سنگت جي آفيس ۾ ٿي. جنهن ۾ منظر ميتلي ”غزل“ ۽ آزاد جروار ”نظم“ پڙهيو. جنهن تي احمد نواز کوسي، حاڪم مڱريي، نظير ميتلي، منور جوڻيجي، وسيم قاضي، قاضي راشد، علي بخش پٺاڻ فني ڇنڊڇاڻ ڪئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪُل شرڪت 21 رهي. ڪاروائي سيڪريٽريءَ هلائي.
• 10 مارچ 2002ع: سنگت جي ٽين دستوري گڏجاڻي سنگت جي آفيس ۾ غفور زهراڻي جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ عيسيٰ ميمڻ ڪهاڻي”ها! مان بزدل هان“ ۽ منظر ميتلي ”نظم“ پڙهيو، جڏهن ته حاڪم مڱريي، قاضي راشد، علي بخش پٺاڻ ۽ احمد نواز کوسي سميت 17 دوستن شرڪت ڪئي. ڪاروائي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽريءَ هلائي.
• 17 مارچ 2002ع آچر ڏينهن: سهڻي سنگيت ڪلب ڏوڪري تي سنگت جي چوٿين دستوري گڏجاڻي محترم انور ڏنگڙائي جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ گلاب سومري ”ڊائريءَ جو ورق“، دولهه دريا خان، حاڪم مڱريي، منظر ميتلي ”غزل“ ۽ شهمير سومري ”وائي“ پيش ڪئي. ڪاروائي قاضي راشد هلائي. هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪُل شرڪت 16 رهي.
• 31 مارچ 2002ع آچر ڏينهن: سهڻي سنگيت ڪلب تي سنگت جي پنجين دستوري گڏجاڻي حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ منظر ميتلي ”غزل“، حاڪم مڱريي ڪهاڻي ”پاڙي جا چڪر“ ۽سارنگ ٻُٽ ”غزل“ پيش ڪيو. تنقيد ۾ سيد عباس شاهه، خير محمد چنه، غفور زهراڻي، جمن ڀنڊ ۽ قاضي راشد حصو ورتو. جڏهن ته هن گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت جو انگ 18 رهيو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽريءَ هلائي.
• 14 اپريل 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏوڪريءَ ۾ سنگت جي ڇهين دستوري گڏجاڻي انور ڏنگڙائيءَ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ احمد نواز کوسي ”اسان جي ڌرتي“ مضمون، دريا خان ڪهاڻي، علي خان ۽ ادل سولنگي ”غزل“ پڙهيا. سڌير ملاڻي، آصف کوسي ۽ عارف کوسي سميت ڪُل 13 دوستن شرڪت ڪئي.
• 21 اپريل 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏوڪريءَ ۾ سنگت جي ستين دستوري گڏجاڻي سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ سفير جتوئي ”نثري نظم“، دريا خان ”غزل“، احمد نواز کوسي ”غزل“، منظر ميتلي ”بيت“ تنقيد لاءِ پيش ڪيا. حمز علي سوهو، خير محمد چنه، ڪامران سومري، ڪامران منگي، انور ڏنگڙائي، حاڪم مڱريي ۽ راحيل قاضيءَ سميت 18 دوستن شرڪت ڪئي.
• 5 مئي 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنگت جي اٺين دستوري گڏجاڻي احمد نواز کوسي جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ عيسيٰ ميمڻ ”ڊائريءَ جو ورق“، علي خان ”غزل“، منظر ميتلي ”غزل“، ڪامريڊ رجب سولنگيءَ ”چوسٽا“ ۽ سيد عباس شاهه ڪهاڻي پيش ڪئي. تنقيد ۾ حمز علي سوهو، ڪامران سومري، خير محمد چنه، ڀڳت رام، سڌير ملاڻي ۽ غفور زهراڻيءَ سميت 16 دوستن حصو ورتو. ڪاروائي سيڪريٽريءَ هلائي.
• 12 مئي 2002ع: مشتاق ڪوچنگ سينٽر ڏوڪريءَ تي سنگت جي نائين دستوري گڏجاڻي قاضي ارشد جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ ارشد ميراڻي، جان محمد سومري ۽ سيد عباس شاهه ”ڊائري جا ورق“ پڙهيا ۽ علي خان ڪهاڻي پيش ڪئي. ڀڳت رام، علي بخش پٺاڻ، امير بخش جروار، احمد نواز کوسي سميت 17 دوستن شرڪت ڪئي. سنگت جي سيڪريٽريءَ ڪاروائي هلائي.
• 19 مئي 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏوڪريءَ ۾ سنگت جي ڏهين دستوري گڏجاڻي ڪامريڊ رجب سولنگيءَ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ وسيم قاضي ”چئو سٽا“، جان محمد سومري ”ڊائري جو ورق“، سارنگ ٻُٽ ” غزل“، منظر ميتلي ”هائيڪا“، ارشد ”نواب“ ميراڻيءَ ڪهاڻي ۽ سيد عباس شاهه ”غزل“ پيش ڪيو. تنقيد ۾ علي بخش پٺاڻ، راحيل قاضي، ڀڳت رام، علي محمد پٺاڻ، دريا خان ۽ شهمير سومري سميت 19 دوستن حصو ورتو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽريءَ هلائي.
• 26 مئي 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏوڪريءَ ۾ سنگت جي يارهين دستوري گڏجاڻي حاڪم مڱريي جي صدارت ۾ ٿي گذري. گڏجاڻيءَ ۾ سارنگ ٻُٽ ڪهاڻي ”هُوءَ ڪاري هئي“، احمد نواز کوسي ”غزل“، مجيب ”نواب“ ميراڻي ۽ سيد عباس شاهه ”چئوسٽا“، علي خان ”غزل“، وفا صالح راڄپر ڪهاڻي ”رَکيلَ“ پيش ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ ڀڳت رام، گلاب سومري، غفور زهراڻي، انور ڏنگڙائي، قاضي ارشد، ڪامران منگي ۽ دريا خان سميت ڪُل 22 جي شرڪت رهي. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽريءَ هلائي.
• 2 جون 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنگت جي ٻارهين دستوري گڏجاڻي ارشد ”نواب“ ميراڻي جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ غفور زهراڻي چئوسٽا، مجيب ميراڻي ڪهاڻي، احمد نواز کوسي ”نظم“، عباس شاهه ”چئو سٽو“ پيش ڪيو. انور ڏنگڙائي، قاضي راشد، علي بخش پٺاڻ سميت 13 دوستن نقادن جي حيثيت ۾ حصو ورتو.
• 9 جون 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنگت جي تيرهين دستوري گڏجاڻي قاضي راشد جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ ڪامريڊ رجب سولنگي بيت، احمد کوسو ”وائي“، عيسيٰ ميمڻ مضمون ”جنهن دل پيتا عشق دا جام“، سارنگ ٻُٽ ڪهاڻي، احمد جتوئي ”غزل“ پيش ڪيو. جڏهن ته جان محمد سومري، دريا خان، حمز علي سوهو، صابر جهتيال، حسن جتوئي، ارشد ميراڻي، غفور زهراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪاروائي احمد نواز کوسي هلائي.
• 16 جون 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنڌي ادبي سنگت جي چوڏهين دستوري گڏجاڻي سيد عباس شاهه جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ احمد نواز کوسي ”وائي“، جان محمد سومري ”ڊائريءَ جو ورق“، سارنگ ٻُٽ ڪهاڻي ”انتظار“، صابر جهتيال ”نظم“، ارشد ”نواب“ ميراڻي ڪهاڻي تنقيد لاءِ پيش ڪئي. جڏهن ته دريا خان زهراڻي، انور ڏنگڙائي، ڪامريڊ رجب سولنگي، احمد جتوئي، ڀڳت رام، گلاب سومري، حمز علي سوهوءَ ۽ ٻين تنقيد ۾ حصو ورتو. ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي.
• 23 جون 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ پندرهين هفتيوار دستوري گڏجاڻي دولهه دريا خان جي صدارت ۾ ٿي گذري. گڏجاڻيءَ ۾ ڪامريڊ رجب سولنگي ”نظم“، احمد جتوئي ”چئوسٽا“، غفور زهراڻي ”غزل“ پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن ۾ اسد سوهو، ڪامران سومرو، صابر جهتيال، سيد عباس شاهه، علي بخش پٺاڻ، سفير جتوئي، ڀڳت رام، امر لعل، امجد ميمڻ، سڌير ملاڻو، انور ڏنگڙائي، زبير منگي، اڪبر جوڻيجو ۽ ٻيا شامل هئا. ڪاروائي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ هلائي.
• 30 جون 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنگت جي سورهين دستوري گڏجاڻي حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ احمد جتوئي ”چئوسٽا“، صابر جهتيال ”مضمون“ ۽ راشد سومري نثري نظم پيش ڪيو. جنهن تي ڪامران سومرو، مجيب نواب ميراڻي، علي بخش پٺاڻ، مصدر جهتيال، گلاب سومري، قاضي راشد ۽ حاڪم مڱريي ٽيڪاٽپڻي ڪئي. ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي.
• 7 جولاءِ 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنگت ڏوڪريءَ جي سترهين دستوري گڏجاڻي احمد نواز کوسي جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ ارشد ميراڻي ”ڪهاڻي“، احمد جتوئي ”بيت“، نواز سوهوءَ ”غزل“ پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن ۾ ڪامران سومرو، مجيب نواب ميراڻي، ڀڳت رام، نديم ٻُٽ، سڌير ملاڻي، شهمير سومرو ۽ قاضي راشد ۽ ٻيا شامل هئا. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ هلائي.
[b]ڪاروباري ڪاميٽيءَ جون گڏجاڻيون:
[/b]• 3 مارچ 2002ع: سنگت ڏوڪريءَ جي آفيس ۾ مختلف ايجنڊائن تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس سنگت جي خزانچي گلاب سومري جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ڇهن ميمبرن مان چئن ميمبرن شرڪت ڪئي. جن ۾ حاڪم مڱريو، عيسيٰ ميمڻ ۽ علي بخش پٺاڻ شامل هئا. جڏهن ته راشد قاضي، وسيم قاضي، دولهه دريا خان، احمد نواز کوسو، منور جوڻيجو ۽ آزاد جروار مبصر طور شامل هئا.
• 30 جون 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنگت ڏوڪريءَ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ٻيو اجلاس حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ مختلف ايجنڊائن تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ ٿي گذريو. شريڪ ميمبرن علي بخش پٺاڻ، حمز علي سوهو، عيسيٰ ميمڻ، حاڪم مڱريو ۽ گلاب سومرو هئا. جڏهن ته مبصر طور صابر جهتيال، ڪامران سومرو، قاضي راشد، مجيب ”نواب“ ميراڻي، احمد جتوئي ۽ راشد سومرو شامل هئا.
[b]جنرل ڪائونسل جو اجلاس:
[/b]• 3 فيبروري 2002ع: سنگت جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس سنگت جي آفيس ۾ چونڊن جي حوالي سان عزيز منگيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ حمز علي سوهو، حاڪم مڱريي، گلاب سومري، قاضي راشد، انور ڏنگڙائي، علي بخش پٺاڻ، غفور زهراڻي، وفا صالح راڄپر، عيسيٰ ميمڻ، منظر ميتلي، راحيل قاضي، بچل سولنگي ۽ اسد ٻگهيي شرڪت ڪئي.
• جڏهن ته جنرل ڪائونسل جو ٻيو اجلاس 18 جون 2002ع ڪورم پوري نه ٿيڻ سبب، نه ٿي سگهيو.
[b]نوٽ:
[/b]سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي باڊيءَ جو مدو 03 فيبروري 2002ع کان 29 ڊسمبر 2002ع تائين رهيو. جنهن جو تفصيلي رڪارڊ مون ٺاهيو هو. پر وقت جي ستم ظريفيءَ ۽ خانه بدوش رهڻ جي ڪري، اهو رڪارڊ 07 جولاءِ ۽ 2002ع کان پوءِ باضابطه محفوظ رهي نه سگهيو 07 جولاءِ 2002ع کان پوءِ جيڪا سنگت جي ڪارڪردگي رپورٽ هتي ڏني اٿم اها يادگيري ۽ مختلف دوستن جي ڏنل معلومات جي بنياد تي لکي اٿم جنهن ۾ اگر ڪا ڪمي ڪوتاهي رهجي وئي ته دوستن کي ان غلطيءَ جي درستگيءَ جي گذارش ڪيون ٿا..
[b]”افساني جو فن ۽ ٽيڪنڪ: ليڪچر“
[/b]
28 جولاءِ 2002ع تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏوڪريءَ ۾ ”افساني جوفن ۽ ٽيڪنڪ“ جي موضوع تي نامياري محقق محترم پروفيسر موهن لعل پريميءَ جو ليڪچرٿي گذريو. جنهن ۾ خصوصي مهمان طور سنڌ- سنگت ضلع لاڙڪاڻي جي رابطا سيڪريٽري ملهار سنڌي ۽ نامياري محقق ديدار سولنگيءَ شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ 53 شاعرن ۽ اديبن جي شرڪت رهي. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ هلائي.
[b]”سماج ۾ خود ڪشيءَ جا وڌندڙ لاڙا: ليڪچر“
[/b]
* 11 آگسٽ 2002ع تي مهراڻ (ٽيڊي) هوٽل ڏوڪريءَ جي ڇت تي ”سماج ۾ خود ڪشيءَ جا وڌندڙ لاڙا “موضوع تي ترقي پسند دانشور ڊاڪٽر عنايت مگسيءَ جو ليڪچر ٿي گذريو. جنهن ۾ 133 شاعرن، اديبن، سياسي سماجي ۽ ادبي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ ڏنو. پروگرام جي آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ پڻ ڪئي ويئي. ڪاروائي ادل سولنگيءَ هلائي.
[b]”ادل سولنگيءَ سان رهاڻ، مشاعرو، محفل موسيقي ۽ ايوارڊ تقريب“
[/b]
* 16 نومبر 2002ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ پاران نامياري شاعر ادل سولنگيءَ سان رهاڻ، مشاعرو، محفل موسيقي ۽ ايوارڊ تقريب ٿي گذري. جنهن جي صدارت سنڌ- سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ادل سومري ڪئي. مهمان خاص ادل سولنگي، اعزازي مهمانن ۾ ساجد سومرو ۽ عادل عباسي شامل هئا. شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي. محفل موسيقي ۾ استاد اصغر منڱڻهار، استاد بچل سولنگي، ۽ استاد حيات فقير شامل هئا. جڏهن ته مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اديبن، شاعرن، مصورن، استادن ۽ فنڪارن کي مڃتا سندون 2002 ۾ پڻ ڏنيون ويون. ڪاروائي غفور زهراڻي ۽ احمد جتوئيءَ هلائي. آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ ڏنو. پروگرام ۾ 173 ماڻهن جي شرڪت رهي.
[b]”ادب جو سماجي ڪارج: ليڪچر“
[/b]• 01 ڊسـمبـر 2002ع مشـتــاق ڪـوچـنگ سينٽر تـي ”ادب جو سمــاجــي ڪـارج“ جـي مـوضوع تـي ناميـاري ليـکـڪ عــزيــر مـنـگـيءَ جـو ليـڪـچر ٿـي گـذريـو. جــنــهـن ۾ ڪــل 57 دوســـــتــن جــــي شــرڪـــت رهـــي. ڪـــاروائــي ســـنـگـــت جـــــي سيڪريٽري هلائي. آجياڻو سنگت جـي جـوائـنـٽ سيڪــريٽري علي بخش پٺاڻ ڏنو.
[b]موهن جي دڙي جي مهرن جي واپسيءَ لاءِ احتجاج
[/b]
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ پاران موهن جي دڙي جي ميوزيم مان چوري ٿيل 37 قيمتي مهرن جي واپسيءَ لاءِ مختلف وقتن تي ڪيل احتجاج جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
29 سيپٽمبر 2002ع، پريس ڪلب ڏوڪريءَ اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ بک هڙتال ڪئي وئي
20 آڪٽوبر 2002ع پريس ڪلب ڏوڪريءَ اڳيان احتجاج ڪيو ويو.
03 نومبر 2002ع تي ٽائون هال ڏوڪريءَ جي سامهون احتجاج ڪيو يو.
17 نومبر 2002ع ٽائون هال ڏوڪريءَ جي اڳيان، سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ادل سومري جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو.
24 نومبر 2002ع ڏوڪريءَ کان موهن جي دڙي تائين پيادل مارچ ڪيو ويو.
[b]مڃتا سَندَ 2002ع
[/b]سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ پاران مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ اديبن، شاعرن، تعلمدانن، راڳين، ادبي ۽ سماجي ڪارڪنن کي مڃتا سند 2002، 16 نومبر تي سنڌ سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ادل سومري جي هٿان ڏني وئي.
01. ادل سولنگي - بهترين شاعر 02. حفيظ قاسماڻي - آرٽ
03. فاطمه ميراثي - سماجيات 04. موهن لال پريمي - تحقيق
05. لطف پيرزادو - لطيفيات 06. عزير منگي - ادب
07. قربان منڱڻهار - موسيقار 08. روشن ڪوري - لوڪ ادب
09. علي شير ٿهيم - لطيفيات 10. محمد ادريس سومرو - صحافت
11. استاد حيات منڱڻهار - راڳي 12. ڊاڪٽر ضمير منگي - طب
[b]سنگت جا ميمبر سال 2002
[/b]سيڪريٽري: عيسيٰ ميمڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: علي بخش پٺاڻ
خزانچي: گلاب سومرو
آڊيٽر: منظر ميتلو
ڪائونسلر: انور ڏنگڙائي
ميمبر:
قاضي راشد، راحيل قاضي، حيدر جويو، امام ٻُٽُ، ارشد ميراڻي، ڪامريڊ رجب سولنگي، احمد جتوئي، احمد نواز کوسو، طارق ”امر“ آريجو، فيض پيرزادو، خير محمد چنه، رشيد زهراڻي، مظفر منگي ۽ شهمير سومرو.