مختلف موضوع

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي رپورٽ (سال 2002ع، 2003ع ۽ 2013ع)

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب حاضر آهي. نوجوان ليکڪ عيسيٰ ميمڻ جي محنت ۽ محبت سان هي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي سال 2002ع ۽ 2003ع ۽ سنگت لاڙڪاڻي جي 2012-13ع جي ڪارڪردگي رپورٽ آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ پڌري ڪري عام ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2229
  • 730
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عيسى ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي رپورٽ (سال 2002ع، 2003ع ۽ 2013ع)

سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو ڪارڪردگي رپورٽ سال 14-2013ع

[b] سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو
[/b]
[b]ڪارڪردگي رپورٽ
سال 14-2013ع[/b]
28- اپريل 2013ع کان 20-اپريل 2014ع تائين.

[b]عهديدار:
[/b]سيڪريٽري: عيسى ميمڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: استاد گل دايو
خزانچي : روشن ٽوٽاڻي
آڊيٽر: عزيز منگي
ڪائونسلر: احمد علي صابر چانڊيو


(نوٽ: هي رپورٽ سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ 20-اپريل 2014ع تي پيش ڪئي.)

مانوارا ساٿيو!
جيئي سنڌ!
سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنگت لاڙڪاڻو شاخ 1956ع کان ان سفر ۾ همسفر ۽ هم رڪاب رهي آهي. جنھن ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن، سنگت جو سفر ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ پر مسلسل جاري رهيو آهي جيڪو عمل سماج ۾ صحتمند لاڙن جي نشاندهي ڪري ٿو. سنگت لاڙڪاڻي جي هن سفر ۾ سال 14-2013ع ۾ ساڃاهه وند ساٿين اسان تي اعتماد ڪندي، سنگت جون واڳون اسان جي حوالي ڪيون. ان ڏس ۾ 28-اپريل 2013ع تي سنگت جي سالياني جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ هيٺيان دوست متفقه راءِ سان چونڊجي آياسين:
سيڪريٽري: عيسى ميمڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: استاد گل دايو
خزانچي: روشن ٽوٽاڻي
آڊيٽر: عزيز منگي
ڪائونسلر : احمد علي ”صابر“ چانڊيو
جڏهن ته ڪاروباري ڪاميٽي تي، عادل عباسي، نثار شاهين، قدير شيخ، ناطق ڳيريلائي ۽ بقا الله بوزدار شامل آهن.
سال 14-2013ع ۾ اسان سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ ڪھڙو ڪردار ادا ڪري سگهيا آهيون. ان جو اوهان پاڻ ئي بھتر فيصلو ڪري سگهو ٿا، ڇاڪاڻ ته اوهان ئي بھترين منصف آهيو. هن اجلاس ۾ صرف اوهان جي اڳيان ان ڪارڪردگي کي آئيني طور تي پيش ڪريون ٿا. اسان کي اميد آهي ته تاريخ ڪنھن جو پورهيو ضايع ناهي ڪندي، يقيناً اسان جو هي پورهيو به ضايع نه ٿيندو.


[b]سنگت لاڙڪاڻي پاران ڪرايل پروگرامن جو وچور
[/b]
[b]1. ليڪچر پروگرام:
[/b]سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران 5-جولاءِ 2013ع جمع ڏينھن لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ ناليواري دانشور ۽ ماهر نفسيات ڊاڪٽر عنايت مگسيءَ جو ليڪچر ”سماج، مذهبي انتھاپسندي ۽ اسان جون ذميواريون“ عنوان تي ٿي گذريو، جنھن ۾ سنگت لاڙڪاڻي جي رابطا سيڪريٽري جيئل اوڏ پڻ خطاب ڪيو. آجياڻو سنگت جي آڊيٽر عزيز منگيءَ ڏنو ۽ ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ هلائي. پروگرام ۾ جملي 83- ماڻهن جي شرڪت رهي.

[b]2. تعزيتي ميڙاڪو:
[/b]سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران سنڌ ۽ هند جي ناليواري شاعره ۽ ليکڪه سندري اتمچنداڻيءَ جي دهانت تي 14- جولاءِ 2013ع آچر ڏينھن ايشيا کنڊ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي صدارت ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿي گذريو. آجياڻو سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري استاد گل دائي ڏنو. جڏهن ته ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ هلائي. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، ليکڪن جي ڀرپور شرڪت رهي.

[b]3. سالگره تقريب، مشاعرو ۽ محفل موسيقي:
[/b]سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ احمد علي ”صابر“ چانڊيي جي 60هين سالگره 14- جولاءِ 2013ع آچر ڏينھن شھباز ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ ملھائي وئي، جنھن جو مھمان خاص احمد علي صابر چانڊيو، اعزازي مھمانن ۾ عبدالستار عبد مگسي، ڀائو در محمد ٻرڙو، اعجاز علي چانڊيو ۽ ناياب سرڪش سنڌي جن هئا. آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ ڏنو. ڪاروائي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري استاد گل دائي هلائي. جڏهن ته مشاعري تقريب ۾ سنڌي جي ناليوارن شاعرن پنھنجون نڪور تخليقون پيش ڪيون ۽ آخر ۾ محفل موسيقيءَ جو پروگرام پڻ ٿيو. پروگرام ۾ جملي 70- ماڻهن جي شرڪت رهي.

[b]4. ”رهاڻ“ پروگرام:
[/b]سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران 18- آگسٽ 2013ع آچر ڏينھن نظاماڻي ليبر هال لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي ڪھنه مشق شاعر ناطق ڳيريلائي ۽ برجستي ڪھاڻيڪار ادا قاضيءَ سان ”رهاڻ“ رچائي ويئي، جنھن ۾ ناطق ڳيريلائي ۽ ادا قاضيءَ جي شخصيت، فن ۽ فڪر تي ڪيترن ئي شاعرن، اديبن روشني وڌي. ڪاروائي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري استاد گل دائي هلائي ۽ آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ ڏنو. پروگرام ۾ جملي 76- ماڻهن جي شرڪت رهي.

[b]ٽي ڪتاب - ٽي نقاد، مهورتي تقريب:
[/b]

سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران 12- جنوري 2014ع آچر ڏينھن نظاماڻي ليبر هال لاڙڪاڻي ۾ ”ٽي ڪتاب- ٽي نقاد ۽ مھورتي تقريب“ ٿي گذري. جنھن ۾ عيسى ميمڻ جي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ تي ننگر چنا، ڪامل امداد جتوئيءَ جي ڪتاب ”سانڍي ڇڏ ساهه ۾“ تي ناياب سرڪش سنڌي ۽ سرتاج جاگيراڻيءَ جي ڪتاب ”هجوم درد جو“ تي ممتاز لوهار تنقيدي مقالا پيش ڪيا. پروگرام جي صدارت سنڌ جي نامياري شاعر ۽ نقاد سرمد چانڊئي ڪئي. ڪاروائي سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر قدير شيخ ۽ آجياڻو سنگت جي آڊيٽر عزيز منگيءَ ڏنو. پروگرام ۾ جملي 96- ماڻهن جي شرڪت رهي.

[b]مرڪز پاران سنگت لاڙڪاڻي کي بهترين ڪارڪردگي تي مليل ”مڃتا سَنَدَ“.
[/b] سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي لاءِ سڀ کان وڏو ايوارڊ ۽ اعزاز سال 14-2013ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز پاران بھترين ڪارڪردگي جي عيوض ”مڃتا سَنَد 2013ع“ حيدرآباد ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۾ رٿيل ايوارڊ تقريب ۾ ڏني ويئي. هيءَ سَنَد سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي هٿان سنگت لاڙڪاڻي جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ کي ڏني ويئي، جڏهن ته سنگت لاڙڪاڻي جي بھترين سرگرمين تي سنڌ جي مڙني شاخن جي اڳواڻن سنگت لاڙڪاڻي جي مانَ ۾ ڪيترو ئي وقت تاڙيون وڄايون. هن پروگرام جي صدارت ناليواري محقق عطا محمد ڀنڀري ڪئي.

[b] سنگت جي سٿَ ۾ شامل ٿيل نوان ميمبر:
[/b] سال 14-2013ع ۾ سنگت لاڙڪاڻي جي سٿَ ۾ جيڪي شاعر ۽ اديب شامل ٿيا، انھن ۾:
1. ناياب سرڪش سنڌي (شاعره، اديبه)
2. محمود اياز شيخ (شاعر)
3. شھمير سومرو (شاعر)
4. عزيز قاسماڻي (ڪھاڻيڪار ۽ شاعر)
5. حمز علي سوهو (نقاد)
جڏهن ته منور علي منور ڪيھر ۽ احمد نواز کوسي کي ايندڙ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ ميمبرشپ ڏني ويندي. ڇاڪاڻ ته انھن جون آئيني گهرجون مڪمل ٿيل آهن.

[b]سوشل ۽ پرنٽي توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سرگرميون:
[/b] 28- اپريل 2014ع تي جيئن ئي سنگت جي نئين باڊي چونڊجي آئي ته فيس بوڪ تي سنگت جو اڪائونٽ ٺاهي، سنگت جون سرگرميون آن لائين ڪيوسين، اڄ فيس بوڪ تي سنگت جي اڪائونٽ تي هزار کان وڌيڪ ميمبر آهن. جيڪي سنگت جي سرگرمين کان وقت به وقت باخبر رهن ٿا. هزارن جي تعداد ۾ لائيڪس ۽ ڪمينٽس سنگت جي بھتر ڪارڪردگيءَ جي علامت آهن. ان کان سواءِ سڄي سال ۾ سنگت جون سرگرميون اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽي ميڊيا تي شاندار نموني هليون.

[b]دستوري گڏجاڻيون:
[/b]19 مئي 2013ع آچر ڏينھن: سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي دستوري گڏجاڻي اسد شاپنگ سينٽر ۾ عزيز منگيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ عادل عباسي ”غزل“، ڪامل امداد جتوئي ”غزل“، شھمير سومري ”غزل“ ۽ رياضت ٻرڙي گيت تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته منتظر سومري، استاد گل دائي، قدير شيخ، بقاءُ الله بوزدار، احمد کوسي، صفدر لغاري، رئوف عباسي، مختيار جاگيراڻي، ستار هليي، قاسم ڪيھر ۽ حامد ڪلھوڙي شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
2- جون 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي قدير شيخ جي صدارت ۾ ٿي. جنھن ۾ عطاءُ الله انڙ مضمون، ڪامل امداد جتوئي ”غزل“، شھمير سومري ”غزل“ ۽ عادل عباسي ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيا. گڏجاڻيءَ ۾ طارق ميتلي، رضا ٻرڙي، مختيار جاگيراڻي، بقاءُ الله بوزدار، ستار هليي، خاور قبولائي، رئوف عباسي ۽ قاسم ڪيھر شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
14- جون 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي عادل عباسيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ ڪامل امداد جتوئي ”وائي“، طارق ميتلي ”مضمون“، عطاءُ الله انڙ ”مضمون“، محمود اياز ”غزل“، احمد نواز کوسي ”غزل“ ۽ شھمير سومري ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. گڏجاڻيءَ ۾ گل دائي، عادل عباسي، ناطق ڳيريلائي حمز علي سوهو، ناياب سرڪش سنڌي، ستار هليي، صدام عباسي، گوهر شيخ، خالد چانڊئي، احمد آزاد، عرفان ابڙي، ساجد نائچ، منير چانڊئي، مھراڻ ڌامراهي، قاسم ڪيھر، جيئل اوڏ، ڪريم بلوچ، خالد سيال ۽ نثار شاهين شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
30- جون 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ رئوف عباسي ”آتم ڪٿا“، ڪامل امداد جتوئي ”غزل“، عطاءُ الله انڙ ”مضمون“، شھمير سومري ”غزل“، احمد ”آزاد نظم“، قادر جاگيراڻيءَ ”غزل“، محمود اياز ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. گڏجاڻي ۾ قدير شيخ صفدر لغاري، ناطق ڳيريلائي، عادل عباسي، طارق ميتلي، عزيز منگي، قاسم ڪيھر، منور علي ”منور“ ڪيھر ۽ عيسى ميمڻ شرڪت ڪئي. ڪاروائي استاد گل دائي هلائي.
28- جولاءِ 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي ناياب سرڪش سنڌيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ ڪامل امداد جتوئي ”غزل“، عطاءُ الله انڙ ”مضمون“، مصور حسين ”وائي“، نثار شاهين ”غزل“، سجاد منگي ”مضمون“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته ناطق ڳيريلائي، محمد رمضان لاڙ، ڊاڪٽر نظير سومري، فقير محمد سنڌي، حمز علي سوهو، منور علي منور ڪيھر، رئوف عباسي، عزيز منگي، عزيز قاسماڻي، شھمير سومري، احمد علي صابر چانڊئي، عادل عباسي، مختيار جاگيراڻي، بقاءُ الله بوزدار، عرفان ابڙي، محمود اياز شيخ، ستار هليي، نثار شيخ ۽ گوهر شيخ شرڪت ڪئي. عيسى ميمڻ ڪاروائي هلائي.
8- سيپٽمبر 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ محمود اياز ”غزل“، ڪامل امداد جتوئي ”غزل“ ۽ عطاءُ الله انڙ ”مضمون“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جنھن تي لطيف راشد مورائي، ارشاد ابڙي، انور علي ابڙي، منير ترڪ، حمز علي سوهو، ناياب سرڪش سنڌي، رئوف عباسي، حميد الله عباسي، قدير شيخ، اختيار ٻٻر، عزيز منگي، رضا ٻرڙو، صفدر لغاري، عادل عباسي، سعيد ميمڻ، عزيز قاسماڻي، ستار هليي ۽ مصطفى انڙ شرڪت ڪئي. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ هلائي.
22- سيپٽمبر 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي قدير شيخ جي صدارت ۾ ٿي، جنھن ۾ ڪامل امداد جتوئي ”غزل“، عطاءُ الله انڙ ”مضمون“، ناياب سرڪش سنڌي ”غزل“، حميد الله عباسي ”مضمون“، رئوف عباسي ”تاثر“، حيدر جوئي ”ڪھاڻي“، عادل عباسي ”غزل“، شھمير سومري ”غزل“ ۽ محمود اياز ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته حمز علي سوهو، ستار هليي، لطيف اياز سيال، لطيف راشد مورائي، نظر پنھور، ناطق ڳيريلائي، احمد علي صابر چانڊيو، صفدر لغاري، مختيار جاگيراڻي، منير چانڊئي ۽ نثار شاهين شرڪت ڪئي.
6- آڪٽوبر 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي حافظ سڪندر علي تونئي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ مصطفى انڙ ”نظم“، محمود اياز ”غزل“، مصور حسين ”وائي“، احمد آزاد ”نثري نظم“، عطاءُ الله انڙ ”مضمون“، حيدر جوئي ”نظم“، منور علي منور ڪيھر ”غزل“، تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته حمز علي سوهو، حميد الله عباسي، عادل عباسي، قدير شيخ، عزيز منگي، عزيز قاسماڻي، لطيف اياز سيال، محمد ابراهيم ٻٻر، شھمير سومري، ڊاڪٽر غلام رسول ابڙي ۽ سيد شفقت علي شاهه شرڪت ڪئي. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ هلائي.
20- آڪٽوبر 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي حبدار سولنگيءَ جي صدارت ۾ ٿي، جنھن ۾ منور ڪيھر ”نثري نظم“، سجاد منگي ”مضمون“، شھمير سومري ”غزل“، عطاءُ الله انڙ مضمون ۽ محمود اياز ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته لطيف راشد مورائي، جيئل اوڏ، بقا الله بوزدار عزيز منگي، شھزادو لانگاهه ۽ عزيز قاسماڻيءَ شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
10- نومبر 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿي، جنھن م محمود اياز شيخ غزل، منور علي ڪيھر ”غزل“، ڪامل امداد جتوئي ”مرثيو“، ناياب سرڪش سنڌي ”غزل“، احمد آزاد ”نظم“، احمد کوسي ”مضمون“، شھمير سومري ”غزل“ ۽ نثار شاهين ”وائي“ تنقيد لاءِ پيش ڪئي. جڏهن ته قدير شيخ، ناطق ڳيريلائي، ستار هليي، رئوف عباسي، بقاءُ الله بوزدار، عزيز قاسماڻي ۽ عزيز منگيءَ شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
24- نومبر 2013ع آچر: سنگت جي دستوري گڏجاڻي حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿي. جنھن ۾ منور علي ”منور“ ڪيھر ”گيت“، شھمير سومري ”غزل“، عطاءُ الله انڙ ”مضمون“، ڪامل امداد جتوئي ”غزل“ ۽ توفيق الزمان ميمڻ ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته ناطق ڳيريلائي لطيف راشد مورائي ۽ عزيز قاسماڻيءَ شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
15- ڊسمبر 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي اخلاق انصاريءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنھن ۾ حميد الله عباسي ”مضمون“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو، جڏهن ته عيسى ميمڻ، لطيف راشد مورائي، ناطق ڳيريلائي، منور علي منور ڪيھر، فرحان علي ٻٻر، محمود اياز شيخ، شھمير سومري، حمز علي سوهو، ياسر منگي، امر ابڙي، نثار شاهين، مختار جاگيراڻي، سڄڻ سنڌي، رياض حسين ميتلي، منير چانڊئي ۽ قاسم ڪيھر شرڪت ڪئي. ڪاروائي عزيز منگيءَ هلائي.
26- جنوري 2014ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي ناطق ڳيريلائيءَ جي صدارت ۾ ٿي، جنھن ۾ منور علي منور ڪيھر ”غزل“، محمود اياز ”غزل“، شھمير سومري “غزل“ ۽ ڪامل امداد جتوئي “غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته حمز علي سوهو، نثار شاهين ۽ عزيز قاسماڻيءَ شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
9-فيبروري 2014ع ڏينھن آچر: سنگت جي دستوري گڏجاڻي روشن ٽوٽاڻيءَ جي صدارت ۾ ٿي. منور علي ڪيھر ”نظم“ ۽ شھمير سومري ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته نثار شاهين عزيز منگيءَ ۽ ٻين تنقيد ۾ حصو ورتو.
25- فيبروري 2014ع آچر: سنگت جي دستوري گڏجاڻيءَ ۾ عيسى ميمڻ، عزيز منگي، رئوف عباسي، محمود اياز شيخ ۽ شھمير سومري شرڪت ڪئي پر ان ڏينھن استاد خالد چانڊيي جي ڪتاب جي مھورتي تقريب جي ڪري گڏجاڻي ملتوي ڪري. مھورتي تقريب ۾ شرڪت ڪئي سين.
9- مارچ 2014ع آچر: سنگت جي دستوري گڏجاڻي محمد سچل منگيءَ جي صدارت ۾ ٿي. جنھن ۾ محمود اياز شيخ ”غزل“، منور علي منور ڪيھر ”نظم“، رئوف عباسي ”تاثر“، ۽ شھمير سومري ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته حافظ سڪندر علي تونئي، اياز لطيف سيال، اظھار احمد ٻرڙي، ناطق ڳيريلائي، وهاب جروار، عزيز قاسماڻي، نثار شاهين ۽ عزيز منگي شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.

[b]ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا اجلاس:
[/b]3- مئي 2013ع جمع ڏينھن: سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي پاليسي ساز اداري ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو پھريون اجلاس بقاءُ الله بوزدار جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ روشن ٽوٽاڻي، قدير شيخ، استاد گل دائي، احمد علي ”صابر“، عادل عباسي، نثار شاهين ۽ عزيز منگي شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي. اجلاس ۾ سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا.
21-جولاءِ 2013ع آچر: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس نثار شاهين جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ استاد گل دائي، قدير شيخ، عادل عباسي، ناطق ڳيريلائي ۽ بقاءُ الله بوزدار شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي. اجلاس ۾ گذريل ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ سميت سنگت کي وڌيڪ سرگرم ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا.
23- جولاءِ 2013ع اڱارو: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس روشن ٽوٽاڻيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ عادل عباسي، نثار شاهين، بقاءُ الله بوزدار ۽ ناطق ڳيريلائي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنگت ۾ پيدا ٿيل بحران کي حل ڪرڻ لاءِ روشن ٽوٽاڻي، بقاءُ الله بوزدار ۽ عطاءُ الله انڙ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاميٽي ٺاهي وئي.
4- آگسٽ 2013ع آچر: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس عادل عباسيءَ جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ استاد گل دائي، روشن ٽوٽاڻي، ناطق ڳيريلائي، قدير شيخ، عزيز منگي، نثار شاهين ۽ بقاءُ الله بوزدار شرڪت ڪئي. عيسى ميمڻ ڪاروائي هلائي. اجلاس ۾ ناطق ڳيريلائي ۽ ادا قاضيءَ سان رهاڻ ۽ سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ مختلف فيصلا ڪيا ويا.
17- آگسٽ 2013ع آچر: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس عزيز منگيءَ جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ نثار شاهين، ناطق ڳيريلائي، روشن ٽوٽاڻي، بقاءُ الله بوزدار ۽ عادل عباسي شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي. اجلاس ۾ ناطق ڳيريلائي ۽ ادا قاضيءَ سان رهاڻ پروگرام جي سرگرمين جو جائزو وٺي، ان کي حتمي شڪل ڏني ويئي.
4- آڪٽوبر 2013ع جمع ڏينھن: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس استاد گل دائي جي صدارت ۾ ٿيو. جنھن ۾ بقاءُ الله بوزدار، قدير شيخ، روشن ٽوٽاڻي، ناطق ڳيريلائي، عزيز منگي ۽ عادل عباسيءَ شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي. اجلاس ۾ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي فيصلن جي آگاهي، نوان پروگرام ڪرائڻ ۽ دستوري گڏجاڻين جو جائزو ورتو ويو.
28 ڊسمبر 2013ع آچر: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس عزيز منگيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ قدير شيخ، عادل عباسي، بقاءُ الله بوزدار، گل دائي، نثار شاهين، ناطق ڳيريلائي شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي. جڏهن ته ليڪچر پروگرام ڪرائڻ، سنگت جي دستوري گڏجاڻين جو شيڊول جاري ڪرڻ ۽ ڪتابن جي مھورت ڪرائڻ جي حوالي سان فيصلا ڪيا ويا.
16- آڪٽوبر 2013ع سومر: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس ”عيد مشاعرو“ ڪرائڻ لاءِ رکيل هو پر ڪورم پوري نه ٿيڻ سبب نه ٿي سگهيو. جڏهن ته اجلاس ۾ صرف عيسى ميمڻ ۽ عزيز منگي شريڪ رهيا.
10- جنوري 2014ع آچر: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس بقاءُ الله بوزدار جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ عيسى ميمڻ، استاد گل دائي، روشن ٽوٽاڻي، عزيز منگي، ناطق ڳيريلائي ۽ عادل عباسي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 12- جنوري 2014ع تي ٽن ڪتابن جي گڏيل مھورتي تقريب کي حتمي شڪل ڏني ويئي.
28- مارچ 2014ع جمع ڏينھن: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس رکيل هو، جنھن ۾ عيسى ميمڻ، عادل عباسي ۽ استاد گل دائي شرڪت ڪئي پر ڪورم پوري نه هجڻ سبب گڏجاڻي ايندڙ جمعي تائين ملتوي ڪئي وئي.
4- اپريل 2014ع جمع ڏينھن: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس عادل عباسيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ بقاءُ الله بوزدار، قدير شيخ، عزيز منگي ۽ عيسى ميمڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 20- اپريل 2014ع تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ چونڊ ڪاميٽي تشڪيل ڏني ويئي.

[b]جنرل ڪائونسل جا اجلاس:
[/b]1- 31 مئي 2013ع جمع ڏينھن: سنگت جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ڪامل امداد جتوئيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ سعيد ميمڻ، عادل عباسي، رئوف عباسي، عبدالقادر جاگيراڻي، ڊاڪٽر سريش ڪمار، نثار شاهين ۽ روشن ٽوٽاڻيءَ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنگت جي ميمبر نثار شاهين تي داخل ٿيل ڪوڙي ايف.آءِ.آر جي ڏس ۾ سھائتا لاءِ غور ويچار ڪيو ويو. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
2- 13- آڪٽوبر 2013ع آچر: سنگت جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ڪورم پورو نه ٿيڻ سبب نه ٿي سگهيو. جڏهن ته عيسى ميمڻ، بقاءُ الله بوزدار، عطاءُ الله انڙ، روشن ٽوٽاڻي، شھمير سومرو، نثار شاهين، عزيز منگي ۽ يامين بلوچ شريڪ رهيا. ياد رهي ته اجلاس مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي فيصلي مطابق آئين ۾ ترميمن ۽ تجويزن لاءِ رکيو ويو هو.

[b]ٻولي ڪاميٽيءَ جون سرگرميون:
[/b]3- مئي 2013ع جمع ڏينهن:
سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران لاڙڪاڻي جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ تي بندش خلاف جدوجھد ڪرڻ لاءِ 4- رڪني ڪاميٽي تشڪيل ڏني ويئي، جنھن ۾:
1- عيسى ميمڻ 2- عادل عباسي
3- قدير شيخ 4- عزيز منگي شامل هئا.

23- مئي 2013ع:
ٻولي ڪاميٽيءَ جو اجلاس عادل عباسيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ قدير شيخ، عزيز منگي ۽ عيسى ميمڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ، ۽ لاڙڪاڻي جي خانگي اسڪولن ۾ ٻوليءَ تي بندش خلاف صحيح مھم هلائڻ ۽ عام ماڻهن کي ٻوليءَ سان وفاداريءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ سان وچن نالي پمفليٽ شايع ڪرائڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو.
6- جون 2013ع: ٻولي ڪاميٽيءَ جو اجلاس قدير شيخ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ عادل عباسي، عزيز منگي ۽ عيسى ميمڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صحيح مھم لاءِ مواد ۽ ”سنڌي ٻوليءَ سان وچن“ نالي پرچي جي مواد کي حتمي شڪل ڏني ويئي.
4- آگسٽ 2013ع:
سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ٻولي ڪاميٽي تان عادل عباسي جي دستبردار ٿيڻ کانپوءِ ٻولي ڪاميٽيءَ کي نئين سر تشڪيل ڪيو ويو. جنھن ۾ عيسى ميمڻ ، عزيز منگي، استاد گل دايو ۽ عطاءُ الله انڙ شامل هئا. جڏهن ته بقاءُ الله بوزدار ۽ نثار شاهين سھڪاري ميمبر طور تي کنيا ويا.
7- فيبروري 2014ع:
ٻولي ڪاميٽيءَ جو اجلاس عطاءُ الله انڙ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ عزيز منگي، نثار شاهين، عيسى ميمڻ ۽ روشن ٽوٽاڻيءَ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 14- فيبروري 2014ع محبت جي عالمي ڏينھن تي سنڌي ٻوليءَ سان محبت جي ڏينھن طور تي ملھائڻ لاءِ ريلي ڪڍڻ ۽ هينڊ بل ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

8- کان 12 فيبروري 2014ع:
ٻولي ڪاميٽيءَ پاران عام ماڻهن جي سجاڳيءَ لاءِ ”سنڌي ٻولي جو وچن“ نالي پرچو ۽ صحيح مھم لاءِ 1500 پرچا شايع ڪرايا ويا، جيڪي لاڙڪاڻي جي عام ماڻهن، دڪاندارن، ٽرانسپورٽ توڙي اسڪولن ۾ ورهايا ويا. جنھن لاءِ سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ، استاد گل دايو ۽ عزيز منگيءَ سڄو هفتو عوامي رابطا مھم هلائي.

13- فيبروري 2014ع:
ٻولي ڪاميٽيءَ جو اجلاس بقاءُ الله بوزدار جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ عيسى ميمڻ، عزيز منگي، عطاءُ الله انڙ ۽ نثار شاهين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 14- فيبروري 2014ع تي ٿيندڙ احتجاج جو جائزو وٺي لائحه عمل جوڙيو ويو.
14- فيبروري 2014ع:
ٻولي ڪاميٽيءَ پاران محبت جي عالمي ڏينھن تي ”لاڙڪاڻي جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي لازمي پڙهايو“ جي نالي سان لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، جنھن ۾ سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ، استاد گل دائي، عطاءُ الله انڙ، ادل سولنگي، ڪوڙل قربدار، بقاءُ الله بوزدار، مصور حسين، ايم.بي ابڙو، نثار شاهين، عزيز منگي، عزيز قاسماڻي، ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي، منور علي منور ڪيھر، پنھل قادري، عزيز بروهي، مختيار جاگيراڻي، رضوان گل، احسان دانش، شھمير سومري، فقير محمد سنڌي، توفيق ميمڻ،حفيظ زخمي چانڊيو، ستار هليو، حميد الله عباسي، عبدالقادر جاگيراڻي، احمد علي تونئي، بشير احمد سومري، احمد خان بروهي، احمد کوسي، مظفر منگي، حفيظ انصاري ۽ سڪندر علي ابڙي سميت ڪيترن ئي شرڪت ڪئي.

[b]عهديدارن جا اجلاس
[/b]7- جون 2013ع جمع ڏينهن:
سنگت جي عھديدارن جو اجلاسُ استاد گل دائي جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ احمد علي صابر چانڊيو، روشن ٽوٽاڻي، عزيز منگي شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي. اجلاس ۾ سنگت جي ماليات کي بھتر ڪرڻ، پروگرام ڪرائڻ سميت ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا.
22- جولاءِ 2013ع سومر:
سنگت جي عھديدارن جو اجلاس استاد گل دائي جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ عيسى ميمڻ، عزيز منگي، روشن ٽوٽاڻي ۽ احمد علي صابر چانڊئي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنگت جي ڪمن ۾ غير ضروري مداخلت ۽ ٻين سببن جي ڪري سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري استاد گل دائي، آڊيٽر عزيز منگي ۽ ڪائونسلر احمد علي ”صابر“ پنھنجن عھدن تان استعفى ڏئي ڇڏي.
26- جولاءِ 2013ع جمع:
سنگت جي عھديدارن جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ عيسى ميمڻ، استاد گل دائي، احمد علي صابر ۽ عزيز منگيءَ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۽ عھديدارن جي وچ ۾ پيدا ٿيل بحران کي حل ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪاميٽي کي مان ڏيندي استعفائون واپس ورتيون ويون.

[b]سعيد ميمڻ جي علاج لاءِ ورتل ڪوششون
[/b]15- ڊسمبر 2013ع آچر ڏينهن:
سنگت لاڙڪاڻي جي سينئر ميمبر ۽ ڀلوڙ شاعر سعيد ميمڻ جي علاج جي ڏس ۾ سنگت جي دستوري گڏجاڻيءَ کي جنرل اجلاس ۾ تبديل ڪيو ويو. جنھن جي صدارت ناليواري ڪھاڻيڪار اخلاق انصاريءَ ڪئي. اجلاس ۾ سعيد ميمڻ جي مالي توڙي علاج جي سھائتا لاءِ 5- رڪني ڪاميٽي عيسى ميمڻ، اخلاق انصاري، قدير شيخ، مختيار جاگيراڻي ۽ عزيز منگيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ جوڙي ويئي، جن کي هنگامي بنيادن تي فنڊ گڏ ڪرڻ ۽ علاج لاءِ ڪوششون وٺڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون.
16- ڊسمبر 2013ع سومر ڏينهن:
نامياري شاعر سعيد ميمڻ جي بيماريءَ سبب تشويشناڪ حالت ٿيڻ تي قائم ڪيل ڪاميٽيءَ جو اجلاس مختيار جاگيراڻيءَ جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ عيسى ميمڻ، عزيز منگي ۽ اخلاق انصاريءَ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 20- ڊسمبر 2013ع تي لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪرڻ، اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا سان رابطو ڪري گهڻگهرن کي علاج جي ڏس ۾ مدد ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا.
20- ڊسمبر 2013ع جمع ڏينهن:
سعيد ميمڻ جي علاج جي ڏس ۾ لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج لاءِ گڏ ٿياسين پر ثقافت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل واسطيدارن جي رابطي ڪرڻ کان پوءِ احتجاج ملتوي ڪري جنرل اجلاس ڪيو ويو. جنھن جي صدارت نثار شاهين ڪئي. جڏهن ته عيسى ميمڻ، اخلاق انصاري، حفيظ منگي، عزيز منگي، مختيار جاگيراڻي، سيد عابد حسين شاهه، رئوف عباسي، رضوان گل، مھراڻ ڌامراهو، روشن ٽوٽاڻي، بشير نوناري، منور علي منور، قدير شيخ، خالد چانڊئي، بقاءُ الله بوزدار، فقير محمد سنڌي، استاد گل دائي ۽ عزيز قاسماڻي شرڪت ڪئي.

[b]نثار شاهين تي اغوا جي ڪوڙي F.I.R ۽ سنگت جون ڪوششون
[/b]30- مئي 2013ع:
سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري نثار شاهين تي اغوا جي ڪوڙي ايف.آءِ.آر باقراڻي ٿاڻي تي ڪٽرائي ويئي، جنھن جو اطلاع نثار شاهين بروقت جيئن ئي ڏنو، ان عمل خلاف ترت ۾ ميڊيا وارن سان رابطو ڪري عمل جي مذمت ڪئي سين ۽ 31- مئي 2013ع تي هنگامي بنيادن تي سنگت جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس سڏائي، ان عمل خلاف لائحه عمل جوڙيوسين. 3-رُڪني ڪاميٽي عيسى ميمڻ، عادل عباسي ۽ عبدالقادر جاگيراڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ايس.پي صاحب سان ملاقات ڪري معاملي کان آگاهه ڪيوسين. جنھن انصاف جي خاطري ڪرائي. ان ڏينھن ئي سنگت پاران اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي موقف جاري ڪيو ويو. سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل پڻ نثار شاهين تي ايف.آءِ.آر جي مذمت ڪندي پنھنجو بيان جاري ڪيو. جڏهن ته ڊي آءِ جي ثناءُ الله عباسي کي قومي دانشور عبدالواحد آريسر ۽ ڊاڪٽر مير عالم مري خصوصي فون ڪري، نثار شاهين سان انصاف لاءِ چيو. انھن سڀني ڪوشش جي نتيجي ۾ نثار شاهين مٿان ڪاٽيل ڪوڙي ايف آءِ آر خارج ٿي.

[b]حميد الله عباسي سان ٿيل مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون
[/b] نومبر ۾ سنگت جي سرگرم ساٿي حميد الله عباسي تي ٽي.ايم.او لاڙڪاڻي پاران مليل ڌمڪين ۽ حملن جو نوٽيس وٺندي، سنگت جو اجلاس سڏايو ويو، جنھن ۾ حميد الله عباسيءَ جي حق ۾ سنگت پاران اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي بيان جاري ڪياسين. جڏهن ته سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ ۽ ٽي.ايم.او جي وچ ۾ فون تي سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. ٽي.ايم.او پاران اسان کي سخت نتيجا ڀوڳڻ تائين گفتگو ٿي. سنگت جي ڪيل ڪوششن ۽ حميد الله پاران ورتل ڪوشش جي نتيجي ۾ مسئلو حل ٿي ويو.
نوٽ: سنگت کي سال 14-2013ع ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن / شخصيتن پاران ڪل 96 دعوت ناما مليا جن ۾ 62 پروگرامن ۾ سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ شرڪت ڪئي. جڏهن ته باقي عھديدارن جي شرڪت جو تعداد الڳ آهي.
ٿورا: آخر ۾ خاص ٿورا استاد گل دائي ۽ عزيز منگيءَ سميت سنگت جي سمورن عھديدارن ۽ ميمبرن جا جن وک وک تي سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ ڀرپور سھڪار ڪيو.
سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران 2013 ۾ سنڌي ٻولي جو وچن جي عنوان سان هيٺيون هينڊ بل ڇپائي ورهايو ويو.اَلا ايئن مَ هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هُـئـي سـنـڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. (نارائڻ شيام)
مانوارا ساٿيو!
اوهين سڀ ڄاڻو ٿا ته سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي انيڪ خطرا ۽ مسئلا درپيش آهن. ”مِڙيا مڇَ هزار، ڀاڱا ٿيندي سھڻي.“ واري صورتحال ۾ اسان سڀني جو اهو قومي، اخلاقي ۽ تاريخي فرض آهي ته اسان سڀ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بقا لاءِ پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪيون. ان ڏس ۾ اسان سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو پاران سڀني سڄاڻ استادن، شاگردن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، وڪيلن، اديبن، صحافين هارين، مزدورن، عورتن ۽ زندگيءَ جي مڙني شعبن سان واسطو رکندڙ ڌرين کي اپيل ٿا ڪريون ته اهي سڀ سنڌي ٻولي ۽ ادب سان محبت جي ثبوت طور هيٺ ڏنل وچن کي ورجائي قومي يڪجھتي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين.

[b]** سنڌي ٻوليءَ جو وچن**
[/b]اسان کي سنڌي هجڻ ناتي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته اسان پنھنجي ٻارڙن کي اهڙن اسڪولن ۾ داخل نه ڪرايون جتي سنڌي پڙهڻ ۽ ڳالھائڻ تي پابندي مڙهيل هجي.
اسان جو هي وچن آهي ته اسان نه صرف پنھنجن گهرن ۾ سنڌي ٻولي ڳالھائينداسين پرادارن، گڏجاڻين ۽ ميڙاڪن ۾ به سنڌي ڳالھائڻ ۾ فخر محسوس ڪنداسين.
اسان جو هي وچن آهي ته اسان روزانو هڪ سنڌي اخبار، مھيني ۾ هڪ سنڌي رسالو يا هڪ سنڌي ڪتاب خريد ڪري پڙهنداسين.
اسان جو هي وچن آهي ته اسان پنھنجن ٻارڙن کي علمي ڄاڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم به ضرور ڏيارينداسين ۽ انھيءَ جي اهميت بابت آگاهي پڻ ڏينداسين.
اسان جو هي وچن آهي ته پنھنجي دڪانن، گاڏين، دفترن ۽ گهرن وغيره تي سڃاڻپ جون تختيون توڻي اشتھاري بينر ۽ بورڊ به سنڌي ۾ لکرائينداسين.
اسان جو هي وچن آهي ته سنڌيءَ ۾ ڳايل معياري موسيقيءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ سنڌي ڪئسٽون ۽ سي-ڊيون خريد ڪري ٻڌڻ جي ڪوشش ڪنداسين، گڏوگڏ شادين مـُرادين، ڪاڄن، ميلن يا ڏڻن تي سنڌي راڳ، ڳيچن ۽ سھرن جي محفلن ۾ اهتمام جي همت افزائي ڪنداسين.
اسان جو هي وچن آهي ته ريڊيو توڙي ٽيليويزن جا سنڌي پروگرام خبرون وڌيڪ اوليت سان ڏسندا ۽ ٻڌنداسين.
اسـان جـو هـي وچن آهي ته پنھنجي موبائيل فونن تي رنگ ٽون سنڌيءَ ۾ رکنداسين ۽ موبائيل تي سنيھن (ايس ايم ايس) وغيره جي ڏي وٺ پڻ سنڌيءَ ۾ ڪنداسين.
اسان جو هي وچن آهي ته اسان پنھنجن گهرن ۾ شاهه جي رسالي جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.
اسان جو هي وچن آهي ته انٽرنيٽ سوڌو هر سوشل نيٽ ورڪ تي سنڌي ٻوليءَ کي اوليت جي بنياد تي استعمال هيٺ آڻينداسين.
اسان جو هي وچن آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ اسان پنھنجي وس ۽ وت آهر هر ممڪن ڪوشش وٺنداسين.
اسان جو وچن آهي ته ڪاروباري مقصد ۽ واپاري لکپڙهه سنڌي ۾ ڪنداسين ۽ روزاني اجرت واري روزگار لاءِ عام هوڪا وغيره سنڌي ۾ ڏينداسين.
اسان جو وچن آهي ته اسان پنھنجي ڏِهاڙي واري عام ڳالهه ٻولهه ۾ غير سنڌي لفظ ڳالھائڻ کان پرهيز ڪنداسين ۽ عام ڳالهه ٻولهه ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ئي لفظ ڳالھائڻ ۾ فخر محسوس ڪنداسين.