پنھنجي پاران
منهنجو وڏو ڀاءُ محمد خان خاصخيلي جيڪو سپاھي کان وڏي صوبيدار جي عھدي تي پھتو مونکي پنھنجي پيءُ جھڙو پيار ڏنو ۽ ان جي ڪوششن سان مان ڊاڪٽر ٿي سگھيس، منھنجو پيءُ زنده نه آھي پر منھنجو ڀاءُ زنده آھي، خدا ڄاڻي ٿو منھنجي لاءِ منھنجو وڏو ڀاءُ پيءُ جي جاءِ تي آھي. جنھن مون کي پنھنجي پيءُ جھڙو پيار ڏنو آهي.
باقي منھنجي پنھنجي زندگي غربت جي ھيٺين لڪير کان گھٽ گذري آھي، ھارپو، مزدوري، ڳاھ ڳاھڻ، مال چارڻ، فصل لڙڻ، کاٽي کڻڻ ۽ بکون ڪاٽڻ جھڙا مڙئي عمل ڪري چڪو آهيان.
غربت جو ھي حال به گذريو آهي جو پائڻ جي لاءِ ڪپڙا نه ھوندا ھئا .اسين ننڍا ھوندا ھئاسين ته يوريا ڪلر ڪپڙي جي ٻوري ۾ ايندو ھو. زمين ۾ ڪلر ڇٽي ڪلر واري ٻوري گھر آڻيندا ھئاسين ته اسان جي جيجل ماءُ ان ڪلر واري ٻوري جي ڪپڙي مان اسان کي ڪپڙا سبي ڏيندي ھئي. پرائمريءَ ۾ اسڪول ويندا ھئاسين ته پيرن ۾ پائڻ جي لاءِ جتي به نه ھوندي ھئي جو اسڪول کان گھر ايندا ھئاسين ته تتل واري مان اڪن جي پنن مان جوتا ٺاھي گھر ايندا ھئاسين. غربت جو اھو دور پرائمريءَ کان ايل.ايم.سي ڄامشورو تائين رھيو. ايم.بي بي.ايس ڪري نواب ولي محمد ۾ ڪلينڪ ھلائي ٻچا تاتيم ۽ پنھنجي اولاد کي پڙھايم، نواب ولي محمد جي دوستن سائين نذير کوکر، مجيب ماڇي، شاھنواز خاصخيلي، بھاول لاکو، منصور لاکو، مرحوم شاھنواز لاکو، يوسف رند جھڙن باشعور ماڻھن سان گڏ رھڻ کانپوءِ ادبي شعور ۽ لکڻ وارو شوق پيدا ٿيو. نواب شاھ ۾ نياڻين جي تعليم جي ڪري ڪشالا ڪري رھيو آھيان.
ڪووڊ-19 تي ڪتاب لکڻ جي پھرئين شروعات آھي، جو چين جي شھر ووھان ۾ ڪووڊ 19 شروع ٿيو ۽ دنيا اندر تيزي سان ھي وبا ڦھلجي وئي جنھن بيدردي سان، رستن تي تڙپندڙ لاش ڏسي، حساس ماڻھون جو جيءُ جھري ٿي پيو، اھڙي پريشاني واري ماحول ۾ ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه پئي اچي ته ڇا ڪرڻ کپي......؟
اُن صورتحال ۾ ھلياسون پئي، پر پوءِ خيال آيو ته خاموشي بجاءِ ڪجھ ڪجي، ائين ڪووڊ جي حوالي سان ڪجھ لکڻ کپي ائين ترجما ۽ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيم، انھن ڪھاڻين ۽ ترجمن کي شوشل ميڊيا تي ونڊيم ته بھتر رايا ۽ خيال اچڻ لڳا.....!
سائين ارشاد اوٺي سان ذڪر ڪيو ته سائين مون کي ھمٿايو ۽ چيو ته تنھجي لکڻين ۾درد ۽ خيال سمايل آھن ائين لکڻ ۾جنبجي ويس. سائين ارشاد اوٺو سان ھر لکڻي شيئر ڪندو رھيس، سائين جو وڏ ماڻھپو آھي جو ڪڏھن به ناراض نه ٿيو پر ٻار جيان آڱر وٺي رھنمائي ڪندو رھيو. يقين ڪريو ته ھي سڄو ڪتاب مون پاڻ موبائيل تي لکيو آھي.
ھڪ ليکڪ سان گڏوگڏ سائين ارشاد اوٺو جو اھو ڪمال آھي ته موبائيل تي سنڌي لکڻ به سيکاري ڇڏي، سائين جو اھو احسان لاھي نه سگھندس.
سائين احمد مھر جن جو پڻ سچي دل سان ٿورائتو آھيان جو پروف ۽ سنڌي ٻولي جي ترتيب جوڙي ڏني، حقيقت ۾ ھي ڪم سڀني کان ڏکيو ھو جيڪو سائين احمد مھر صاحب ممڪن ڪري ڏنو آهي. ڊاڪٽر آفتاب خاصخيلي ۽ ڊاڪٽر خالد لغاري ٽيڪنيڪل طور مدد ڪئي، ان کانسواءِ محمد ايوب زرداري، شعيب قريشي ۽ رياض حسين ڏاھري منھنجي انٽرنيٽ جي حوالي سان تمام گھڻي مدد ڪئي. ھن ڪتاب کي ڇپائڻ ۾ سائين محمد حنيف سومرو جون ڪوششون ۽ ڪاوشون شامل آھن، سائين جي وڏي مھرباني.
منھنجي ھن ڪتاب جو عنوان” عالمي وبائن جي مختصر تاريخ ۽ ڪرونا 19 جا ڪلور “ آهي.
حقيقت ۾ ھي ھڪ دستاويز آھي جيڪي وبائي بيمارين جي تاريخ ٻڌائي ٿي ۽ ڪووڊ جي ڪري، جيڪي ڪلور ۽ اٿل پٿل ٿي آھي ان جي ھڪ تصوير آھي. مستقبل ۾ جڏھن ۽ جيڪو تحقيق ڪندو ته ھي ڪتاب سندس رھنمائي ڪندو.
ھي ڪتاب انٽرنيٽ تي موجود وڪي انسائيڪلوپيڊيا، صحت جي عالمي اداري طرفان موجود ڄاڻ ۽ واٽس ايپ تي آيل بھتر مواد کي ترجمو ڪري ھڪ دستاويز ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
ھي ڪتاب آئون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ارپيان ٿو، جنھن ھن ڪووڊ 19 ۾ سنڌ اندر اڳئين صف جي سپاھي طور ڪم ڪيو آهي۽ انقلابي قدم کنيان آھن، سچائيءَ محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪيو آھي منھنجي طرفان سائين سيد مراد علي شاهه کي سلام پيش ڪريان ٿو. آئون پنھنجو ھي پورھيو ڪرونا جي انھن شھيد ڊاڪٽرن جي نالي پڻ ڪريان ٿو. جن ڪرونا جي مريضن کي بچائيندي پنھنجون قيمتي جانيون قربان ڪري ڇڏيون، مونکي اميد آھي ته پڙھندڙن وٽ ھي منھنجو پورھيو قبول پوندو.
ساٿ سلامت سنڌ سلامت
دعائن جو طلبگار
ڊاڪٽر سرور خاصخيلي
نوابشاهه
03003029705
تاريخ؛ 18-7-2020