مهاڳ
صبح جو اٺين بجي کان رات جو دير تائين مسلسل ڪم مريضن جي ماني، دوا، مريضن جي شوگر جون ٽيسٽون چيڪ ڪرڻ، ھيپاٽائيٽس جون ٽيسٽون چيڪ ڪرڻ سندس عملي جي ذميواري ھوندي ھئي، جنھن جي نگراني ڊاڪٽر سرور خاصخيلي ڪندو ھو، ڊاڪٽرن جي رھائش، ٽيڪنيشن جي رھائش انھن جو کاڌو پيتو ان سڄي ڪم ۾ به سندس صلاح مشوري سان سندس دوستن وٽ ٿيندي ھئي، ڪڏھن منصور لاکو قرب ڪندو ھو ته ڪڏھن پيارو حميد ڪلھوڙو ۽ شاھنواز خاصخيلي قرب ڪندا ھئا، ڊاڪٽر خليل صاحب، آپريشڻ ٿيٽر جي نگراني ڪندو ھو ته ڊاڪٽر اجمل صاحب، ڊاڪٽر خضر بشير صاحب مريضن جو آپريشن ڪندا ھئا. ڊاڪٽر حنيف کوکر به اسان سان ساٿ ڏنو انھن سڀني جو تعاون ڊاڪٽر سرور سان ھوندو ھو، اکين جي ڪئمپ ڪامياب ٿي ھڪ به ڪيس خراب نه ٿيو.
پياري دوست محمد حنيف چانڊئي ٽن ڏينھن تائين ڊاڪٽرن جي رھائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري ڏنو، سائين دادن شاہه به ٽيڪنيشن جي رھائش ۽ کاڍي پيتي جو بندوبست ڪيو. سائين احمد مھر ۽ سچل ماڇي ورڪرن جا اڳواڻ ھئا، سائين زاھد سومرو، سرور انڙ، خالد ٻرڙو ۽ سليم انڙ مطلب ته سڄي ٽيم اکين جي ڪئمپ ۾ ڪم ڪار ۾ رڌل ھئي. روزانه شام جو مرحوم سائين امير بخش چانڊيو پنھنجي پٽ امتياز چانڊئي سان گڏ اسان جي سار لھڻ ايندو ھو، صبح جو ھڪڙا دوست ۽ ورڪر شام جو ٻيا دوست ۽ ورڪر خدا ڪارڻ مفت اکين جي ڪئمپ ۾ ڪم پيا ڪندا ھئا، دولتپور ڪاليج جي شاگردن ڪم ۾ گھڻو ساٿ ڏنو، ڇا ڳالھ ڪجي سڀني دوستن کي سلام آھي، ڊاڪٽر سرور خاصخيلي جو اصل ڳوٺ کڙ جي ڀرسان آهي، سندس ھڪ ڀاءُ پوليس ۾ محمد خان خاصخيلي صوبيدار رھيو آھي پراڄ تائين مون ان صوبيدار جي ھڪ به شڪايت ڪو نه ٻڌي آھي ته ڪو پاڙي اوڙي جي ڪنھن غريب ماڻھو کي تنگ ڪيو ھجيس ھاڻ ته نوڪري مان رٽائرڊ ڪيو اٿس، ڊاڪٽر سرور جڏھن نواب ولي محمد اسپتال جو ميڊيڪل آفيسر ٿيو ته اسپتال جي پلاٽ ۾ وڻ، ٻوٽا، گل لڳرايائين اسپتال ۾ اندر ۽ ٻاھر صفائي سٿرائي، فرنيچر وغيره، جو انتظام ڪيائين سچ ته ڪڏھن به اسپتال وڃبو ھو ته گلن ۽ ٻوٽن جي خوشبو پئي ايندي ھئي. مريضن جي دوا درمل، ھيلٿ ورڪرس جو خيال رکڻ ڪو ھن کان سکي. ڊاڪٽر سرور جا ٻار به اسان وٽ دولتپور ڪاليج ۾ پڙھندا ھئا، انھن جي پالنا ۽ اٿڻ ويھڻ مان ڪنھن خانداني سڌريل ٻارن جي جھلڪ محسوس ٿيندي ھئي، سندس پٽ ۽ نياڻيون تمام سٻاجھا ۽ محنتي ھوندا ھئا، الله سائين سندس اولاد کي ڪامياب ڪري اسان وٽ ڪڏھن به ڊاڪٽر پنھنجي اولاد جي غلط سفارش لاءِ نه آيو، اھو ڊاڪٽر جي بھترين پرورش جو ئي ثبوت ھيو، جو سندس اولاد محنت سان پڙھيو، نواب ولي محمد ۾ رھندي پاڻ دولتپور تي ھڪ ويب سائيٽ ٺاھيائين جنھن جو اظھار گھڻن ئي دوستن سان ڪيائين، مون کي خبر پئي ته مون سندس ڪم کي ساراھيو، منھنجو مقصد ھوندو آھي ته زندگي تمام مختصر ۽ ٿوري آهي جيڪو دوست ڪم ڪري ان کي ھمٿائجي ان جي عزت ڪجي ته جيئن ھو وڌيڪ بھتر ڪم ڪري سگھي، مون ڳالھ پئي ڪئي ڊاڪٽر سرور جي ان ويب سائيٽ ٺاهڻ جي ان تي پاڻ دولتپور جو تعارف، ملھ پھلوانن جو تعارف عالمن ۽ اديبن جو مختصر ذڪر ڪيائين، اڳتي ھلي کيس شوق ٿيو ته پاڻ نوابشاهه پوسٽنگ وٺي ته جيئن پنھنجي نياڻين کي يونيورسٽي ۾ بھتر تعليم ڏياري سگھي، ان سلسلي ۾ مون سان به صلاح مشورو ڪيائين ته ڪنھن کي چئجي ته منھنجي پوسٽنگ نوابشاهه ڪرائي ڏي مون ڪوشش ڪئي پر مون کان سندس پوسٽنگ ڪونه ٿي سگھي. پاڻ اھڙي قسم جو اظھار وقت جي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر سان ڪيائين، جنھن کي سندس ڪم جي ڄاڻ ھئي، ان کيس ضلع شهيد بينظير آباد ۾ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ فوڪل پرسن ڪري رکيو. ضلعي سطح تي ٿوري وقت ۾ پنھنجي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان پنھنجون صلاحيتون مڃائي ورتيون. ھڪ ڀيرو شام جو ستين وڳي مان ساڻس ملڻ ويس ته ان وقت به پاڻ آفيس ۾ ڪم ڪري رھيو ھو، مون کين چيو ڊاڪٽر گھڻي دير ٿي وئي آھي، چيائين ادا اسين ڪم ڪنداسين تڏھن معاشري ۾ پنھنجي جاءِ ٺاھي سگھنداسين، ان ڪري رات ڏينھن ڪم ڪبو ۽ دير تائين ڪم ڪبو، ڪم کان انڪار ناھي ، مون کي سندس اھا ڳالھ ڏاڍي وڻي.
جڏھن دنيا جي اندر ڪرونا جھڙي خطرناڪ بيماري پيدا ٿي ته ڊاڪٽر جي اندر لڪل اديب جاڳي پيو ۽ پاڻ ڪورونا جي بيماري جي مريضن تي ٻه ٽي اندر کي ڇھندڙ درد واريون ڪھاڻيون لکيون سندس اُھي ڪھاڻيون پڙھي آءُ گھڻو متاثر ٿيس ۽ مون سندس ڪھاڻين تي مختصر راءِ ڏني ۽ کيس لکيم ته اوھان ۾ لکڻ جون صلاحيتون آھن وڌيڪ لکو، ائين ڊاڪٽر صاحب ڪورونا جي بيماري تي قلم ڪڻي پاڻ ھڪ تحقيقي مقالو لکڻ شروع ڪيائين ، روزانو جيڪو لکندو ھو اھو مون کي واٽس ايپ ڪندو ھو جيڪو آءُ پڙھي کيس پنھنجي سمجھ آھر صلاحون ۽ مشورا ڏيندو رھندو ھوئس، ائين سندس مقالو ڪتاب ۾ تبديل ٿي ويو مون کيس چيو ته اوھان ايم فل ۾ داخلا وٺو ۽ ان موضوع تي انگريزي ۾ مقالو لکي ايم فل جي ڊگري وٺو پر ڊاڪٽر صاحب چيو ته سنڌي ۾ مقالو لکي مان عام ماڻھن کي ڪرونا جي بيماري جي باري ۾ مفيد معلومات ڏيڻ ٿو چاھيان مون کي اميد آھي دوستن، عالمن ۽ اديبن کي ڊاڪٽر سرور جي ڪيل ھي محنت وڻندي ۽ سنڌ ۽ پاڪستان حڪومت کي ڊاڪٽر جي ڪتاب مان صحيح نموني سان انگ اکر ملي سگھندا، وقت جو ايندڙ مورخ جڏھن به ڪرونا جھڙي بيماري تي لکندو ته کيس ھن ڪتاب مان ڪارائتي معلومات ملندي .
ساٿ سلامت
ارشاد علي اوٺو. دولتپور
تاريخ 18-7-2020