ڪرونا جي وبا لاءِ ٻانھن ٻيلي تيار ڪرڻ
محترم ڊاڪٽر سرور صاحب پنهنجي ڪتاب لاءِ ھن موضوع جو انتخاب ڪري ھڪ وڏو جھاد جو ڪم ڪيو آھي. ھن نه رڳو ھن وبا جي ڦهلاءَ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوششن تي تفصيلي معلومات ڏني آھي پر ان سان ڳڏ ان کان بچاءُ جي طريقن کي به تمام آسان، عام فھم ۽ سھڻي انداز ۾ بيان ڪيو آھي، ھن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي ھن وبا جي خلاف انقلابي قدم کڻڻ ۽ فوري لاڪ ڊائون جھڙن فيصلن جي تعريف ڪندي کيس مرد مجاھد قرار ڏنو آھي-
ڊاڪٽر سرور صاحب پاڪستان جي سڀني صوبن سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ ۽ بچاءُ جي کنيل قدمن جي به تفصيلي ڄاڻ ڏني آھي، ملڪ ۾هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ تي زور ڀريو آهي ته جيئن معاشري جا سڀ شرڪتڪار، يعني حڪومت، اين جي اوز، سماجي، سياسي، تجارتي تنظيمون ۽ شخصيات سڀ گڏجي ھڪ پليٽ فارم تان ان وبا جو مقابلو ڪن.
ڊاڪٽر صاحب اھا به تجويز ڏني آھي ته ڪرونا جي ٽيسٽ ڪرڻ جي صلاحيت کي به تيزي سان وڌائڻ گھرجي.
ھن وزيراعظم پاڪستان جي احساس پروگرام جو به ذڪر ڪيو آھي ته وزيراعظم اڳتي وڌي بيروزگار ماڻهن لاءِ في خاندان 12 ھزار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ھن مشڪل وقت ۾ ماڻھو بک ۽ فاقن کان بچي سگھن-
ھنن وينيليٽرن ۽ صحت جي ٻين سهولتن کي وڌائڻ جو به تفصيلي ذڪر ڪيو آهي-
مطلب ته ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب اھا ترغيب ڏني آھي ته ھر شخص ھن وبا سان مقابلي لاءِ ٻانھن ٻيلي ٿي تيار ٿئي، ۽ اھا ئي ان ڪتاب جي اصل روح نظر اچي ٿي ھن ڪتاب جي ھر پڙھڻ واري کي ان مان رھنمائي ملندي-
روبينه راجپوت
شاعره، ڪھاڻيڪار، ليکڪه ۽ اديبه