لاڪ ڊائون (ڪھاڻي)
" توکي خبر آهي ته شھر ۾ لاڪ ڊائون آهي، ڪٿي به مزوري نه ٿي ملي. مان ڇا ڪريان، ڪو رستو نظر ئي نٿو اچي "مڙس ڳالهايو.
"ڪوشش ڪر ڪٿان راشن وٺ؟"
"توکي خبر آهي ته آئون صبح مزدوريءَ جي لاءِ نڪري ويندو آھيان، پر سڄو شھر بند آهي ۽ وري نه مون کي چاپلوسي ايندي آ، نه ئي ڪو ڪائونسلر، چئيرمين يا تپيدار مونکي راشن ڏيندو. مڙس جواب ڏنو.
"وري به ڪوشش ڪر، مٿي وارو مدد ڪندو".
"ڪالھ مان چئيرمين ۽ تپيدار ڏي ويو ھئس، ٻنھي جواب ڏنو". مڙس وراڻيو.
"ڪارڊ تي پيئسا ملن ٿا، ان جي ڪوشش ڪر".
"اھا به ڪوشش ڪري چڪو آھيان، ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي" مڙس جھيڻي آواز ۾ ڪڇيو.
"پاڻيءَ چڪو ڏي بک ۽ اڃ ۾ پاھ ٿي ويو آهيان"..... مڙس زال ڏانھن نھاريندي چيو.
مھراڻ کي بک جي ڪري، پيٽ ۾ ولھوٽا پوڻ لڳا. روئڻ شروع ڪيائين.”امان بک لڳي آهي، ماني ڏيو.....ساھ ٿونڪري... او بابا.... ڪجھ ڪريو نه ته مان مري ويندو سانءِ..."
ماڻس ۽ پڻس جي اکين مان ڳوڙها شروع ٿي ويا.
"ماريا ھمٿ ڪر مون کان ته مھراڻ جي حالت برداشت نه ٿي ٿئي. پاڙيواري کان ڪو سڪل ٽڪر وٺي اچ.
ھن پاڙيواري جو دروازا کڙڪايو، پر ڪنھن به دروازو نه کوليو.
ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ ماحول کي ڪو نانگ سراپي ويو هجي... مھراڻ سڄي رات ماني ماني ڪندو رھيو... سڏڪا ڀريندي....بيھوشي طاري ٿي ويس.....!!!؟ سندس ماءُ ۽ پيءُ بيوس ۽ لاچار ھئا. ڪجھ ڪري نه سگھيا ھئا...
فجر جي آذان جو وقت ٿي ويو.
"مھراڻ جي ماءُ منھنجي نظر ۾مھراڻ ۽ اسان جي بچڻ جو ھڪ رستو رھيو آھي ته شھر ڇڏي ڳوٺ ۾ ھلون...،!!؟ اتي ڇپري ٺاھي ويھي رھنداسين ۽ ماني ڳڀو گھري وٺنداسين. ڳوٺ وارا ڏئي ڇڏيندا. ھن شھر جا واپاريءَ ماڻھو ته انسان کي انسان نه ٿا سمجھن". مڙس ڳالهايو.
"ها، بلڪل صحيح فيصلو ڪيو اٿئي ، جئين ئي روشني ٿئي نڪري ٿا ھلون....."
"مھراڻ کي ڪلھي تي کڻ مان رڳو ڪپڙا ئي کڻان ٿي".
شھر جون گھٽيون ويران لڳيون پيون هيون. انسان ميلن تي نظر نه پئي آيو. ھر طرف ويراني ڇانيل ھئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ واسينگ نانگ سراپي ويو هجي.
"ٿوري ساھي پٽيون ھاڻي ته جسم ۾ طاقت ئي ناھي رھي". "بس اسٽاپ ٽي ميل پري آھي. ڪا سواري به نظر نه پئي اچي. گھٽيون سنسان آهن. رستن تي ماڻھو پوءِ به نه آهي. گھلجي سھلجي بس اسٽاپ تي پھتا. بسن جون قطارون ڏسي،کين اميد پيدا ٿي.
مھراڻ جي ماءُ مون کي پاڻي چڪو پيار ۽ مھراڻ کي به پاڻي پيارڻ جي ڪوشش ڪر.
ھن مڙس کي نادي مان پاڻي جو گلاس ڏنو، جيڪو گندو ھو پر پوءِ به ھڪ ساھي ۾ پاڻي گلاس پئي ويو، ۽ زال به پاڻي پيتو. مھراڻ جيڪو نيم بيھوشي واري حالت ۾ ھو واڇن مان پاڻي وھي ويو ھوس.
ڪيترا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کانپوءِ سندن اميد ھار کاڌي جو لاڪ ڊائون جي ڪري گاڏيون مڪمل بند ھنيون. ھاڻي ڇا ڪرڻ کپي....!!!؟
مڙس زال کان سواليا نشان ۾ پڇيو.
ٻنھي جي مٿي تي هٿ اچي ويا. جياپي جا رستا سوڙها ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا......
"مھراڻ جا پيءُ ھڪڙي ٻي ڪوشش ڪري ڏسون ٿا. ھتان پنڌ ھلون ٿا من ڳوٺ تائين پهچي وڃون."
"ھاڻي ته جسم ۾ ساھ ئي نه رھيو آھي".
"مھراڻ جي صدقي ڪوشش ڪر ".
مھراڻ کي ڪلھي تي کڻي روانا ٿي ويا. اڌ ميل ئي پنڌ ڪون ڪيائون جو مھراڻ جي پيءُ کي چڪر اچي ويو مھراڻ ھٿن مان ڇڏائجي ويس. مھراڻ روڊ تي ڪريو. واتان رت اچي ويس .. ھڪڙي رڙ ڪيائين او بابا.. او امان ...ماني ڏيو، بک.....بک...لڳي....آ ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيائين. ماءُ ۽ پيءَ رڙيون ڪرڻ لڳا ته مھراڻ کي بچايو.... بچايو ..
پوليس جي گاڏي اچي وئي .
پيغام شروع ڪري ڏنا ته ٻار ڪرونا جي ڪري مري ويو آهي.
ماءُ ۽ پيءُ دانھون ڪرڻ لڳا ته ٻار بک جي ڪري مري ويو آهي.
پر ھنن جي ڪنھن نه ٻڏي. ايمبولينس ۽ اسپري جي مشين اچي وئي لاش کي پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي اڻ ڄاتل ھنڌ وڃڻ لڳا. ماءُ ۽ پيءَ رڙيون ڪندي بيھوش ٿي ويا.
“اسان سچ پئي چيو ته ٻار ڪرونا جي ڪري فوت ٿيو آهي ھاڻي ھي ٻئي زال ۽ مڙس به ڪرونا جي ڪري بيھوش ٿيا آهن. انھن کي به ايمبولينس ۾ وجھو.”
پوليس آفيسر ڳالهايو.
ٿوريءَ دير کان پوءِ چينلن تي تصويرن سان خبر ھلڻ لڳي ته ڪرونا جي ڪري ٽي ماڻھون فوت.....!!؟؟