مختلف موضوع

عالمي وبائن جي مختصر تاريخ ۽ ڪرونا جا ڪلور

ھن ڪتاب جو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر سرور خاصخيلي آھي. ڪووڊ 19 دنيا جي سماجي ۽ معاشي ڍانچي کي تباھ ڪري رکيو آھي ۽ ڏسندي ئي دنيا ۾ لکين ماڻھو ھن موتمار وبا جو شڪار ٿيا آھن. ڊاڪٽر سرور لکي ٿو:
”حقيقت ۾ ھي ھڪ دستاويز آھي جيڪي وبائي بيمارين جي تاريخ ٻڌائي ٿي ۽ ڪووڊ جي ڪري، جيڪي ڪلور ۽ اٿل پٿل ٿي آھي ان جي ھڪ تصوير آھي. مستقبل ۾ جڏھن ۽ جيڪو تحقيق ڪندو ته ھي ڪتاب سندس رھنمائي ڪندو. ھي ڪتاب انٽرنيٽ تي موجود وڪي انسائيڪلوپيڊيا، صحت جي عالمي اداري طرفان موجود ڄاڻ ۽ واٽس ايپ تي آيل بھتر مواد کي ترجمو ڪري ھڪ دستاويز ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. “
Title Cover of book عالمي وبائن جي مختصر تاريخ ۽ ڪرونا جا ڪلور

مسيحا .........! (ھڪ معصوم گڏڙيءَ جي ڪھاڻي)

“چاچا ايران کان زيارتون ڪري آيو آهي. ھلو ته کيس مبارڪون ڏئي اچون. ميارون پيو موڪلي.”
"ھا امان به فون ڪئي آ ته ڇو نه ٿا اچو؟"
زال وراڻيو.
"تيار ٿي وٺو، مان گاڏي ۾ تيل وجھرائي اچان ٿو."
“بابا ،ناني ڏي مون کي به وٺي ھلو.“ پري ضد ڪرڻ لڳي.
"پري تون ڏاڏي وٽ رھ، تنهنجي لاءِ شيءَ وٺي اينداسين."
پڻس ڳالھايو.
“نانو منھنجي لاءِ رانديڪا وٺي آيو آهي مان ضرور ھلنديس.”
" پري تون ضد نه ڪر." ماڻس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
"نه امان نه مونکي نانيءَ به چيو آ." پري روئڻ لڳي. زال مڙس بيوس ٿي ويا.
“ٺيڪ آهي پري تون به تيار ٿي.” پڻس نيٺ مجبور ٿي چيو.
پري خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي. ھوناني جي گھر پھچي ويا.
پري ناني ۽ ناني کي چنبڙي پئي "نانا .. منھنجي لاءِ ڪھڙا رانديڪا وٺي آيو آهين؟ جلدي جلدي ٻڌاء!.... " پري ناني کي ڳراٽڙي پائيندي چيو.
"اڙي! جلدي پري کي گڏي ۽ جھاز کڻي ڏي." ناني زال کي چيو.
"ھا بس ماني ٺاھي وٺان ٻچڙا بکيا آيا آهن." نانيءَ جواب ڏنو.
پريءَ کي ماني ئي نه پئي وڻي رانديڪن جي خوشيءَ ۾.
"ناني مون رانديڪا ڏيکار!" هوءَ نانيءَ کي تنگ ڪرڻ لڳي.
"ان جي ڪري ته توکي وٺي ڪونه پئي اچان." پريءَ جي ماءُ ڳالهايو.
"امان پريءَ کي ڪجھ به نه چؤ ھوءَ منھنجي دادلي آ." نانيءَ ڳالهايو.
نانيءَ گڏي ۽ جھاز پري کي کڻي ڏنو. پري خوشيءَ مان جھومڻ لڳي. .... "واه جي گڏي آ. گانا به ٻڌائي ٿي....۽.. ڳالهائي به ٿي.....جھاز ته ان کان سٺو آ ناني ريموٽ تي اڏامي به ٿو..... ناني مان راجو کي ھٿ به نه لائڻ ڏينديس. ...."
پريءَ نانيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو.
"تنھنجي ناني راجوءَ جي لاءِ الڳ رانديڪا آندا آھن." نانيءَ ڳالھايو.
"اڇا ته پوءِ راجو ۽ مان گڏجي کيڏنداسين. "پري چيو.
شام تائين ناني جي گھر ويٺا رھيا. شام ٿي ته نياڻي ۽ ڌيءَ موڪلايو. پر سس چانھن پيئڻ کانسواءِ نه ڇڏيو.
"پري ھاڻ گھر ھلون؟" ماڻس چيو.
" پريءَ کي رات ڇڏي وڃو. ٻئي ڏينھن مامس کي چونديس، ته ڇڏي وينديس " نانيءَ ماڻس کي چيو.
"ٺيڪ آ ڇڏي ٿا وڃونس." پڻس موڪلائيندي چيو.
پري سڄي رات ناني کان پري نه ٿي .سندس پيٽ تي ۽ ڪڏھن پيٽ مٿان ڦرندي رھي.
صبح ٿيو ڊاڪٽر جون ٽيمون اچي ويون. “چاچا تون ايران مان ٿي آيو آھين. تو ۾ ڪرونا جو شڪ آهي. تنھنجي ٽيسٽ ٿيندي.”
ڊاڪٽر ٽيسٽ وٺڻ کانپوءِ، کيس ھدايت ڪئي “ھاڻي پاڻ کي گھر تائين محدود رک ڪنھن سان به ملڻ جلڻ ڇڏي ڏي. جيستائين رپورٽ اچي.”
اھا خبر اچڻ کانپوءِ سڄي ڳوٺ ۾ مايوسي ڇانئجي وئي ٻئي ڏينھن سندس رپورٽ اچي وئي ڪرونا جي تصديق ٿي ويئي. پوليس جي گاڏي اچي وئي. "جلدي ڪر توکي ڪرونا ٿي پيو آهي توکي آئيسوليشن وارڊ ۾ د اخل ڪرڻو پوندو." ڊاڪٽرن کيس چيو ۽ ٽيم کيس کنڀي وارڊ ۾ وڃي ڦٽو ڪيو. سڄي ڳوٺ ۾ پوليس جو ڪڙو چاڙهيو ويو ته ڳوٺ ۾ ڪير نه اچي. باقي رھيل گھر ۾ رھندڙ ۽ جن سان سندس ملاقات ٿي هئي، انھن جي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ٻئي ڏينھن وري ڊاڪٽرن جي ٽيم آئي. سندس گھروارن، ڌيءُ، پريءَ ۽ نياڻي جون ٽيسٽون ورتيون ويون. کين پابند ڪيو ويو ته سندن چرپر مڪمل بند آھي. چوٿين ڏينھن ڪيل ٽيسٽن جون رپورٽون آيون ته پريءَ جي رپورٽ ۾ تصديق ٿيو ته ڪرونا آهي. سڄي گھر جا ڀاتي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا... ھي اسان سان ڪھڙو ظلم ٿي ويو.....
"پري بابا ڇا ٿيو آهي.....!!"؟ پوليس جي گاڏي اچي ويئي. “پري اسان جي حوالي ڪريو ته جيئن آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪري سگھجي.” پوليس واري ڳالھايو.
صحت کاتي جي ٽيم، ھدايتون ڏيندي چيو ته " نينگر کي ماسڪ پھرايو."
“ھيءَ معصوم ٻارڙي آسوليشن وارڊ ۾ ڪئين رھندي؟” پريءَ جي پيءَ ڳالهايو.
"اسان مجبور آهيون. بالا آفيسرن جو حڪم آھي." پوليس آفيسر ڳالهايو.
"ڪجهه به ٿي پوي، اسان پريءَ کي اڪيلو ڪونه ڇڏينداسين." پريءَ جي چاچي جواب ڏنو.
"اسان جو اھومقصد ھرگز نه آھي ته اوھان کي پريشان ڪيون. اسان جو مقصد اھو آھي ته ھن موت مار بيماري کان اوھان کي، ڳوٺ کي، علائقي کي ۽ سماج کي بچايون." ڊاڪٽر سمجھائيندي چيو.
"ننڍڙو ٻار آهي. اڪيلو وارڊ ۾ ڪيئن رھندو." پيءَ ڳالهايو.
"اوھان پرواه نه ڪريو. وارڊ ۾ ٻيا ٻار به داخل آهن ۽ عملو چوويھ ڪلاڪ موجود آهي." ڊاڪٽر سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
"ٻار اڪيلو وارڊ تائين ته ڪونه ھلندو."
"ان جو به حل ڪيون ٿا. اسان اوھان کي ھڪ خاص قسم ڊريس ڏيون ٿا. اھا پائي، پريءَ جو پيءُ ساڻس گڏ ھلي. وارڊ ۾ ڇڏي پوءِ شئي وٺي اچڻ جو بھانو ڪري، نڪري اچي. وڌيڪ اسان پاڻ ڏسنداسين." ڊاڪٽر کين تجويز ڏيندي چيو.
"اسان جو دادلو ٻار آهي. وڌيڪ لاءِ اوھان کي پارت آهي."
پيءُ غمگين ٿيندي چيو.
"اوھان مطمئن ٿي وڃو مريض اسان کي اولاد کان به وڌيڪ پيارو ھوندو آ."ڊاڪٽر چيو.
پريءَ جي ماءُ ۽ پيءُ خاص ڊريس پائي، پريءَ سميت ايمبولينس ۾ ويٺا. سڄي ڳوٺ جا ماڻهو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳا.
"امي ڇا ٿيو آ؟ سڄي ڳوٺ جا ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئن پيا ۽ اوھان به روئو پيا؟"
پريءَ عجيب محسوس ڪندي چيو....!!؟
"بس ڪجھ به نه ٿيو. اسان جو مقدر خراب ٿيو آ....." ماءُ سڏڪا ڀريندي چيو.
ايمبولينس ھلڻ لڳي، سندس پيءُ جي ذھن ۾ ھزارين سوال، وسوسا، پريشانيون ۽ خيال ڊوڙڻ لڳا...... ايمبولينس، آئسوليشن وارڊ تي پھچي وئي. پريءَ جي ماءُ ۽ پيءُ جون اوڇنگارون تيز ٿيڻ لڳيون. ايمبولنس ۾ ويٺل ڊاڪٽر ۽ عملو به روئڻ لڳو.
"آءُ خدا! تون ھيٺ لھي آ، پنھنجو جوڙيل ڏيھ ڏسي وڃ.......!!؟“ پريءَ جو پيءُ چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳو.
”پري! راڻي! تون ھن ٻارن سان کيڏ، اسان تنھنجي لاءِ رانديڪا وٺي اچو ٿا......“ پڻس روئيندي چيو.
"نه ابو نه! مونکي ھتي ڊپ ٿو لڳي.....مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ھلو...."پريءَ روئڻ لڳي."
جلدي واپس ٿجو منھنجي لاءِ سٺا رانديڪا وٺي اچو......" پريءَ راضي ٿيندي چيو.
ڊاڪٽر، پريءَ کي وارڊ ۾ وٺي ويو. پري، وارڊ ۾ ٻين ٻارن سان راند کيڏڻ لڳي.... ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پريءَ کي بک لڳي. " مون کي بک لڳي آهي ابو ۽ امان ڪاڏي ويا. منھنجا رانديڪا به نه آندا اٿن. مون کي منھنجو بابو ۽ امان ڳولي ڏيو "
پري ڪيترن ڪلاڪن تائين وارڊ ۾ پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ لاءِ روئندي رھي. آخرکيس ننڊ اچي وئي. پري رات جو جاڳي ته کيس اڇي رنگ جا جبا پهريل ھڪ عورت ۽ مرد نظر آيا.....خوف وچان دانھون ڪرڻ لڳي ته " بچايو .... بچايو... جن اچي ويا آهن."
"پري، اسان جن ناھيون اوھان جي حفاظت جي لاءِ مقرر ٿيل ڊاڪٽر ۽ نرس آھيون. تنھنجي لاءِ ماني کڻي آيا آهيون."
" ابو ۽ امي ته نه آهيو. مون کي ڊيڄارڻ جي لاءِ ھي ويس ڪيو اٿو...."پري خوف وچان ڳالهايو.
"ھا اسان تنھنجا ابو، امان آهيون تنھنجي لاءِ ڪيترو فروٽ وٺي آيا آهيون."نرس ڳالهايو."
منھنجا رانديڪا.ڪٿي آھن؟".پري پڇيو.
"رانديڪا وارن جا دڪان بند ٿي ويا هئا جو نه مليا. "ڊاڪٽر ڳالھايو.
پري کي ننڊ اچي وئي.
صبح ٿيو پري ڊاڪٽر کي ابو ڪري سڏيو.
"پري ڇا کپي.؟ "نرس پڇيو.
"امي، بسڪٽ ۽ چانھ ..!!"
"ديرنه ٿيندي." ڊاڪٽر جواب ڏنو
پري چانھن ۽ بسڪٽ کائي ٻارن سان راند ۾ مشغول ٿي وئي. پري وارڊ ۾ رلي ملي وئي ھئي. جيڪي شئي کتيس ٿي ته ڊاڪٽر ۽ نرس کي امي، ابو چئي گھرڻ لڳي.
سندس ماءُ ۽ پيءُ فروٽ ۽ رانديڪا روزانو وٺي، ڊاڪٽر ذريعي پھچائڻ لڳا ھئا. پري جو حال احوال وٺڻ لڳا. ڊاڪٽر، پريءَ جي وڊيو ٺاھي، مائٽن ڏانھن موڪلڻ لڳو.
پري ڊاڪٽر ۽ نرس کي پنهنجي ماءُ، پيءُ سمجھڻ لڳي ھئي. روزانو ٽافين، چيگمن ۽ آئيس ڪريم جون فرمائشون ڪرڻ لڳي ۽ ھو سندس فرمائش پوريون ڪرڻ لڳا. جئين ڊاڪٽر ۽ نرس وارڊ ۾ آيا، ته پري ضد ڪرڻ لڳي، "جيڪڏھن منھنجا ابو ۽ امي آھيو ، ته پنھنجي منھن تان، ٻوٿاڙو لاھيو ؟."
ڊاڪٽر ۽ نرس ھڪٻئي ڏانھن نھارڻ لڳا.
"اسان کي اجازت ناھي.“ نرس جواب ڏنو.
مون کي پنھنجي جھولي ۾ ڇو نٿا ويھاريو. مونکي ڪلھي تي چاڙھي ڇو نٿا گھمايو ۽ مونکي گڏ ڇو نٿا، سمھاريو. توھان منھنجا ابو ۽ امان ناھيو....."
ڊاڪٽر نرس ڏانھن نھاريو. نرس اشارن جواب ڏئي ڇڏيو.
ڊاڪٽر ٿوري دير لاءِ سوچڻ ۾ گم ٿي ويو. ممڪن آ ٻار جي ويجھو ٿيان ته مون کي به ڪرونا ٿي وڃي. ....!!؟...!!؟
ڊاڪٽر جو مسيحا وارو جذبو جاڳيو.
"پري تون آچ آئون توکي جھوليءَ۾ ٿو ويھاريان. اچ ته توکي سيني سان لڳايان. زندگيءَ ۾ بس تنھنجي زندگيءَ ۽ خوشيون آھن. جيڪڏهن تون ٺيڪ ٿي وئين ته مون سڄي ڪائنات کٽي ورتي."
پريءَ کي پنھنجي سيني سان لاتو ۽ پريءَ کي ننڊ اچي وئي. پري ڊاڪٽر جي آگوش ۾ سمھي پئي.
پري کي وارڊ ۾ اڄ چوڏھن ڏينھن پورا ٿيا. ٽيسٽ ورتي وئي. جنھن ۾ ٻڌايو ويو ته پريءَ مان ڪرونا ختم ٿي ويو آهي.
اھا خبرمائٽن، ڳوٺ، سماج ۽ خصوصن ڊاڪٽر لاءِ خوشي جي وڏي خبر ھئي. ٻن ڏينهن کان پوءِ وري پريءَ جي ٽيسٽ ٿي جنھن ۾ به ٻڌايو ويو ته پري مان ڪرونا مڪمل ختم ٿي ويو آهي.
آڄ آئسوليشن وارڊ اڳيان خوشيءَ وارو سماع ھو. وڏي خوشي ڊاڪٽر کي ھئي.
پري جا مائٽ ڊاڪٽر ۽ عملي جي لاءِ سوکڙيون ۽ مٺايون کڻي آيا ھئا.