سفرناما

اُتر لڳا آءُ پرين (بيلجيم، لگزمبرگ، سوئيزرلينڊ ۽ اٽليءَ جو سفرنامو)

ھي ڪتاب نامياري اديب ۽ سفرناما نگار عبدالحئي پليجو جو يورپ جي ملڪن بيلجيم، لگزمبرگ، سوئيزرلينڊ ۽ اٽليءَ جو سفرنامو آھي. يوسف سنڌي مھاڳ ۾ لکي ٿو:
”سفرنامن لکڻ جو مقصد ڪھڙو آهي؟ وندر ۽ ورونھن ۽ معلومات ڏيڻ، معلومات بہ هلڪي ڦلڪي، جيڪا هضم ٿي سگهي. ائين نہ جو سفرنامي بدران، عام معلومات جو ڪتاب بنجي وڃي. عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو انھيءَ ڪسوٽي تي پورو ٿو لھي. عبدالحئي پليجو، انھي ٻني جي خوبصورت ۽ نمن جي ٿڌي ڇانو، واري ڳوٺ مان نڪري، دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهمي ڦري، اُتي جي ماڻھن، ريتن، رسمن، روايتن، سياست ۽ تاريخ وغيرہ جو مطالعو مشاهدو ڪري، وري انھن کي لکي، ڇپائي، ٻين کي بہ پنھنجي انهيءَ سفر ۾ حصيداري ڪرائي ٿو.“
Title Cover of book اُتر لڳا آءُ پرين (بيلجيم، لگزمبرگ، سوئيزرلينڊ ۽ اٽليءَ جو سفرنامو)

1

اسان بس ۾ چڙهي فرانس جي چار – چار، هڪ طرفي سهڻي موٽروي تي اڳتي بيلجيم جي گاديءَ واري شهر بروسلز ڏانهن وڃي رهيا آهيون. هلڪي ڦوهار پئجي رهي آهي. بس جي اڳيان وائيپر تمام آهستي هلي رهيا آهن. ڌيمي آواز ميوزڪ هلي رهي آهي. ٻاهر هلڪي ڦوهار ۽ هوا سبب وڻ ۽ گُل لُڏي لمي رهيا آهن. دل پئي چئي ته اهو سفر کُٽي نه! نور پنهنجي مُوي ڪئميرا سان فلم ڀري رهيو آهي، ۽ ٻيا مسافر پڻ فلمون ڀري رهيا آهن. ۽ آهستي آهستي هڪٻئي سان ڳالهائي رهيا آهن. اسان جي اڳيان واري سيٽ تي هڪ انڊين جوڙو ويٺو آهي. مِنا چيو: ”ڇوڪري سنڌياڻي آهي، پر سندس مڙس مرهٽو آهي.“ پوءِ بروسلز جي هوٽل ۾ اسان جو ساڻن تمام مختصر تعارف ٿيو. پاڻ ٻُڌايائون ته اسان بمبئي ۾ رهندا آهيون، ٿورو پنڌ هلڻ کان پوءِ اسان جي گائيڊ پنهنجو ۽ بس ڊرائيور جو اسان سان تعارف ڪرايو، ۽ پاڻ ٻُڌايائين ته هاڻ پاڻ سڄي ٽوئر ۾ گڏ رهنداسين. گائيڊ اسان کي ٽوئر جي طريقي ڪار بابت سمجهايو ته ڏينهن سيٽن تي ويهبو، ۽ ائين سڄي ٽوئر ۾ پاسا مٽائيندا رهندؤ. بس ۾ سگريٽ ڪونه پيئبو. صفائيءَ جو خيال رکبو. توهان کي توهان جا بئگ ۽ ٻيو سامان ڪمري کان ٻاهر بس مان لهڻ کانپوءِ ملندو. جنهن کي ڪمري اندر کڻي توهان رکندا، ۽ صُبح سوير، هلڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ پنهنجو سامان ڪمري کان ٻاهر رکي ڇڏيندا، ۽ اهو سلسلو ٽوئر ختم ٿيڻ تائين هلندو رهندو. ٽوئر ۾ ننڍن ٻارن کي شامل ڪونه ڪندا آهن. ان خيال کان ته متان ٻار روئن، ۽ سياح پريشان ٿين.
ٽوئر ۾ هيٺان ائٽم فري هوندا آهن. جنهن جي رقم اڳ ۾ ڏنل هوندي آهي:
1. فرسٽ ڪلاس هوٽلن ۾ رهائش.
2. صُبح ۽ رات ويلي بهترين قسم جا کاڌا.
3. سڄي ٽوئر ۾ هر هنڌ ٽرانسپورٽ فري.
4. روزانو هر هڪ شهر ۾ سِٽي ٽوئر، ۽ ٻيا به ڪئين ٽوئر؛ انهن ٽوئرن جون ٽڪيٽون ۽ ٽيڪس فري.
5. بندرگاهه ۽ Tunnels ۾ داخلائون فري.
6. مختلف جڳهين تي انگريزي ڳالهائيندڙ گائيڊن جو انتظام، جنهن جي ڪابه في نه هوندي آهي.
7. ڪِٿ ڪِٿ ٽُوئر ۾ مختلف جَڳهين تي وائين يا بيئر مُفت ڏين، پر ٽوئر وارا نه، پر انهيءَ جڳهه وارا؛ پر اهو به ٽَوئر ڪَمپنيءَ وارن جي ڪري.
8. ڪِن ڪِن جَڳهين تي ننڍا ننڍا تحفا پڻ ڏين.
9. سڄي ٽوئر ۾ سياحن کي ننڍڙن ٻارن وانگر پيا گهمائيندا ۽ سمجهائيندا.
10. ٽوئر ۾ ماڻهو تڏهن ٿو وڌيڪ مزو وٺي، جڏهن گائيڊ عورت هوندي آهي. ڇو ته عورت ته ڳالهه ئي ٻي آهي. اهي سهوليتون، ٽوئر ۾ اڳواٽ ڏنل پيسن ۾ شامل آهن. پر ڪي وري ٽوئر ۾ اهڙا ماڳ ۽ منزلون آهن، جيڪي ڏيکارين يا گهمائين ڦيرائين ته ٽوئر وارا، . پر انهيءَ جون فيون جدا وٺن؛ جيڪي فيون هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ هيٺينءَ ريت آهن.
1. بروسلز سٽي ٽوئر 15 ڊالر U. S. A
2. لوسرين (سوئيزرلينڊ) ڍنڍ ۾ ٻيڙيءَ جو سير 19 ڊالر
3. لوسرين (سوئيزرلينڊ) ۾ برفاني جبلن تي ڪئبل ۾ 10000 فوٽ. 52 ڊالر
4. اٽليءَ جي شهر وينس جو بوٽس ۾ سير، جنهن کي وينس ۾ چون (گنڊولا) 27 ڊالر
5. وينس شهر جو روائتي کاڌو، گروپ جي صورت ۾ 13 ڊالر
6. (Rome by night) رات جي وقت روم شهر جو سير 44 ڊالر
7. روم شهر ۾ ويٽِيڪَن سٽي اندر مائيڪل اينجلو وارو پئنتگ وارو ميوزم (جيڪو هونءَ 9 ڊالر آهي) 30 ڊالر
8. روم ۾ ڪاٽا ڪومبس (Cata Combs) ٽوئر 30 ڊالر
9. روم ۾ Tivoli ٽِوالي جو سير، جنهن ۾ ماني به کارائين 40 ڊالر
10. رومن جبلن جو سير، جنهن ۾ به کاڌو کارائين. 38 ڊالر
11. اٽليءَ جو قديم شهر فلورينس (Florense)، جنهن جي ڪيتري حصي ۾ ٽرئفڪ هلي ئي ڪانه، اُت سياحن کي گائيڊ پنڌ گهمائين ۽ تاريخي جڳهين بابت معلومات ڏين 17 ڊالر
12. (Monte carlo by night) شهر ۾ رات جو سير ڪرائين، جنهن ۾ بهترين ڊنر کارائين. 48 ڊالر
13. پئرس شهر جو عظيم ميوزيم لووِر (Louvre)، جنهن ۾ موناليزا جي تصوير پڻ رکيل آهي. 29 ڊالر
14. پئرس کان ٿورو ٻاهر، اڳوڻن بادشاهن جون محلاتون ۽ وڏا باغ باغيچا، جنهن کي ورسيلز (Versailles) چون 44 ڊالر
15. (Pairs by night) پئرس شهر جي ڪنهن بهترين ڪئبريٽ (Cabaret) جو پروگرام ايفل ٽاور ڏيکارين ۽ شهر جي مک جڳهين جو سير ڪرائين، جيڪو منظر پئرس جي روشنين ۾ ڏاڍو وڻندڙ هوندو آهي. 65 ڊالر
16. (Fare well Dinner at night) هيءُ سڄي ٽوئر جو بلڪل آخري پروگرام، هوندو آهي، جنهن ۾ وسڪي. وائين يا بيئر خوب پيارين ۽ سڄي پروگرام جو حال احوال ٿئي. هر هڪ سياح دل کولي ڳائي، ڊانسون ڪري ۽ سمورا هڪ ٻئي سان فوٽو ڪڍرائين؛ ۽ جي، ٽوئر ۾ ڪنهن پنهنجو (Friend) دوست ٺاهي ورتو، ته ان سان فوٽو ڪڍرائڻ ڊانسون ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي گلاسن ۾ وائين پيارڻ، ۽ سڄي رستي ۾ دوستي ۽ روح رچندين جو مختصر، پر ڏاڍو سهڻو احوال. 50 ڊالر
اهي صرف انهيءَ ٽوئر جا (Optional) آپشنل ٽوئر آهن، جنهن ۾ اسان وڃي رهيا آهيون. اهڙا ڪيترا ئي ٽوئر آهن، ۽ هر ٽوئر جا پنهنجا پنهنجا پروگرام ۽ جدا جدا اگهه مقرر آهن.
ٽوئر جي پهرئين ڏينهن بس ۾ هلندي، توهان کي هڪ پنو ڏيندا جنهن تي توهان پنهنجي پسند جي ٽوئرن تي ها (yes) لکي ڏيندا؛ ۽ حساب ڪري انهن جي رقم توهان ڪيش ۾ ڏيو يا (Credit Card) ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي ادا ڪريو، سا توهان جي مرضي؛ پر اهو اڳواٽ طيءَ ٿي وڃڻ گهرجي، جيئن هو اهو سڄو پروگرام ڪمپنيءَ وارن کي فون تي ٻڌائين، جنهن جو بندوبست هو اهڙي نموني ڪن، جو توهان کي ڪٿي به تڪليف نه ٿئي. اهڙيءَ طرح سمورا سياح پنهنجي پنهنجي پسند جا پروگرام کين لکرائيندا. مون اڳ به ڪاسموس وارن سان ٽوئر ڪيو آهي، ۽ مون کي خبر آهي ته ڪهڙي ڪهڙي پروگرام ۾ مزو آهي. سو، منا_ ونود ۽ نور سان صلاح ڪري، اسان کين پنهنجي پسند جا ٽوئر لکي ڏنا ۽ پئسا پڻ ڏنا.
هر هڪ سياح کي، لنڊن ۾ ئي ڪاسموس وارن وٽ ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت اهو ٻڌائڻ گهرجي، ته آئون مسلمان آهيان يا ويجيٽيرين آهيان؛ يا هن کاڌي کائڻ ڪري مون کي الرجي ٿيندي آهي. جيئن هو توهان جي پسند ۽ ناپسند کي خيال ۾ رکي توهان لاءِ کاڌو تيار ڪن. يورپ ۾ هو، رات جي ماني جلدي کارائين. آئون ماني دير سان کائڻ جو عادي. پوءِ مون کي هر روز ماني کڻي وڃڻي پوندي هئي. جيئن پنهنجي مرضيءَ سان کاوان.
اسان جي بس فرانس جي موٽرويز کي خدا حافظ چئي، هاڻ بيلجيم جي موٽرويز تي هلي رهي آهي؛ جيڪو فرانس جي موٽروي کان ڪجهه ننڍو لڳي رهيو آهي. اسان جي گائيڊ، اسان سڀني سياحن جو هڪ ٻئي سان تعارف ڪرايو؛ ۽ پڻ ٻڌايو ته توهان کي هاڻ هن نالي سان خطاب ڪري ڳالهايو ويندو. مثال طور اسان چار، فور محمدز (Four Muhammads) جي نالي سان سڏباسين، ۽ بس هلندي ئي اسان کي ٻڌايائون ته اڄ رات پاڻ بروسلز ۾ هوٽل ڊيلٽا Dalta ۾ رهنداسين، ۽ توهان جا ڪمرا نمبر هي هي آهن؛ ۽ توهان کي هوٽل رسيپشن تي پنهنجي نالي ٻڌائڻ سان انهيءَ ڪمري جي چاٻي ملي ويندي. توهان کي رات جي ماني فلاڻي ٽائيم تي، ۽ نيرن صُبح سوير اٺين بجي، ناشتو ڪري پوءِ پاڻ سٽي ٽوئر تي روانا ٿينداسين.
آئون هن کان اڳ به بروسلز اچي چُڪو آهيان. بس، بروسلز شهر جي سڃاڻ، لوهي گولن نما وڏي ڪنهن مرڪز جي ويجهو اچي بيٺي، جنهن جي اڳيان ڪئين ڦوهارا به لڳل هئا. اسان هيٺ لهي بيلجيم جي سرزمين تي پنهنجا قدم رکيا ۽ اُت، انهيءَ جڳهه اڳيان، سڀني سياحن پنهنجا فوٽا ڪڍيا. جنهن کان پوءِ انهيءَ جي ويجهو هڪ چرچ ۾ وٺي ويا، جنهن جي اڳيان بهترين ڇٻر ۽ گل هئا؛ جت پڻ اسان فوٽا ڪڍيا. يورپ جي ٽوئر ۾ مون ڏٺو آهي ته هي پنهنجا چرچ ۽ ڪئٿيڊرل ڏاڍا ڏيکاريندا آهن، جڏهن ته فارايسٽ ۾ ائين گهٽ آهي. پوءِ انهن چرچن ۽ ڪئٿيڊرل ڏيکارڻ سان انهن جي ڏاڍي تعريف به ڪن. هاڻ ته توهان کي يورپ جي هر هوٽل ۾ انجيل ۽ عيسائي مذهب جا ڪتاب رکيل ملندا، پر ڏهه پندرهن سال اڳ ائين ڪونه هوندو هو.
اسان کي سڄي شهر جو، بس ئس بس ۾ ويٺي، چڪر لڳرائي، پوءِ اچي هوٽل ڀيڙو ڪيائون. پنهنجي ملڪ ۾ اڄ کان ڏهه سال اڳ جڏهن شيشو وٺبو هو، ته دُڪاندار چوندو هو ته سائين، بيلجم جو شيشو آهي! بيلجيم جي شيشي کان وڌيڪ ڪو ٻيو شيشو ڪونه هو. پوءِ ڀلي اهو درين دروازن لاءِ هجي يا شو ڪيس ۽ ڪٻٽن لاءِ. بنگلي جو مالڪ به هر هڪ کي فخر سان ٻڌائيندو ته سڄي بنگلي ۾ بيلجيم جو شيشو استعمال ٿيل آهي، پر اُهي سائين ڏاڍو مهانگو. پر هاڻ پاڻ وٽ جپان ۽ چائنا جو شيشو جام اچي ويو آهي. سو سائين، اسان جڏهن بروسلز شهر گهمياسين تڏهن جڳهين ۾ شيشا ڏسي حيران ٿي وياسين. ايڏا خوبصورت شيشا ۽ ايڏي وڏي تعداد ۾، جنهن شهر جي خوبصورتيءَ کي هڪ نه چار چنڊ هڻي ڇڏيا آهن. جيئن سج جي روشني ويئي ٿي گهٽ ٿيندي. تيئن ٿي لائيٽن جي روشنيءَ ۾ انهن شيشن جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيو. سچ پچ ته ماڻهو بروسلز وڃي ته رات جو بروسلز ضرور گهمي. اسان پنهنجي هوٽل تي پنهنجو تعارف ڪرائي ۽ پنهنجو ٽوئر گروپ ٻڌائي چاٻي ورتي. هوٽل ٻاهران اسان جي ٽوئر واري بس کانسواءِ ٻين ٽوئر ڪمپنين جون به ڪيئن بسون بيٺيون هُيون، جيڪي هڪ ٻئي کان وڌيڪ ٿي خوبصورت لڳيون. يورپ ۾ بس اندر ٽوئر ڪندي ائين محسوس ٿيندو جهڙو ماڻهو جهاز ۾ ويٺو آهي! رستا اهڙا سُٺا جو لوڏو ئي نه اچي. بس اندر وڏي ٽي وي، وي. وسي آر ۽ ڊش_ ميوزڪ لاءِ ٽيپ رڪارڊر. بس اندران تمام صاف وِي سِي صاف سُٿري، جنهن مان خوشبوءِ پئي اچي. جهاز وانگر پنهنجو هٿ وارو سامان مٿي رکي ڇڏيو. سيٽون اڳيان پٺيان ۽ هيٺ مٿي پيون ٿين. سيٽن جي وچ ۾ ڪافي وٿي، جو گوڏن کي ڪا تڪليف نه ٿئي. ڪنهن ايمرجنسيءَ لاءِ باٿ روم جي سهولت. هيڏيون وڏيون بسون پر تن جا ايڏا سُٺا پاور اسٽيرنگ، جو سڄو ٽائر ڦريو وڃي. ۽ تمام ننڍي گهٽيءَ مان به آرام سان بس نڪري وڃي. بس جي سيٽن ۽ درين تي نفيس ڪپڙي جا سيٽ_ ڪُور ۽ پردا_ فرشي سهڻا ڪارپيٽ_ ٽوئر ڀلي هڪ مهيني جو هجي. بس پنهنجي پوري وقت تي نڪري ۽ پهچي.
اسان هوٽل رسيپشن تي پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ اسان کي اسان جي ڪمرن جون چاٻيون مليون. آئون ۽ مِنا هڪ ڪمري ۾، ۽ ونود ۽ نور ٻئي ڪمري ۾. ائين هر روز اسان کي ٻه ڪمرا ملندا هئا. اسان وهنجي سهنجي چانهه پي، ٿورو ٿڪ ڀڄي، بروسلز جي رنگين شيشن واري شهر ۾ گهڙي پياسين. بيلجيم ۽ هالينڊ جا مقامي ماڻهو سائيڪلن تي وڏي تعداد ۾ سير ڪَن_ ۽ سائيڪلن تي سير ڪندي مرد ۽ عورت ڏاڍا خوبصورت لڳن. اسان به پنڌ ئي پنڌ هلندي انهن سائيڪلن سوارن کي گهمندي ڦرندي ڏسندي، ڪٿان کان ڪٿان وڃي نڪتاسين. هت بروسلز ۾ ٽيوب اسٽيشن جون ٽيوب ڏانهن هيٺ ويندڙ لائيٽ تي سيڙهيون، بلڪل فوٽ پاٿن سان گڏيون پيون هيون. يعني توهان رستي هلندي فوٽ پاٿ تي ئي رڳو ان لائيٽ جي سيڙهيءَ تي پير رکو، ته توهان کي خود به خود وڃي هيٺ ٽيوب اسٽيشن ڀيڙو ڪري جت توهان سڌا وڃي ٽيوب ڀيڙا ٿيو. ائين مون آمريڪا، پئرس_ روم ۽ لنڊن ۾ به ڏٺو. اسان رستي ۾ هلڪي ڦلڪي خريداري ڪندي، شام جون انگريزي اخبارون وٺندي، پنڌ ئي پنڌ واپس اچي هوٽل پهتاسين. ونود، مِنا ۽ نُور، ٽوئر گروپ وارن سان ماني کاڌي، ۽ منهنجي ماني ڪمري تي کڻي آيا؛ جيڪا مون سمهڻ کان ٿورو اڳ کاڌي_ باقي منهنجي پيئڻ لاءِ کير مِنا ٻاهران وٺي آئي هئي. آئون ڪٿ به هجان پر رات جو سمهڻ مهل کير ضرور پيئان. سو کير جو گلاس پي سمهي رهياسين. اسان صُبح جو سوير اٿڻ جا عادي، پر هوٽل وارن اسان کي اُٿارڻ لاءِ مقرر وقت تي گهنٽي وڄائي. اها هر روز هوٽل وارا وڄائين ته جيئن اسان وقت تي تيار ٿي هيٺ اچي ناشتو ڪريون، ۽ پڻ ٽوئر پوري وقت تي شروع ٿئي. آئون ۽ مِنا اڪثر، وقت کان تقريبا هڪ ڪلاڪ اڳ تيار ٿي، ڪمري جي هيٺ پنهنجو سامان ڪمري ٻاهران رکي نور ۽ ونود سان فون تي ڳالهايون. گهڻو ڪري ٽائيم کان هڪ ڪلاڪ اڳ تيار ٿي هوٽل کان ٻاهر نڪري، ڪجهه وقت لاءِ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن کي ٻاهر واڪ ڪندي، سائيڪلن تي گهمندي يا ڪجهه خريد ڪندي مطلب ته صُبح جو هوٽل کان ٻاهر چؤطرف ماحول کي ڏسندي ڏاڍو مزو ايندو آهي. اسان پاڻ سان گڏ ٻين ٽوئر وارن کي به ڏسندا هئاسين ته ڇا ٿا ڳالهائن ٻولهائن. بسن جا ڊرائيور به سوير ئي پنهنجون بسون اسٽارٽ ڪري ڇڏيندا هئا. ڊرائيور ۽ گائيڊ به اسان سان گڏ ناشتو ۽ رات جي ماني کائيندا هئا_ ۽ ڊرائيور گهڻو ڪري سگريٽ به پيئندا هئا پر بس کان ٻاهر، ڪڏهن به بس اندر نه ناشتي ۾ انهيءَ ملڪ جي پنهنجي ڪا خاص شيءِ کائڻ لاءِ به ضرور هوندي هئي، مثلاّ فرانس جي مشهور ڊبل روٽي جيڪا سڄي يورپ ۾ ڏاڍي مشهور آهي. ته اٽليءَ ۾ پيزا، سوئيزرلينڊ ۾ ميوزلي وغيره. هونئن به يورپي ماڻهو توهان سان صرف پنهنجي ملڪ جي ٻولي ڳالهائيندو. ٻي ٻولي اچڻ جي باوجود نه ڳالهائيندو، ۽ کلي هليو ويندو. بلڪل اهڙي نموني جيئن پاڻ وٽ سنڌ ۾ مهاجر توهان سان سنڌي ڪڏهن به ڪونه ڳالهائيندو، ڀلي کڻي سنڌيءَ ۾ (P.HD) ڪيل هجيس. پر انهيءَ جي مقابلي ۾ پنجابي، پٺاڻ ۽ سرائڪي، سنڌي ڳالهائيندي شرمائين ڪونه. باقي بلوچ ته ڀائر آهن. هاڻ ته بلوچن جون ڪافي ذاتيون اهڙيون به آهن، جن کي بلوچي اچي ئي ڪانه، صرف سنڌي ڳالهائين، جيئن اسان وٽ لاشاري ۽ جماري آهن.
سو، سڄي يورپ ۾ هرڪو ملڪ پنهنجي پنهنجي زبان ڳالهائي_ ۽ پنهنجي ڪلچر کي پنهنجي ملڪ ۾ سياحن لاءِ سهڻي نموني پيش ڪري. هر ملڪ ۾ توهان اتي جو روايتي پروگرام ضرور ڏسندا. مثلاّ آسٽريا ۾ (Tyro lean folk show)، پئرس ۾ (Joie de vivre)، روم ۾(St: Peters Square Piaza Vanezia) ۽ اسڪاٽلينڊ ۾ (Bag pipers Band) مطلب ته هر مغربي ملڪ، جت تمام گهڻي صنعتي ترقي ڪئي آهي، پر اڄ به هو پنهنجي پراڻي ثقافت تي ڏاڍو ناز ٿا ڪن، انهيءَ کي تمام سهڻي نموني ۽ سليقي سان سياحن اڳيان پيش ڪن. انهيءَ کان سواءِ جرمن، جرمن بيئر جي ساراهه ڪري، ته فرينچ وري فرينچ وائين جي تعريف ڪري؛ ته انگريز وري اسڪاچ کي پاڪ پاڻي ڪري پيش ڪري، ۽ فخر سان چئي ته آمريڪا هيڏي ترقي ڪئي آهي، پر ڪڏهن به اسڪاچ جهڙي وسڪي نه ٺاهي سگهندو. اٽليءَ جي شهريءَ کي پنهنجي ڳاڙهي شراب تي فخر. مطلب ته يورپ جي هر ملڪ کي پنهنجين شين تي وڏو فخر ۽ ناز آهي.
ناشتي جو وقت ٿي چڪو هو. اسان ٻاهران چڪر لڳائي هوٽل ۾ ناشتي لاءِ وياسين. ٽوئر ۾ هڪ نه پر ڪيئي ٽوئر گروپ هوندا آهن، جن کي هوٽل جي مختلف فلورن تي جدا جدا ناشتو ڪرائين. اسان به رسپشن واري کان پُڇيو ته اسان جي ٽوئر وارن جو ناشتو ڪهڙي هنڌ آهي؟ جنهن اسان کي ٻڌايو ته فلاڻي فلور تي توهان جي ٽوئر وارن جو ناشتو لڳو پيو آهي. نور ۽ ونود اڃان ڪونه پهتا هئا. اسان جي ٽوئر وارا آهستي آهستي ناشتي لاءِ اچي رهيا هئا. اسان پنهنجو ناشتو هڪ پليٽ ۾ وجهي وڃي ٽيبل تي ويهي کاڌو، ناشتي ۾ گهڻو ڪري ميوزلي، بيضا، کير، ڌؤنرو، مکڻ، مارمليڊ، ماکي، جام جيليون، ڪيچ_ اپ، ساسيج، ڪيترن ئي قسمن جون ڊبل روٽيون، ڪارن فليڪس، جوسن جا ڪيئن قسم، فروٽن جا گهڻو ڪري سڀ قسم؛ پيسٽريز، ڪيڪ، چانهه، ڪافي، چپس ۽ ڪيترن قسمن جون کائڻ لاءِ چٽپٽيون شيون_ ٻين به ڪيترن قسمن جون شيون، جن جا نالا ئي نه ٿا اچن. پر ٻين کان پُڇي پوءِ کائون. ڪٿ ڪٿ ناشتي ۾ اُٻاريل مڇي يا گوشت به ڏين. اسان جي ناشتي ڪندي نور ۽ ونود به آيا، جن به ناشتو ڪيو ته تقريباّ سڄي ڏينهن جي، بروسلز شهر جي ٽوئر لاءِ بس ۾ چڙهي روانا ٿياسين.
بيلجيم ملڪ ۾ توهان کڻي ڪٿي به گهمڻ وڃو پر نيٺ بروسلز اچڻو پوندو. هي شهر ملڪ جو مکيه هوائي بندر آهي، جيڪو پوري ملڪ کي ڳنڍي ٿو. انهيءَ سان گڏ هي شهر انگلش چينل تي قائم بندرن کان نڪرندڙ مکيه شاهي رستن تي قائم آهي. اهو فرانس ۽ هالينڊ جي وچ ۾ وڇايل ريلوي لائين تي پڻ واقع آهي. تجارتي ۽ سياسي طور تي گهٽ اثر رکڻ جي باوجود هتي ترسڻ جي بجاءِ ٻئي ماڳ وڃڻ سان اوهان کي وڌيڪ ڇيهو رسندو. هت يورپ جون بهترين عمارتون اڏيل آهن، ۽ ڪيترا ئي عجائب گهر قائم ڪيا ويا آهن. هتي وچئين دؤر ۾ تعمير ٿيل سٽي سينٽر پڻ موجود آهي. تنهن کان سواءِ شهر ۾ زندگيءَ جي عجيب چهل پهل متل آهي. روايتن جون رونقون ته دائما دلربا آهن. خاص ڪري پرڏيهي ماڻهن واري علائقي ۾، هتي آفريڪا، ترڪي ۽ رومي سمنڊ جي ڪنارن جا ماڻهو ۽ پوري يورپ جو ڪامورو طبقو ۽ واپاري طبقو اچي آباد ٿيو آهي.
شهر جو اصل نالو Broek Zele يعني ”سم ۽ ڪلر وارو ڳوٺ“ تان اخذ ڪيو ويو آهي. شهر سين Senne نديءَ جي ڪناري تي قائم ٿيو، جيڪا ڇهين عيسوي صديءَ ۾ ڪشادي پر البت تانگهي ندي آهي. ڪولون، بروجز، ۽ گهينٽ شهرن واري تجارتي رستي تي شهر بريبينٽ Brabant جي ڊيوڪن جي قبضي ۾ آيو. پوءِ اهو برگنڍي Burgundy جي حڪمرانن جي حوالي ٿيو، ۽ آخر ۾ اسپين جي تسلط هيٺ رهيو. اسپين جي قبضي دؤران اسپيني بيٺڪ جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ٿيو. پوءِ جڏهن نيدر لينڊس جي گڏيل بادشاهت قائم ٿي، تڏهن ان جي گادي هيگ شهر ۾ قائم ٿي، تڏهن بروسلز کي ان جي گاديءَ جو هنڌ بنايو ويو. اوڻيهين صدي عيسويءَ ۾ بروسلز يورپ جي جديد راڄڌانين ۾ شامل هو. جن ۾ سماجي لحاظ کان زندگيءَ جون سموريون شيون موجود هيون. شهر ۾ ڪيترا ئي شاهي رستا تعمير ٿيا، جن تي جام وڻڪاري ڪئي وئي؛ جنهن ڪري ان کي بوليوارڊس Boulivards سڏيندا هئا. شهر جي مرڪز ۾ سين نديءَ کي ڇانيئو ويو. شهر جي غليظ علائقن جي صفائي ٿي ۽ عاليشان عمارتون تعمير ٿيون، ٻي عالمي جنگ کان وٺي شهر ۾ جديد ڪاريءَ جو عمل جاري آهي. ناٽو NATO ۽ يورپين يونين E.U جو هيڊ ڪواٽر مقرر ٿيڻ سبب، هتي ڪئين ترقياتي منصوبا زير تعمير آهن. شهر ۾ زير زمين جديد ميٽرو ريل سسٽم پڻ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شهر جو مرڪز پنجن شاهي رستن (جن تي وڻڪار آهي) جي گهيري ۾ آهي، انهيءَ گهيري کي پينٽٽ رنگ Pentit Ring سڏيندا آهن. اهي رستا يا پينٽٽ رنگ چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ شهر کي ڏنل ديوارن موجب تعمير ڪيا ويا. طبعي لحاظ کان شهر ٻن حصن (Upper Town) مٿانهون شهر (Lower Town) هيٺانهون شهر ۾ ورهايل آهي. شهر جي پسگردائيءَ ۾ جيئن جيئن مٿي ويندا، تيئن تيئن مهانگائي وڌندي ويندي. اصل شهر جو وڏو حصو هيٺانهين شهر ۾ شامل آهي. وچئين دؤر جي مکيه يادگار بروسلز جو عظيم محل آهي، جيڪو شايد پوري يورپ ۾ بهترين سينٽر آهي، جنهن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. هن هنڌ کان ڏکڻ وارو حصو مارولس ڊسٽرڪٽ سڏجي ٿو، جتي مزدور طبقي جي رهائش آهي. گيئرڊيو مڊي (Gare du Midi) واري علائقي ۾ پرڏيهي ماڻهن سڪونت اختيار ڪئي آهي.
شهر جي اترئين ڀاڱي ۾ نيووِ (Neuve) (Shopping Street) شاهي بازار، روجيئر Rogier محل ۽ گئر ڊيونارڊ (Gare du Nard) ايريا تائين پکڙيل آهي Hante de la ville (مٿانهون شهر) کان باقي شهر بلڪل نرالو آهي. هتي اڏيل عمارتن ۾ سنگتراشي جو ڪم گهڻو ٿيل آهي. قديم بوليوارڊ به هتي جي نرالائي ۾ شامل آهي. هن حصي ۾ پارليامينٽ، سرڪاري آفيسون، عجائب گهر ۽ زبردست بازارون ٺهيل آهن.
اسان سٽي ٽوئر جي بس ۾ هاڻ هيٺانهون شهر ڏسڻ وياسين. شهر جي هن ڀاڱي ۾ گهمڻ واسطي پهرين اهم جڳهه (Grand Place) گرانڊ پليس آهي. هي هنڌ وچئين دؤر کان وٺي شهر جو تجارتي مرڪز رهيو آهي. وچئين دؤر ۾ هتي ٺهيل اصل جاين مان فقط ٻه جايون هڪ هوٽل ڊي ولي (Hotel de ville) ۽ ٻيو گلڊ هائوس Guild house اڃا موجود آهن. باقي سموريون اصلوڪيون مکيه عمارتون سن 1695ع ۾ فرينچن طرفان سانده 36 ڪلاڪن تائين بمباري ڪرڻ سبب تباهه ۽ برباد ٿي ويون.
اسان بس مان لهي پنهنجي گائيڊ جي سربراهيءَ ۾ هوٽل ڊي ولي اندر وياسين. هوٽل ڊي ولي جو شان شوڪت اڃا تائين قائم آهي. منجهس ڪيترائي سرڪاري ڪمرا ۽ دفتر آهن. انهن سڀني ۾ ڪائونسل چيمبر (Council Chamber) وڌيڪ سهڻو آهي. اهو سورهين عيسوي صديءَ ۾ تعمير ٿيو. انهيءَ کي ”گلٽ مولڊنگس“ يعني ڇپرن تي چمڪندڙ ڪنارين سان سينگاريو ويو آهي. جن تي سهڻيون تصويرون ٺهيل آهن. چيمبر جو فرش اَڪ ۽ ايبوني ڪاٺ جي پيوندڪاريءَ سان جَڙيو ويو آهي. ٻي عجيب شيء هڪڙي مشين آهي: جيڪا فرينچ ۽ فليمش ٻوليءَ جي سمجهاڻي ۽ وضاحت لاءِ نصب ٿيل آهي، ڇو ته هتي ڪائونسلرن طرفان مٿيون ٻئي ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون.
نور، مون کي ۽ ونود کي برگر کائڻ لاءِ ڏنو، جنهن کان پوءِ اسان گلڊ هائوس وياسين. حقيقي عظمت واري جڳهه، گلڊ هائوس، جنهن جي مهاڙيءَ تي بهترين چٽسالي ۽ نفيس ۽ حسين مجسمن جي سنگتراشي کيس پاڻ مرادو مشهور ڪيو آهي. هن عمارت جو الهندو پاسو پڻ پرڪشش تصويرن سان آراسته آهي، جن ۾ هڪ طرف معصوم ٻار راند کيڏي رهيا آهن، ته ٻئي طرف گلڊ جي دروازي مٿان هڪڙو لومڙ اُڀکڙو ويٺل آهي؛ سندس رنگ سُنهري آهي.
دروازي جي ڀر ۾ ٻيڙياتن جو گلڊ آهي. انهيءَ جي خصوصيت اها آهي ته انهيءَ جي مٿئين طبقي جي شڪل بحري جهاز جي پوئين حصي جهڙي آهي. اها جڳهه سن 1697ع ۾ جوڙي ويئي. انهيءَ جي ڀرسان بيڪرس جو گلڊ (Baker`s Guild) آهي. انهيءَ جي مهاڙيءَ تي چارلس پنجين جو مجسمو نصب ٿيل آهي، جنهن جي اڳيان هڪڙو آفريڪي ۽ ٻيو هندستاني ماڻهو عاجزيءَ ۾ ڏيکاريل آهن. انهيءَ مان چارلس جي وڏي بادشاهت جو تاثر ملي ٿو. هن علائقي جي اترئين طرف (Maison du Roi) ميسن ڊِيُو روئي نالي جديد گوٿڪ طرز تعمير موجب هڪ مضبوط ۽ عاليشان عمارت ٺهيل آهي. انهيءَ عمارت ۾ هن وقت (Musee de La Ville de Bruselles) نالي عجائب گهر قائم آهي، جتي بروسلز شهر جي تاريخ مختلف نقشن، ماڊلس ۽ نوادرات ۽ نگارشات سان مختصرا پيش ڪيل آهي. تنهن کانسواءِ دنيا جي مختلف وڏن ماڻهن جا ملبوسات پڻ مختلف مجسمن تي آراسته آهن. هيءَ عمارت پڻ سورهين عيسوي صديءَ ۾ نئين سر تعمير ڪئي وئي هئي.
هن اسڪوائر جي سامهون (Maison des Brasseurs) ميسن ڊيس بريسيئرس نالي هڪ جڳهه آهي جنهن ۾ بُروئري ميوزيم Brewery Museum يا سي. بي. بي. ميوزيم (CBB Museum) قائم ڪيو ويو آهي. اهو اصل ۾ ڪَلاٿِڪو هٽ هو. هت سياحن کي بيئر مفت ۾ پياريو وڃي ٿو. اسان جي ٽوئر وارن مان مفت جو بيئر ٿورن پيتو، مون به نه پيتو، ڇو ته سڄي زندگي ۾ ڏينهن جو وسڪي يا بيئر مون فقط ٻه يا ٽي ڀيرا استعمال ڪيو آهي. ته عياشي يا_ بدمعاشي سڀ ڪجهه آفٽرسن سيٽ (After Sun Set) ٿئي. هتي شراب ۽ بيئر، چڪائڻ لاءِ ڪم ايندڙ شين جي نمائش لڳل آهي. هتي بريبينٽ علائقي جي چوڏهين صديءَ ۾ پيدا ٿيل سورمي جو مجسمو پڻ رکيل آهي. جنهنجو نالو ايوارڊ ٽي سرڪليئس (Evrard t Serclaes) ڄاڻايل آهي. ماڻهو خوشقسمتي خاطر انهيءَ مجمسي جي ٻانهن تي هٿ گهمائيندا آهن، جنهن ڪري انهيءَ جون ٻانهون تمام لسيون ٿي وين آهن. گهٽي جي هيٺئين طرف ننڍي ڇوڪري جو مجسمو رکيل آهي، جنهن کي ارِوَرينٽ اسپرٽ (Irreverent Spirit) يعني نه ورندڙ يا موٽي نه ايندڙ روح سڏين ٿا. مجسمي ۾ ٻار پيشاب ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. اڄڪلهه هن مجسمي کي ڏسڻ لاءِ تمام گهڻا سياح اچڻ لڳا آهن. هت ٻار کي پيشاب ڪندي ڏيکاريل مجسما وڪري لاءِ توهان کي هر هنڌ ملندا. موجوده مجسمو اصل جي ڪاپي يا نقل آهي. اصل مجسمو جيروم ڊيوڪئسنوئي (Jerome Duquesnoy) سنگتراش جو ٺهيل هو. اهو ڪيترائي ڀيرا چورائبو رهيو ۽ نيٺ موجوده نقل هتي رهجي ويو. گرانڊ پليس جي سامهون (Rue des Bouchers) ريوڊيس بوچَرس نالي کائڻ پيئڻ جي ريسٽورانٽن جي يڪي بازار آهي. هتي مڇي ۽ کاڌي جون ٻيون سامونڊي شيون سيلاني ماڻهن لاءِ هميشه حقيون آهن. مون ۽ مِنا مڇيءَ جا پيس ورتا، نور چڪن جا ۽ ونود آئس ڪريم کاڌي. ٿورو اڳتي وري گيلريز سينٽ هُبرٽ (Galaries St: Hubert)نالي وڌيڪ سٺيون ڪيفيز ۽ شاپس آهن. هتي وري عجيب ۽ نئين ڪيفيت واري ڪشمش لڳي پئي آهي. اسان گرانڊ پليس مان ٻاهر نڪري اڳتي بورس (Bourse) يعني اسٽاڪ ايڪسچينج وٽ پهتاسين. هيءَ عمارت سن 1873ع ۾ تعمير ٿي ۽ هتي ميوات جي هر ذات ۽ نيم عريان ماڻهن جي پيهه سبب، ايسپيچ (Aspeach Boulevard) شاهي وڻراهه جي جهلڪ پويان رهجيو وڃي. ساڄي طرف بروسلز جو جديد تجارتي مرڪز (Place de Broukere) پليس ڊي بروڪر آهي. هيءُ گهڻي رش وارو هنڌ آهي. جتي ٽريفڪ جام هوندي آهي. هتي بيشمار اشتهار لڳل آهن. هن مرڪز جي ڀرسان هڪڙي ٻي جديد طرز تعمير واري عمارت، ٿيٽر ڊي لامونائي (Theatre de la Monnaie) نالي شهر جو اوپيرا هائوس آهي. هتان کان اتر طرف ويندڙ هڪڙي بازار آهي. جنهن ۾ فقط پيدل وڃي سگهبو. هت ڪابه سواري نٿي وڃي سگهي. اٽليءَ جي قديم تاريخي شهر فلورينس وانگر. هي گهٽي پليس راجيئر (Place Rogier) وٽ وڃي ڇيهه ٿي ڪري، جنهن جي پويان وري گيئر ڊيو نارڊ (Gare du Nord) ۽ ريڊلائيٽ ايريا (Red Light Area) آهي. مٿي ڄاڻايل بازار جي مٿين طرف ڪجهه پنڌ اڳتي پليس ڊيس مارٽرس (Place des Martyrs) نالي هڪڙي شاهي عمارت آهي، جنهن جي آسپاس پراڻين عمارتن ۾ نئين تبديلي آڻي، کين رهائش جي جڳهين طور ڪم پيا آڻين. هنن عمارتن ۽ اپارٽمينٽس جي پويان ميگيسنس وائوڪئيز (Magasins, Vaucquez) نالي عمارت ۾ سينٽر بيلج ڊي لا بينڊ ڊزني (Centre Belge dela Bande Dessinee) ۾ بيلجيم جي مزاحيه ادب ۽ ڊرامن جي تاريخ جي نمائش ٿيندي آهي. هتي بيشمار ڪارٽون ۽ ٻيا مزاحيه پروگرام ڏيکاريا وڃن ٿا. انهن ۾ هتي جا مشهور مزاحيه خاڪا هرج ۽ ٽنٽين (Herge and Tintine) به شامل آهن.
گرانڊ پليس جي مخالف رخ ۾ ناٽرڊيم ڊي لاچيپل (Notre Dame de la Chapelle) نالي چرچ جي عظيم عمارت آهي. هيءَ گوٿڪ طرز تعمير جو سهڻو نمونو آهي، جيڪو سن 1210ع ۽ 1300ع جي وچ ۾ تعمير ڪيو ويو هو. هيءُ شهر جو سڀني کان پراڻو چرچ آهي. هن چرچ جي خاص ڳالهه سندس ڏاکڻي ڀاڱي ۾ قائم ٽئين نمبر ڇوٽي محراب مٿان پيٽر بُروگل ايلڊر (Pieter Bruegel the Elder) جو قبو آهي جنهن بابت قياس آرائي اها آهي ته هو رِيُو هانٽ 132 واري ڪنڊ وٽ رهندو هو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين.
رُيو هانٽ، ڪوارٽيئر ميرولس (Quartier Marolles) علائقي ۾ ريڙهه يا ڪرنگهي واري حيثيت جو حامل آهي. هن علائقي ۾ سستا دُڪان، ريسٽوران ۽ بارون آهن. ڪنهن وقت هيءُ علائقو سيبلون مينشن تعمير ڪندڙ ڪاريگرن جو مرڪز هوندو هو. اڄڪلهه هن علائقي ۾ صاحب سيرت ماڻهن جي اچ وڃ ٿئي ٿي. مگر ڪوارٽيئر ميرولس جي دل يعني (Place Jue de Balle) آچر جي ڏينهن شهر جي وڏي مارڪيٽ جي حيثيت اختيار ڪريو وڃي. گيئر ڊيومڊي اسڪوائر جي چوڌاري موجوده علائقي ۾ اُتر آفريڪي ماڻهن جي اڪثريت رهائش پذير آهي. هي علائقو پٺتي پيل آهي، جتي ڏينهن واري وقت ۾ ڪئين تڪليفون ته ڪڏهن راتين ۾ خطرو موجود رهي ٿو؛ تنهن ڪري سياحن کي رات جي وقت هن علائقي ۾ نه وڃڻ گهرجي. هن علائقي ۾ آچر جي صُبح واري وقت وڃڻ موزون آهي، ڇو ته انهيءَ ڏينهن اسٽيشن جي آسپاس بازار لڳندي آهي.