7
اٽليءَ ۾ گهڙي پيا آهيون. يارن وڃڻ کان اڳ جيڪي هدايتون جاري ڪيون هُيون انهيءَ ۾ اها سمجهاڻي به ڏنل هئي ته اٽليءَ جون ڇوڪريون چور ۽ وڏيون شاطر آهن. اٽلي ٻنهي عالمي جنگين ۾ جپان، جرمني وانگر مک فيڪٽر هو ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ جرمنيءَ جو اتحادي هو.
ٻي جنگ عظيم ۾ هٽلر مَسُولينيءَ جي لاش جو روم ۾ حشر ڏسي، جيڪو ڪيترا ڏينهن روم ۾ ٽنگيو پيو هو، ۽ کيس پکي پکڻ کائي رهيا هئا. هٽلر جنگ هارائڻ کان ٿورو اڳ پنهنجي سريت ايوابرائون سان گڏ خودڪشي ڪري پاڻ کي ساڙائي، لاش گم ڪرائڻ جا احڪام جاري ڪري ڇڏيا.
يورپ جي سمورن ملڪن جي ڀيٽ ۾ جائزي ڪارڻ ورهاست ڪرڻ ۾ اٽليءَ جو ملڪ سڀ کان وڌيڪ ڏکيو آهي. هيءُ هڪڙو جديد صنعتي ملڪ آهي، جيڪو دنيا ۾ جدت ۽ فيشن جو پايو وجهندڙ معمار ۽ اڳواڻ حيثيت جو حامل آهي. ساڳئي وقت ٻئي طرف اهو ڏاکڻي ڀاڱي ۾ زرعي معيشت جو حامل رومي سمنڊ واري جاگيرداري نظام سان واڳيل ملڪ به آهي. شهرن توڙي ڳوٺن جا ماڻهو منجهند جو آرام واسطي ڪجهه وقت ضرور سمهندا آهن. شايد مانيءَ کان پوءِ سنڌين وانگر لسي پيئندا آهن، جو منجهند جو ننڍ ٿي لڳين. گرم ملڪن ۾ گهڻو ڪري ماڻهو منجهند جو آرام ڪندا آهن، ۽ اٽليءَ جو به وڏو حصو ڪافي گرم آهي، ۽ سندن گهر به انهي حساب سان ٺهيل آهن. جن ۾ درين ۽ ورانڊي جو خاص بندوبست ٿيل هوندو آهي. ڪن ماڻهن ۾ اها عادت يا هير به ٿيندي آهي. شهيد ڀٽو گرم ملڪ جو هو، پر منجهند جو آرام ڪونه ڪندو هو. چرچل سرد ملڪ جو هو پر منجهند جو باقاعده آرام ڪندو هو. ٻيو ته ٺيهو پر ٻي جنگ عظيم جي دؤران به پنهنجي آفيس ۾ منجهند جو باقاعدگيءَ سان آرام ڪندو هو. هت قديم خانداني رواجن ۽ رومن ڪيٿولڪ عيسائي فرقي جي مذهبي رسمن ۽ روايتن جي ادائيگي پابنديءَ سان ڪئي ويندي آهي. مڪاني طور تي يا علائقائي سطح تي عموماّ ماڻهو ڪيترين ئي ريتن ۽ رسمن ۾ مشغول آهن. پر منجهن واحد گڏيل خاصيت گهمڻ ڦرڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۽ اجتماعي رسمون ادا ڪرڻ آهي. انهيءَ کانسواءِ ملڪ کي هڪڙو زبردست مقامي ورثو تمام وڏي مقدار ۾ حاصل آهي. مثلاّ فقط هڪڙي شهر ٽسڪيني (Tuscany) ۾ موجود فني نوادرات ۽ ثقافتي يادگارن جو تعداد ايترو گهڻو آهي، جو دنيا جا ڪيترائي اهڙا ملڪ به آهن، جن ۾ نوادرات ۽ يادگارن جو ايترو ڪثير تعداد ڪونهي. تنهن کانسواءِ ملڪ جي هر علائقي ۾ مخصوص يادگار ۽ فني نوادرات ۽ شاهڪارن جا ذخيرا موجود آهن، جن کي عالمي شهرت حاصل آهي.
اٽليءَ جو ملڪ سن 1861ع تائين علائقائي حالت سبب متحد نه رهي سگهيو. هن وقت ملڪ اُوڻيهَن انتظامي علائقن يا ضلعن ۾ ورهايل آهي. پر ملڪ جي مکيه تفريح اتر ۽ ڏکڻ جي صورت ۾ موجود آهي. اٽليءَ جي اتر وارو ڀاڱو دنيا جي ترقي يافته صنعتي سوسائٽين مان هڪڙو آهي، ته ان جي ابتڙ ملڪ جو ڏاکڻيون حصو يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ پٺتي پيل علائقو آهي.
ملڪ جي اتر اولهه ۽ لومبارڊي وارا علائقا ۽ ٽورن ۽ مِلانِ وارا ٻه مکيه مرڪز، شاهوڪار اتر جي نمائندگي ڪن ٿا.
ڏکڻ ۾ ساحلي علائقو لِگوريا (Ligurea) رومي سمنڊ جي ساحلي تفريح گاهه طور مشهور آهي. اونهاري جي مند ۾ تفريح ڪندڙن جو وڏو تعداد هتي اچي ٿو. هيءُ هڪ سهڻو ساحل آهي، ۽ سندس صدر مقام جينوئا (Genoa) زبردست بندر آهي؛ جنهن جي جهوني تجارتي روايت اڃا قائم آهي.
اُتر اوڀر وارن علائقن وينيٽو (Veneto) ۽ گاليا (Giulia) جو مرڪزي شهر وينس (Venice) آهي، جنهن جو هر گوشو سراپا سونهن آهي. انهيءَ سونهن کي اميد ته اڄ ڏسبو، جنهن جو احوال اڳتي ايندو، ۽ انهيءَ جي تعريف ڪرڻ وارا اڪيلا توهان ڪونه هوندا. سيلاني ۽ تفريح ڪندڙ ماڻهن جو تعداد وڌڻ سبب شهر جي آسپاس ۾ تاريخي اهميت وارا ننڍا شهر ويرونا (Verona) پاڊوئا (Padua) ۽ وائسينزا (Vicenza) گهيري (Arc) جي صورت ۾ موجود هئڻ سبب تفريح جي وڌيڪ سهوليت فراهم ڪن ٿا.
ڏکڻ واري علائقي ايميليا روميگنا (Emilia Romagna) کي عالمي جنگ کان پوءِ اٽليءَ جي صنعتي مرڪز واري اهميت حاصل آهي. هن علائقي جو سامونڊي ڪنارو اٽليءَ وارن وٽ گهڻو مشهور آهي. خاص ڪري رمني (Rimini) جيڪو اٽليءَ جي بهترين سامونڊي تفريح گاهه آهي، هتي جي زندگيءَ ۾ عجيب چهل پهل آهي. وچ اٽلي بلڪل عام حيثيت رکندڙ علائقو آهي، جنهن ۾ Tuscany ٽسڪيني ۽ ان جي آسپاس وارا شهر فلورينس (Florence) پيسا (Pisa) ۽ سينا (Siena) موجود آهن، جتي فني شاهڪارن جا ڪيترائي عجائب گهر ۽ ڪيترائي ثقافتي ۽ تاريخي يادگار موجود آهن. هتي دنيا مان تمام گهڻا سياح سير ۽ تفريح لاءِ اچن ٿا. اڪثر گهڻي رش سبب ماڻهو آسپاس وارن ننڍن شهرن امبريا (Umbria) پيرُوگيا (Perugia) اِسپوليٽو (Spoleto) اسيسي (Assisi) اَرِبينو (Urbino) ڏانهن وقت گذارڻ ويندا آهن.
اولهه طرف وارو لازيو (Lazio) جو علائقو پوئتي پيل آهي، انهيءَ ئي علائقي ۾ روم جو عظيم شهر آهي، جيڪو ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي. ڪيمپنيا (Campania) علائقي جو مرڪزي شهر نيپلس Naples ڏکڻ اٽليءَ جو روحاني مرڪز سڏجي ٿو. هن شهر جي ويجهو پومپي (Pompeii) ۽ هَرِڪِيوُلينِيئم (Herculaneum) وارا قديم ياگادر موجود آهن.
پُگليا (Puglia) شهر ۾ پڻ عجيب غريب تفريحات موجود آهن. هن علائقي کي اٽليءَ جي کُڙي (Heel of Italy) سڏين ٿا. سِسلي ملڪ جي ڏکڻ ۾ جداگانه ٻيٽ آهي، جتي مقامي قانون بالادست آهي. هيءُ گهڻين روايتن ۽ رسمن جو آماجگاهه آهي. هتي يورپ جو قديم ثقافتي خزانو موجود آهي ته ان سان گڏ جديد سامونڊي تفريح جو سامان پڻ حقيو آهي.
ٽورمينا (Tormina) ۽ ساردينيا (Sardinia) هتي جون مکيه ساحلي تفريح گاهون آهن، جتي پهچي هرڪو لطف اندوز ٿيندو آهي. پاڻ وٽ حيدرآباد ۾ اورينٽ هوٽل کي پوءِ نالو بدلائي ساردينيا هوٽل رکيئون، جيڪو نالو انهيءَ هوٽل تي ڪافي سال هليو، جيستائين وڃي بند ٿي. حيدرآباد شهر ۾ ڪنهن زماني ۾ هيءَ هوٽل پنهنجو مٽ پاڻ هئي. هاڻ انهيءَ جڳهه تي اورينٽ پلازه نالي بلڊنگ ٺهيل آهي. اٽلي يورپ جي اميرن ملڪن مان هڪ آهي ۽ جي سيون G. 7 ملڪن يعني دنيا جي ستن امير ترين ملڪن هر هڪ ڪئنيڊا، آمريڪا، جپان، انگلينڊ، فرانس، جرمني سميت اٽلي به هڪ آهي. اهي ملڪ پنهنجي دولت جي زور تي ورلڊ بئنڪ IMF (انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ) کي هلائي رهيا آهن. ۽ پنهنجن قرضن جي ڪري ٽين دنيا جي غريب ملڪن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي، انهن کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، جيئن اسان جو ملڪ جيڪو پڻ اٺٽيهه بلين ڊالرن جو قرض کڻي، هاڻ انهن ادارن ۽ ملڪن اڳيان بي وس ٿي پيو آهي. جيئن ٿا اهي ملڪ چون تيئن ٿو ڪري، ۽ انهيءَ دٻاءَ جي ڪري ملڪ جي غريب توڙي امير ماڻهن جي حالت وڃي ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي.
1947ع ۾ هڪ ڊالر ۽ هڪ روپيو برابر هوندا هئا. پوءِ پنجويهن سالن کانپوءِ شهيد ڀٽي جي دؤر ۾ اهو ڊالر پنجن روپين کي وڃي پهتو. پر انهيءَ کانپوءِ وارن پنجويهن سالن ۾ هڪ ڊالر جيڪو پنجن روپين جي برابر هو. سو اڄ 68 اٺهٺ روپين يعني پهرئين پنجويهن ۾ وڌيو پنج روپيه ۽ پوئين پنجويهن سالن ۾ وڌيو ٻاهٺ 62 روپيه ۽ پهرين ڊالر سالن پڄاڻان وڌندو هو، هاڻ هر روز ٿو وڌي. يعني 1947ع ۾ اسان هڪ شيءِ ورتي ٿي هڪ ڊالر ۾. وري 1977ع ۾ ورتي پنجن ڊالرن ۾ ۽ اڃ اها شئي وٺون 68 اٺهٺ روپين ۾! سڄي دنيا ۾ ڪنهن ملڪ جي شاهوڪاريءَ جو اهڃاڻ آهي انهيءَ ملڪ جي سڪي جي طاقت، پر جي دنيا جي مارڪيٽ ۾ ڪنهن ملڪ جي سڪي جي اهميت نه آهي، ڪوبه دُڪاندار توهان کي نيويارڪ، لنڊن، ٽوڪيو ۽ پئرس شهر ۾ ڪنهن ملڪ جي سڪي وٺڻ کان انڪار ڪري، معنيٰ اهو ملڪ معاشي طرح سان ختم ٿي چُڪو آهي ۽ ٻيو ڪنهن ملڪ جي شاهوڪار هئڻ جو مثال آهي ته انهيءَ ملڪ ۾ ٻاهرين دولت اچي پئي يا پنهنجي ئي ملڪ جي دولت ٻاهر پئي وڃي؟ جي، پنهنجي گهر جا ٽپڙ ٻاهر پيا وڃن ته پوءِ رهيو ڇا؟ آخر ڪيستائين اهو ملڪ بچندو. سو ذڪر پئي هليو ته اٽلي دنيا جي ستن امير ترين ملڪن مان آهي، ۽ G_7 ملڪن جي گروپ جو هڪ مُک ميمبر آهي؛ جيڪي سڄي دنيا جي دولت تي قبضو ڪريو ويٺا آهن.
اسان جي گائيڊ اسان کي ٻُڌايو ته توهان هاڻ جلد دنيا جي حسين ترين شهر وينس ۾ پهچڻ وارا آهيو. ڪابه تڪڙ جي ڳالهه نه آهي. توهان جي لاءِ بوٽس وينس، جون جڳ مشهور گنڊولا نالي ٻيڙيون، کاڌي لاءِ هوٽل ۾ بندوبست ۽ توهان کي وينس گهمائڻ لاءِ هتي جا گائيڊ منتظر بيٺا هوندا. توهان رڳو منهنجي پٺيان اطمينان سان پيا هلجو، ته جيئن آئون توهان کي سمجهايان تيئن هلندا هلو. ڀري کان سمنڊ اندر وڏيون وڏيون گرجائون، محل محلاتون نظر اچي رهيا آهن. نور ۽ ونود ٻين سياحن وانگر بس جي درين مان اُٿي بيهي فلمون پري ۽ فوٽا ڪڍي رهيا هئا. اسان آهستي آهستي وينس جي ويجهو اچي رهيا آهيون. جت هاڻ وڏين وڏين گرجائن، ڪئٿيڊرل ۽ محلن سان گڏ ننڍا وڏا گهر به نظر اچي رهيا آهن. اسان جي بس ٻين سياحن جي بسن سان گڏ سمنڊ جي ڪناري تي بيٺي آهي. اڄ اسان کي سڄو ڏينهن ۽ هڪ رات هت گذارڻي آهي. اسان آهستي آهستي ٿي بس مان لهون پيا. هيٺ لهندي مون ڏٺو ته هيٺ بيشمار سياحن جون بسون بيٺل آهن. جن ۾ ڪاسموس وارن جون اسان جي بس کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون بسون بيٺيون آهن. ملڪ ملڪ جا هزارين سياح سڄي دنيا ۾ پيا گهمن ۽ پنهنجون موڪلون ملهائين. جن جا ڏينهن عيدون ۽ راتيون ڄڻ ته سڀ سهاڳ جون راتيون. چؤطرف خوشيون ۽ ٽهڪڙا، هڪٻئي سان مرد ۽ عورت ملن ته ڳلن تي چمي ڏيئي پوءِ ملن. سڀ سياح ڄڻ ته بهار جي گلن وانگر ٽڙي پيا هجن. سياحن کي بدن تي مختصر ڪپڙا، هٿن ۾ مووي ڪيميرائون ۽ ٻيون وڏن وڏن لينسن واريون ڪيميرائون، ايڪڙ ٻيڪڙ سياحن کي هٿن ۾ مينهن کان بچڻ لاءِ برساتي ڇٽيون.
اسان جي گائيڊ اسان کي هڪ تمام وڏي بوٽ ۾ ويهڻ لاءِ چيو، ۽ اسان سڀ سندس ٻُڌايل بوٽ ۾ چڙهي، سمنڊ اندر وينس جي هن عجيب غريب شهر اندر ڪاهي پياسين. سمنڊ اندر سوَنَ جي تعداد ۾ سياحن سان ڀريل لانچون اچي ۽ وڃي رهيون آهن، ۽ سياح هڪٻئي کي ڏسي کلي هٿ لوڏي سلام ڪري رهيا آهن، ۽ اسان به شيڪسپيئر جي ڊرامي The merchant of Venice (دي مرچنٽ آف وينس) جي ڪردارن کي ياد ڪري وينس ڏانهن وڌي رهيا آهيون؛ ۽ اسان جي بيٺي سمنڊ ۾ تري نه پر ڊوڙي اڳتي وڃي رهي آهي. مِنا کي پري کان وينس ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪبوتر ڏسڻ ۾ آيا، ۽ اسان کي ٻڌائين ته ڪيترا نه ڪبوتر آهن. پر هي سوئيزرلينڊ وانگر سفيد نه، پر پنهنجي ملڪ جي ڪبوترن جهڙا رنگ جا ڀورا ۽ ڪارڙا آهن. ٻيڙي وڌيڪ تيز هلي رهي آهي، جنهن ڪري سندس گوڙ سان گڏ پٺيان نڪرندڙ پاڻي جو آواز به وڌي ويو آهي. اسان جي بوٽ هڪ وڏي ڪاٺ جي دڪي اڳيان اچي بيٽي، جيڪو ڪافي سمنڊ اندر آهي ۽ سندس ڀرسان وڏا وڏا ڪاٺ اڀا ٿيا پيا آهن؛ جيڪي هيٺ شايد سمنڊ ۾ کُتل آهن. اسان جي بوٽ جو دروازو کُليو ۽ اسان هڪ هڪ ٿي هيٺ لٿاسين. هيٺ هڪ وڏو بورڊ لڳو پيو آهي، جنهن تي هي اکر لکيا پيا آهن: Gandala Serviz يعني سروس اکَر ۾ (S) جي بدران (Z) زيڊ لکيو پيو آهي.
اسان جي گائيڊ اسان کي سمجهايو ته جيستائين توهان جو وينس جي شهر ۾ گنڊولا ۾ سير شروع ٿئي، تيستائين توهان چانهه يا ڪافي پي وٺو ۽ ٿورا فريش ٿيو. ته پوءِ وينس جي پاڻي جون گهٽيون گهمڻ ٿا هلون جنهن ۾ ڪافي وقت لڳندو. توهان اڳ ۾ ئي بس ۾ ڪافي سفر ڪري چُڪا آهيو. سو بهتر ٿيندو ته ٿورو ريليڪس (Relax) ٿيو ته پوءِ ٿا گنڊولا ۾ ويهون. پر زياده ۾ زياده توهان کي اڌ ڪلاڪ اندر واپس هن جڳهه تي ئي پهچڻو آهي، ۽ وري هتان ئي پاڻ کي وڌيڪ سمنڊ جي سير جو سفر شروع ڪرڻو آهي. اڌ ڪلاڪ ۾ ڇا گهمجي، سو به وينس جي شهر ۾، جيڪو سڄو پاڻيءَ جي اندر ٺهيل، جنهن جون گهٽيون پاڻيءَ سان ڀريل آهن. شهر جي ڪنهن به جڳهه، گرجا يا گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو واحد وسيلو ٻيڙي آهي. وينس ڪو مڪائو وانگر يا منهوڙي وانگر ڪونهي، جت ماڻهو چڙهي ته بوٽ تي وڃي ٿو، پر پوءِ ساڳيا منظر، جيئن پنهنجا ڳوٺ، شهر آهن. پر وينس ائين نه آهي. هي ڪو سمنڊ اندر جزيرو يا پهاڙي نه آهي. پر سمنڊ اندر پاڻي ۾ هڪ هڪ جڳهه ائين ٺهيل آهي جيئن پاڻ وٽ درياءَ يا سمنڊ اندر پُليون ٺهيل آهن. انهن جڳهين جي وچ ۾ رڳو پاڻي ئي پاڻي آهي. خشڪيءَ جو ته ڪو سوال ئي ڪونه ٿو اُٿي. سو ماڻهو هڪ گهٽيءَ کان ٻي گهٽي ۾ سواءِ ٻيڙيءَ جي ته وڃي ئي ڪونه ٿو سگهي. هت جيئن پاڻ وٽ ماڻهن جي بنگلن جي اڳيان ڪارون بيٺيون آهن تيئن وينس جي هر گهر جي اڳيان ٻيڙي بيٺي آهي. جنهن وسيلي ئي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه اچي وڃي سگهجي ٿو. ٻيڙيءَ کان سواءِ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ بلڪل ناممڪن آهي، توهان اُنهيءَ جڳهه جي اڳيان ٿورو گهمي ڦري سگهو ٿا، يا ڪٿ ڪٿ وڏا محل يا گرجائون آهن جن جي اڳيان وڏا اڱڻ يا صحن آهن، جن تي توهان گهمي ڦري سگهو ٿا. اهي هر هنڌ ڪونه آهن. جڳهيون گهڻو ڪري چار پنج ماڙ آهن، جن جي هيٺين فلورن تي دُڪان يا هوٽلون ۽ مٿئين فلورن تي آفيسون يا گهر آهن؛ جيڪي سڀ فليٽن وانگر آهن. جنهن ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ دريون به آهن جن تي نفيس پردا لڳل آهن، ۽ ڪافي تعداد ۾ ننڍيون بالڪونيون، جن کي لوهي گرلون لڳل آهن. هر فليٽ جي دريءَ تي رنگ برنگي گُل، ڪونڊين ۾ رکيل يا دريءَ کان باهر ڪنهن ڪِلَ ڪوڪي ۾ ٽنگيل آهن. فليٽ اهڙا نه، جهڙا يورپ جي ملڪن ۾ ٿين. پر بلڪل اهڙا جهڙا ڪراچي يا ممبئيءَ ۾ ٿين. اٽليءَ جي شهرن ۾ صفائي به يورپ جي ٻين شهرن جي معيار کان گهٽ آهي. اٽليءَ جا شهري به يورپ جي ٻين شهرين کان گهٽ مھذب آهن. مون روم شهر ۾ ٽريفڪ جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪيترين گاڏين کي ڏٺو. روم شهر ۾ پاڪيٽ مار يا ڳنڍي ڇوڙ توهان کي هڪ نه، پر سَوَن جي تعداد ۾ ملندا. اهڙا واقعا اسان جي ٽوئر گروپ وارن سان به ٿيا. جنهن ۾ ننڍن ڇوڪرن جو تعداد گهڻو_ سِسٽين چپل ۾ اسان جي هڪ گروپ جي عورت کان پرس ڦرڻ جي ڪوشش ڪيئون پر ڪامياب نه ٿيا. مطلب ته اٽليءَ ۾ اهڙا واقعا عام ڳالهه آهن. انهيءَ فن ۾ اٽليءَ جي ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪريون به گهٽ ڪونه آهن. پاڻ وٽ هت مرد چوريون ڪن، پر اٽليءَ ۾ عورتون به چوري ڪن.
بهرحال چانهه پي، ٿورو فريش ٿي، اسان سواءِ هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ جي، سڀ سياح گهڻو ڪري جت لٿا هئاسين اُتي ئي بيٺا هئاسين، ته اسان جو گائيڊ سڳورو، جنهن اسان کي ليوزرين ۾ مس گائيڊ ڪيو هو، سو پهچي ويو ۽ اسان کي ٻُڌائين ته هڪ هڪ گنڊولا يا ٻيڙيءَ ۾ ڇهه ماڻهو ويهندا، ۽ پاڻ اٽڪل ٻه ٽي ڪلاڪ چڪر لڳائي پوءِ لنچ ڪنداسين. اسان جي هن پروگرام ۾ سڀ سياح شامل هئا. آئون، مِنا نور، ونود ۽ هڪ هندستاني ۽ هڪ جپاني اسان سان گنڊولا ۾ ويٺا، ۽ اسان هاڻ وينس جي سير تي نڪري پياسين. اسان جي ٻيڙيءَ ۾ هڪ ٻيڙي هلائيندڙ ۽ هڪ اڪارڊيئن (Accordion) وڄائيندڙ به اسان سان گڏ هو. جنهن اسان کي بهترين سنگيت جون ڌنون ٻڌايون ۽ اٽلي زبان ۾ ڪلام ٻڌايو، جن جي ته خبر خدا کي هئي. ٻيڙيءَ ۾ ست اٺ ڪُرسيون پيل هُيون. جن مٿان ڳاڙهي بخمل جا ڪَوَر چڙهيل هئا ۽ انهيءَ تي هيڊي ڪَلر جي جهالر چڙهيل هئي. هيٺ ننڍو گهري رنگ جو ڪارپيٽ وڇايل هو. بوٽ هلائيندڙ ۽ اڪارڊيئن واري کي ڪاري پينٽ، سفيد شرٽ، ڪارو بوٽ ۽ ڪارو چشمو پيل هو. ٻنهي کي گلي ۾ سفيد اسڪارف پيل هو. ٻيڙي هلي ته ٻيڙي هلائيندڙ اسان کي گائيڊ طور هر گرجا، محل، جڳهه، پُل ۽ بندر بازارين جي باري ۾ انگريزي زبان ۾ ٻُڌائيندو هليو؛ ۽ مزي مزي جون ڳالهيون ٻڌائي اسان کي کلائيندو به رهيو. اڪارڊيئن واري اسان کي ڏاڍيون سهڻيون ڌُنون ٻڌايون ۽ اها ڌُن به ٻڌايائين جنهن کي هندستان جي مشهور فلمساز ۽ ايڪٽر راجڪپور ڪاپي ڪري، پنهنجي هڪ فلم ”ميرا نام جوڪر“ جو هڪ مشهور گانو ٺاهيو، جيڪو حد کان وڌيڪ مشهور ٿيو؛ گانو هو:
جانی کہاں گئے وہ دن کہتے تھے تیری یاد میں
نظروں کو ہم بچھائینگے۔
راجڪپور اهو گانو وينس ۾ گنڊولا ۾ سير ڪندي ٽيپ رڪارڊ ۾ ٽيپ ڪيو، ۽ پوءِ انهيءَ ڌن تي مٿيون گانون مُڪيش کان ڳارايو؛ جيڪو پوءِ هندستان کانسواءِ سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو. چوندا آهن ته نقل لاءِ به عقل گهرجي. سو راجڪپور نقل ته ڪيو پر عقل سان ۽ سدائين لاءِ هن گاني کي امر ڪري ڇڏيو. جيڪو اڄ به ٻُڌيو بدن مان سيسڙاٽ نڪريو وڃن. ڇا ته فلم هئي ميرا نام جوڪر ۽ ڇا ته گانو هو! انگريزي فلمن سان گڏ ڪيترين هندستاني فلمن جي پڻ وينس ۾ شوٽنگ ٿيل آهي. مون کي هڪ فلم وينس ۾ ڀريل ياد آهي، جنهن ۾ سينٽ مارڪ گرجا اڳيان جيڪي شروف هيروئن سان گڏ گانو ٿو ڳائي جنهن جا ٻول آهن ته:
دل تجھ کو چائے تو میں کیا کروں
اسان جي گائيڊ اسان کي هڪ جڳهه ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته هيءَ جڳهه جڳ مشهور سياح مارڪو پولو جو گهر آهي، جيڪو وينس جو رهاڪو هو. وينس ۾ ڪٿي ڪٿي تمام ننڍيون پُليون ۽ ننڍا پاڻي جا رستا هئا جن تي هلندي يا پُل ڪراس ڪندي، هيٺ جُهڪي ۽ ڪنڌ کي به هيٺ ڪرڻو ٿي پيو، ڄڻ ته جُهڪي ماڻهو لائون لهي رهيو آهي. باقي وينس شهر جون ڄڻ ته سمنڊ سان لائون لڌل آهن. پر اسان هي هروڀرو ڇو پيا لائون لهون! وينس شهر جي مُک مرڪز ۾ هڪ وڏي پُل آهي. جنهن کي انگريزيءَ ۾ چون ريالٽو برج (Rialto Bridge) ۽ اٽليءَ ۾ Ponte_ di_ Rialto (پورنٽي_ ڊي_ ريالٽو) چون. اسان شهر جي بلڪل ننڍين گهٽين ۽ پُلين ۾ گهمي رهيا آهيون. گنڊولا هلائيندڙ پري کان آواز ڏئي هڪ ٻئي کي هوشيار ڪن ته ترس، يا اڳتي نڪري وڃو؛ ڇو ته ڪافي جڳهين تي ٻن ٻيڙين گذرڻ جو رستو به ڪونه هوندو، جو اهڙين سوڙهين جڳهين مان گذرندي اسان کي انهن جڳهين کي تمام ويجهڙائي سان ڏسڻ جو موقعو مليو. ڪن جڳهين جي هيٺين فلورن تي صرف پاڻي ئي پاڻي نظر اچي رهيو هو. اسان درين مان گهرن ۾ رهندڙ مردن ۽ عورتن کي ڪم ڪندي، هلندي ڦرندي ڏٺو. گهر ۾ رهندڙ وڏا ۽ ٻار اسان کي کِلي سلام ڪري رهيا آهن. ڪن ڪن فليٽن جي اڳيان هوٽلون به آهن، جن تي ماڻهو ٻاهر ڇٽين هيٺان يا ڇٽين بغير ڪُرسين تي ويٺا ماني کائين يا ڪوڪ پيئن. اسان تقريباّ انهن ويٺلن سان ٽچ ٿي اڳتي ٻيڙيءَ ۾ وڃي رهيا آهيون. ٻيڙين وارا هڪٻئي سان زور زور سان پيا ڳالهائين ۽ کلن، پر ڪهڙي ڳالهه تان پيا کِلن، سا خبر کين هوندي. وينس شهر کي پهريون ڀيرو گهمندڙ سياح سير ۽ تفريح لاءِ ڪَنئِين خدشا ۽ توقعات رکندا آهن، ۽ اهي کين اڪثر ڪري حاصل پڻ ٿيندا آهن. هيءُ بيحد سهڻو شهر آهي. جتي وِکَ وِکَ وٽ توهان جي اڳيان اهڙو ته سحر انگيز منظر ايندو، جو توهان اتي ٿوري دير لاءِ ترسي، انهيءَ لڪاءَ کي ڏسي، منجهانئس لطف اندوز ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
شهر ۾ سياهن ۽ سيلاني مسافرن جو ڄڻ ته سدائين سمنڊ اٿليو پيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سڄي اٽليءَ ملڪ جي ڀيٽ ۾ هتي مهانگائي وڌيڪ آهي. قسمت سانگي ڪٿي ڪٿي ماني ڪجهه سستي آهي، ۽ هنڌ بسترو مڙئي گذاري لاءِ ملي سگهي ٿو.
وينس پهريون ڀيرو شهرت تڏهن حاصل ڪئي، جڏهن ننڍڙي تلاءِ تي قائم هڪڙي شهر جي واپارين بازنطيني رياست کان آزاديءَ جو اعلان ڪيو. ٿيو هيئن جو سن 828ع ۾ هتي جي واپارين اسڪندريه شهر مان سينٽ مارڪ جي باڊي (جسد خاڪي) آڻي وينس شهر ۾ محفوظ ڪئي، ۽ انهيءَ کي شهر جي سرپرست سڏيو ويو. بعد ۾ وينس بازنطيني واپار جي منڊين تي پنهنجو قبضو ڪيو. جيڪو ٻارنهين عيسوي صدي وارين صليبي جنگين دؤران ٿيو. جنهن سبب هتي جي واپارين کي بيشمار دولت حاصل ٿي. خاص ڪري قسطنطينه شهر مان ڪيل ڦر مان بي حساب ملڪيت سندن هٿ چڙهي. اها ڦر سن 1204ع ۾ ڪئي وئي هئي. انهيءَ سبب رومي سلطنت جا ڪافي علائقا وينس جي قبضي هيٺ آيا.
سن 1380ع ۾ جينوئا وارن جي وينس هٿان شڪست سبب وينس، علائقي جي اهڙي تجارتي طاقتور رياست طور اُڀريو، جنهن جو ان وقت مقابلو ٿي نٿي سگهيو. پندرهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري وينس وري رومي سلطنت جي تسلط هيٺ آيو ۽ ڪيترين ئي صدين تائين ان جي قبضي ۾ رهيو. وينس رياست جي اوڀر وارن علائقن تي ترڪيءَ جي عثمانيه رياست جو قبضو ٿيو. اهڙي ريت ارڙهين صديءَ ۾ وينس واري رياست جو زوال شروع ٿيو. انهيءَ وقت آئين منتشر ۽ سياسي گهوٽالو عروج تي هو. وينس وري اوڻيهين عيسوي صديءَ ۾ سياحت جي وڌڻ ۽ تفريح جي ترقيءَ سان شاهوڪار ماڻهن جي تفريح جو آماجگاهه ٿي پيو. صورتحال ۾ اهو هڪڙو مثبت موڙ ثابت ٿيو.
اڄڪلهه هر سال ويهه ملين، يعني ٻه ڪروڙ سياح وينس اچن ٿا. جن مان اٽڪل اڌ ماڻهو هتي ترسڻ کانسواءِ موٽي وڃن ٿا. سياحن کانسواءِ وينس شهر شايد عدم موجود هجي ها.