8
اسان جا سڀ ساٿي اچڻ تي، اسان سڀ لنچ لاءِ روانا ٿياسين، جيڪا لنچ ٽوئر وارن طرفان هئي. ۽ اسان انهيءَ جي اڳواٽ پيمنٽ ڪري چڪا هئاسين. هوٽل ٿوري ئي پنڌ تي هئي. هوٽل ڪافي قديم عمارت ۾ هئي. هت گهڻو ڪري سڀ جڳهيون پراڻيون ۽ گهڻي وقت جون ٺهيل آهن. پر انهن کي اندران ٻاهران اهڙو ته سينگاري سنواري ويٺا آهن، جو دل پئي چاهي ته اهڙين جڳهين مان ماڻهو نڪري ئي نه! اسان جي هوٽل جو نالو اينجلو _ آل (Angelo_ All) هو. اسان جي ٽوئر گائيڊ اڳواٽ هر شئي جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. اسان جي هوٽل ۾ ڪُرسين تي ويهڻ شرط اسان کي ماني کارائي وئي. اٽليءَ جي ٽوئر ۾ هي اسان جي پهرئين لنچ هئي. ڇو ته ناشتو اسان سوئيزرلينڊ مان ڪري نڪتا هئاسين. اٽليءَ جا کاڌا ڏاڍا سوادي ۽ چٽ پٽا ٿين. جن ۾ مصالحا مڙيئي ڪجهه زياده آهن. ڪٿ ڪٿ ته سرڪن ۾ سڄا سارا ساوا مرچ، جيڪي اهڙا تکا، جو کائڻ کان پوءِ ويٺا پاڻي پيو، پر چپ ٺرن ئي ڪونه! آئون ڪرسيءَ کي سيري ڊائيننگ ٽيبل جي ويجهو ٿي ويٺس، پليٽ تان نيپڪن کڻي اڳيان رکيم. مِنا ٻڌايو ته سلاد ڏاڍو سٺو آهي. پاڻ منهنجي پليٽ ۾ سلاد لاهي وڌائين. نور ۽ ونود کي به ٻڌايائين ته سلاد ڏاڍو لذيذ آهي. ان کي ضرور ٽيسٽ ڪجو. مانيءَ ۾ پيزا، پر پاڻ وانگر پاڪستان وارو پيزا نه. جنهن ۾ مصالحا پاڪستاني مزاج مطابق ٿين، ۽ پيزا کائيندي جهڙوڪ پاڪستاني ڊش پيا کائون، پر هت اٽليءَ ۾ پيزا ۽ ان تي لڳل مصالحو پنهنجي ملڪ کان بلڪل مختلف، انهن جو ذائقو به بلڪل مختلف هوندو آهي.
ڊائينگ ٽيبل تي مختلف قسمن جا فروٽ هڪ تمام نفيس قسم جي باسڪيٽ ۾ رکيل آهن. پيزا سان مٽن جا ٽُڪرا، سلاد، چئن پنجن قسمن جون ڊبل روٽيون، ۽ آخر ۾ آئس ڪريم به کارايائون. ماني ٿوري هئي، پيٽ ڪونه ڀريو پر مِنا سندس هڪ گوشت جي پيس کڻي منهنجي اڳيان رکيو. سو به کاڌم پوءِ به ڍؤ ڪونه ٿيو. خير ماني پوري ٿي ته اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته هاڻ هڪ شيشي ٺاهڻ جي فيڪٽريءَ ۾ هلبو، جت توهان کي ڏيکاربو ته شيشو ڪيئن ٿو ٺهي.
اسانجي گائيڊ اسان کي گهمائي ڦيرائي آڻي انهي شيشي جي فيڪٽريءَ ڀيڙو ڪيو، جت شيشو پئي ٺهيو. اسان جي اندر گهڙڻ شرط اسان کي پهريائين ٺلهو سمجهايائون ته شيشو ڪيئن ٺهندو آهي. پوءِ باقاعدي پهرئين کان آخر تائين شيشو ٺاهي ڏيکاريائون ۽ ٺهندي ٺهندي آخر ۾ هڪ بهترين جڳ تيار ٿي ويو، جيڪو کڻي اسان جي اڳيان رکيائون. انهيءَ کان پوءِ انهيءَ فيڪٽريءَ مان ڪافي سياحن شيشي جي ٺهيل سامان جي خريداري به ڪئي، ۽ ائين گهمندا ڦرندا اچي اسان کي سينٽ مارڪ گرجا ۽ انهيءَ سان لڳو لڳ وينس جي ڪنهن پراڻي شاهي محل اڳيان بيهارئون. اسان کي چيائون ته هي محل ۽ گرجائون ڏسو ۽ فوٽا ڪڍرايو. پاڻ ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ هتان کان اڳتي پنهنجي آخري منزل يعني هوٽل تي هلنداسين. هت اسان کي اٽلي زبان جي گائيڊ ڏنائون، جنهن اسان کي گرجا ۽ محل بابت ٻڌايو. هت هزارن جي تعداد ۾ سياح گرجا ۽ محل گهمي رهيا هئا. فلمون ۽ فوٽا ڪڍي رهيا هئا. ڪي سياح هزارن ڪبوترن سان رانديون کيڏي ۽ کين کاڌو کارائي رهيا هئا. اسان به ڪبوترن کي کاڌو کارائي ساڻن گڏ فوٽا ڪڍرايا. اهڙا ته پيارا ۽ پاليل ڪبوتر، جو هٿن تي رکيل کاڌو کائين؛ ۽ مٿي ڪنڌ تي چڙهيا ويٺ آهن، ڊڄن ئي ڪونه. اسان جي لوڪل گائيڊ اسان کي ٻڌايو ته وينس شهر مسلمان بادشاهه سليمان عاليشاهه جي وقت مسلمانن فتح ڪيو. جيڪو ساڍا ٽي سئو سال مسلمانن جي قبضي هيٺ رهيو.
سليمان عاليشاهه جي دؤرِ حڪومت ۾ هن وينس سان گڏ يورپ جا ٻيا هي ملڪ بوسنيا، ولاشيا، مالديويا، ڪريميا ۽ البانيا پڻ فتح ڪيا. جڏهن ته خليفي وليد جي وقت ۾ ٻن مسلمان جنرلن طارق بن زياد ۽ موسيٰ بن نصير يورپ ۾ اسپين فتح ڪيو، ۽ پڻ ڏاکڻي فرانس جي چڱي موچاري حصي تي قابض ٿي ويا. (ڏسو تاريخ جا اڏيندڙ صفحو 112 ۽ 184) ۽ خليفي وليد هنن جنرلن کي وڌيڪ يورپ فتح ڪرڻ کان روڪيو، نه ته مسلمان جنرل الاءِ ڪٿ وڃي پهچن ها. تاريخ ۾ وليد جي انهيءَ قدم کي ننديو ويو آهي. ته الاءِ ڇو وليد ائين ڪيو، نه ته اڄ سڄو يورپ مسلمانن جي هٿ هيٺ هجي ها. وليد جو مؤقف اهو هو ته مسلمان تمام گهڻا ملڪ فتح ڪيا آهن. هاڻ وڌيڪ فتحون نه ڪيون وڃن؛ پر انهن فتح ڪيل ملڪن کي سنڀالجي، متان هي به هٿن مان نڪري وڃن. وينس (Venice) شهر غير معمولي طور سمنڊ اندر اڏيل آهي. هيءُ شهر اتر اٽليءَ جو مکيه سامونڊي بندر، وينيٽو ريجن واري وينيزا (Venezia) صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي، ۽ ماضيءَ ۾ رومي سمنڊ جي ڪنارن تي قائم هڪڙي سامونڊي رياست جو پڻ مرڪز رهيو. جنهن رياست جو پوري رومي سمنڊ سان وابسته، مڙني رياستن تي هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين معاشي ۽ سياسي ڌاڪو ڄميل رهيو.
جيتوڻيڪ دنيا ۾ ٻيا به ڪيترائي شهر ٻيٽن يا جزيرن تي اڏيل آهن. اهي علوم ۽ فنون ۾ شاهوڪار ۽ عالمي طاقت جا حامل آهن، پر وينس شهر کي انهن سڀني کان نرالي ۽ منفرد حيثيت حاصل آهي. شايد پوري مغرب جي ڪنهن به شهر کي گهڻي عرصي تائين نهايت اُتساهيندڙ سونهن ۽ سوڀيا جو اعزاز حاصل ڪونهي، سواءِ هن شهر جي_ مثلاّ شهر جا سمورا رستا خشڪ نه، پر اهي واهن، واهڙن، نالين ۽ ندين تي مشتمل آهن. جتي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ گاڏي، گهوڙو، بس يا موٽر وغيره نه، بلڪ فقط ٻيڙيون استعمال ٿين ٿيون، جن کي گنڊولا (Gondola) سڏين ٿا. شهر جي رنگين تاريخ هزارين سالن تي محيط آهي. پورو شهر من موهيندڙ محل محلاتن ۽ قديم توڙي جديد سهڻين يادگار علامتن سان ڀريو پيو آهي. علوم ۽ فنون، دستڪاري توڙي مجسمه سازي ۽ تصوير نگاريءَ جا هتي انبار گڏ ڪيل آهن؛ جنهن ڪري شهر کي دنيا جو عجائب گهر سڏڻ ۾ ڪا هٻڪ نٿي ٿئي. تنهن کان سواءِ شهر جي آبهوا پڻ ساري جهان کان نرالي ۽ وڻندڙ آهي.
تاريخي طور هي La Serenissima يعني سڀ کان وڌيڪ پر سُڪون شهر. هلال يعني نئين چنڊ جي شڪل جهڙي سامونڊي ڍنڍ اندر قدرتي طور پيدا ٿيل ننڍڙن ٻيٽن جي وڏي ميڙ تي ٺهيل آهي. انهيءَ ليگون (Laggon) يعني ڍنڍ جي ڊيگهه اٽڪل 32 (ٻٽيهه) ميل کن ٿيندي، ۽ اها اتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه طرف رومي سمنڊ جي اترئين ڪناري کان اٽڪل ٻه ميل کن سمنڊ اندر واقع آهي؛ ۽ اها ڪٿي پنج ته ڪٿي نَوَ ميل ويڪري آهي.
شهر جو تاريخي مرڪز ڀاڱو ٻه ميل کن ڊگهن ۽ هڪ ميل کن ويڪرن، ننڍڙن ٻيٽن جي ميڙ تي اڏيل آهي. پر هاڻوڪو شهر هن پوري ڍنڍ توڙي ڀر وارن ٻين جزيرن ۽ مکيه خشڪيءَ ڪناري تي ٻن صنعتي زونن (Zones) تي پکڙيل آهي، جِنهن جي بائونڊري اٽڪل 90 ميل کن هوندي.
مٿي ڄاڻايل سمورا علائقا ۽ جزيرا سن 1907ع ۾ شهر ۾ شامل ڪيا ويا هئا، ۽ سن 1927ع ۾ قانوني طور شامل ڪيا ويا. اصل رهاڪن جو وڏو تعداد مکيه خشڪيءَ ڪناري تي قائم صنعتي مرڪزن، ۽ اصل شهر جي ڏکڻ طرف سمنڊ ۾ موجود لڊو (Lido) جزيري تي وڃي آباد ٿيو آهي.
شهر پنهنجي جزيراڻي حيثيت جزوي طور تڏهن گهٽائي جڏهن سن 1846ع ۾ مکيه خشڪيءَ ڪناري کان ڪُل 222 ونگن (Arches) واري پُل وسيلي شهر تائين ريلوي لائين پهچائي وئي، ۽ پوءِ سن 1932ع ۾ انهيءَ پُل سان لڳ هڪڙي ٻي پل به تعمير ڪري موٽر گاڏين جي ٽريفڪ چالو ڪئي وئي. شهر جي قدامت پسند ماڻهن ڪوشش ڪري ريلوي ۽ روڊ، شهر اندر ٺهڻ ڪونه ڏنا، ۽ اسٽيشن ۽ موبائيل اسٽينڊ شهر جي پُلين واري دنگ وٽ ٺهرايائون. قدامت ۽ جدت پرستن جي باهمي ڪشمڪش ته جاري آهي، پر شهر اڄڪلهه ماحولياتي مسئلن جو اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شڪار آهي. تنهن کان سواءِ قدرتي آفتن، جهڙوڪ وڏين ويرن ۽ ٻوڏن ۾ اضافو ٿيو آهي. هيءَ سامونڊي ڍنڍ جنهن ۾ شهر اڏيل آهي، اها مجموعي طور اڳوڻين صدين جي ڀيٽ ۾ جلد ۽ وڌيڪ ٻُڏندِي وڃي.
ٻين شهرن وانگر هوائي آلودگيءَ سبب وينس شهر جا پڻ ڪيترائي يادگار ۽ فني شاهڪار، خاص ڪري پٿر ۽ ٻيا سنگتراشي وارا نوادرات کليءَ فضا ۾ هئڻ سبب، جزوي طور خراب ٿي چڪا آهن.
اٽليءَ جي ٻين مکيه شهرن جي ابتڙ، مغرب ۾ رومي سلطنت جي زوال تائين وينس شهر جو وجود ئي ڪونه هو. هتي البت ڪجهه خانه بدوش مهاڻا ۽ لوڻ گڏ ڪرڻ وارا، ڪڏهن ڪڏهن هنن ٻيٽارين تي اچي رهندا هئا.
سن 568ع ۾ اتر اٽليءَ تي جرمن جنگي سردارن جون ڪاهون شروع ٿي ويون، ۽ هنن اتر اٽليءَ جي لومبارڊي شھر تي قبضو ڪري، پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. انهن ڪاهن جي ڊپ کان خشڪيءَ جا ڳچ ماڻهو اچي هتي آباد ٿيا. انهن ڏُتڙيل قبيلن ۽ اڳوڻن خانه بدوش ماڻهن، ستين عيسوي صديءَ جي پوئين اڌ ۾ پنهنجو سياسي تشخص اختيار ڪرڻ شروع ڪيو. ڏوراهين گاديءَ واري بازنطيني سلطنت جي حمايت ۽ مخالفت واري ٻن صدين جي جدوجهد جي نتيجي ۾ آخرڪار سن 840ع ڌاري هنن جزيرن، جن کي ريئلٽو (Rialto) سڏيندا هئا، پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. جنهن جو اڳواڻ ڊوج (Doge) سڏجڻ لڳو، جيڪو بازنطيني حڪومت جي منظوري يا اجازت کانسواءِ ئي پنهنجا اختيار هلائڻ لڳو. مغرب ۽ مشرق جي وڏين طاقتن جي وچ ۾ واقع هئڻ ڪري، وينس وارن پهريائين سندن واپاري ۽ سياسي گماشتي جو ڪردار ادا ڪيو، ۽ پوءِ اهي اولهه توڙي اوڀر وارن ملڪن تي پنهنجي سياسي توڙي تجارتي برتري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جنهن کي سن 1797ع تائين برقرار رکندا آيا.
اٽليءَ جي ٻين شهري رياستن جي ڀيٽ ۾ وينس شهر جو نطام ِ حڪومت پڻ مختلف هو. شروعات ۾ سرڪار جو اڳواڻ ڊوج (Doge) هوندو هو، جنهن کي رياست جا ممتاز شهري چونڊيندا هئا. قانون ساز اسيمبلي پڻ هئي، جيڪا ڊوج جي ڪمن جي تصديق يا تنسيخ ڪندي هئي.
چوڏهينءَ صديءَ جي شروعات ۾ اصل خاندانن جي هڪڙي ننڍڙي گروهه اقتدار تي قبضو ڪيو. تنهن جي نگراني ڏهن ڄڻن تي ٻڌل هڪڙي ڪائونسل ڪندي رهي. وينس جي فوجي ۽ تجارتي فتح سسلي، جينوئا پيزا ۽ زوال پذير اوڀر واري سلطنت جي دشمني ۽ خطرن جي باوجود، رومي سمنڊ سان منسلڪ سمورين رياستن تي صدين تائين پنهنجو غلبو برقرار رکيو.
وينس کي ڏيساوري واپار واري نفعي کان گهٽ فائدو پنهنجي ذاتي اقتصادي وسيلن مان به ڪونه هو، ۽ هي رياست تمام شاهوڪار ٿي وئي. ايتري قدر جو جڏهن اسلامي لشڪر ڏکڻ يورپ کان اڳتي اولهه طرف پنهنجو دٻاءُ وڌايو، تڏهن هن پنهنجي پاڙيسري رياستن سان شدت سان وڙهڻ شروع ڪري ڏنو.
اوڀر وارين سلطنتن ۽ وڏين طاقتن جي زوال، ۽ گهڻين يورپي طاقتن ۽ رياستن کي آمريڪي نو آبادين وارا خزانا هٿ اچڻ سبب، وينس رياست سورهينءَ صديءَ دوران جزوي طور زوال پزير ٿي. جيتوڻيڪ هي روشن خياليءَ وارو دؤر وينس جي فني توڙي فڪري زندگي نئين اوچائين تي رسائڻ ۾ رُڌل هو، پر سياسي ۽ مذهبي جمود سبب سماجي بحران مان ڪڏهن به مڪمل طور آجو نه ٿيو.
سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي اوائل واري عرصي دؤران زوال پذير صورتحال مان آجو ٿيڻ لاءِ، وينس جي رياست اوڀر وارين حڪومتن ۽ ايڊرياٽڪ اپسمنڊ جي اوڀر ۾ واقع ڊاليٽيا ۾ فوجي چڙهائي واري آخري ڪوشش برقرار رکي، پر اها پڻ مڪمل طور ناڪام رهي. تنهن ڪري پنهنجي سياسي خودمختياريءَ وارا آخري ڏهاڪا غير جانبداري واري حالت ۾ گذاريا، ۽ نيٺ نيپوليئن بونا پارٽ سن 1797ع ۾ وينس تي قبضو ڪيو. هن چند ماڻهن طرفان قائم ڪيل حڪومت جو انت آندو. پنجن ڇهن ڏهاڪن جي عرصي تائين يورپي طاقتن جي غلبي لاءِ هلندڙ جنگين دؤران، ڪڏهن ڪنهن وٽ ته ڪڏهن ڪنهن وٽ گروي رهڻ کانپوءِ، آخر سن 1866ع ۾ اٽليءَ جي رياست ۾ هميشه لاءِ شامل ڪيو ويو. پنجن سالن کان پوءِ اٽلي دنيا ۾ هڪڙي متحد ۽ مضبوط قوم ٿي اُڀري.
اٽليءَ جي حصي طور وينس جي ترقي اٽليءَ جي تجارتي سرگرمين ۽ پنهنجي معروضي ۽ فنون لطيفه وارين نرالين خصوصيتن جي استحصال خلاف وينس جي محنتن سبب ٿي آهي. جنهن ڪري صدين کان وٺي دنيا ڀر جا سياح اچي هن شهر کي ڏوريو ڏسن.
وينس شهر ۾ هڪ سئو اسي (180) ڪينال آبي رستن جي صورت ۾ موجود آهن. جيڪي هڪ سئو ارڙهن (118) اصل ٻيٽارين جي وچ ۾ موجود آهن. انهن جي ڪُل ڊيگهه ته وڌيڪ ٿيندي پر اٺاويهه (28) ميل کن آبي رستن يا ڪينالن جي سراسري ويڪر ٻارهن فوٽ آهي. شهر جي وچ مان وهندڙ سڀني کان وڏو واهه Grand Canal ٻن وڪڙن (Curves) جي صورت ۾ موجود آهي. اهو پهريائين Rivo Alto رِيوو الٽو پوءِ Rialto رئيلٽو سڏجڻ لڳو. اهو به ميل کن ڊگهو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 9 نَوَ فوٽ اونهُون آهي. اهو ڪن ڪن هنڌن وٽ 228 فٽ ويڪرو آهي پر ڪٿي به 120 فوٽن کان گهٽ ويڪرو ڪونهي.
انهيءَ رئيلٽو يعني شاهي آبي رستي جي ڪنارن تي 200 مَحَل اڏيل آهن، جيڪي ٻارهين ۽ ارڙهين صديءَ جي وچ واري عرصي دوران تعمير ٿيا. تنهن کان سواءِ هن ڪينال جي ڪنارن تي ڏهه زبردست چرچ پڻ موجود آهن. هتي هڪڙي فيول اسٽيشن پڻ آهي. 46 ننڍا آبي رستا يا ڪينال هن مختلف هنڌن تي ملندڙ آهن. فلپ ڊي ڪمينس (Philippe de commynes) نالي پندرهين صديءَ جي هڪڙي يورپي تاريخدان جي لکت موجب، هيءَ ڪينال دنيا جي سڀ کان وڌيڪ سهني گهٽي آهي. اُڻيهئين صدي تائين هن آبي رستي تي فقط هڪڙي پُل يونٽ ڊي رئيلٽو (Ponte de Rialto) نالي ٺهيل هئي. اينٽونيو ڊا پونٽ (Antio da Ponte) نالي معمار جي نقشي موجب تعمير ٿي. جنهن مائيڪل اينجيلو ۽ ٻين ماهرين تعميرات کان پُل جي نقشن جو مقابلو کٽيو هو.
هن هنڌ وٽ موجوده پُل پنجين (Fifth) پُل آهي ۽ اها پهرئين پُل آهي، جيڪا ڪاٺ جي ٺهيل ڪانهي؛ هتي هُن کان اڳ ۾ ٺهندڙ چارئي پُليون ڪاٺ جون ٺهيل هيون.
هيءَ پل گهڻي اوچي ۽ هڪڙي ونگ High and single arched تي ٺهيل آهي. هن جي ٻنهي طرفن تي ڪافي ننڍڙا دُڪان ٺهيل آهن. اُن کانسواءِ ٻه ٻيون پُليون سن 1854ع ۾ آسٽريائي قابضن Occupying Austrians سادي لوهه مان ٺهرايون هُيون. سن 1932ع ۾ انهن جي جاءِ تي نيون وڌيڪ اُتاهيون پُليون جوڙيون ويون، جيئن هن آبي رستي ۾ وڏيون آبي گاڏيون هلي سگهن. موجوده ريلوي اسٽيشن واري پُل ته پٿر جي ٺهيل آهي، پر انهيءَ هنڌ اڏيل اڳوڻي پُل، جنهن جو نالو پونٽ ڊيل اڪيڊميا (Ponte dell Accadenia) هو، اها جاپاني طرز تي ٺهيل محسوس ٿيندي هئي. اها تيلي ڪاٺ مان ٺهيل هئي؛ ۽ سندس اتاهين ونگ جي ٻنهي طرفن کان ڏاڪڻيون ٺهيل هيون. هن ڪينال تي ٻيون به ڪاٺ جون چند پُليون عارضي طور ٺاهيون وينديون آهن، جيڪي مذهبي ڏهاڙن دؤران ڪم اچن ٿيون؛ ۽ تُرت ڀڄي ڀُري وڃن ٿيون. ايندڙ سال انهن ڏيهاڙن جي ضرورت لاءِ ساڳئي قسم جون نيون پُليون ٺاهيون وينديون آهن.