سفرناما

اُتر لڳا آءُ پرين (بيلجيم، لگزمبرگ، سوئيزرلينڊ ۽ اٽليءَ جو سفرنامو)

ھي ڪتاب نامياري اديب ۽ سفرناما نگار عبدالحئي پليجو جو يورپ جي ملڪن بيلجيم، لگزمبرگ، سوئيزرلينڊ ۽ اٽليءَ جو سفرنامو آھي. يوسف سنڌي مھاڳ ۾ لکي ٿو:
”سفرنامن لکڻ جو مقصد ڪھڙو آهي؟ وندر ۽ ورونھن ۽ معلومات ڏيڻ، معلومات بہ هلڪي ڦلڪي، جيڪا هضم ٿي سگهي. ائين نہ جو سفرنامي بدران، عام معلومات جو ڪتاب بنجي وڃي. عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو انھيءَ ڪسوٽي تي پورو ٿو لھي. عبدالحئي پليجو، انھي ٻني جي خوبصورت ۽ نمن جي ٿڌي ڇانو، واري ڳوٺ مان نڪري، دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهمي ڦري، اُتي جي ماڻھن، ريتن، رسمن، روايتن، سياست ۽ تاريخ وغيرہ جو مطالعو مشاهدو ڪري، وري انھن کي لکي، ڇپائي، ٻين کي بہ پنھنجي انهيءَ سفر ۾ حصيداري ڪرائي ٿو.“
Title Cover of book اُتر لڳا آءُ پرين (بيلجيم، لگزمبرگ، سوئيزرلينڊ ۽ اٽليءَ جو سفرنامو)

3

اسان جي بس سوئيزرلينڊ جي ڪڪرن سان ڍڪيل آسمان، برف پوش وادين. سُرهي ساوڪ سان سينگاريل ٽڪرين، ۽ رنگا رنگي گُلن سان ڍڪيل واديءَ مان وڃي رهي آهي. هڪ سئو اسي گليشيئرز تي مشتمل هي ملڪ ڪيڏو نه خوش نصيب ۽ خوبصورت آهي! جنهن جي بئنڪن، انشورنس ڪمپنين ۽ سياحت مان ايڏي ته آمدني ٿئي، جيڪا هن ملڪ جي خرچ کان ڪئين ڀيرا گهڻي آهي. جنهن ڪري هن ملڪ جا ماڻهو تمام امير آهن، جن کي رهڻ لاءِ هڪ نه، پر ٽي ٽي گهر آهن.
سوئيزرلينڊ جي مُلڪ جي آمدني دنيا جي مُلڪن ۾ گهڻو ڪري پهرئين يا ٻيو نمبر هوندي_ يعني جپان ۽ آمريڪا پڻ ڪڏهن پهريون يا ٻئي نمبر تي اچي ويندا آهن. سڄي يورپ ۾ توهان پراڻي طرز رهائش جي گهرن سان گڏ نوان ۽ جديد گهر پڻ ڏسندا، پر يورپ جو سوئيزرلينڊ واحد مُلڪ آهي، جتي توهان کي جديد طرز جون جڳهيون بلڪل نه هئڻ جي برابر نظر اينديون. سڀ جا سڀ پراڻي طرز جا گهر، جن کي صرف فوٽن ذريعي ڏسي، ماڻهو اندازو لڳائي ته هي گهر، جن جي هر دريءَ تي رڳا گل ئي گل نظر ٿا اچن، تن گهرن ۾ اندر رهڻ وارن کانسواءِ ٻاهر ڏسندڙ به راحت پيو محسوس ڪندو.
اسان جي بس سوئيزرلينڊ جي ايڪسپريس ويز تي سوئيزرلينڊ ۾ موٽروي نه پر ايڪسپريس ويز آهن) ائين ڊيل وانگر ڊوڙي رهي آهي، ڄڻ ته ڪونرُو ليلا جي سيج تي سمهڻ لاءِ ناز نخري سان ٽلي ٽمي وڃي رهي آهي. هن ملڪ جا ماڻهو هشاش بشاش، جن جي مُنهن مهانڊن تي رڳي خوشي نظر پئي اچي. سندن مُنهن تي ملال جي ڪابه علامت نظر نه آئي. سوئيزرلينڊ جي سرزمين تي سهڻن گلن جي وچ ۾ ماڻهو به ڄڻ ته گل نظر اچي رهيا آهن. عورتن جي ڳلن مان ڄڻ ته رت ٽمي رهيو آهي، ۽ سندن سهڻين ٽنگن کي زمين تي تڪڙو تڪڙو هلندي ڏسي مزو اچي رهيو آهي، ته وري ڏک به ٿي رهيو آهي، ته متان هي نازڪڙيون ٽنگون ڪٿي ڀڄي نه پون. عورت جون ٽنگون ننڍيون هئڻ ڪري سندس قدم ۽ ٻرانگهڙيون به ننڍيون ٿين، جنهن ڪري سندس هلڻ ۾ خود به خود نزاڪت اچيو وڃي. وري هلڻ جي رفتار ايڏي تيز، جو سندن ڇاتيون ڄڻ ته هاڻ ٿيون پٽ ڀيڙيون ٿين. سندن چيلهيون ايڏيون ته سنهيون ۽ نازڪ، جو ٻنهي هٿن جي وچ واري خال کان به سنهيون! انهيءَ تيز هلڻ جو به هڪ پنهنجو اسٽائل آهي. جنهن کي ائين ڏسندي انسان جي بدن ۾ ڄڻ ته سيؤڪار پئي ٿئي.
هونئن به اهڙا سهڻا ملڪ، جن جي پهاڙين تي پيل برفون گلن سان ٽمٽار، وڻڪار؛ سُرها سُرها گل، جن جي خوشبوءِ تي انسان جو سرير ڄڻ ته اندر ئي اندر مَستيءَ ۾ مگن لُڏِي لمي رقص ڪري رهيو هجي، سو اهڙا قدرت جا حسين منظر ماڻهوءَ کي واقعي موهيو ڇڏين. وري مٿان اهڙا گُلن جهڙا ماڻهو، پوءِ سائين شاهه سائينءَ جو هيءُ بيت خودبخود چپن تي اچيو وڃي:
”سُرهي سيڄ پاسي پرين، مَر پيا مِينهن وسن.“
پاڻ وٽ ته ڪو سال پُڄاڻان مينهن پون، پر هت سوئيزرلينڊ ۾ ته سائين بوندون بس ئي نه ڪن! بس ۾ ويٺي ويٺي ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ ته هي برفن سان ڍڪيل پهاڙيون ۽ وڏا وڏا وڻ اسان سان گڏو گڏ ڊوڙي اسان جو پيڇو ڪري رهيا آهن.
پنهنجي ملڪ ۾ غربت ۽ سُٺي ماحول جي نه هئڻ ڪري، سياحت جو تصور بلڪل نه هئڻ جي برابر آهي، پر آمريڪا، يورپ، آسٽريليا، جپان ۽ پڻ ٻين امير ملڪن جا ماڻهو هر سال باقائدگيءَ سان سير و تفريح ڪن.
تازو اقوام متحده جي صحت واري شعبي اهو پڌرو ڪيو آهي، ته جيڪو ماڻهو سال ۾ سترهن ڏينهن ٻاهر يا ملڪ ۾ گهمڻ ڦرڻ ويندو، تنهن ماڻهوءَ کي بلڊ پريشر، دل جي بيمارين، ڊپريشن ۽ شگر جي بيمارين جو عام ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ سٺ سيڪڙو گهٽ خطرو آهي. يعني ٻاوي جو ٻاوو، تيوڻ جو تيوڻ، گهمو ڦرو عيش ڪريو، سڄي دنيا کي ڏسو واسو، پرکيو پروڙيو_ وري مفت ۾ پنهنجي زندگي سٺ سيڪڙو اهڙن موذي مرضن کان پاڪ، ٻيو ڇا گهرجي! انسان کي سڀ ڪجهه هوندي به اهڙين نعمتن کان محرومي، واقعي افسوس جهڙي ڳالهه آهي. خدا ڏي ته انهن نعمتن کي ماڻهو ضرور ڏسي. هونئن به قرآن پاڪ ۾ اهو حڪم آهي:
سير وفي الارض_ معني: سير ڪريو زمين تي.
مِنا بس جي دريءَ واري سيٽ ۾ ويٺل آهي، جنهن مون کي چيو ته ڏس ته پهاڙن تان ڪيئن نه پاڻي هيٺ وَهي رهيو آهي، ڪيڏو نه وڻندڙ ٿو لڳي! هي منظر! واقعي ميداني علائقن علائقن ۽ پهاڙي جي زندگي ۽ سونهن ۾ به قدرت وڏو فرق رکيو آهي. پهاڙي علائقن جي ندين نالن جي وهڪرن ڪري، انهيءَ علائقي جي سونهن جو به پنهنجو مزو آهي. ۽ ان ساوڪ ۽ سونهن ڪري لکين هزارين ماڻهو صرف انهيءَ ڪري اهڙن علائقن ۾ اچن.
واقعي پهاڙي علائقن جو ڀنڀرڪو ۽ شامون پنهنجي اندر هڪ نشو ٿيون رکن. جن جي هوائن ۾ ڄڻ ته قدرتي سرهاڻ هجي، ۽ انهن پهاڙن تي گذاريل راتين جون يادون، انسان کي باقي زندگي به زنده رکيو ڇڏين.
اسان جي گائيڊ اسان کي سوئيزرلينڊ ملڪ جي باري ۾ ٻڌايو ته جفاڪشي، پابنديءَ ۽ صفائيءَ جي لحاظ کان دنيا ۾ مشهور ۽ يورپ ۾ بهترين معيار زندگي جي سگهه رکندڙ سوئيزرلينڊ ملڪ ۾ مهانگائي ته برابر آهي پر سياحن لاءِ هي ملڪ سمورن مسئلن کان آزاد آهي. هتي سياحت لاءِ هر قسم جو بندوبست نهايت ترقي يافته انداز ۾ ڪيل آهي. هتي جا ماڻهو پڻ مهربان ۽ مِٺا آهن.
هيءُ ملڪ 23 جزوي طور آزاد علائقن (Cantons) تي مشتمل آهي. ملڪ جي وجود جا پهريان پنج سئو سال مجموعي طور باهمي ڇڪتاڻ وارا گذريا. پويون وقت جنهن جو ڇيهه سن 1847ع ۾ ٿيو، محدود پئماني تي ٿيندڙ گهرو لڙائيءَ ۾ گذريو.
سرڪش يورپ ۾ سوئيزرلينڊ ملڪ کي قدري مناسب حد تائين استحڪام حاصل رهيوآهي. سن 1291ع ۾ وچ سوئيزرلينڊ جي آبادگار طبقي، هيبسبرگ حڪمران گهراڻي جي ظلمن کان پاڻ بچائڻ خاطر اتحاد قائم ڪيو. باهمي اتحاد ۾ ماڻهن کي فائدو ۽ ڇوٽڪارو نصيب ٿيو، ۽ سندن قائم ڪيل اتحاد، يعني ڪنفيڊريشن مستحڪم ٿي. اهو پندرهين صديءَ جي شروعات تائين يورپ ۾ تمام وڏي فوجي طاقت حاصل ڪري ويو هو، جو سمورا ملڪ کانئس ڪيٻائڻ لڳا. اهو سڀ ڪجهه فقط انهيءَ ڪري ٿيو، جو سوئيز ماڻهن سماجي سُڌارن آڻڻ لاءِ غير جانبرداري، ڏاهپ ۽ ايمانداريءَ کان ڪم ورتو، تنهن ڪري کين ڪاميابي حاصل ٿي. انهيءَ غير جانبداريءَ واري پاليسي سوئيزرلينڊ جي ماڻهن کي ٻي عالمي لڙائيءَ کان پوءِ وارن سالن ۾ گهڻو فائدو رسايو. هاڻي به يورپ جي سالميت بابت عمل ۾ ايندڙ محرڪات، جيڪي يورپي يونين جي صورت ۾ نمايان آهن، کان ٻاهر آهي.
سوئيزرلينڊ جا گهڻا ماڻهو انگريزي ٻولي ڳالهائيندا آهن. ان کانسواءِ فرينچ، جرمن، اٽيليئن ۽ ملڪ جي ڏکڻ اوڀر دنگ وٽ رومي ٻولي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي.
سير ۽ تفريح جي خيال کان هن ملڪ جي دلڪش پهاڙي وادين، اوڻيهين صديءَ کان وٺي سياحن ۽ سيلاني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي. هتي اڃا تائين سياحن جي پيهه کان بچڻ محال آهي.
تمام ننڍي ملڪ هئڻ سبب ريل ذريعي، فقط پنجن ڪلاڪن جي وقت ۾ انهيءَ کي ڪراس ڪري، کيس طائرانه نظر سان ڏسي سگهجي ٿو.
زيورچ شهر، جتي جرمن ٻولي ڳالهائي ويندي آهي، ڪيترين ئي گهمڻ جي جاين سان ڀريو پيو آهي. هتي رات واري زندگيءَ جا پڻ سمورا سينگار حقيا ۽ حاضر آهن. انهيءَ سان گڏ هن شهر جي ڏکڻ ۾، ايلپس پهاڙي تفريح گاهن ڏسڻ لاءِ بندوبست ڪري سگهجي ٿو.
باسل شهر ۽ برن جيڪو شهر ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي، ٻنهي شهرن کي پنهنجي تاريخي شجرن ۽ ورثن جو شرف حاصل آهي. لوزرن شهر جديد شهري سهوليتن سان مالا مال آهي، ۽ ان جي چوڌاري ڪيتريون ڍنڍون ۽ پهاڙي واديون، بهترين تفريح گاهن جي صورت ۾ موجود آهن.
برن ڪينٽن ۾ شامل آبرلينڊ الپائين، پهاڙي علائقي جو مرڪز آهي. هتي بيحد حسين پهاڙي وادين جي دامن ۾ ڪئين دلڪش ڳوٺ موجود آهن.
ايلپس پهاڙن جون، سڀ کان اوچيون چوٽيون ويلاس (Valais) نالي ڏکڻ اولهه واري پهاڙي سلسلي ۾ موجود آهن. هتي زرميٽ (Zematt) نالي هڪڙي تفريح گاهه آهي، جتان سڀ کان وڌيڪ اوچائي واري ماڳ جنهن کي ميٽر هارن (Matter horn) سڏين ٿا. ڏانهن وڃي سگهجي ٿو.
ملڪ جي اوڀر طرف ڪُنڊ تي موجود پهاڙن ۾ سينٽ مارٽز (St: Maritz) ۽ ڊيووس (Davos) نالي سياري جي مُند ۾ استعمال لاءِ بهترين تفريح گاهون آهن، جتي سياري جا شوقين سياحَ برفباريءَ جي نظارن مان لطف حاصل ڪرڻ اچن ٿا.
ملڪ جي اولهه طرف موجود جينيوا ڍنڍ جي اترئين ڪناري تي اڏيل، خود جينيوا جو شهر مونٽريئڪس ۽ لاسين، سوئيزرلينڊ جي انهيءَ ڀاڱي ۾ آهن، جتي فرينچ ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا. معتدل آبهوا وارو تسينو (Ticino) ڪئينٽن، جيڪو ملڪ جي ڏاکڻي دنگ وٽ واقع آهي، هن ڪئينٽن ۾ موجود لگانو (Lugano) ۽ لوڪارنو (Locarno) تفريح گاهون اصل ۾ ڍنڍون آهن. هنن تفريح گاهن جو ڏيک توڙي آبهوا باقي سموري ملڪ کان مختلف ۽ رومي سمنڊ جي فرينچ ساحل وانگر گرمي مائل آهي.
اسان جي بس سوئيزرلينڊ جي شهر باسل ۾ پهتي آهي، جتي اسان جي گائيڊ اسان کي ٻڌايو ته پاڻ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ هِن ئي جڳهه کان روانا ٿينداسين. اسان سڀ بس کان هيٺ لهون ٿا ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي مُنهن هيڏانهن هوڏانهن هڪ ڪلاڪ لاءِ گهمڻ هليو ٿو وڃي. اسان هڪ هوٽل تي ڪافي پيتي، جت پڻ ڪيترا سياح ويٺل هئا. انهيءَ هوٽل تان سوئيزرلينڊ ۽ باسل شهر جا ڪيترائي سارا ڪتابچه ۽ فوٽا ورتاسين، ۽ ڪلاڪ جي سير تي باسل (Basel) شهر جي گهٽين ۾ گهڙي پياسين.
رائن ندي تي آباد شهر باسل صنعتي شهر هئڻ سبب اڪثر سياح هتي ڪونه رهندا آهن ۽ هتان لنگهي اڳتي روانا ٿي ويندا آهن. افسوس! جو هتي نه ترسڻ سبب اهي هتي قائم قرونِ وسطيٰ وارو تاريخي مرڪز ڏسڻ کان رهجي وڃن ٿا.
باسل شهر جي يونيورسٽي، وچئين دؤر جي پڇاڙي واري عرصي ۾ علم ۽ ادب جو جڳ مشهور مرڪز هئي. روشن خياليءَ واري دؤر ۾ عظيم ادبي شخصيت اراسمس (Erasmus) جي هن يونيورسٽيءَ ۾ موجودگي سموري سوئيزرلينڊ ملڪ ۾ سڌارن آڻڻ لاءِ عظيم آدرشي حيثيت جي حامل هئي.
باسل شهر جي علمي ادبي توڙي فني حيثيت مستقل طور برقرار آهي.
شهر جي مختيارن کي علوم توڙي فنون جي سهائتا جو اعزاز حاصل آهي. جنهن جي تاريخ سترهين صديءَ جي وچ ڌاري شروع ٿئي ٿي، جڏهن فنون جي مارڪيٽ ۾ هنن اوائلي قدم رکيا. انهيءَ سبب شهر ۾ ڪافي تعداد ۾ ميوزيم قائم آهن، جن ۾ ملڪ جي فني شاهڪارن جو بهترين خزانو نمائش لاءِ موجود آهي.
ڪُنسٽ ميوزيم (Kunst Museum) شهر ۾ قائم گيلرين ۾ بهترين آهي. جنهن ۾ ويهين صديءَ جا عظيم فني شاهڪار سجايل آهن. انهن ۾ وقت جي وڏن مصورن جهڙوڪ ليگر، (Leger) چاگال(Chagal) منچ (Munch) بريق (Braque) ۽ ٻيا کوڙ فنڪار شامل آهن.
مصوريءَ جي امپريشنسٽِ قسم جي تصويرن ۽ پينٽگس جو گهڻو تعداد اڳ ۾ ئي هتي موجود آهي. ڇو ته هن قسم جي مصوريءَ جي نمائيندي عظيم فنڪار باسيليئس ايمر باچ (Basilius Amerbach) جيڪو سورهين صديءَ ۾ هتي هن قسم جي فنِ مصوريءَ جو نمائيندو هو، تنهن جي سمورن فنپارن ۽ شاهڪارن کي شهر جي ميونسپالٽيءَ خريد ڪري هت رکيو، جيڪي اڄ تائين محفوظ آهن. تنهن کانسواءِ عظيم فنڪارن ڪونارڊ وٽز (Konard Witz) ۽ هولبئين (Holbein) جي شاهڪارن سان ڪئين ڪمرا سجايل آهن. هتي شهر جي عمائدين، عالمن سان گڏ اريسمس جو پورٽريٽ پڻ رکيل آهي.
هن علائقي ۾ سورهين صديءَ ۾ تعمير ٿيل جاين جو هڪڙو جهڳٽو مُنسٽر (Munster) نالي سان مشهور آهي. هي ڪئٿيڊرل جي عمارت آهي، جيڪا سُرخ وارياسي پٿر جي ٺهيل آهي. سندس اڳئين پاسي واري مُکيه دروازي جي مهاڙيءَ تي قرون وسطيٰ واري تمام سهڻي چٽسالي ٿيل آهي. جنهن ۾ ڪيتريون ئي سلسليوار تصويرون اُڪريل آهن. انهن ۾ هڪڙي تصوير يارهين صديءَ ۾ هن ڪيئٿيڊرل جي موجد ۽ روم جي مقدس شهنشاهه هينرچ ثاني (Heinrich_ ii) جي پڻ آهي، جنهن ۾ کيس چرچ جو ماڊل هٿ ۾ جهليندي ڏيکاريو ويو آهي.
عمارت اندر اترينءَ ڀاڱي ۾ پَلَرَ جي پويان هڪ پادريءَ جو مقبرو سنگ مرمر سان اڏيل آهي. ان جو نالو اريسمس (Erasmus) هو. هن وارو لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمي سان يوناني ٻوليءَ ۾ لکيل بائيبل جو نئون عهد نامو يعني نسخو سن 1516ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو اڳتي هلي لُوٿر (Luther) ۽ زونگلي (Zwingli) جهڙن سُڌارا آڻيندڙ پادرين جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻيو.
باسل شهر جو هسٽاريڪل ميوزيم (Historical Museum) بارفوسر ڪرچ (Barfusser Kirch) نالي هڪڙي نهايت شاندار عمارت ۾ قائم ڪيو ويو آهي. اهو اڱاري جي ڏينهن کان سواءِ سدائين روزانه صبح 10 بجي کان شام 5 بجي تائين کليل رهندو آهي. ٽڪيٽ پنج سوئيز فرانڪ آهي. هر مهيني جو پهريون آچر نمائش مفت هوندي آهي. هن ميوزيم ۾ باسل جي پندرهين ۽ سورهين صديءَ جي ثقافتي عظمت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ هتي جي ڪورين جي ٺاهيل بي مثال پردن جي پڻ نمائش ڪئي وڃي ٿي.
اسان هڪ ڪلاڪ جي سير کان پوءِ واپس پنهنجي گائيڊ جي ٻُڌايل جاءِ تي پهتاسين، جتان اسان کي بس ۾ چڙهي سوئيزرلينڊ جي حسين ترين شهر لوزرين وڃڻو هو. جت هڪ رات رهڻو هو. سوئيزرلينڊ يورپ جو هڪ تمام ننڍو ملڪ آهي، جنهن ڪري سوئيزرلينڊ ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر پهچڻ تائين ڪو خاص وقت ڪونه ٿو لڳي. ان جي مقابلي ۾ اٽلي، فرانس ۽ جرمني اسپين يورپ جا وڏا ملڪ آهن. جت هڪ شهر کان ٻئي شهر پهچڻ ۾ ڪافي وقت ٿو لڳي، پر سوئيزرلينڊ ۾ هڪ ماڳ کان ٻئي ماڳ پهچڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿي لڳي. يورپ ۾ پاڻ وانگر هوائي، ريل ۽ رستي جي سفر جي سهوليت آهي، پر پاڻ وٽ سمنڊ ۽ ندين ذريعي سفر جي سهوليت موجود نه آهي. جيتوڻيڪ پاڻ وٽ يورپ جي مقابلي ۾ نديون گهڻيون ۽ ڪُشاديون آهن؛ جي ڪوشش ڪجي ته پنهنجي ماڻهن کي تمام سُٺي تفريح ملي ۽ ٽرانسپورٽ جو پڻ هڪ سستو رستو کُلي پوي. ڇو ته ندين ذريعي آمدرفت ۾ رستا ۽ پُليون ڪونه ٿيون ٺهرائڻيون پون، ٻيو ته ان ذريعي ايڪسيڊنٽ به ڪونه ٿيندا. ۽ هر سال جيڪي اسان رستن ۽ پُلين تي هيڏو سارو پيسو ٿا خرچ ڪريون، سو به بچي پوندو. جڏهن سنڌ ۽ هنڌ تي انگريز حاڪم هئا تڏهن انهن هت باقاعده بوٽس Boats سروس شروع ڪئي، جنهن جو هت لاڙ ۾ مُکيه مرڪز جهرڪ شهر هو. اسان جي ڳوٺ ٻني ۾ به هر روز 1947ع تائين جهرڪن کان بوٽ ايندي هئي. ماڻهو حيدرآباد کان بس ذريعي جهرڪن پهچندا هئا. وري جهرڪن کان مشين تي هلندڙ ننڍي ٻيڙي، جنهن کي آگبوٽ به چوندا هئا. جيڪو باهه تي هلندو هو_ يعني ڪاٺيون توانائيءَ طور ٻرنديون هيون ۽ وري سجاول ۽ ٺٽي جي وچ ۾ به جيستائين پُل تيار ٿي، تيستائين وڏو جهاز هلندو هو؛ جنهن ۾ ماڻهو، مال ۽ شهرن جي عام استعمال جو سامان سڀ جو سڀ هن جهاز ذريعي ڪراچي کان ٺٽي، ۽ ٺٽي کان پوءِ سجاول پهچندو هو. ملڪ جا صدر ۽ گورنر، جيڪي اڄڪلهه هوائي جهازن ۽ هيليڪاپٽرن ذريعي سجاول ڏانهن گهمڻ يا شڪار تي اچن، سي پڻ انهيءَ پُل تان ڪار يا جيپ رستي ڪراس ڪري، پوءِ سجاول بنگلي ۾ رهي شڪار ڪري واپس انهيءَ پُل ذريعي هليا ويندا هئا. ڪراچيءَ ۾ بمبئيءَ ڏانهن اچڻ وڃڻ به صرف سامونڊي جهاز ذريعي هوندو هو، جيڪي تمام گهڻي تعداد ۾ اُتي هلندا هئا. آئون جڏهن 80_ 1979۾ ڪراچي سي پورٽ (Sea Port) تي اميگريشن آفيسر هوس، تڏهن به چار پئسينجر جهاز ڪراچي ۽ بمبئيءَ وچ ۾ باقاعده هلندا هئا. جنهن ۾ هڪڙي جو نالو هو ”دوارڪا“، پر هاڻ ٻڌو اٿم ته ڪراچي ممبئيءَ وچ ۾ ڪوبه سامونڊي جهاز ڪونه ٿو هلي. انهن انگريزن جي جهازن کانسواءِ خانگي طرح سان ڪوٽڙي کان جهرڪ، ٻني، لائقپور ۽ دڙي تائين باقاعده وڏيون ٻيڙيون هر روز هلنديون هُيون. جن ۾ ٻهراڙيءَ کان ننڍا پاڏا، گابا، ٻڪريون، رڍون، مِٽيءَ جا پَڪل ٿانوَ جن ۾ مٽ، گهڙا، پارا، پاٽيون ڦيليون، دانگيون، ڇَلون، چلمون، چليمچيون، ناديون ۽ ٻارن لاءِ ٺڪر جا رانديڪا، چانور، چؤنرا، ڪڻڪ، ٻاجهر، مڪئي، مڱ، مٽر، اڙدَ، مرچ، گدرا، ڇانهيون. سايون ڀاڄيون، گيهه مکڻ وڏي مقدار ۾ ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ويندا هئا، ۽ وري حيدرآباد مان ڪپڙو، بوٽ، فروٽ، ڊيزل، گاسليٽ، آئل_ مشينون ۽ ان جو سامان، ڪوڪا، دوائون، سُيون، کنڊ ۽ ٻيون پڻ ڪيتريون ساريون شيون ٻني اينديون هيون. اچ وڃ جو اهو واحد ذريعو هو. جنهن کانسواءِ عام استعمال جي شين جي هت پهچڻ ۽ هتان شهرن وڃڻ ۽ ماڻهن جو ڪورٽن، اسپتالن ۽ شاگردن جو شهرن ۾ پڙهڻ لاءِ وڃڻ جو به اهم ذريعو هو. اُن بابت ٻه ڏاڍا مزيدار احوال عرض آهن:
هڪ ته اسان جي ڳوٺ جي بلڪل ڀرسان پڃاري ڦاٽ آهي، جنهن ذريعي ئي ٻيڙيون ڪوٽڙي ۽ گدو بندر وينديون هُيون، ٿيندو هيئن هو جو جنهن رات سامان ٻيڙين ذريعي شهر ڏانهن ويندو هو ته انهيءَ رات ٻيڙي سامان سان ڀري تيار ڪري پڃاريءَ جي وچ ۾ بيهاري ڇڏبي هئي. ڇو ته متان هي ساز و سامان چور چوري ڪري کڻي نه وڃن. پيڃاريءَ جي وچ ۾ وڏي پاڻيءَ ۾ جنهن کان ڪنارو به ڪافي پري آهي. جنهن ڪري چوريءَ جو امڪان ڪي قدر گهٽ هوندو هو. اهو مال گهڻو ڪري هندو واپارين جو هوندو هو. جيڪي پڻ رات جو ٻيڙيءَ تي سامان ۽ ٻيڙين هلائڻ وارن سان گڏ سُمهي پوندا هئا، ۽ صُبح سوير ٻيڙي ڪوٽڙيءَ ڏانهن رواني ٿيندي هئي ۽ شام جو وڃي پنهنجي ماڳ تي پهچندي هئي. سو واڻيون ته واڻيون هو، جنهن آڻي ٻيڙي پڃاريءَ جي وچ ۾ بيهاري ته چور چوري نه ڪري سگهن؛ پر سائين چور به چور آهن. سي ڇا ڪن جو هڪ، ڪپ تي بيهي؛ ۽ هڪ چور، تري وڃي انهيءَ ٻيڙي تي ٻيڙيءَ ۾ پيل ڪنهن سٺي مال ۾رسو ٻڌي، پوءِ واپس تري اچي ڪناري ڀيڙو ٿئي. پوءِ ٻئي چور زور سان گيهه يا مکڻ جي ڏٻي ۾ ٻڌل رسي کي تڪڙو تڪڙو پاڻ ڏانهن ڇڪين. ڇِڪَ سان ڏٻو پاڻيءَ ۾ ڪري، پوءِ واڻيي جي ڏسندي ڏسندي ڏٻو اچيو ڪپ ڀيڙو ٿئي. پوءِ چور گيهه جو ڏٻو کڻندي گولي ٿي وڃي ۽ ويچارو واڻيون رڳو گهوڙا گهوڙا ڪندو رهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو چورُ شرارت ڪاڻ ڏٻي کي رسو ٻڌڻ بدران واڻئي جي ٽنگ ۾ رسو ٻڌي ڇڏيندا هئا. ڇِڪَ ڏيڻ سان واڻيون وڃي پاڻيءَ ڀيڙو ٿيندو هو. پوءِ جيسين واڻيون ڪَپ ڀيڙو ٿئي، تنهن کان اڳ اڌ مئو ٿي ويندو هو. انهيءَ زماني ۾ اهڙا ڀوڳ تماشا پڻ ٿيندا هئا.
ٻيو مزيدار قصو ڪجهه هن ريت آهي جو آئون جڏهن ممبئي ويس ته داد گوبند پنجابيءَ سان گڏجي، سنڌ جي مشهور مهاراڳي ماسٽر چندر جي گهر وياسين، جت مون پنهنجي تعارف سان گڏ سنڌ بابت ڪئين حال احوال ماستر چندر کي ٻُڌايا، ۽ پاڻ خاموش ٻُڌندو رهيو ۽ مُنهنجي چُپ ٿيڻ تي مون کان پُڇائين ته تُنهنجي ٻني واري اوطاق ۾ جيڪو نم بيٺل هو، سو اڃان آهي يا نه؟ بمبئي جي هڪ فليٽ ۾ ويٺي اهو سوال ٻُڌندي ڏاڍو تعجب ٿيم. پاڻ تمام پوڙهو ٿي چُڪو هو ۽ آهستي آهستي سڄو قصو ٻُڌايائين، ته تنهنجو والد ارباب نور محمد پليجو مُنهنجو دوست هو. هڪ دفعي آءٌ حيدرآباد ۾ ٽنڊي جهانيان وارن سيدن وٽ محفل ڪري پوءِ ڪنهن سيٺ جي شاديءَ ۾ گدو بندر کان ٻيڙي ذريعي لائقپور پهتس. مون سان گڏ بسنت پڻ هو، جيڪو تمام وڏو شرنائي نواز هو. لائقپور ۾ شاديءَ جي محفل کانپوءِ واپس حيدرآباد ويندي ٻني ۾ ترسياسين، ۽ تنهنجي والد جي انهيءَ نم واري اوطاق ۾ سڄي رات مون ۽ بسنت محفل ڪئي. مون کان پاڻ بابا سائين ۽ ان وقت جي ٻني ۾ هندو تپيدار بابت پڇيائين.
هن سڄي رام ڪهاڻيءَ جو حاصل مطلب ته سڄي هندستان ۾ انگريزن کان اڳ، ۽ انگريزن جي دؤر ۾ باقاعده ندين ۾ جهاز راني ٿيندي هُئي، جيڪا هاڻي بلڪل ختم ٿي چُڪي آهي.
پر يورپ ۾ اڄ به ندين ذريعي وڏي پئماني تي پئسينجر، ڪارگو ۽ سياحت جي سهوليت موجود آهي، جنهن کي هر روز پيا ترقي وٺرائين؛ ۽ يورپ جي هر ملڪ ۾ توهان اها سهوليت ۽ سياحت اکين سان ڏسي سگهندا. توهان جيڪڏهن ڪنهن ٽوئر ڪمپنيءَ معرفت يورپ جو سير ڪندا ته اُها ٽوئر ڪمپني توهان کي ڪوشش ڪري انهيءَ سفر ۾ لطف اندوز ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي. بوٽس به تمام سهڻي نموني سينگاريل هونديون آهن، جن ۾ سفر ڪندي ڏاڍو مزو ايندو آهي.
يورپ جي سفر دؤران هر سياح کي ڪوشش ڪري اهڙي سفر مان لطف اندوز ٿيڻ کپي. انهيءَ سفر جي رزرويشن لاءِ توهان کي هر وڏي شهر ۾ اها سهوليت ملندي. باقي سوئيزرلينڊ ۾ ته اهڙي سهوليت توهان کي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ملندي. ڇو ته يورپ ۾ سوئيزرلينڊ سڄو سياحت ٿيو پيو آهي. توهان کي هت سڄي ملڪ ۾ کوڙ سياح ملندا.
اسان جي بس ۾ ڪنهن شئي کائڻ ۽ سگريٽ پيئڻ جي بلڪل اجازت نه آهي. پر توهان پاڻي، جوس يا ڪوڪ پِي سگهو ٿا، سو مون ۽ مِنا اناس جو جوس پيتو، جيڪو مون باسل مان ورتو هو. ڏاڍي سُٺي ٽيسٽ اٿس. الاءِ ڇو پاڻ وٽ پاڪستان ۾ جيڪا پيپسي ۽ ڪوڪ ملي، ان جي ٽيسٽ ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي پيپسي ۽ ڪوڪ جي ذائقي ۾ زمين آسمان جو فرق هوندو آهي، نه ته ڪمپني ته هِت هُت هڪ ئي آهي.