ماڻھو اڪثر توکي منھنجي شاعريءَ ۾ ڳولھي وٺندا آهن...
منھنجي شاعريءَ ۾ ڳولھڻ ايندا آهن
آئون جيڪو توکي
پنھنجي اکين ۾ لڪائي به نٿو سگھان
پيار جون موسمون
جيڪي ماڻھوءَ مٿان مينھن ٿي وسنديون آهن
منھنجي هر نئين نظم ۾
ماڻھو توکي الائي ڪيئن ڏسي وٺندا آهن
آئون ته صرف تنھنجي خوبصورت هئڻ جي خوشبوءِ
لفظن جي لڱن تي هڻي
ٿوري تعريف ئي ڪندو آهيان
پر ماڻھو جيڪي
محبتن جا کُليل خط ٿي پوندا آهن
تنھنجي حسين هئڻ جا سمورا ثبوت
مونکي منھنجي ئي شاعريءَ مان ڳولھي اچي ڏيندا آهن
تون جيڪا منھنجي شاعريءَ جو حُسن آهين
ستارن جون ڳالھيون
مون ماڻھن کي ان ڪري ئي ناهن ٻڌايون
جو چنڊ تي چڙهڻ جا رستا ئي ڀرجي وڃن ها
آئون ڪيئن اهو اُنھن ماڻھن کي ٻڌايان
ته منھنجا نظم
تنھنجي ئي نيڻن مان ڦُٿي نڪتا آهن
۽ منھنجي سموري شاعريءَ
توکانسواءِ مونکي انڌي ٻوڙي ۽ گونگي لڳندي آهي.