هڪ انڌي ڇوڪريءَ جو وڃائجي ويل خواب ...!
وڃائجي ويل خواب ڳولھڻون آهي
خواب جنھن جي عمر ارڙهن سال آهي
خواب جيڪو هٿوراڙيون ڏيندي به
پيار تائين پڄڻ ٿو چاهي
مونکي اُن انڌي ڇوڪريءَ کان اهو به پڇڻو آهي ته
اکين جي اسپتال ۾
اکيون ڏيکارڻ وقت ڪيترن ڊاڪٽرن
تنھنجي ڇاتي کي پنھنجن هٿن سان ڇرڪ ڀرايا آهن
۽ ڪمپائونڊر کي في معاف ڪرائڻ جي لاِءِ به ناهي چيو
مونکي اُن انڌي ڇوڪريءَ کان اهو سوال ڪرڻو آهي
ته ڏينھن ۽ رات توکي ڪيئن محسوس ٿيندا آهن
جھڙ ۽ مينھن توتي ڪيئن وسندا آهن
خوشيون ۽ غم توکي ڪيئن لڳندا آهن
رات جي رسي تي هلندي تو ڪيترا ٿاٻا کاڌا آهن
مونکي اُن انڌي ڇوڪريءَ کان
ڳوٺ جي ٻارن جي باري ۾ به ڪجھه حال احوال ڪرڻو آهي
ٻار جيڪي لڪ لڪوٽي ۾ لڪي ويندا آهن
ٻار جيڪي گُڏين کي پرڻائيندي
هڪ ٻي کي روئي ڀاڪر ناهن پائيندا
ٻار جيڪي ڄمڻ کانپوءِ ڀتن کي جھلي هلندا آهن
ٻار جيڪي هاڻ اکين سان هلن ٿا
مونکي انڌي ڇوڪري کان هڪ انٽرويو به وٺڻو آهي
۽ ان اخبار ۾ ڇپرائڻو آهي
جنھن ۾ گھڻا ضروري رشتن جا اشتھار ڇپبا آهن
مونکي اخبار جي ايڊيٽر کي هٿ ٻڌي منٿ به ڪرڻي آهي
ان انٽرويو ۾ مونکي اها انڌي ڇوڪري سڄي ڏيکارڻي آهي
مونکي اُن انڌي ڇوڪريءَ جي ڪيل گفتگو
ملڪ جي سڀ کان وڏي اخبار ۾ ان ڪري ئي هلرائڻي آهي
جيڪا هاڻ اکين جي ڊاڪٽر مان حامله ٿي چُڪي آهي.