شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

وڻ جيڪي پاڻ ناهن روئندا ...!

آئون ان وڻ هيٺان ويٺل آهيان
جنھن کي ڪُھاڙين جا ڌڪ لڳل آهن
وڻ جيڪي پاڻ ناهن روئندا
پکي سندن ڳوڙهن جا ترجمان هوندا آهن
آئون سڄي تاريخ کي لڳل
ڪُھاڙين جا ڌڪ
آخر ڪيستائين ڳڻيندو رهان
سمبارا تنھنجي مورتيءَ جو
منھنجي ميوزم مان گُم ٿي وڃڻ
منھنجي رقص جي تھذيب جو
سڀ کان وڏو نقصان آهي
آئون آخر ڪيترن نقصانن جي نشاندھي ڪريان...!؟
مغرب جي مٽيءَ جي طوفان
مشرق جي سج کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي.
