آئون پاڻ کي ئي ڏسڻ ٿو چاهيان...!
پنھنجو پاڻ کي ڏسڻ جي لاءِ
آئون جيڪو پاڻ کي به نظر نٿو اچان
منھنجو ذرو ذرو ٿي وڃڻ
منھنجي اکين جي نه هجڻ جو ڏوھ آ
مونکي اکيون کپن ٿيون
چنڊ کي ڏسڻ جي لاءِ
چنڊ جيڪو منھنجي رات ۾ ڪڏهن به ناهي اُڀريو
آئون سج گرهڻ جھڙا سال گذاري ٿڪجي پيو آهيان
مونکي اکيون کپن ٿيون
سمنڊ کي ڏسڻ جي لاءِ
سمنڊ جيڪو اداس عورتن جا ڳوڙها پي کارو ٿي ويو آهي
سمنڊ جيڪو ساحلن تي مٿو رکي روئي پوندو آهي
مونکي اکيون کپن ٿيون
اُن مُھاڻيءَ کي ڏسڻ جي لاءِ
جيڪا ٿڃ وارو ٻار تنجڻ ۾ ڇڏي شڪار تي ويندي آهي
جيڪا سڙھ جيان سڌي ٿي
درياھ جو دنگ ڪندي آهي
رڇ ۾ لڳل مڇيءَ سان گڏ
مڙس کي به پئي ڪُنن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي آهي
مونکي اکيون کپن ٿيون
رات ۾ مزدوريءَ تي نڪتل
اُن عورت کي ڏسڻ جي لاءِ
جنھن جو مڙس اڌ رنگ جي بيماريءَ ۾ ورتل آهي
جنھن جا ٻار رات جو ماني نه ملڻ تي روئندا ناهن
جن جي گھر جي چُلھه وقت تي ٻرندي ناهي
مونکي اکيون کپن ٿيون
خُدا کي ڏسڻ جي لاءِ
خُدا جيڪو هاڻ ماڻھن کان گم ٿي ويو آهي
خُدا جيڪو پنھنجو گھر ڇڏي
آسمان جي ڪنھن ڪنڊ ۾ وڃي ويھي رھيو آھي
خُدا جيڪو هاڻ مونکان به پري ٿي ويو آهي
مونکي اکيون کپن ٿيون
پنھنجو پاڻ کي پڙهڻ جي لاءِ
آئون پنھنجي ئي اکين سان پاڻ تي ڪجھه لکڻ ٿو چاهيان
آئون پنھنجي ئي دنيا ۾
پنھنجي ئي اکين سان هلڻ ٿو چاهيان
آئون انڌو ٿي مري وڃڻ کان اڳ ۾ ئي
پنھنجو پاڻ کي ڏسڻ ٿو چاهيان....!