شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

مونکي سيڙهيءَ تي چڙهڻ ناهي ايندو ...!

مونکي سيڙهيءَ تي چڙهڻ ناهي ايندو
سيڙهي جيڪا ماڻھوءَ کي
زمين کان مٿي کڻي ويندي آهي
سيڙهي جيڪا
آسمان ڏانھن اُڀي رکيل هوندي آهي
مون جڏھن به
سيڙهيءَ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
ته منھنجي ماءُ
مونکي قميض جي پوئين پاند مان ڇڪي
هيٺ لاهي وٺندي آ
۽ آئون چڙهيل ٻن ڏاڪن کان واپس
پٽ تي ڪري پوندو آهيان
سيڙهيءَ تان ڪري ڪيترائي ماڻھو مري ويا آهن...!؟
بابا جي حاثي
امان جي اکين ۾ خوف ڀري ڇڏيو آهي
امان جيڪا هاڻ مونکي
سيڙهيءَ جي آخري ڏاڪي تائين پڄڻ ئي نٿي ڏي
ڪاٺ جا ڪوازا ٻڌي
وڏيون جايون ٺاهڻيندڙ ماڻھو
آخر امان کي ٿو نٿا نظر اچن
ڇا انھن جون مائرون مري ويون آهن
جو انھن کي سيڙهيءَ تي چڙهڻ کان روڪين نٿيون
هو جيڪي سيڙهين تي چڙهي
سج کي سامھون ڏسي رهيا آهن
سيڙهي جيڪا آسمان ڏانھن اُڀي رکيل آهي
آئون به امان جي مري وڃڻ کانپوءِ
سيڙهي رکي آسمان تي چڙهي ويندس
۽ وري ڪڏهن به هيٺ نه لھندس.
