هڪ انڌي ماڻھو جو ڪيل سوال ...
سج ۽ چنڊ جي پرڻي جي تاريخ آخر ڪڏهن مقرر ٿيندي..!؟
ڍڳي جي سڱ تي بيٺل دنيا
گليلو جي گواهي کانپوءِ توازن وڃائي ويٺي آهي
عقيدن جي انڌي گھوڙي تي چڙهيل ماڻھو
ڪيڏو نه پٽ تي ڪري پرزا ٿي پيو آهي
آئون پنھنجو چھرو
آئيني ۾ ڏسڻ جھڙو به ناهيان رکي سگھيو
ٽٽڻ کانپوءِ وري ڳنڍجڻ
محبتن لاءِ مڪروھ ٿي پوڻ جي برابر هوندو آهي
نڪ جي سڌائي تي سڌو هلندڙ ماڻھو
وقت جي ويڙھ جو پھريون شڪار هوندو آهي
پٿر جي گھرن ۾ رهندڙ مٽيءَ جو ماڻھو
ستر سينٽي گريٽ گرمي پد تي پھچڻ کانپوءِ به
پاڻ ۾ هلڻ جھڙو ئي ناهي رهيو
زمين ۽ آسمان جو ميلاپ
بارشن ۾ ئي ڀاڪر پائيندو آهي
بجلي جي بحران جھڙا ڏينھن
مون رات جي اونداهين ۾ اڪيلي سر ئي ڪٽيا آهن
تباهي جو تعلق ته زمانن جي زبان ڇڪيو ٻاهر ڪڍيو بيٺو آهي
خوف منھنجي خاموشي جو پھريون قاتل آهي
آئون حيران ته تڏهن ئي رهجي ويس
جڏهن هڪ انڌي ماڻھو اهو سوال ڪيو ته
ڇا خدا کي به اکيون آهن..؟
جيڪڏهن خُدا کي اکيون آهن ته !
آئون انڌو ئي رهڻ پسند ڪندس..!