شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

برسات ۾ پُسيل ماچيس جھڙو ماڻھو..!

هو اڪثر مونکي
حڪيمن جي دُڪانن تي ئي نظر ايندو آهي
جڙين ٻوٽين جي نالن جون پرچيون
۽ اخبارن ۾ ڇپيل مردانه ڪمزوريءَ جا اشتھار
سندس کيسن کي ڀريو بيٺا هوندا آهن
هو اڪثر
پوڙهين عورتن جو ذڪر ٻُڌي خوش ٿيندو آهي
پر پنھنجي جوان گھر واريءَ سان ڪاوڙ ۾ ڳالھائيندي
اڳيان رکيل ماني کي به کڻي اڇلائي ڇڏيندو آهي
هو برسات ۾ پُسيل ماچيس جھڙو ماڻھو
جيڪو هاڻ سگريٽ دُکائڻ جھڙو به ناهي رهيو
هو جيڪو پنھنجي روح تي روغن هارڻ جي لاءِ
ڪيترن ئي حڪيمن سان هم ڪلام ٿي چُڪو آهي
حڪيمن جي حوالي ٿي وڃڻ کانپوءِ
عورت جي اک مان مرد مري ويندو آهي
هو جيڪو هاڻ پيريءَ جون پُسيل تيليون
ڏينھن جي ڏندن ۾ هڻڻ جھڙو به ناهي رهيو
روز رات جو پُٺي ڏئي سمھڻ
سندس ڪيترن ئي سالن جا محاورا ظاهر ڪرڻ لڳو آهي
هڪ ئي پاسي تي زندگي گذارڻ
سندس جوان زال جي اکين کان ننڊ کسي ورتي آهي
ڀت جي ٻاهران اُڇيل ڀتر جو آواز به
سندس ڳرن ڪنن کان لڪي ويندو آهي
هو صُبح جو روز اُٿي
پاڙي جي جوان ڇوڪرن کي
پنھنجي گھر جي ڀتن جي سوراخن مان
شڪ جي نگاھ سان ڏسڻ لڳندو آهي
۽ِ وڏي وات گاريون ڏئي
پنھنجن ئي هٿن سان
ڀتن جا سمورا سوراخ بند ڪري ڇڏيندو آهي
ھُن هاڻ حڪيمن جي دُڪانن تي وڃڻ ڇڏي ڏنون آهي
۽ اخبارن مان مردانه ڪمزوري جا
اشتھار به ڪٽڻ کيس وسري ويا آهن
هو جيڪو هاڻ کيسن سان گڏ پاڻ به خالي ٿي چُڪو آهي
هو جيڪو هاڻ هر روز
پنھنجي گھر جي ڀت مان ٿيل سوراخ کي بند ڪري
گاريون ڏيڻ ۾ ئي مصروف رهندو آهي
۽ هڪ نئين ٿيندڙ ڀت جي سوراخ تي سوچڻ لڳندو آهي.