شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

آئون جيڪو توکي پاڻ مان به وڃايو ويٺو آهيان..!

آئون جيڪو توکي
پنھنجن هٿن جي لڪيرن مان به
وڃايو ويٺو آهيان
مون پنھنجا هٿ
پيار جي پڙهندڙن کي ڪيترائي ڀيرا ڏيکاريا آهن
پر تنھنجي هجڻ جا اطلاع
منھنجي هٿن جي ڪنھن به لڪير مان
مونکي ناهن ملي سگھيا
ڪيترن ئي محبتن جي ماھرن کان
مون توکي پنھنجي اکين ۾ به ڳولھرايو آهي
پر تنھنجي هجڻ جي ڪا به نشاني
مونکي مون منجھان ناهي ملي سگھي
آئون پاڻ مان تنھنجي وڃائجي وڃڻ کي
نينھن جي نعمتن جي وڏي کوٽ ٿو سمجھان
هٿن تي نڪتل سمورين لڪيرن مان
تنھنجو الائي ته ڪيڏانھن نڪري وڃڻ
منھنجن حواسن کان حوصلو کسي ورتو آهي
هاڻ منھنجا هٿ
جيڪي لڪيرون ڏسڻ وقت به ڏڪڻ لڳندا آهن
آئون پنھنجي ھٿن جي لڪيرن ۾
تنھنجي نه ھُجڻ جو ڏوھ
آخر خدا کي به ڪيئن ڏيان
جنھن توکي منھنجن هٿن جي لڪيرن کان اڳ ۾
ڪنھن ٻئي جي زندگيءَ جي
هٿ لڪيرن ۾ ته ناهي لکي ڇڏيو...!!؟
آئون جيڪو روز چاڪو جي چھنب سان
ڊهندڙ لڪيرن کي وڌائي وڏو ڪندو رهان ٿو
هٿن جي لڪيرن جي وهندڙ رت مان
تنھنجي نالي جھڙي شڪل به ناهي ٺھي سگھي
مون مان تنھنجي وڃائجي وڃڻ جو خوف
اڃان تائين ختم ناهي ٿي سگھيو
آئون هاڻ هر روز توکي
پنھنجن هٿن جي لڪيرن ۾ ڳولي
ٿڪجي پوڻ کانپوءِ به
پاڻ سان ملندڙ ماڻھن جي
هٿن جي لڪيرن ۾ ئي ڳولھيندو رهان ٿو.
