منھنجا گناھه ڪيڏا غريب آهن
آئون تو مان ڀڄي چُڪو هئس
اکين جي ٽارين تي خوابن جا پکي
جڏهن به اچي ويھندا آهن
آئون توکي ئي ياد ڪندو آهيان
نديءَ مان درياھ جھڙو وهڪرو
مون تو مان ئي وهندي ڏٺو آهي
پاڻ جڏهن به پنھنجو پاڻ کي پاڻ ۾ ڌوئي
دنيا اڳيان سڪايو آهي
ته ماڻھن کي نئين موضوع تي ڳالھائڻ جي
ڊگھي مُھلت ملي ويندي آهي
ڪاش منھنجي زبان کي به اکيون ملي پون
ته آئون انسان جي انڌي هُجڻ تي کُلي ڳالھائي سگھان
ثواب جي صليب تي ٽنگيل
منھنجا گناھ ڪيڏا نه غريب ٿي ويا آهن
ڳڻپ جي اڳيان ڏنل ڳنڍ کي تون ئي کولي ٿي سگھين
ماڻھو تنھنجي دن مان خلق ٿيڻ جي گواهي ڏيڻ کان
الائي ڇو اڳ ۾ ئي گمراھ ٿيو ٿا وڃن
آئون پنھنجا موضوع مٽائي پاڻ کي مارڻ نٿو چاهيان
پنھنجي پيار جي عمر کي آڱرين تي ڳڻي
هاڻ ته آئون به ياد حافظ ٿي ويو آهيان
تون منھنجي اُگھاڙپ جو پھريون لباس آهين
جنھن کي آئون پاڻ تي ئي اوڍي ڇڏڻ ٿو چاهيان
تون منھنجي وجود مان وڻ ٿي مورندي رهو
۽ آئون تنھنجي پيار جي بارش ئي ۾ ڇڄندو رهان.