سنڌي هاري تحريڪ طرفان
ڪافي عرصي کانپوءِ ھارين جي حالتن بابت سنڌ ۾ ٿيل ترجمي جو ھي شاندار ڪم، جنھن ۾ ھارين جي زندگي بابت اھم تحقيقات ۽ ھارين جي حالتن کي سڌارڻ لاء تجويزون ڏنيون ويون ھيون. پر، بدقسمتي سان پاڪستان ٺھڻ کان اڳ توڻي پوء ملڪ تي نوابن ۽ جاگيردار طبقن قبضو ڪري ورتو۔ جنھنڪري نه صرف ھن رپورٽ تي عمل نه ٿي سگھيو، پر ھن رپورٽ کي مورڳو عوام کان لڪائي رکيو ويو۔
سنڌ جو اهو الميو آھي. جو جيڪا قوم ھن ملڪ جي خالق ھئي، پاڪستان ٺھڻ شرط ان کي ڀت سان لڳائڻ شروع ڪيو ويو۔ 1940ع واري قرارداد جي اصل روح کي به پاسيرو ڪري، عوام کي ٺلھن نعرن حوالي ڪيو ويو ۽ جاگيردار ۽ وڏيرڪي طبقي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ شروع ڪيا. هنن قائد اعظم محمد علي جناح جي بيماري جو فائدو وٺندي ( نوابن ۽ جاگيردارن جي ٽولي) پاڪستان تي ناجائز قبضو ڪري 1940ع واري قرارداد جي روح کي ختم ڪري ورتو۽ رات وچ ۾ ملڪ جا مال ڪٿي ويا ۔
ھن “اختلافي نوٽ” پڙھڻ کانپوء معلوم ٿئي ٿو، ته پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ پاڪستان ٺھڻ وقت ھارين جي صورتحال ڪا بھتر نه ھئي. ان وقت به ھارين جي لڄن ۽ عزتن تي وڏيرن ۽ سندن واٺن جي نظر ھوندي ھئي۔ ان وقت به ھارين تي ونگارون جائز سمجھيون وينديون ھيون کين بي دخل ڪيو ويندو ھو، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو ھو .جيڪو عمل اڄ تائين ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾ جاري آھي۔
ھن دستاويز جي ھارين جي سڌاري واري نقطن تي صرف بنگال ۾ عمل ٿيو، بنگال پارليامينٽ ۾ بل پيش ڪيو ۽ ھڪدم زمين جي ملڪيت کي ختم ڪري ڇڏيو. انگريزي زميندار وارو نظام بنگالي هارين جي پسماندگي، ڏڪار ۽ غربت جو وڏو سبب هو. بنگال، جتي نه صرف جاگيرداري دفن ٿي وئي ، پر ھارين به سک جو ساهه کنيو۔
سنڌ ۾ زمينن ۽ وسيلن تي مختلف سوچ رکندڙ ماڻھن جا قبضا آھن. جن ۾ پنجابي سيٽلرز، اردوڳالھائڻ وارا، سنڌي جاگيردار ٽولو ۽ مختلف قومن جا ريٽائر فوجي اچي وڃن ٿا. جن جن جا پاڻ ۾ تضاد به آھن ته ھم آھنگي به۔ ھنن ۾ ھن ڳالھه تي مڪمل اتحاد آھي ته ھارين کي غلام رکڻو آھي ۽ ھارين کي تعليم کان وٺي ھر حق کان محروم رکڻو آھي.
سنڌ جو ھاري اڄ به غلامن کان به بدتر زندگي گذاري ٿو. پر تعليم کان پري ھئڻ، سياسي سوجھه بوجھه نه ھئڻ ڪري، ھو ان غلامي مان نڪرڻ لاءِ جتن به نٿو ڪري۔ وڏيري جي ظلم، ڪمداري ۽ منشي جيڪي انھي طبقي مان ھوندا آھن پر وڏيري جي ويجھو ھئڻ ڪري ظلم ۾ شريڪ ٿيو وڃن. مٿان وڏيري سان ياري باشي ۽ وڏيري جي حڪمراني ڪري پوليس به جاگيردار پاران ھارين تي ڪوڙا ڪيس ڪريو انھن کي دٻايو ڇڏين. ان ڪري ھاري به ھاڻ انھن ظلمن کي قسمت جو لکيو سمجھي ماٺ ٿيو ويٺو آھي۔
سنڌ ۾ ھارين جون تحريڪون به ھلنديون رھيون آھن. جيڪو کيڙي سو کائي، مائي بختاور جي اڌ بٽئي تحريڪ، حيدر بخش جتوئي جي سنڌ ھاري ڪميٽي جي تحريڪ، محترم فاضل راھو ۽ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي ھارين لاءِ ڪيل ڪم ۽ تحريڪون اھم رھيون آھن۔ ٿوري گھڻي فرق کانسوا ھارين جي حالت اڄ به ساڳي آھي محترم رسول بخش پليجو، ھاري تحريڪ کي منظم ڪرڻ، ڳوٺن ۾ ڪچھريون ڪري ھارين کي سياسي ۽ نظرياتي شعور ڏيڻ، ھارين کي جدوجھد جي ميدان تي وٺي اچي، پنھجا حق وٺڻ لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ سنڌي ھاري تحريڪ جو بنياد وڌو۔ جنھن جي پليٽ فارم تان ھاري ورڪرن، واھڻ ۽ وستين ۾ ھارين کي سياسي ۽ نظرياتي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي جنھن جا زبردست نتيجا سامھون اچڻ شروع ٿيا. اڻ پڙھيل ھاري ڪامريڊن سياسي جلسن جلوسن ۾ تقريرون گيت بيت چوڻ شروع ڪيا. نيلام بند ڪريو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرايو، ايم.آر.ڊي جي تحريڪ، صحافين جي تحريڪ، ڪالا باغ ڊيم خلاف مارچون، ڄڻ عوامي تحريڪن ۾ ھارين جي شموليت لازمي ٿي پئي ۽ ھاري به تحريڪن ۾ وڌي چڙھي حصو وٺڻ لڳا۔
پر ھن چر پر سان گڏ ھاڻ ھاري ورڪرن کي، ھارين کي اڃان وڌيڪ منظم ڪري حڪومت کان مدي خارج سنڌ لاء ناسور بڻيل بدبودار جاگيرداري ختم ڪري زمينون بي زمين ھارين کي ڏيارڻ لاء سخت جدوجھد ھلائڻي پوندي ۽ بي زمين ھاري ۽ ننڍي آبادگار کي ان جدوجھد جو حصو ٺاھڻو پوندو۔
اها رپورٽ اسان کي اها ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ تمام اهم آهي ته ستر سال اڳ هارين جون حالتون ۽ اهي حالتون هاڻي به تبديل نه ٿيون ٿين. استحصال ۽ سرمائي جو انبار ۽ ميڙي - سرمائيداراڻو عمل ختم نه ٿي ٿيو. سرمائيداراڻو واڌارو حقيقت ۾ هارين جون حالتون خراب ڪري چڪو آهي. اهي پنهنجون زمينون ۽ وسيلا وڃائي چڪا آهن. انهن کي مايوس ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي اجرت ۽ غير رسمي محنت ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. کين بي زمين يا غير رسمي مزدور ڪري شهرن ۾ لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.
سڀني هارين جي مزدورن کي اها رپورٽ پڙهڻ ۽ پنهنجي حالن کان پاڻ کي واقف رکڻو پوندو ۽ زمين جي نجي ملڪيت جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي.
ڊاڪٽر دلدار علي لغاري
صدر سنڌي هاري تحريڪ
ميرپور خاص
30 سيپٽمبر 2020ع