باب پهريون: هاري ۽ زميندار
منهنجي لاءِ خوش قسمتي ۽ فخر جهڙي ڳالهه آهي جو آئون غريب ماڻهن جو ساٿي ۽ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٿي ڪري، اٺ سال سنڌ ۾ گذاريا.مون کي هارين جي بدحالي ڏسي صدمو رسيو. مون کي هڪدم هندوستان جي اصل رهاڪو ڀيلن جي حالت ياد اچي ويئي، ڇاڪاڻ ته مون ڪيترائي سال انهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو آهي. سنڌ جا هاري غلامن کان بهتر نه آهن. اهي هڪ اوائلي دؤر ۾ رهن ٿا، جنهن ۾ کين پنهنجن سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جي ڪا ڄاڻ ئي نه آهي. انهن جو زندگيءَ ۾ مفاد رڳو پيٽ ڀري کائڻ آهي، جنهن جي ذريعي هو پنهنجو جسم ۽ روح زندهه رکيو اچن. زندگيءَ جي ڪنهن پهلوءَ ۾ کين هاڻي ڪا دلچسپي ئي نه آهي، ڇاڪاڻ ته سندن زندگيءَ جو بنيادي مسئلو ئي حل نه ٿيو آهي.
هارين جي زندگيءَ ۾ ڪو ڳانڍاپو/ تنظيم نه آهي ۽ نه ئي هو شعوري طرح منظوم زندگي گذارڻ جا عادي رهيا آهن. هو ڇڙوڇڙ، هڪٻئي کان پري، ڪکن ڪانن ۽ مٽيءَ مان ٺهيل گهرن ۾ رهن ٿا. هڪ سراسري روينيو ديهه ۾ اٽڪل ڇهه هڪٻئي کان پري پري ڳوٺ ٿين ٿا، جن ۾ ڪجهه ماڻهو رهن ٿا ۽ ڪجهه سڃ يا بيابان جو ڏيک ڏين ٿا. سندن گهر ۾ هاري ۽ مال هڪ ئي جهوپڙيءَ ۾ رهي ٿو. سندن گهر ۾ هڪ يا ٻه کٽون، ڪجهه کائڻ جا ٿانوَ ۽ ڪُٽِ جا وٽا، ڪجهه پراڻيون رليون ۽ ڪٿي ڪٿي ڪا ڪاٺ جي پيتي نظر اچي ٿي.
هاري، جنهن جا خاندان نسلن کان ڪا زمين کيڙيندا رهيا آهن، ان کي خبر ئي نه آهي ته هو ڪو زمين تي مستقل رهڻ جو اختيار به رکي ٿو يا نه. هاريءَ جي زندگيءَ ۾ جيڪو سڀ کان وڏو خوف هميشه مٿن حڪمراني ڪري ٿو، سو آهي قيد ٿيڻ جو خوف، زمين تان بيدخليءَ جو خوف ۽ زال جي کڄي وڃڻ جو خوف.
زميندار هن کان ڪنهن به وقت ڪاوڙجي سگهي ٿو ۽ هن کي زمين تان بيدخل ڪري سگهي ٿو. هن کي ان ڳالهه جو به خوف رهي ٿو ته بيٺل فصل هوندي، هن جا ڍور ڍڳا کسي، کين موچڙا هڻي، ڳوٺ مان ئي ڪڍيو وڃي ۽ اوچتو هو ٿاڻي تي زنجيرن ۾ قيد پيو هجي ۽ هن جي خلاف چوري، ڦر، قتل يا عام طرح 110 قلم جي جرم ۾ قيد ٿي پوي. جن هارين تي زميندار ڪاوڙبو آهي ته کين بند ڪمري ۾ ٻڌي، نجي جيلن ۾ ڪال ڪوٺڙيءَ حوالي ڪيو ويندو آهي. نتيجي ۾ سالن جا سال بغير ڪنهن شنوائي يا ڏوهه جي قيد ۾ پيا هوندا آهن.
هاري، زميندار جي سزا ۽ ڪاوڙ کان ايترو ڊنل هوندا آهن، جيترا اُهي دوزخ جي باهه کان به ڊنل نه هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو هنن روزاني جي بنياد تي اهڙن عملن ۽ زميندارن جي ڪاوڙ کي منهن ڏيندا آهن.
هڪ دفعي هڪ هاري، هڪ عورت کي ڀڄائي ويو. زميندار ان جي ڀاءُ کي گهرائي سندس ڀاءُ متعلق ڄاڻ ورتي. هن جي ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ متعلق ڪابه ڄاڻ نه هئڻ جو جواب ڏنو. زميندار کي هن جو جواب نه وڻيو ۽ پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته هن کي وڻ سان ابتو ٽنگيو ۽ ڪٽڪو ڏيوس. هن کي اهڙي مار ڪڍيائون جو هو بيهوش ٿي ويو ۽ هن جو ٻيو پيءُ هن کي کڻائي ويو. زميندار زخمي هاريءَ تي ۽ هن جي گهر تي ڪڙي نظر رکرائي، ته ڏسجي ته هو ڪو اختيارين وٽ ڪيس ته نه ٿو داخل ڪرائي. هاريءَ جي پوڙهي ماءُ روڄ راڙو ۽ ماتم ڪندي پنهنجي بيهوش، زخمي ۽ رت ڳاريندڙ پٽ کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃڻ چاهيو، پر زميندار جي ماڻهن هنن کي ڪيڏانهن به وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. چئن ڏينهن کان پوءِ روئي پار ڪڍندڙ ماءُ جو پٽ مري ويو. زميندار جي ڪمدارن همراهه جو لاش قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو. قتل ٿيل هاريءَ جي ماءُ کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گهر مان نڪرڻ ڏنو ويو. صدمي ۽ ڏک ۾ ماءُ چري ٿي پيئي. هوءَ ٻين زميندارن کي پنهنجي ڏک جو داستان ٻڌائيندي ۽ مدد لاءِ ٻاڪاريندي رهي، پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو. آخرڪار هن پوليس جي مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿي.
آخرڪار هوءَ منهنجي هندو سب ڊويزنل مئجسٽريٽ وٽ مدد لاءِ پهتي. هن جي پٽ جي قبر کولي ويئي ۽ زميندار جي ظلم جو پردو ڦاٽي پيو. سواءِ گرفتاريءَ جي وارنٽ نڪتو، پر زميندار وارنٽ جي ٻئي ڏينهن شهر ۾ گهمندي ڏٺو ويو. ٽئين ڏينهن پوليس ان کي روپوش قرار ڏيئي ڇڏيو. هي ڪيس ڪنڊياري تعلقي ۾ ٿيو. ڪجهه ڏينهن بعد مون نوابشاهه ضلعي مان چارج ڇڏي. اهڙي قسم جا واقعا زميندارن جي ننڍين بادشاهتن ۾ عام آهن، رڳو ورلي ڪو واقعو ظاهر ٿيندو آهي.
زميندار ڪنهن به وقت ڪنهن هاريءَ کي بيگر تي وهائيندو آهي، ڀلي کڻي هن کي پنهنجو گهر ٺهرائڻو هجي، کوهه کوٽائڻو هجي يا ڪو عام ڪم هجي، زميندار هن کي ڪنهن به وقت پنهنجي زمين ۾ هر ڪاهڻ، ڍڳا واهڻ، شڪار ڪرڻ لاءِ ساڻ کڻڻ يا ڪنهن گهرو ڪم سانگي ڪڏهن به گهرائي سگهي ٿو. هو هميشه زميندار جي سڏ جو منتظر رهي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن انڪار جي جرئت ڪري سگهي ٿو. هن کي خبر آهي ته انڪارجا نتيجا اگرا ٿين ٿا.
هاريءَ لاءِ خوبصورت زال به خطري جي گهنٽي آهي. زميندار ڪنهن به وقت هن کي پنهنجيءَ زال تان هٿ کڻڻ لاءِ چئي سگهي ٿو ۽ انڪار جي صورت ۾ هن کي ڌمڪائي ۽ زبردستي ۽ ڏاڍائي به ڪري سگهي ٿو. زبردستيءَ هن جي زال کي کڻائي به سگهي ٿو يا هن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ قيد ڪري، هن جي زال کي اڪيلو ڪري پاڻ وٽ رهائي به سگهي ٿو. هر پاسي کان مايوسيءَ جي صورت ۾ زميندار، هاريءَ کي مارائي به سگهي ٿو. اهڙي قسم جو هڪ ڪيس هڪ هارياڻيءَ مون کي ٻڌايو. هن جو مڙس گم ڪيو ويو. هن جي ماءُ کي خبر پيئي ته زميندار جي ماڻهن هن جو قتل ڪيو آهي. حقيقت ۾ زميندار عورت تي هرکجي پيو هو ۽ هن جي مڙس ان ڳالهه کي برداشت نه ٿي ڪيو. ان کان پوءِ زميندار هن کي بيدخل ڪيو ۽ هو ڪنهن ٻئي ڳوٺ لڏي ويو. هڪ ڏينهن هو مال چارڻ ويو ۽ گهر نه موٽيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن جي زال کي زميندار جو نياپو مليو ته، “هاڻي ته مڙس مان تنهنجي جان ڇڏائي اٿم، ڇا اڃان به تون منهنجي رکيل نه ٿيندينءَ؟”
اليڪشنون غريب هارين لاءِ مصيبتون آهن. مخالف اميدوار کين مخالف رخن ۾ ڇڪين ٿا، پر هارين جي ڪنهن ۾ به دلچسپي ناهي. زميندار جنهن کي مستقبل ۾ وڏا ڏوڪڙ ملندا ۽ کيس يا سندس مٽن مائٽن کي ٺيڪن، دڪانن ۽ نوڪرين جو فائدو ٿيندو. زميندار هارين کي پنهنجن اميدوارن کي ووٽ ڏيارڻ لاءِ خبردار ڪندا رهندا آهن. هاري ويچارا فرمانبرداريءَ وچان “ها” ڪري، تڪڙ ۾ قرآن کڻي زميندار کي يقين ڏياريندا آهن. جڏهن ووٽ ختم ٿيندا آهن ۽ نتيجن جو اعلان ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن مخالف اميدوار کٽي ويندو آهي ته هڪ ٻي مصيبت ۽ بدقسمتي جنم وٺندي آهي. هاريءَ جي مشڪلن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي، کيس هيسايو ويندو آهي، ان کٽي ايندڙ اميدوار جي پارٽي ميمبرن طرفان، جنهن جي هن زميندار جي چوڻ تي مخالفت ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته هاڻي علائقي جا ڪنٽرول (راشن جا دوڪان) سڌا سنوان نئين چونڊيل اميدوار جي اختيار ۾ اچي ويندا آهن. هاڻي هاريءَ کي اتان ڪپڙا لٽا ۽ کنڊ وٺڻ به مشڪل ٿي پوندي آهي. هن کي ڪوڙن ڪيسن، ڦر جي ڪيس، ڍور ڍڳي ڪاهڻ جي ڪيس يا ڪنهن جهيڙي يا ڪنهن کي زخمي ڪرڻ جي ڪيس ۾ قيد ڪيو ويندو آهي.
هاري جڏهن زميندار جي سامهون ايندو آهي ته سندس حالت هڪ بي يارومددگار غلام جهڙي هوندي آهي. اِها ڪا عام رواجي ڳالهه ناهي ته ڪيترائي هاري ايندي شرط زميندار جي پيرن تي هٿ رکندا آهن. جيئن ئي زميندار زمين تي پهچندو آهي، هاري ۽ هن جا ٻار ٻچا زميندار کي پهريان جهڪي ملندا آهن، پيرين پوندا آهن ۽ اُٿي ڪري هن جو هٿ چمندا آهن. ايئن هو زميندار جي تعظيم ياعزت نه ڪندا آهن ۽ نه ئي هن جي روحاني درجي جي ڪري ۽ نه ئي ٻي ڪنهن خاصيت جي ڪري، پر هن کي اِهو احساس ڏياريندا آهن ته هو هن جا فرمانبردار ٻانها آهن، هن کي سجدا ڪندا آهن ۽ هن جي ئي رحم ڪرم تي جيئرا آهن. مون هڪ به اهڙو هاري نه ڏٺو آهي، جيڪو زميندار جي اڳيان يا منهن سامهون اٿي بيهي ۽ هن کي شان ۽ شوڪت ۽ عظمت سان ڀليڪار چئي. هڪ انسان، ٻئي انسان سان ڇا نه ڪيو آهي. ان کان وڌيڪ ڪهڙو بدنصيب ۽ خطرناڪ نظارو هوندو، جڏهن هڪ اپيپاپبي يارو مددگار هاري، مرد ۽ ٻار زميندار جا پير ڇُهن.
اسلام خدا جي عظمت ٻڌائيندي تلقين ڪري ٿو ته،ڪنهن جي به سامهون نه جهڪو، سواءِ هڪ خدا جي، پر جڏهن هاريءَ جي اسلام جو زمين ۾ جائزو وٺجي ته خبر پوندي ته ڌرتيءَ تي اسلام جي نالي ۾ سمورن وسيلن جو مالڪ زميندار آهي ۽ هو غريب هاريءَ کي ڪنهن به وقت موت جي ننڊ سمهاري سگهي ٿو. هو خدا جي عظمت کي هڪدم وساري ڇڏي ٿو ۽ مڪمل طرح زميندار جي قدمن ۾ ڪري پوي ٿو. اسلام ۽ انسان جي برابريءَ وارو تصور هن لاءِ ۽ هن جي دماغ لاءِ هڪ اجنبي تصور بڻجي وڃي ٿو. ڪنهن هاريءَ ۾ ايتري همت ئي نه آهي جو ڪنهن سان گوڏو گوڏي ۾ ملائي ويهي يا کڻي ڪنهن زميندار جي سامهون يا زميندار کان مٿي جي ڪنهن ڪرسيءَ تي ويهي، يا کڻي وڻ جي ٽاري هجي، سرن جو دڪو هجي يا وري واريءَ جو دڙو هجي، هن کي لازم آهي ته هو پٽ تي ويهي ۽ هن ڪڏهن به زميندار جي برابريءَ جي ڪنهن به سطح تي ويهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ هن کي بدنام، بي عزتو ۽ زمين تي ڪم ڪرڻ لائق نه هئڻ ٺهرائي، پنهنجن ابن ڏاڏن ۽ نسلن کان ڪم ڪندڙ زمين تان بيدخل ٿيڻو پوندو. پير ۽ مولوي، جيڪي زميندار جا دوست آهن، اُهي هارين سان همدردي ڄاڻائي، زميندار پاران ساڻن ٿيل زيادتيءَ کي “مقدر” ڄاڻائي، کين ننديندا آهن ته خدا هميشه لاءِ سندن مقدر اهڙو ئي لکي ڇڏيو آهي.
هاري، جنهن نسلن کان استحصال، ڏاڍ ۽ جبر ۾ گذاريو آهي، هاڻي هن محسوس ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته سندس جيڪا حالت آهي، خدا هن جي مقدر ۾ ايئن ئي لکي ڇڏيو آهي ۽ تنهن ڪري ان تقدير تي ڪهڙو ماتم ڪجي يا ڳوڙها ڳاڙجن. هو پنهنجن اهڙين حالتن ۽ بربادين جو ڄڻ ته عادي ٿي ويو آهي ۽ چپ چاپ پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ڪپڙي لٽي ۽ وقت سر مانيءَ لاءِ پريشان آهي. هن جي زندگي ڏاڍائين، خوشين ۽ ماتمن جي رڳو ايتري آهي، جيتري ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ هڪ قيديءَ جي، جيڪو سالن جي قيد ۾ رهڻ کي پنهنجي قيدي حالت ئي سمجهندو هجي. هن کي آزاديءَ جي طاقت، استحصال کان ڇوٽڪارو ۽ اظهار جي آزادي هن جي اڻ پڙهيل حيثيت هن کان کسي ڇڏي آهي. هاري پنهنجين تباهين ۽ بربادين جون خطرناڪ ڪهاڻيون ٻڌائيندو آهي. صدين جي استحصال هن ۾ هڪ اڻ کٽ ڪمتري پيدا ڪري ڇڏي آهي، جو حڪومت جي سرڪاري ملازمن ۽ڪلارڪن کان به هن کي خوف ٿئي ٿو، ڄڻ ته ڪوٽوال، پٽيوالا، سپاهي يا تپيدار، جيڪي ڪنهن به وقت هُن جي بيعزتي، تذليل يا بنا خوف ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، سواءِ ڪنهن بالا آفيسر جي خوف کان.
سراسري طور هاريءَ وٽ مشڪل سان 16 کان 18 ايڪڙ زمين هوندي، جيڪا هو 8 ايڪڙ ربيع ۾ ۽ 8 ايڪڙ خريف ۾ پوکيندو آهي. جڏهن فصل تيار ٿيندو آهي ته زميندار جو ڪمدار حڪم ڪندو آهي ته فصل کي زميندار وٽ پهچايو وڃي. هاري ان کي تيستائين هٿ به نٿو لائي سگهي، جيستائين بٽئي مڪمل نٿي ٿئي. هاري پورو سال پورهيو ڪري ٿو، پر جڏهن فصل پچي راس ٿئي ٿو ته ان تي هڪ ڏک ڀري نظر ڊوڙائي ٿو. کيس خبر هوندي آهي ته اهو سڄو فصل زميندار ڏانهن ويندو. اهوئي فيصلو ڪندو ته هن جو حصو ڪيترو آهي، تنهن ڪري هڪ بکايل ماڻهوءَ وانگر، جنهن کي وڏي هارپي، مشقت ۽ پورهئي کان پوءِ ڪو مناسب پيٽ گذر ٿيندو، پر ان سڄي فصل کي ظالم زميندار وٽ ڏيڻو پوي ٿو، جنهن جو وڏو حصو هو هڙپ ڪري ڇڏيندو ۽ پيٽ بکايل لاءِ چند ڪڻا بچائيندو، جيڪي هن جي پيٽ گذارڻ لاءِ هوندا. زميندار جا واٺا بٽئي ورهائيندا. بٽئي ورهائڻ جا ڪي به لکت ۾ قانون ڪونه آهن ته هاري ۽ زميندار جو حصو ڪيترو بيهندو، پر غير قانوني آبيانا، ٽيڪس، ڇيڙ، چندا هاريءَ جي حصي مان ڪاٽبا. آبيانو روايتي ٽيڪس آهي، جيڪو خانداني طور زميندار جي ابن ڏاڏن مڙهيو هو. اُهي ايترا ته مضبوط ۽ طاقتور جاگيردار هئا جو ان وقت جي هارين يا سندن ابن ڏاڏن ان جي خلافان وقت چئلينج ڪري سگهن يا توڻي جو هن وقت ۾ به چئلينج ڪري سگهن. هاڻي به زميندار ڪنهن قسم جو آبيانو هڻي ته ڪنهن هاريءَ کي ان جي مخالفت يا انڪار ڪري سگهڻ جي جرئت نه ٿيندي. ان قسم جا آبيانا هڻڻ ڪا روايت هئڻ بدران صرف ۽ صرف طاقت آهي، نه ڪا هاريءَ لاءِ پسند يا اوليت، جنهن کي ڪنهن مدد يا رحم جي ڪنهن وٽان اميد هجي، جنهن وٽ هو وڃي ٻاڏائي. اهڙن آبيانن کان پوءِ هاريءَ جو حصو ايترو بچي ٿو جو مشڪل سان سڄي سال لاءِ هن جو گذارو ٿئي، ۽ ان حصي مان به هن کي ڳوٺ جي فنڪارن، ڪلاڪارن، پيرن، فقيرن، درگاهن کي ڏيڻو پوي ٿو. نقدي فصلن جي بٽئي ٿئي ڪونه، اها زميندار وٽ اڳ ۾ ئي قرض ۾ گروي رکيل هوندي آهي، جيڪي قرض اڳ ۾ ئي زميندار جا هاريءَ تي چڙهيل هوندا آهن، جيڪي هن کي مختلف وقتن تي زميندار کان کنيل هوندا آهن. اهڙا قرض هاري ڪپڙي لٽي، گهريلو ضرورتن، ٻج، ڀاڻ ۽ ڍڳن خريد ڪرڻ لاءِ کنيل هوندا آهن. زمين مان ٿيل اپت هن لاءِ ڪافي نه هوندي آهي، تنهن ڪري هاريءَ کي قرض کڻڻو پوي ٿو ۽ ان اڻکٽ قرض کي لاهڻ ۾ نسل جا نسل پورهيو ڪن ٿا، پر قرض ختم ئي نٿو ٿئي. قرضن جا کاتا زميندار جا منشي رکندا آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي بي ايمان، ڪوڙا ۽ قرض جا غلط کاتا ٺاهي هاريءَ کي مڃرائڻ لاءِ زبردستي مجبور ڪندا آهن. واڻيا ۽ قرض ڏيندڙ وياجي هاريءَ کي بي رحميءَ سان ڦريندا آهن. جيڪي زميندار وياج خور نه هوندا آهن، اهي وياج نه وٺندا آهن، پر ان تي ڳرا آبياناهڻندا آهن. هاريءَ کي مستقبل ۾ قرض مان جان ڇٽڻ جو ڪو آسرو نظر نه ايندو آهي، سواءِ ان جي ته پنهنجي ڍڳين جو جوڙو ۽ گهر جا ٽپڙ گروي رکي، جيڪي هن جي ڪل ملڪيت آهن، سواءِ ان جي هاريءَ کي ڪو ٻيو زميندار به پاڻ وٽ نه رکندو، ڇاڪاڻ ته قرضي هاريءَ کي تيستائين قبول نٿو ڪيو وڃي جيستائين هو پنهنجو قرض لاهي. عزت ۽ عظمت جا اهڙا معيار ته وچئين دؤر ۾ غلامن جي ڪاروبار لاءِ به نه هئا، تنهن ڪري غريب هاريءَ کي زندگي گذارڻ لاءِ ظالم زميندار کين نٻل، هيڻو ۽ ڪمزور ڪري ڇڏين ٿا. هاريءَ کي ان مجبوريءَ ۾ رڳو ڍڳين جو جوڙو يا ڪو چوپايو مال بچائي ٿو. هر هاريءَ کي ڪجهه چوپايو جانور هوندا آهن، جن کي هو وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان جوان ڪري ڪجهه آمدنيءَ لاءِ ۽ گهر هلائڻ لاءِ نپائي جوان ڪري ٿو. زميندار شڪايت ڪري ٿو ته هاري زمين جو ڌيان ڪرڻ بدران مال تي ڌيان وڌيڪ ڏئي ٿو، پر اهو ته فطرتي آهي ته چوپايو مال ئي سندس شخصي ملڪيت آهي. جيڪڏهن چوپائي مال کي به بٽئيءَ جي ورهاست ۾ ڏي ته پرڳڻي جا سمورا جانور ڪڏهن جو ختم ٿي ويا هجن ها. سنڌ جي جانورن جي هاڪ سڄي پاڪستان ۽ هندوستان ۾ آهي. اها فطرت جي وڏي مهرباني آهي ته چوپائي مال جي صحت زميندار جي ڪنٽرول ۾ نه آهي.
جيڪڏهن خراب ترين زميندارکي ڏٺو وڃي ته هو هڪ وڏو پنهنجي علائقي جو گڙنگ جاگيردار ۽ کيس لاتعداد نوڪر چاڪر، ڀلا ڍڳا، پنهنجا سٺا گهوڙا ۽ مينهون ڌاريل هونديون آهن. هن وٽ تمام گهڻيون بندوقون ۽ شڪار جو سامان هوندو آهي، جنهن تي هو ساليانو هزارين روپيا خرچ ڪري ڇڏيندو آهي. هن کي ڏيکاءَ ۽ دٻدٻي جو شوق هوندو آهي. هو قيمتي گاڏيون رکندو آهي ۽ قيمتي شين تي پئسا خرچ ڪندو آهي. هو کائڻ پيئڻ ۽ پهرڻ ۾ شاهه خرچ هوندو آهي. هن جي رهڻي ڪهڻيءَ لاءِ اوائلي زماني جي آرام پسند مهانگيون شيون هونديون آهن ۽ سندس بيڪار قسم جا جنسي شغل هوندا آهن. هو ڪوڙي ڏيک ۽ نماءَ جي شين جي پسند ڪري پنهنجي جسم ۽ ذهن تي پنهنجي آمدني ۽ توانائيون خرچ ڪندو آهي. هن کي عورتن ۾ دلچسپي هوندي آهي. هن وٽ هڪ، ٻه يا ڪيتريون ئي رکيل هونديون آهن. هن جي نفساني خواهشن ۾ حد کان وڌيڪ دلچسپيءَ جي ڪري جنسي ڪشتا(جنسي طاقت جا معجون) ڪنهن حڪيم کان ٺهرائيندو آهي، جيڪي گهڻي ڀاڱي عطائي حڪيم هوندا آهن. هن کي موسيقيءَ سان دلچسپي هوندي آهي ۽ ڳائڻين کي سماجي فنڪشن ۾ گهرائيندو آهي، جتي هو کين آفيسرن جي مهماني، ٻارن جي ڄم، طهر يا پٽ جي شاديءَ جي ڪاڄ ۾ گهرائيندو آهي، ته جيئن کين پنهنجي قيمتي رهڻي ڪهڻي، خرچ جي طاقت جو، مخالف زميندار لاءِ نمائش ڪري سگهجي. هن کي شراب نوشيءَ جي عادت هوندي آهي ۽ مهانگيون وسڪيءَ جون بوتلون روزانو پارٽين ۾ پيئندو ۽ خالي ڪندو آهي. ڀنگ يا گائنچو هن جي نيرن ۾ شامل هوندو آهي. هو گهڻي ڀاڱي مهمان نواز هوندو آهي ۽ خاص ڪري واندن کي گهرائيندو آهي، جيڪي سڄو ڏينهن هن جي ڪمن جي پيا تعريف ڪندا آهن. هن جو بورچي خانو سڄو ڏينهن هلندو آهي ۽ هن جي خاص مهمانن ۽ نوڪرن لاءِ مانيون پيون پچنديون آهن. اهڙا ماڻهو ئي هن جي طاقت هوندا آهن. اهڙا ماڻهو وچئين دؤر ۾ يورپ جي نوابن جا نوڪر ۽ سپاهه هوندا هئا.
زميندار جي شاهه خرچين ۽ اسٽائيل جو هن جي کيسي تي وڏو بار پوي ٿو، ان ڪري هو غير قانوني آمدنيءَ جا ذريعا ڳولي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جي قانوني آمدنيءَ جا ذريعا محدود آهن، ان ڪري هو هاريءَ تي ڇيڙ، ابواب-آبيانو ۽ مختلف استحصالي ونگارون هڻي ٿو. هن وٽ پاٿاريدارن جا گروهه هوندا آهن، جيڪي چوريءَ جون شيون، مثال طور چوپايو مال خريدڻ، چورن ۽ ڌاڙيلن کي پناهه ڏيڻ، جيڪي هن جي مستقل حيثيت ۽ شڪل ۾ رکڻا هوندا آهن. زميندار هميشه پاٿاريدارن جا رکوالا هوندا آهن، جن وٽ وڏيون جاگيرون ۽ سرڪاري خطاب ۽ لقب هوندا آهن، جڏهن ته پاٿاريدار پاڻ کي هڪ وڏو معتبر ماڻهو سڏائيندو آهي. هن جي خلاف ڪو چوريءَ جو ڪيس به داخل نه هوندو آهي، حالانڪ هن جي پاڙي وارن کي هن جي سڄي خبر هوندي آهي، ان جي ابتڙ هن کي پنهنجي سرپرست بلڪ پوليس جو به هٿ رکيل هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن هو پوليس جي وارداتن ۾ مدد ڪندو آهي. چوپائي مال جي چوريءَ واري1926عجيهڪ رپورٽ مطابق ڪجهه ضلعن ۾ چوپائي مال جي چوريءَ ۾ گهٽتائي آئي ، جتي بدنام زميندارن کي جيل ۾ وجهڻو پيوھو.
هن جون پاڙي جي جاگيردار سان دشمنيون هونديون آهن. هو ان ڳالهه جو منتظر هوندو آهي ته مخالف سان حساب برابر ڪرڻو آهي ۽ ان ڪري طاقت ۽ مضبوطيءَ جي نمائش ڪري مخالف زميندار کي ڊيڄاريندو آهي ۽ پنهنجي علائقي ۾ دٻدٻو ۽ رعب هارين تي ڄمائيندو آهي، جن کي خبر هوندي آهي ته هو پنهنجو ايمان ۽ ڪمزور جسم جيڪڏهن ٻين کي ٻڌائجي ته هن جو مخالف هن کان وڌيڪ طاقتور آهي، تنهن ڪري هن کي ظلم، زبردستيءَ ۽ خوف کي هر طرف هلائڻو پوندو آهي. هڪڙو طريقو هي آهي ته هو چورن ۽ لوفرن کي پالي مخالف جي دل ۾ خوف جي فضا قائم رکي ۽ مخالفن کي ڊيڄاري. جيترا گهڻا واٺا هوندا، اوترو ئي مخالفن کي خوف ۽ ڏهڪاءُ هوندو. جڏهن به طاقت جو اظهار ڪرڻو هوندو، ته هو پنهنجا چور مخالف جي مال جي چوريءَ لاءِ موڪلي ڏيندو. ڪڏهن ڪڏهن ڌاڙيلن کي موڪلي ڏيندو ته ٻه- ٽي فائر ڪري اچو. اڪثر ڪري کين چوندا ته مخالفن جي خوبصورت عورت کي اغوا ڪري اچو. ان ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر مخالف ڌر جا غريب هاري ٿيندا آهن.
پنهنجو دٻدٻو ۽ خوف ويهارڻ جو هڪ طريقو ٻيو به آهي. اهو آهي پوليس سان ياري ۽ اعتماد، ۽ خاص ڪري سب انسپيڪٽر يا ٿاڻي جي انچارج سان ياري. زميندار هن جو اعتماد ۽ ياري حاصل ڪرڻ لاءِ قيمتي شين جا تحفا، سٺي دعوت، وسڪيءَ جون بوتلون، عام پارٽيون يا پنهنجي ڪار، ٽانگو يا گهوڙو کيس حوالي ڪري يا هن جي نفساني ۽ جنسي خواهشن جو پورائو ڪري. هو پوليس واري کي گهرائي چوريءَ جي مال مان حصو به ڏيندا آهن. سب انسپيڪٽر پوءِ هن جي چورن جي ۽ ڌاڙيلن جي ڳجهي معلومات راز ۾ رکندو آهي ۽ کيس علائقي ۾ ٿيندڙ ڏوهن تي ۽ قانون جي ڪارروائيءَ کان آجو رکندو. زميندار کيس بالا آفيسرن جي ڪارروائيءَ کان تحفظ ڏيندو، جيڪڏهن هو ڪنهن مشڪل ۾ ڦاسي پوي. جڏهن ڪا ڳالهه صفا خراب ٿي وڃي ته ڊي- ايس- پي يا ايس- پي سان دوستاڻا تعلقات هئڻ جي ڪري سڌي سنئين رشوت به ڏبي، ته جيئن وڏين سزائن ۽ ممڪن جانچن کان بچي سگهجي. هو جڏهن به بالا آفيسرن سان ملندو ته پنهنجي سنگتيءَ ۽ ساٿاريءَ جي تعريف ڪندو ۽ سب انسپيڪٽر هڪ اهڙو تاثر ڏيندو جهڙوڪر هي وڏو ايماندار ۽ صلاحيت ڀريو آفيسر آهي. اهڙي طريقي سان زميندار روينيو آفيسر کي، پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين آفيسرن کي رشوتون آڇي، ڪرپٽ ڪري، هنن جو اعتماد حاصل ڪري ٿو، ته جيئن هن کي پنهنجين غير قانوني سرگرمين ۾ مدد ملي. هن جي اهڙي اسڪيم ۾ هن جو خوف، داٻو ۽ دٻدٻو وڌڻ جي ڪري هن جي آفيسرن ۽ ملازمن تي گرفت مضبوط ٿئي ٿي. هو منسٽر جو دوست ٿئي ٿو ۽ آفيسرن ۽ غريب هارين کي شان سان ٻڌائي ٿو ته هو منسٽر صاحب جو دوست آهي. زميندار هر ملازم کي ٻڌائي ٿو ته هو چاهي ته ڪنهن جي به بدلي ڪرائي سگهي ٿو، ترقي يا پروموشن يا گريڊ گهٽائي سگهي ٿو ۽ ائين هو انتظاميه تي پنهنجي گرفت مضبوط رکي ٿو. آفيسرن کي رشوتون آڇي، غير قانوني ڪم ڪري ٿو يا غير قانوني ڪمن تي پردو وجهي ٿو.
هن جي گهر ۽ علائقي جا ڳرا خرچ، دايون، رکيل، واٺا، مال، گهوڙا، اڻ کٽ مهمان نوازي، سماجي ۽ مذهبي نمائش، تفريح، آفيسرن کي رشوت، ملڪيت، ڏوهن ۽ عدالتن ۾ ڪيسن جي پوئيواري تيستائين ان جو پورائو نٿو ٿي سگهي جيستائين هاريءَ جي پورهئي جو بي رحماڻو استحصال ۽ اضافي غير قانوني آمدنيءَ جي وسيلن ۾ ڦهلاءُ نه هجي.
هن کي وڏو خوف قانون ۽ انصاف کان آهي، جنهن کي هو خريدي، رشوت ڏيئي، پنهنجي غير قانوني مال ۾ حصيدار بڻائڻ سان محفوظ ڪري ٿو، تنهن ڪري هو آفيسرن کي ڪنهن به طريقي سان خريدڻ ۽ رشوت آڇڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو. ڪوبه آفيسر جيڪڏهن پنهنجي ايمانداري ۽ انصاف جي ڪري هن جي سامهون ٿئي ٿو ۽ سندس غير قانوني ۽ استحصالي سرگرمين جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪري ٿو، ته اهو آفيسر زميندار جي ناراضگيءَ جو مرتب ٿئي ٿو. زميندار ۽ هن جي پريس ۽ پروپيگنڊا جو شڪار ٿي، اسڪينڊل ۽ چوسي خبرن جو شڪار ٿي وڃي ٿو، ته جيئن ان کي بدنام ڪري ۽ هڪ حد کان وڌيڪ بيوقوفائيون ۽ من گهڙت ڪهاڻيون ٺاهي ٿو ۽ ايئن جيڪو به هن جي مفادن آڏو اچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، هو اُن سان اهڙي هلت هلي ٿو.
زميندار پنهنجي شان ۽ مان ۽ ڏاڍاين ۽ ڏوهن جي پاڻ وڏي ڪميشن آهن. زميندار جڏهن پڪڙجي پون ٿا ته پنهنجي دفاع ۾ وڏي رقم خرچ ڪريو ڇڏين ٿا، مئجسٽريٽن ۽ سندن ماتحتن کي رشوت ڏين ٿا، وڏن آفيسرن کي ڳريون رشوتون ڏيئي، پاڻ کي آزاد ڪرائي، پاڻ کي هيرو ۽ شانائتو ڪري پيش ڪن ٿا. جيتريون گهڻيون جانچون ۽ ڏوهن مان آزادي هوندي، اوترو هن جي تعريف ۾ قصيدا ڳائبا. هاري پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ هن جي شان ۾ قصيدا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندا ۽ هن کي هڪ لافاني ڪردار ڪري پيش ڪندا. هو پاڻ پنهنجي مخالف تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندو ۽ کيس ڪيترن ئي خفيه ۽ ڪوڙن ڪيسن جي معلومات هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن هاريءَ جي هٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائيندو. ڪنهن وقت ڪنهن عورت کي ڪوڙي اغوا، زوري ۽ ڏاڍائيءَ جو ڪيس مخالفن تي داخل ڪرائيندو. جيڪڏهن، ڪڏهن هو پاڻ ڪنهن ڪيس ۾ ڦاسي پوندو ته پنهنجي بچاءَ ۾ هاريءَ کان ڪوڙيون شاهديون ڏياريندو ۽ ڏوهه باسرائيندو. ان جي بدلي ۾ هو هاريءَ جي خاندان جو خيال رکندو. ڪورٽون ۽ قانون هن جي لاءِ جهڙوڪ هڪ وندر يا راند هونديون آهن. غريب هاري هن جي اُن راند ۾ شامل ٿي پنهنجين تڪليفن ۾ اضافو برداشت ڪن ٿا. آئون شخصي طور ڪيترن زميندارن کي سڃاڻان، جيڪي سٺا ۽ احترام لائق آهن، پر بدقسمتيءَ سان اهڙن جو تعداد تمام ٿورو آهي. انهن جو احترام به هنن ظالم ۽ ڏاڍن زميندارن جي ڪري متاثر ٿئي ٿو.