تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ

گورنمينٽ ھاري انڪوائري رپورٽ  1947-48 جي اڪثريتي رپورٽ تي ”اختلافي نوٽ“ هڪ اهم دستاويز آھي. جيڪو مسٽر مسعود احمد کدر پوش، جيڪو نوابشاھ ۾ ڪليڪٽر ھو  طرفان لکيل آهي. اختلافي نوٽ تن  ڏينھن ۾ حڪومت  پاڪستان طرفان نہ صرف لڪايو ويو هو، پر ڪافي عرصي تائين اھو ڇپيو بہ نہ ويو هو. حڪومت پاڪستان وٽ ان جا ڪهڙا دليل هيا جو سنڌ ۾ هارين جي حالتن جي باري ۾ آيل هڪ حاضر سروس سرڪاري آفيسر جي آيل تجويزن کي لڪائي نہ ٿي ڇپيائون تن جو مسعود کدرپوش ۽ ٻين هن ئي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. اختلافي نوٽ ۾ هارين جي سماجي ۽ معاشي حالتون  تبديل ڪرڻ بابت جيڪي تجويزون هن ۾ ڏنل آهن تن لاءِ نئين ٺهندڙ ملڪ جو حڪمران طبقو تيار ئي نہ ھو. ڇاڪاڻ جو جلد ئي سياسي قيادت جاگيردارن ۽ سندن ٻين اتحادين جي زير اثر رهي. هي ڊاڪيومينٽ 1973ع ڌاريِ ڪهڙين حالتن ۾ ڇپايو ويو تن جو به هتي ذڪر ڪيل آهي. 

Title Cover of book هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ

مهاڳ

1946ع ۾، آزاديءَ کان هڪ سال اڳ مسلم ليگ جي چئن اڳواڻن ڪراچيءَ جو دورو ڪيو، انهن ۾ لياقت علي خان ۽ چوڌري خليق الزمان، سر عبدالله هارون جا، مهمان ٿيا. اهي تاريخي چونڊن جي تيارين ۾ هئا، جيڪي چونڊون ايندڙ سال ٿيڻيون هيون، جن ۾ پاڪستان جي ٺهڻ جو فيصلو، سنڌ ۾ طئي ٿيڻو هو. اُهي هِتي انڊين سول سروس جي پنجن اهم ۽ مشهور آفيسرن سان مليا، جن جو پاڪستان جي نظرئي ۾ يقين هو، انهن ۾ مان به هڪ هئس.
انهن گڏجاڻين ۽ ملاقاتن ۾ اسان ڪجهه ماڻهن مسلم ليگ جي اڳواڻن تي پنهنجي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو، ڇاڪاڻ ته اهي هڪ جاگيردار، نواب طبقي مان هئا.
چوڌري خليق الزمان چيو ته نوجوان کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، پر مسلم ليگ جو ميمبر ٿيڻ کپي، ته جيئن اڳواڻيءَ جي مسئلي کي منهن ڏيئي سگهجي. مون کيس جواب ڏنو ته مسلم ليگ جي اڳواڻيءَ کي تسليم ڪرڻ جو مطلب ٿيندو ته اسين ان ريل ۾ سواري ڪريون جنهن جي ڪابه منزل ئي نه آهي.
ليگ جي اڳواڻن کي اها مڪمل خبر هئي ته هاري، زميندارن ۽ جاگيردارن کي ووٽ نه ڪندا. بهرحال مضبوط اپيل اسلام ۽ پاڪستان ٺهڻ جي نالي ۾ ڪندا، جڏهن ته هاري قابض زميندارن مان آزادي چاهين ٿا، تنهن ڪري ليگ جي گورنمينٽ محمد علي جناح جي حڪم هيٺ سنڌ هاري ڪميٽي جوڙي، ان آسري تي ته هاري ووٽ ڏيئي مسلم ليگ کي ڪامياب ڪندا، پر ليگ جي حڪومت تي زميندار ۽ جاگيردار قابض هئا، انهن هاري ڪميٽيءَ کي رد ڪيو ۽ هاري اڳواڻن کي جيل ڀيڙو ڪيو ۽ جن ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ۽ اعلان ڪيو ته هاري ڪميٽيءَ جو “اختلافي نوٽ” شايع نه ڪيو ويندو.
سنڌ ۾ ليگ جي نئين اڳواڻيءَ مان توقع صاف هئي. چوڌري خليق الزمان جي اميدن تي پاڻي ڦيرجي ويو. ليگ جي حڪومت، نوجوان قيادت ۽ پارٽي ورڪرن کي، جن هارين جي حقن جي ڳالهه ٿي ڪئي، تن کي پڪڙي جيلن ۾ واڙي ڇڏيو. بهرحال، عوامي هلچل مضبوط ٿيندي ويئي. ليگ گورنمينٽ کي مجبوراً “اختلافي نوٽ” کي شايع ڪرڻو پيو، جنهن هڪ وڏي احتجاج جي عوامي مطالبي جي شڪل اختيار ڪئي ته وڏيرن ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو آندو وڃي.
هاڻي مسلم ليگ جي قيادت نئين سازش ڪئي. 1950ع ۾ هارين جي همدرديءَ لاءِ هڪ قرارداد پاس ڪئي ويئي، جنهن ۾ صوبائي ليگ، گورنمينٽ کي هدايت ڪئي ويئي ته مناسب زميني سڌارا ڪيا وڃن. چوڌري خليق الزمان کان پريس، رات جي مانيءَ تي سوال ڪيو ته ڪيئن ليگ جي ردي قيادت زميني سڌارن جي قرارداد 1950ع واري پاس ڪئي. مون ڏانهن اشارو ڪندي هن جواب ڏنو ته، “اهو اختلافي نوٽ، جنهن اسان لاءِ طوفان کڙو ڪيو آهي، اسان لاءِ ٻيو ڪو رستو نه بچيو هو.” مون جواب ڏنو، “چڱو ٿيو، اوهان رڳو مشڪل صورتحال مان بچڻ لاءِ اهو ڪري رهيا آهيو، پر حقيقت ۾ اوهان سڌارن لاءِ واقعي سچا نه آهيو، پر مان اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته اهائي قرارداد آهي جيڪا مسلم ليگ جي تباهي آڻيندي.”
بهرحال، جاگيردارن ۽ نوابن کي اولهه پاڪستان ۾ يقين هو ته ان ڏس ۾ ڪوبه عمل نه ڪيو ويندو، سواءِ ان جي ته نوجوان ميمبرن جي جذبي کي ٿڌو ڪجي، پر انهن کي اها گهٽ خبر هئي ته اوڀر بنگال ۾، بعد ۾ اولهه پاڪستان، ليگ گورنمينٽ ڪو وقت وڃائڻ کان سواءِ قرارداد کي لاڳو ڪندي ۽ حقيقي ۽ گهڻ طرفا زميني سڌارا ڪري، انهن مان فائدو حاصل ڪندي. ايئن 1951ع ۾ نورالامين جي وزارت قانون پاس ڪري وڏيون جاگيرون ختم ڪيون ۽ ڪنهن به هڪ خاندان کي 30 ايڪڙ زمين کان مٿي رکڻ جي اجازت نه ڏني.
اهڙو عمل اولهه ۾ زميندارن ۽ جاگيردارن لاءِ هڪ صدمي کان گهٽ نه هو، ڇاڪاڻ ته هنن زميني سڌارا آڻڻ جو ڪو ارادو ئي نه پئي رکيو. اهي بنگال جي نمائندگيءَ کان سخت ڊنل هئا ۽ ان ڳالهه تي متفق هئا ته سياسي طاقت ۽ اختيار پاڻ وٽ رکندا ۽ بنگالين کي سڄي طاقت هرگز نه ڏيندا.
وقت گذرڻ سان ليگ ڌڙن ۾ ورهائجي ويئي. ترقي پسند ڌڙو هڪ ڌر ۾ ۽ رد اڳواڻي ٻيءَ ڌر ۾ هلي ويئي. کين اوڀر بنگلاديش ۾ يونائيٽيڊ فرنٽ هٿان شڪست نصيب ٿي ۽ اولهه پاڪستان ۾ ڌڙابنديءَ جي ڪري ڪمزور ٿي ويئي. هتي ترقي پسند ڌڙن، رد اڳواڻيءَ کي مسلسل چئلينج ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ۽ فيصلي ۾ هڪ نئين پارٽي ريپبلڪن پارٽي جي نالي ۾ صدر اسڪندر مرزا جي صدارت ۾ ۽ گورنر نواب مشتاق احمد گرماڻي جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ٿي.
1956ع جي آئين ۾ ترقي پسند ڌڙن لاءِ نوان رستا ۽ گس کليا، خاص ڪري جيڪي اوڀر پاڪستان ۾ هئا. جاگيردارن کي هينئر پنهنجي بچاءَ لاءِ ٻين چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو ۽ هنن ايوبي مارشل لا جي آئين جي مقابلي ۾ آمريت جي آجيان ڪئي، ڇاڪاڻ ته وٽن بچاءَ جو ٻيو ڪو رستو ئي نه هو، پر ملڪ جي سياسي ڍانچي ۾ جيڪي سنجيده تضاد هئا، اهي هئا اوڀر ۽ اولهه جي حصن ۾ زمين جي مالڪيءَ جي تعريف، جنهن مان ئي ملڪ ٽٽڻ جو بنياد پيو. اولهه پاڪستان جا جاگيردار سياسي طاقت ۾ اوڀر کي حصيدار بنائڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ الٽو آمريت جي ڪري کين لڪيل فائدو پئجي ويو ۽ آمريت جي نتيجي ۾ ترقي پسند انقلابين، غير جاگيرداري ڌرين کي اوڀر پاڪستان تائين محدود ڪري ڇڏيو. 1971ع جي اليڪشن جي نتيجن کين ڊيڄاري ڇڏيو. انهن خاموشيءَ سان رت ۽ ڳوڙهن جو ڊرامو اکين سان اوڀر پاڪستان ۾ ڏٺو ۽ اتي امن قائم ڪرڻ لاءِ يا سياسي حل لاءِ ڪا ڪوشش ورتي. نه رڳو ايترو، پر اتان ملٽريءَ کي ڪڍڻ لاءِ سياسي جاگيردار قيادت ڪا ڪوشش به نه ورتي. جاگيردار خاموش رهيا، ڇاڪاڻ ته جيڪو ڪجهه اوڀر بنگال ۾ وهيو واپريو، ڄڻ ته هنن جو ان سان واسطو ئي نه هو. جڏهن ته اوڀر بنگال جي قيادت وڏي واڪي اعلان ڪري چڪي هئي ته هو جڏهن اقتدار ۾ ايندا ته جاگيرداري، وڏيراشاهي ۽ فيوڊل نظام جو خاتمو آڻيندا.
اوڀر پاڪستان جي سانحي کان بچي پئي سگهجيو، جيڪڏهن ٻنهي طرفن جي اڳواڻن جا مفاد ساڳيا هجن ها. اولهه ۾ طاقت جي مرڪزيت ۽ اوڀر جو طاقت مان خارج ٿيڻ ئي حقيقي معنى ۾ سڌو سنئون مفادن ۾ ٽڪر جو نتيجو هو ۽ اها بدقسمتي هئي جو ملٽري آمريت کي اهو ڏينهن ڏسڻو پيو.
انهيءَ سانحي مان صحيح ۽ حقيقي سبق به نه سکيا ويا. توڻي جو خون ۽ ڳوڙهن جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سياسي ڇڪتاڻ ۽ ان مان ڦٽندڙ بحرانن کي سمجهجي. مون کي ڪو شڪ نه آهي ته جيڪڏهن اسين وري فيل ٿينداسين ۽ جيڪڏهن ان جي سببن جو ڳوڙهو مطالعو نه ڪنداسين ته مستقبل ۾ انهن نقصانن کان به نه بچي سگهنداسين.
اوڀر پاڪستان جي وڏي سانحي مون کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو ته “اختلافي نوٽ” کي عوام اڳيان رکي سياسي قيادت تي زور وجهجي ته گهربل صحيح واٽ ڳولين.
مون جڏهن “اختلافي نوٽ” لکيو، تڏهن چيني انقلاب ڄڻ ته ويجهو هو ۽ مختلف ملڪن ۾ سياسي تحريڪون عروج تي هيون. مون کي يقين هو ته پاڪستان جو بچاءُ رڳو ان صورت ۾ آهي ته زمين جي مالڪيءَ جي نظام ۾ سڌارا آڻي، سماجي انصاف جي راهه متعين ڪجي، پر وقت گذرڻ سان آئون سخت مايوس ٿيس. آئون بنا شڪ جي ان نتيجي تي پهتس ته جاگيرداري قيادت پاڪستان ۾ پنهنجا پير پختا ڪري چڪي آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ ممڪن نه آهي.

محمد مسعود
1973، لاهور