تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ

گورنمينٽ ھاري انڪوائري رپورٽ  1947-48 جي اڪثريتي رپورٽ تي ”اختلافي نوٽ“ هڪ اهم دستاويز آھي. جيڪو مسٽر مسعود احمد کدر پوش، جيڪو نوابشاھ ۾ ڪليڪٽر ھو  طرفان لکيل آهي. اختلافي نوٽ تن  ڏينھن ۾ حڪومت  پاڪستان طرفان نہ صرف لڪايو ويو هو، پر ڪافي عرصي تائين اھو ڇپيو بہ نہ ويو هو. حڪومت پاڪستان وٽ ان جا ڪهڙا دليل هيا جو سنڌ ۾ هارين جي حالتن جي باري ۾ آيل هڪ حاضر سروس سرڪاري آفيسر جي آيل تجويزن کي لڪائي نہ ٿي ڇپيائون تن جو مسعود کدرپوش ۽ ٻين هن ئي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. اختلافي نوٽ ۾ هارين جي سماجي ۽ معاشي حالتون  تبديل ڪرڻ بابت جيڪي تجويزون هن ۾ ڏنل آهن تن لاءِ نئين ٺهندڙ ملڪ جو حڪمران طبقو تيار ئي نہ ھو. ڇاڪاڻ جو جلد ئي سياسي قيادت جاگيردارن ۽ سندن ٻين اتحادين جي زير اثر رهي. هي ڊاڪيومينٽ 1973ع ڌاريِ ڪهڙين حالتن ۾ ڇپايو ويو تن جو به هتي ذڪر ڪيل آهي. 

Title Cover of book هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ

باب پنجون: دنيا جا زميني سڌارا

مون گذريل باب ۾ لکيو ته ڪيئن اسلام وڏي پئماني تي زمين جي مالڪي، مسواڙ يا ليز جيمنع ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو تمام وڏي زمين جي ملڪيت رکي، جيڪا هو پاڻ کيڙي سگهي، ۽ ٻين لفظن ۾ کيڙيندڙ ۽ زمين تي رهندڙ ئي اصل ۾ زمين جا مالڪ آهن. يورپي ملڪن زرعي مسئلن کي حل ڪندي، زمين جي ترقيءَ جي اصولن کي هارين جي مالڪيءَ سان ڳنڍي ڄڻ ته قرآن جي اصولن جي پوئيواري ڪئي آهي. زرعي سڌارن جو هڪ مقصد، جيڪو سڄي يورپ ۾،روس کان علاوه لاڳو ٿيل آهي ته،زمين جا فارم ايترا وڏا هجن جو ان تي کيڙيندڙ هاري پنهنجي عيال/ خاندان جو سٺو گذر سفر ٿي سگهي. ٻيا اثرائتا اپاءَ پڻ لاڳو ڪيا ويا آهن، جن ۾ وڏين جاگيرن رکڻ جي منع، زمين جي مالڪيءَ جو نظام، قرضن جون سهولتون ۽ بي زمين هارين لاءِ زمينون خريد ڪرڻ ۽ هارين جي حقن کي زمين جي خريداري، وڪري، ليز يا وياج تي ڏيڻ جي منع وغيره شامل آهي.
اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته زمين جي ٽڪرن جي ننڍي هئڻ ڪري ان تي مشين جو استعمال گهٽجيو وڃي، تنهن ڪري ان تي آبادگارن ۽ هارين جي هارپي کي اوليت ڏني وڃي ٿي. رياست کي وڏن زرعي فارمن کي هٿي وٺرائڻ گهرجي ۽ ان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. وڏن فارمن جي هارپي ۽ ننڍن فارمن جي مقابلي ۾ فوقيت عام طور مڃيل آهي ۽ سڄي دنيا جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته ان کي سڄي دنيا ۾ مقبوليت ملندي وڃي ٿي. ان ۾ هتي حوالو ڏيندس ته هن موضوع تي هڪ ماهر گارل برانڊٽ، جيڪو زرعي معاشيات جو اسٽينفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي، هن پنهنجي ڪتاب “ري ڪنسٽرڪشن آف ورلڊ ايگريڪلچر” جو، “ڳوٺاڻو سماج،پنهنجي آباديءَ کي زندگيءَ کي مطمئن ڪندڙ اطمينان بخشي ٿو. جيڪڏهن زرعي فارم جي انتظام جي آزادي جهڙي نجي ملڪيت تي هوندي آهي. جيڪڏهن هاري بي زمين آهن ته پنهنجي ڄاڻ ۽ هنر ۾ بهتر سار سنڀال جي نتيجي ۾ گهڻا فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا۽ جيڪڏهن ڪو ڪمدار يا ٻيو ڪو منتظمين هنن مٿان هجي ۽ هو اجرتي مزدور وانگر روزانه مزدوريءَ تي ڪم ڪندا هجن، ۽ ٻئي جي طابع هجن ته پنهنجون ذاتي صلاحيتون ڪتب نه آڻي سگهندا.
تنهن ڪري اهو ثابت نه آهي ته جيڪڏهن کين ممڪن موقعا فراهم ڪيا وڃن ته سندن خانداني زمين ۾ لاڳت، پيداوار، فني ۽ معاشي ڪارڪردگي وڏين زمينن کيڙڻ ۾ وڌندي، پوءِ چاهي اهي نجي ملڪيت ۾ هجن يا ان تي ڪو ٻيو انتظام، ڪارپوريشن يا گڏيل وڏا فارم هجن. دنيا ۾ ڪٿي به گهڻ صلاحيت ۽ منافع بخش وڏا زرعي فارم/ ڪاروبار ايترا ترقي يافته نه آهن جو هو پنهنجي مزدورن کي گهر جون سهولتون، حقيقي آمدنيون ۽ ڳوٺاڻي پائيدار ترقي مهيا ڪري سگهن، جيڪي لکين خانداني فارمن يورپ ۽ آمريڪا ۾ مهيا ڪري ڏني آهي. ان جو مطلب هرگز اِهو نه آهي ته سڄي دنيا ۾ وڏا زرعي فارم سڀ خانداني زرعي فارم پيداواري ۽ سڄن ڪٽنبن جي زندگين ۾ خوشحاليءَ جي ضمانت آهن. حقيقت ۾ هڪڙا اهڙا وڏا زرعي فارم آهن، جتي آبادي به گهڻي آهي ۽ اتي هارين ۽ آباديءَ ۾ وڏي بدحالي آهي، جڏهن ته وڏي پئماني تي پوکي ڪئي وڃي ٿي ته اتي پيداوار ۾ اپت به گهڻي آهي ۽ مزدورن جي زندگيءَ جا معيار به بهتر آهن. اهي حالتون آهن ئي ان ڪري جو وڏن زرعي فارمن تي معاشي ۽ سماجي هڪ هٽي هئڻ جي ڪري، اتي حالتون خانداني فارمن لاءِ برابر نه آهن ۽ ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ اتي حڪمرانيون ۽ خدمتن جو معيار به پوئتي پيل آهي.” حڪومتون زرعي ملڪن ۾ ان ڳالهه جو نوٽيس وٺن ٿيون ته رڳو هارين ۾ شعور انهن جي معيارِ زندگيءَ کي بهتر ڪندو، پر ان جي مقابلي ۾ زمين جي کيڙيندڙ ۽ حڪومت جي تعاون سان بهتري ايندي. ملڪ جهڙوڪ آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ چين، اتي وڏا زرعي فارم ٺاهڻ لاءِ همٿائي ٿو، ته جيئن هارين جي زندگين ۾ تبديلي آڻي سگهجي. تڪڙن زرعي سڌارن وچ ۽ اوڀر يورپ ۾ روايتي زرعي ڍانچن ۾ گهڻيون تبديليون آنديون آهن. زرعي فارمن جي وڏي ۽ ننڍي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي. اٽڪل 20 لک هيڪٽر زمين زميندارن کان زرعي هارين ڏانهن منتقل ٿي آهي. هارين ۽ آبادگارن جي طبقي جڙڻ جي ڪري مٿين ملڪن ۾ سماجي ۽ معاشي ڍانچن ۾ وڏي تبديلي آئي آهي ۽ ان جو ڳانڍاپو ان وڏي ۽ تاريخي اهميت جو حامل آهي، جنهن مان زرعي سڌارا ڦٽي نڪتا.
زمين کيڙيندڙ لاءِ هڪ وڏو مقبول نعرو ۽ پيغام وچ ۽ ڏکڻ يورپ ۾ مقبول پروگرام ٿي اڀريو. انهن چيو ته زمين جي مالڪي اُن جي آهي، جيڪو ان کي کيڙي ٿو.
“تمام گهڻي تعداد ۾ بي زمين هاري يا ٿورا هاري، جن کي معمولي زمين آهي، اهي وڏين زميني جاگيرن جي پاسي ۾ رهن ٿا، اهو برداشت کان ٻاهر آهي. هڪ ترقي پسند، مضبوط ۽ اڳتي وڌيل معاشري قائم ڪرڻ جا بنياد ئي ان ڳالهه تي ٻڌل آهن ته هرهڪ هاريءَ کي ذاتي زمين هجي. آمريڪا ۾ خانداني زرعي فارمن ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي ۽ ٻين ملڪن ۾ يورپ کان ٻاهر بينڪ ميڊ جونس فارم ايڪٽ 1937ع مطابق تمام وڏي رقم ان ڳالهه لاءِ مخصوص ڪئي ويئي آهي ته هارين کي پنهنجي شخصي زمين خريد ڪري ڏني وڃي. زمين جي ماليت جي برابر جا قرض آڇيا وڃن ٿا، جيڪي 40 سالن ۾ موٽائڻا آهن. انهن تي وياج جي شرح فقط ٽي سيڪڙو آهي. ان جا شرط به آسان آهن، ته جڏهن وڻي، جيترو وڻي، پيداواري چاڙهه/ اپت وارن سالن ۾ جمع ڪرائين. طئي ٿيل قرضن جون قسطون هروڀرو لاڳو نه آهن.
ميڪسيڪو ۾ زرعي سڌارا متعارف ڪرايا ويا آهن، جنهن ۾ هارين تان، ۽ بي زمين هارين ۽ غلاميءَ جي بار هيٺ دٻيل مزدورن ۽ هارپو ڪندڙن تان بار لاهي سگهجي. زمين جي ملڪيت جو مرڪزي نظام 1910ع جي انقلاب کان اڳ لاڳو ٿيل هو. انقلاب کان پوءِ سڀ کان اهم ۽ پهريون ڪم زرعي سڌارا آڻي عوام جي نبض کي ٿڌو ڪرڻ جو پروگرام متعارف ڪرايو ويو. 1917ع ۾ زميني سڌارا ٽن نقطن تي متعارف ڪرايا ويا.
1. حڪومت طرفان زمين جي ذاتي ملڪيت جي نظام کي درست ڪرڻ يا نگهباني ڪرڻ.
2. ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻي سماج کي زمين جي گڏيل ملڪيت رکڻ جي اجازت ڏيڻ.
3. خانداني زمين کي شخصي مالڪيءَ هيٺ ٺاهڻ/ آڻڻ.
ملڪي وسيلن کي بهتر انتظام هيٺ آڻڻ لاءِ، زرعي ۽ هارپو ڪندڙ آباديءَ کي هٿي وٺرائڻ، نجي ملڪيت رکڻ جي ممانعت ڪرڻ، جنهن جا سماج تي گهرا اثر پون ٿا ۽ ايئن اهڙا قانون پاس ڪرايا ويا، ته جيئن رياست ۽ مرڪزي حڪومت زمين تحويل ۾ وٺي عوامي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪري سگهي. جن کان زمين حاصل ڪئي ويئي، انهن کي ان جو معاوضو ڏنو ويو. جنهن اها زمين خريد ڪئي، ان کي 20 قسطون ڪري حڪومت طرفان وڪيل ڪيل/ حاصل ڪيل زمين جون رهتون ادا ڪري. اهڙي الاٽمينٽ جو واحد شرط هو ته حاصل ڪندڙ پاڻ کيڙيندو.
چين جا 80 سيڪڙو ماڻهو/ عوام هاري آهن. چين ۾ زمين جي مالڪيءَ جو زميندار ۽ غلام هارين جو سرشتو ۽ تعلق ڏهه صديون پراڻو، يورپ کان به اڳ هارين جي استحصال تي قائم هو. 9 صديون اڳ سُنگ موروثيت ۾ هڪ ليکڪ لکي ٿو ته:
“مٽي ان جي نه رهي آهي جيڪو ان کي کيڙي ٿو ۽ جيڪي ان جا مالڪ آهن. اهي زمين کيڙين ئي نه ۽ ان جي اپت مان زميندار اڌ کڻي وڃي ٿو ۽ هر ڏهن هارين تي هڪ مالڪ ويٺو آهي، جيڪو روز جي بنيادن تي پنهنجو حصو ڳڻائي ٿو. هن جي خوشحالي وڌندي وڃي ٿي، جڏهن ته ٻين جي هيڻي، ٿڪل ۽ پاڻ کي رڳو جيئرو رکندا اچن ٿا. غربت ۽ بک ۾ پاهه ٿيل، پر هو ڪجهه ڪري نه ٿا سگهن.
فِبلڪس گرين پنهنجي ڪتاب “The Wall Has Two Sides- Portrait of China Today.”
چائنا جي چيانگ ڪائي شيڪ جي حڪومت ان ڳالهه کي مڃيو ته چين ۾ سڌارا آڻڻ گهرجن، گهٽ ۾ گهٽ نظرياتي. حقيقت هيءَ هئي ته آمريڪي، ڪومنتانگ (سياسي پارٽي) سان گڏ ڪم ڪندا هئا، جن جو پنج ساله منصوبو هو ته سمورن هارين کي آزاد آبادگارن ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ زميني سڌار جو پروگرام 1948ع ۾ متعارف ڪرايو. اصل ۾ هارين جو انقلاب ئي هو، جنهن ڪومنتانگ کي مکيه چائنا ۾ شڪست ڏني. ڪميونسٽن پنهنجي قيادت کي انقلاب کان پوءِ زرعي سڌارن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هر ان ضلعي ۾ جتي ڪميونسٽ طاقت ۾ هئا، انهن اتي زمينون زميندارن کان تحويل ۾ ورتيون (سواءِ پنهنجي کيڙڻ جيتري زمين رکڻ جي) ۽ ان زمين کي بي زمين هارين ۾ ورهائي ڇڏيو. جڏهن ڪميونسٽن 1949ع ۾ مرڪزي حڪومت حاصل ڪئي، زمين جي ورهاست جي اسڪيم جلد متعارف ڪرائي ويئي ۽ 1952ع ۾ سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪئي ويئي، سواءِ پري جي ڪجهه علائقن جي. نئين حڪومت جي قيادت لاءِ اهو ڪو آخري حل نه هو. 1943ع ۾ مائوزي تنگ چيو ته، “هڪ طريقو جنهن وسيلي هاري پنهنجي غربت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن ٿا، اهو آهي زرعي فارمن جي گڏپ ۽ سهڪار.” چين جي عبوري آئين جي آرٽيڪل 34 تحت، هڪ عام پروگرام 54-1949ع متعارف ڪرايو ويو، جنهن جو مقصد هو ته هارين کي پنهنجي تنظيم سازي ڪري، هڪٻئي جي سهڪار سان سهڪاري پيداواري عمل ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي.
زمين جي ورڇ جاگيرداري نظام جي خاتمي طرف پهريون قدم هو، پر ننڍي پئماني تي شخصي مالڪي زراعت جي جديديت ۽ مشين جي استعمال کان قاصر هئي. ان کان سواءِ چين ۾ لڳاتار اناج جي کوٽ ختم ٿيڻي نه هئي. جڏهن هاري زمين جا آبادگار ۽ مالڪ ٿي ويا ۽ مسواڙ ۽ قرضن مان سندن جان آزاد ٿي ويئي، پر ان عمل انهن جي ڪا خاص مدد نه ڪئي. زمين هنن لاءِ نهايت ٿوري هئي. گهڻن هارين کي ته هارپي جا اوزار ئي نه هئا. زمين کي ڪيئن سڌارين ۽ کڏا کٻا۽ بندن کي ساڳئي وقت ٺاهيو ويو، هارين کي همٿايو ويو. ڪٿي ڪٿي کين اڇل ڏني ويئي ته هڪٻئي جون مددگار ٽيمون ٺاهيو، وسيلا هڪٻئي سان ونڊيو ۽ هڪٻئي سان سهڪار ڪريو. انهن مٿان دٻاءُ وڏو هو، پر سهڪاري ٽيمن ۾ شامل نه ٿيا ۽ جڏهن هڪٻئي جي مدد لاءِ سهڪاري ٽيمون ٺهيون ته انهن ۾ ارڏا شخص شامل نه ٿيا، پر جڏهن سال ۽ وقت گذريو ته ان جا فائدا اچڻ شروع ٿيا. سهڪاري زرعي فارمن جي اپت، مشينن ۾ اضافو، في ايڪڙ پيداوار ۽ نجي مالڪي ۽ ايئن هاري ان ۾ شامل ٿيندا ويا.
ايئن هڪٻئي جا سهڪاري ٿي هڪ وڏي گڏيل پيداواري سرشتو ٺهڻ طرف وڌڻ لڳا. 1955ع ۾ اهڙا سهڪاري ٽولا هاڻي رضاڪارن جي شڪل ۾ اڀرڻ لڳا. زمين تڏهن به ذاتي ملڪيت هئي، پر ان تي هارپو گڏيل هو، هڪ وڏي زرعي فارم تي. ان ۾ اڳتي وڌيل سرشتو پيدا ٿيو، جنهن ۾ زمين ۽ زرعي فارم گڏيل ملڪيت هئا ۽ سال جي آخر ۾ منافعي جو حساب ڪتاب ورهايو ويندو هو، هرهڪ خاندان جي سراسري محنت ۽ پورهئي جي ڏينهن جي حساب سان. 1957ع جي آخر ۾ 97 سيڪڙو چيني هاري اهڙن سهڪاري زرعي فارمن جا ميمبر هئا.
توڻي جو اهڙن زرعي فارمن ۾ سراسري 20 خاندان کان گهٽ ڪم ڪندا هئا، پر اهي اڃان به ننڍا هئا، ڪنهن به قسم جي زرعي جديديت لاءِ مناسب نه هئا ۽ ڪنهن به شڪل ۾ هارين جي گهربل صلاحيت ڪتب آڻڻ لاءِ مناسب نه هئا. دنيا ۾ ڪو اهڙو ٻيو ملڪ نه هو، جنهن تمام تيزيءَ سان جديد دنيا ڏانهن اهڙو تڪڙو سفر ڪيو هجي، جهڙو چين، جنهن جي 80 سيڪڙو آبادي پنهنجي صلاحيت جي اڌ جيترو ڪم ڪندي هجي. صورتحال تمام مناسب هئي ته پيش قدمي ڪجي.
58-1957ع جي سياري ۾ حڪومت به قومي پلان، پاڻيءَ جي بچاءَ ۽ آبپاشي سڌارن کي متعارف ڪرايو. آبپاشيءَ تي گهڻو ڌيان ڏيئي ملڪ جي کاڌ خوراڪ جي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻو هو. تقريباً 40 کان 45 لک ايڪڙ زمين کي 1950ع ۾ آبپاشي ۽ پوکيءَ لائق بڻايو ويو. سياري جي اهڙي ٿڌي موسم اڳ ڪڏهن نه هئي. ملين جي آباديءَ ۾ هارين، رضاڪارانه شهرن ۽ ڳوٺن مان وڏا ڊيم ٺاهڻ، ڪئنال کوٽڻ، تلاءَ ٺاهڻ ۽ کوهه کوٽڻ ۾ جنبي ويا.انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪيو ويو ۽ نتيجي ۾ ايندڙ اونهاري ۾ هڪ وڏي اپت جي شڪل ۾ پيداوار ٿي، پر سهڪاري تعاون جي مقابلي ۾ آبپاشي گوءِ کڻي ويئي. اهي ننڍڙيون هيون، پر جڏهن وڏا ڊيم ۽ ڪئنال آيا ته زبردست آبپاشي تي ڦيرو ئي بدلجي ويو. سهڪاري تعاون ۾ سڄي ملڪ جا پورهيت پورهيو، مشينري ۽ سامان سان تعاون ڪندا هئا ۽ ايئن وڻ پوکڻ لاءِ به ڪندا هئا. هڪ ڳوٺ ۾ جيڪڏهن وڏي زمين ٻيلن لاءِ خالي هئي، پر مزدور پورهئي لاءِ ميسر نه هئا. ٻين کي وري مزدور هئا پر زمين ڪانه هئي ۽ نين کاڻين لاءِ به ساڳي ڳالهه هئي ۽ ساڳئي وقت حڪومت مشيني استعمال تي به زور پيئي ڏنو، پر زرعي فارم لاءِ گهڻن لاءِ مشينري مهانگي هئي، جو هو خريد ڪري سگهن.
انهن سببن جي ڪري سموريون سهڪاري تعاون واريون تنظيمون پنهنجو پاڻ ۾ انضمام ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙا انضمام فيڊرل سطح تي اڳتي وڌيا. ڪٿي ڪٿي اهي اشارا به هئا ته شايد تعاون جون تنظيمون اهڙيون ڪارگر نه رهيون جو مقصد کي پورو ڪري سگهن، تنهن ڪري ظاهر آهي ته گڏيل پيداوار جو نظام اپريل 1958ع ۾ متعارف ڪرايو ويو، جڏهن 27 سهڪاري تعاوننکي پاڻ ۾ ملائي ڳنڍيو ويو، جنهن ۾ 930 خاندان، جنهن ۾ 40 هزار کان مٿي جي آبادي شامل هئي. هارين کي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو ۽ انهن پاڻ ۾ ڪم جي ورڇ ڪئي. ڪجهه عورتن پاڻ ۾ ملي بورچي خانا سنڀاليا ۽ فصل جي لڻڻ ۾ مدد ڪئي. بهار جي مند ۾ غلطين ۽ تجربن مان سکي اهڙيون 27 سهڪاريتعاون واريون تنظيمون ٺهيون ۽ انهن جا مول متا طئي ٿيا.
چين جي ڳوٺاڻي زندگيءَ کي ٻيهر هڪ ڏهاڪي ۾ منظم ڪيو ويو. زميني سڌارا، سهڪاري تعاون ۽ هاڻي ڪميون سرشتو. انهن ٽن نقطن تي ٻڌل چين جي زرعي ترقي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پوئتي پيل زرعي فارمن مان ڦري وڃي دنيا جي چوٽيءَ جي ملڪن سان پيداواري نسبت ۾ ڀرپاسي اچي بيهاري ڇڏيو.
جاپان جا زميني سڌارا به هڪ سٺو مثال پيش ڪن ٿا. انهن سڀني زميندارن کان زمينون کسيون ويون، جيڪي زمين تي نه رهندا هئا يا هنن وٽ اڍائي ايڪڙن کان وڌيڪ زمين هئي. ڪنهن کي به ساڍا ست يا ان کان وڌيڪ ايڪڙ رکڻ جي اجازت نه هئي. ان جو مقصد هو ته زمين جي مالڪي لازمي کيڙيندڙن وٽ هجي، ان کي هو خريد ڪن ۽ جيڪي زمين کان پري آهن انهن جو خاتمو ڪجي. تقريباً 80 سيڪڙو زمين هارين جي مالڪيءَ هيٺ ڏني ويئي. 92 سيڪڙو جاپاني زمين تقريباً هڪ جيتري مقدار ۽ ماپ ۾ هاري مالڪيءَ هيٺ آهي.
اهو اڪثر چيو ويو آهي ته زميني سڌارن ۽ زرعي پيداوار ۽ اپت جو پاڻ ۾ تعلق آهي، ڇاڪاڻ ته سڌارا هڪ چاهه پيدا ڪن ٿا ۽ هڪ تنظيم ۽ ربط ٺهي ٿو. اقوامِ متحده جي 1962ع جي رپورٽ مطابق، زميني سڌارن جي نتيجي ۾ جاپان ۾ اپت ۽ پيداواريت ۾ چڱو فرق پيو، پر پاڪستان ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ درآمدات ۾ زرعي سڌارن کان پوءِ اضافو ٿيو.
ٻي جنگِ عظيم کان پوءِ ڪجهه يورپي ملڪن ۾ زميني سڌارا آيا. انگلينڊ ۾ حڪومت هڪ ملڪي ڪميٽي مختلف زراعت جي شعبن مان ٺاهي. اها ڪميٽي غير پيداواري زرعي فارمن کي ڪنٽرول ۾ وٺندي يا ان کي سڌو ڪنٽرول هيٺ رکندي، سپروائيز ڪندي ۽ جيڪڏهن ضرورت سمجهندي ته مالڪ کان آزاد ڪرائيندي، ۽ زرعي وزير کي اختيار هوندو ته سختيءَ يا نرميءَ سان زمين حاصل ڪري، ان جي انتظام ۽ ترقيءَ ۾ واڌارو ڪري. آئون هتي اهو ضرور ٻڌائيندو هلان ته اهڙو اصول گهڻي ڀاڱي اڪثريتي ڪميٽيءَ قبول ڪيو ۽ پنهنجي چوٿين باب جي سفارشن ۾ شامل ڪيو، جيڪو خدشو آئون مٿي ظاهر ڪري چڪو آهيان.
اوڀر يورپ جي ملڪن ۾ 45-1944ع ۾ نوان قانون متعارف ڪرايا ويا، جن ۾ زرعي مزدورن کي زمينون ڏنيون ويون، هرهڪ کي 12 ايڪڙ جي حساب سان. ان مان بيگانگي، قرض ۽ گروي رکڻ جي منع ڪيل هئي. جن کان زمين واپس ورتي ويئي، انهن کي هڪ سال جي بيٺلفصل جو تخمينو لڳائي 20 قسطن ۾ ادا ڪيو ويو.
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ وڏي اسلامي ملڪ قرآن شريف جي اصولن جي پاسداري ڪندي، هارين کي زمين جي مالڪيءَ لاءِ پيش قدمي ڪئي. ترڪيءَ ، جون 1945ع ۾ قانون پاس ڪيو، جنهن جو نالو “هارين کي زمين ڏيڻ جو قانون” هو. ان جو مقصد هو:
1. بي زمين هارين ۽ معاشي طور غريب ماڻهن کي زمين فراهم ڪرڻ.
2. زمين وارن هارين جي مالي مدد ڪري انهن کي مشينون وٺي ڏيڻ.
3. زمين تي صلاحيت ۽ مسلسل پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ.
هن قسم جي اپائن هڪ لک 28 هزار بي زمين هارين کي فائدو ڏنو ۽ 8 لک 72 هزار خاندانن کي سڌو ۽ اڻ سڌو فائدو ڏنو. انهن سڌارن ۾ زمين وڏن زميندارن کان عوامي ڀلائيءَ لاءِ واپس ورتي ويئي ۽ ائن اها زمين هارين ۽ غريب ماڻهن ۾ ورهائي ويئي، انهن ۾ هجرت ڪندڙ، زرعي شاگرد، پورهيت يا جن کي ٿوري زمين هئي يا اهي جيڪي کيڙڻ چاهين پيا. جن کان زمين حاصل ڪئي ويئي، انهن کي 20 قسطن ۾ معاوضو عطا ڪيو ويو. ترڪيءَ جي “زميني بانڊن” جي شڪل ۾، جن تي وياج جي شرح 4 سيڪڙو هئي، جن کي مقرر قيمت گهربل هئي، انهن کي 20 قسطن ۾ سواءِ ڪنهن وياج جي شرح سان رقم ڇهن سالن ۾ ادا ڪئي ويئي. ان اسڪيم ۾ هڪ دلچسپ ڳالهه اِها به هئي ته هرهڪ قسط مان 5 سيڪڙو ڪٽوتي به ڪئي ويئي، جيڪڏهن خريدار جو ٻار اسڪول وڃڻ لائق ٿيو هجي.زمين جي خريدارن جي مالي مدد بئنڪ جي ذريعي به ڪئي ويئي، ته جيئن هو اوزار، جڳهه، چوپايو يا زرعي ڪم ڪار لاءِ ماليات جون ضرورتون پوريون ڪري.
اهڙي قسم جو قانون يوگوسلاويا ۾ آگسٽ 1945ع ۾ پاس ڪيو ويو. زمين جي مالڪي ان اصول هيٺ ڪئي ويئي ته زمين رڳو ان وٽ هجي جيڪو مالڪ هجي ۽ ڪنهن به هاريءَ وٽ 35 هيڪٽر يا 84 ايڪڙن کان مٿي زمين نه هجي. جنهن وٽ وڌيڪ هجي، ان کان معاوضي عيوض واپس ورتي وڃي. جيڪي مالڪ زمين تي نٿا رهن، اهي پنهنجون 12 ايڪڙن (5 هيڪٽرن) کان مٿي زمينون واپس ڪن. اهڙو قانون شخصي مالڪي، چرچ ۽ ٻين لاڳاپيل مذهبي ادارن ۽ ٽرسٽن تي به لاڳو ٿيندو.
رومانيه ۾ 1919ع ۾ پنج ملين ايڪڙ زمين واپس ورتي ويئي. مالڪ رڳو خاص حالتن ۾، جملي 500 هيڪٽر زمين رکي سگهندا.
پولينڊ ۾ 1911ع ۾ تقريباً ڏهه کان پندرهن لک ايڪڙ زمين واپس وٺي هارين ۾ ورهائي ويئي.
آئرلينڊ، اسڪاٽ لينڊ ۽ جرمنيءَ ۾ وڏا زرعي ۽ زميني سڌارا متعارف ڪرايا ويا، جن ۾ وڏيون جاگيرون واپس ورتيون ويون ۽ بي زمين هارين ۽ ٻين آبادگارن ۾ ورهايون ويون، توڻي جو معاوضي جو اصول مڃيو ويو. معاوضو زمين جي قدر جي حساب سان طئي ڪيو ويو. آئرلينڊ ۾ اهو معاوضو فصل جي ڏيڍوڻي قيمت تي طئي ڪيو ويو. رومانيه ۽ آسٽريا ۾ زمين جي اپت کي سالن جي ضرب ڏني ويئي ۽ بلغاريه ۾ زمين جي ماليت جي قدر ۾ 10 کان 15 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ادا ڪيو ويو.
آئرش 1909ع جو آئرش لينڊ ايڪٽ ۽ اسڪاٽ لينڊ جو 1911ع جو اسڪاٽش سمال لينڊ هولڊنگ جي قانونن تحتقانون جي اختيارين لاءِ لازم آهي ته ننڍين زمينن جي هارين لاءِ زبردستي زمين حاصل ڪري.
آئرلينڊ ۾ زميندار کي اهو حق آهي ته پنهنجي زمين معاوضي عيوض حڪومت جي گارنٽيءَ سان مقرر قيمت تي وڪرو ڪري ۽ ان جون قسطون حاصل ڪري. جيڪڏهن زميندار اسسٽنٽ ڪمشنر جي آڇ قبول نه ڪري ته زمين کي زبردستي واپس وٺي سگهي ٿو.
يورپ ۽ آمريڪا ۾ جيترا به زميني سڌارا ڪيا ويا آهن، اهي ٻڌائين ٿا ته ملڪن ۾ عوام جي بدحالين کي منهن ڏيڻ لاءِ رڳو قرآن شريف وارو اصول آهي ته صرف اوتري زمين ملڪيت ۾ رکو جيتري کيڙي سگهو. بدقسمتيءَ سان، قرآن جي اصول جي پوئيواري اسلامي ۽ مسلمان ملڪن ۾ نه ڪئي وڃي ٿي، سواءِ ترڪيءَ جي، جتي بدليل/ ٿوري.روس ۾ اهو اصول سختيءَ سان زرعي شعبن ۾ لاڳو ڪيو ويو آهي. سويت يونين جي لينڊ پاليسيءَ جو بنياد زمين تي پورهيو/ ڪم ڪندڙ جي نسبت سان آهي. زمين جي ليز محدود ڪئي ويئي آهي. سويت يونين شخصي ٽيڪس به زمين مان اوڳاڙي ٿو ۽ ڳرا ٽيڪس انهن کان اوڳاڙي ٿو جيڪي مزدورن جو استحصال ڪندڙ ڪاروباري آهن.
اسان کي خبر آهي ته ننڍي پر مالڪيءَ واري زمين جي ڪاميابيءَ جو راز اولهه جي ڪجهه ملڪن ۾ ڪهڙو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ زرعي سماج ۾ زندگيءَ جا معيار ۽ هارين جون حالتون بهتر ٿيون آهن. اهڙين خوشحالين لاءِ اسين ڊينمارڪ جهڙي ملڪ جو حوالو ڏيون ٿا، جيڪو هتي مناسب نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته تعليم جي فرق، صنعتي صلاحيت، زندگيءَ جي معيار ۽ بهتر زندگي گذارڻ جي جذبن ۽ سمورن عنصرن ۾ هڪ وڏو فرق آهي.
اڪثريتي رپورٽ ۾ هڪ ننڍڙو تضاد آهي، جيئن مٿي بيان ڪيل پيراگراف ۾.
“انهن سمورن ملڪن ۾، جتي تعليم جو معيار گهٽ آهي، اتي رڳو رياست جي مداخلت ئي زمين جي ڪنٽرول، انتظام، واڌاري، ترقي ۽ زرعي وسيلن ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، ته جيئن ملڪ جا وسيلا پنهنجي گهربل پيداواري صلاحيت حاصل ڪن، ته جيئن زرعي مزدورن جي زندگيءَ جا معيار ڪنهن حد تائين بهتر بڻائي سگهجن.”
ان مان صاف ظاهر آهي ته مٿيون حوالو ڪافي آهي ته ملڪ ۾ زرعي مزدورن ۽ هارين جي معيارِ زندگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ پوئتي پيل ملڪ ۾ رياست جي مداخلت کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي نه آهي. اهو ايئن به ڪري سگهجي ٿو ته زمين کي قومي ملڪيت ۾ وٺي، ان جو ڪنٽرول ۽ انتظام سنڀالي ۽ طاقت ذريعي غير صلاحيتي، غير ذميوار زميندارن کان واپس وٺي هارين ۾ برابريءَ جي بنياد تي ورهائي ڇڏجي. اهو اڪثر چيو ويندو رهيو آهي ته پوئتي پيل سماج ۾ غريبن جي تعليم، ثقافت ۽ سماجي ترقيءَ کي نجي ملڪيت تي فوقيت هجڻ گهرجي. تجربي ثابت ڪيو آهي ته پسماندگيءَ، جهالت ۽ بنيادي خواهشون، جيڪي پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو رکن ٿيون، اهي بنيادي بيمارين جون پاڙون آهن. فردن کي معاشي طرح پاڻ ڀرو ڪرڻ، آزاد ڪرڻ ۽ انهن جي ذاتي عزت ۽ عظمت بحال ڪجي، جيڪا هنن جي غلاميءَ هنن کان ڇني ڇڏي آهي.