تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ

گورنمينٽ ھاري انڪوائري رپورٽ  1947-48 جي اڪثريتي رپورٽ تي ”اختلافي نوٽ“ هڪ اهم دستاويز آھي. جيڪو مسٽر مسعود احمد کدر پوش، جيڪو نوابشاھ ۾ ڪليڪٽر ھو  طرفان لکيل آهي. اختلافي نوٽ تن  ڏينھن ۾ حڪومت  پاڪستان طرفان نہ صرف لڪايو ويو هو، پر ڪافي عرصي تائين اھو ڇپيو بہ نہ ويو هو. حڪومت پاڪستان وٽ ان جا ڪهڙا دليل هيا جو سنڌ ۾ هارين جي حالتن جي باري ۾ آيل هڪ حاضر سروس سرڪاري آفيسر جي آيل تجويزن کي لڪائي نہ ٿي ڇپيائون تن جو مسعود کدرپوش ۽ ٻين هن ئي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. اختلافي نوٽ ۾ هارين جي سماجي ۽ معاشي حالتون  تبديل ڪرڻ بابت جيڪي تجويزون هن ۾ ڏنل آهن تن لاءِ نئين ٺهندڙ ملڪ جو حڪمران طبقو تيار ئي نہ ھو. ڇاڪاڻ جو جلد ئي سياسي قيادت جاگيردارن ۽ سندن ٻين اتحادين جي زير اثر رهي. هي ڊاڪيومينٽ 1973ع ڌاريِ ڪهڙين حالتن ۾ ڇپايو ويو تن جو به هتي ذڪر ڪيل آهي. 

Title Cover of book هاري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ

مترجم طرفان ٻه اکر

گورنمينٽ ھاري انڪوائري رپورٽ 1947-48جي اڪثريتي رپورٽ تي “اختلافي نوٽ” هڪ اهم دستاويز آھي.جيڪو مسعود احمد کدر پوش طرفان لکيل آهي. اختلافي نوٽ تن ڏينهن ۾ حڪومت پاڪستان طرفان نه صرف لڪايو ويو هو، پر ڪافي عرصي تائين اھو ڇپيو به نه ويو هو. حڪومت پاڪستان وٽ ان جا ڪهڙا دليل هيا جو سنڌ ۾ هارين جي حالتن جي باري ۾ آيل هڪ حاضر سروس سرڪاري آفيسر جي آيل تجويزن کي لڪائڻ نه ٿي ڇپيائون تن جو مسعود کدرپوش ۽ ٻين هن ئي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. اختلافي نوٽ ۾ هارين جي سماجي ۽ معاشي حالتون تبديل ڪرڻ بابت جيڪي تجويزون هن ۾ ڏنل آهن تن لاءِ نئين ٺهندڙ ملڪ جو حڪمران طبقو تيار ئي نه ھو. ڇاڪاڻ جو جلد ئي سياسي قيادت جاگيردارن ۽ سندن ٻين اتحادين جي زير اثر رهي. هي ڊاڪيومينٽ 1973ع ڌاريِ ڪهڙين حالتن ۾ ڇپايو ويو تن جو به هتي ذڪر ڪيل آهي.
سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي سياسي، نظرياتي ليڊرشپ ۽ عام ڪارڪنن کان هي ڊاڪيومينٽ ڪافي عرصو پري رهيو. هڪ ته اهو ڇپيل ڊاڪيومينٽ انگريزي ٻولي ۾ هيو. ٻيو مارڪيٽ ۾ ايترو ظاهر نه هيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مانوارو رسول بخش پليجو ۽ محمد ابراهيم جويو جن ان ڊاڪيومينٽ جي باري ۾ انتهائي ڌيان سان سياسي ڪارڪن ۽ علمي ڪچھرين ۾ ان بابت اڳيان ڳالهائيندا رهيا. رسول بخش پليجي جو خيال هيو ته اهو لازمي طرح سنڌي ۾ ڇپجي سياسي ڪارڪنن ۽ هارين جي هٿن ۾ هجي پر ائين ٿي نه سگهيو . توڻي جو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ تڏهن جي ماهوار تحريڪ ۾ هارين جي باري ۾ آيل ڳالهين ۾ ته ان جو ذڪر آهي.
هن اهم دستاويز کي وري مسعود کدرپوش جي نياڻي ڊاڪٽر فوزيه مسعود جاويد جون 2007ع ۾، لاهور مان سڌاري، غلطين کان بهتر ڪري ۽ اکر پڙهڻڻي مان گذاري ڇپايو آهي.
مون جڏهن اهو دستاويز انگريزي ۾ پڙهيو ته هڪدم خيال آيو ته ان کي سنڌي ۾ ترجمو ڪريان. هن دستاويز جي سنڌي ۾ ڇپجڻ جي اجازت سندس ڌي شيرين مسعود ۽ ڊاڪٽر فوزيه جاويد کان لکت ۾ ورتي جيڪا هن خوشي سان ڏني.
هن اهم دستاويز ۾ باب چوٿين “زميني سڌارن تي اسلامي قانون ۾” قران شريف جون موجود عربي آيتون، انگريزي واري ڪتاب ۾ اصل مسودي ۾ انگريزي ۾ ئي ترجمي جي صورت ۾ ڏنل آهن. پڙهندڙن ساٿين جي جماليات جي ضرورتن کي ڌيان ۾ رکندي، تن کي هتي عربي ۾ اصل صورت خطي ۾ به رکيو اٿم، پر انهن آيتن جو ترجمو مون انگريزي واري ڪتاب مان، انگريزي متن مان ئي ڪيو آهي.
اڄ جي هاري تحريڪ ۽ هارين جي معاشي بحالي جو تعلق سندن زمين تي مالڪي واري سوال سان ڳنڍيل آهي . هارين جي زمين تي مالڪي ۽ رسائي ڇو هجڻ کپي. تنهن سان ملڪي معاشي ترقي ڪيئن ڳنڍيل آهي، تنهن کي سموري دنيا جي ملڪن، يورپ جي سرمائيداري نظامن، روس، چين ، جپان بنگال ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۽ سياسي قيادتن ڪينئن حل ڪيو تن جو هتي ذڪر ڪيل آهي .سنڌ جي هارين جي هن وقت معاشي حالت ۽ بدحالي تنهن دور جي مسعود کدر پوش واري لکيل اختلافي نوٽ کان گهڻي تبديل نه ٿي آهي . اهي انگ اکر هاڻي به ڀيانڪ ۽ خطرناڪ آهن. خاص طرح سان هاري عورتون ۽ اقليتي هاري مرد ۽ عورتون ، هاڻ به وڏيرڪي سياسي ۽ معاشي پاور جي چوڪاٺي ۾ ڦاتل آهن.
.هن ڪتاب جي مسودي جي ترجمي جي سڌاري، اکر پڙهڻي جي ڪم ۾، ڊاڪٽر ذوالفقار علي راهوجو، ڊاڪٽر اختيار گهمرو ، راحيلا گهمرو، ذوالفقار علي راجپر ۽ هاري اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري جن جو شڪر گذار آهيان ، جن هن مسودي کي پڙهيو ، پنهنجا قيمتي رايا ڏنا.

ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙو
شڪارپور سنڌ
سيپٽيمبر 2020