زاهد شيخ
مشھور شاعر زاهد شيخ جو اصل نالو حاڪم علي ولد گل محمد شيخ آهي، هن پھرين جنوري 1964ع تي ڳوٺ شاھ لڌاڻي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ سکر مان 1982ع ۾ مئٽرڪ ۽ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1995ع ۾ ايم. اي(بين الاقوامي تعلقات) ۾ ڪيائين. بي. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي بہ آهي. زاهد شيخ 1975ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. قومي ۽ عوامي تحريڪن کان متاثر ٿي، سندس شاعريءَ عوامي ۽ قومي رنگ اختيار ڪيو، ضياءُ الحق جي مارشل لا واري دور ۽ خاص ڪري ايم. آر. ڊي دوران هن جا گيت سنڌ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گونجڻ لڳا. سندس آواز بہ سٺو آهي پر سندس شاعري، سرمد سنڌيءَ سميت ٻين فنڪارن ڳائي شھرت ماڻي. کيس عمر کان وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي آهي.
سندس شاعريءَ جا ھيٺيان مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
1. جيجل تنھنجي جهول ۾ (ٻارن لاءِ شاعري)
2. سپنا سورج ڪرڻا (شاعري)
3. گهاون مٿان گل (شاعري)
4. امن جو مسافر(شاعري)
5. دلبر، ديس ۽ دل (شاعري)
6. وايون سنڌوءَ ڄايون (شاعري)
7. جيون گيت خوشيءَ جا (شاعري)
8. سرگم جا ست رنگ (شاعري)
9. درد ڏکايل ديس جا (شاعري)
- جنم: 1964-01-01
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل