ڪتاب جو نالو: ڪرشيا شهر جو قصو
مصنف: ڪليم ٻُٽ
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر اي آر ٻٽ ٽرسٽ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 06 فيبروري 2019 ع
پڙهيو ويو: 689 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 394 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ڪرشيا شهر جو قصو“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪليم ٻُٽ جو لکيل ناوليٽ آهي.
ڪليم ٻُٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي حوالي سان نوجوان ٽهيءَ جو ڪافي متحرڪ نالو آهي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون وقفي وقفي سان پڙهڻ لاءِ اکين آڏو اينديون رهن ٿيون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5

  • ارپنا

    پنهنجي محبوب شھر ڪراچيءَ جي نانءُ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪرشيا شهر جو قصو“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪليم ٻُٽ جو لکيل ناوليٽ آهي.

    ڪليم ٻُٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي حوالي سان نوجوان ٽهيءَ جو ڪافي متحرڪ نالو آهي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون وقفي وقفي سان پڙهڻ لاءِ اکين آڏو اينديون رهن ٿيون.

    ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ ليکڪ ڪليم ٻُٽ جا جنهن ڪتاب موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    1

    اڻٽيهه سالن جي ايجنٽ عيني هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيپ کي غور سان ٻڌو. هوءَ ڪرشيا جي جاسوسي اداري جي هيڊڪائوٽر جي هڪ بند ٿڌي ڪمري ۾ ويٺل هئي، ڪمري ۾ خاموشي هئي، سندس ڪنن تي ڪارا هيڊفون پيل هئا، ڪمرو ننڍڙو هو، ان ۾ رڳو هڪ ڪاٺ جي ميز ۽ هڪ ڪرسي رکيل هئي، ميز تي عينيءَ جو سلور ڪلر جو ليپ ٽاپ ۽ ان جي پاسي کان هڪ ڊائري ۽ بال پين پيل هئي. اڪثر هوءَ هڪ سٽ ٻڌي ڊائري تي ڪجهه لکندي هئي، پر ان ڏينهن هوءَ لاڳيتو اڌ ڪلاڪ کان ان ريڪارڊ ٿيل آواز کي ٻڌندي رهي، هن هڪ آهه ڀري آواز کي پاز ڪيو ۽ ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهي. عينيءَ ڇهه مهينا اڳ ئي ولايت جي هڪ يونيورسٽي مان سائونڊ ريڪگنيشن ۾ ڊگري وٺي موٽي هئي، هي ڪورس رڳو جاسوسي ادارن جي ايجنٽن کي ئي ڪرايو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن اهڙي گهربل ماڻهو کي جنهن جي شڪل صورت واضح نه هجي، آواز وسيلي سڃاڻي ان جو خاڪو تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. عينيءَ سان گڏ هن ڪورس ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي جاسوسي ادارن جا ايجنٽ گڏ هئا. ڇهه مهينا پهريان هن جڏهن وري پنهنجي اداري سان ڪم شروع ڪيو هو ته انهن ئي ڏينهن ۾ ڪرشيا شهر ۾ هڪ عجيب تحريڪ زور پڪتو هو ۽ ان جي نالي ۾ ماڻهن کي قيل ٿي ڪيو ويو. ڪنهن مٿي ڦريل سندرتا ديس واسي “ڪرشيا رڳو سندرتا ديس واسين جو آهي” تحريڪ شروع ڪري ڏني هئي. اول ته هر ڪنهن ان کي مذاق ۽ ٻاراڻي سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، پر ٻه مهينا اڳ جڏهن پاڻ بچايو تحريڪ (پ ب ت) جي اهم اڳواڻ خرم کي سندس محل نما گهر ۾ ماري پيغام ڇڏيو ويو هو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هن ٽولي جي ڳولا ۾ لڳي ويا هئا، پر اڃا به کين ڪا خاص ڪاميابي نه ملي هئي، اهو اندازو نٿي ٿي سگهيو ته هي ٽولي ڪنهنجي سرپرستي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. بس هڪ فرضي نالو هو ڀيرومل جنهن جو ڪٿي به ڪو ريڪارڊ نٿي مليو. ڪرشيا سندرتا ديس جو اهم شهر هو، شهر سمنڊ ڪناري تي هو ۽ ان تي وديا ٻيٽ جي ماڻهن چاليهه سال اڳ اچي قبضو ڪيو هو، وديا ٻيٽ ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ اُتان جا واسي امن جي ڳولھا ۾ سندرتا ديس آيا هئا، سندرتا ديس جي اهم شهر ڪرشيا ۾ راتو رات ماڪوڙن جيان پکڙجي ويا هئا. هنن کي ته امن ملي ويو پر هنن سندرتا ديس جي واسين جو سک چين برباد ڪري ڇڏيو. وديا ٻيٽ کان آيل ماڻهن ڏيهن سالن جي عرصي ۾ ڪرشيا جي هڪ طاقتور سياسي ٽولي جي شڪل وٺي ڇڏي هئي، سندن ڪم ڪرشيا جي زمينن تي قبضو ڪرڻ، نوڪريون ڦٻائڻ، ڪليم ۾ گهر ۽ ملڪيتون وٺڻ وغيره ۽ سندرتا واسين کي ڪرشيا شهر مان تڙي ڪڍڻ شامل هو. جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هنن ۾ هٿ ٿي وڌو ته اهي مظلوميت جو راڳ الاپڻ شروع ٿي ويندا هئا، پر جڏهن سندن گهيرو تنگ ڪيو ويو ته هنن پاڻ بچايو تحريڪ (پ ب ت) جو بنياد وڌو، جيڪا ڪرشيا ۾ وديا مان آيلن جي حقن جي علمبردار ٿي پئي هئي. پ ب ت جو اڳواڻ هڪ ٿلهو متارو پنجونجاهه سالن جو سانورو شخص اجغر خان هو، جنهن کي سندس چاهيندڙ “ڊان صاحب” جي نالي سان سڏيندا هئا، ڊان صاحب جو روعب ۽ دٻدٻو ويهارڻ لاءِ سندس ساٿين رت جون نديون وهائي ڇڏيون هيون، ڀتي خوري ۽ پيسن لاءِ وپارين کي اغوا ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. پ ب ت ايتري ته طاقتور ٿي وئي هئي جو ان جو نالو ٻڌي عام ماڻهن جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويندو هو. سندرتا ديس جا واسي هي سمورو تماشو ڏسي چپ رهڻ جا عادي ٿي چڪا هئا. پنهنجي اثر کي وڌائڻ لاءِ پ ب ت وارن 1998ع ۾ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو هو. ڊان صاحب سندس پارٽي جي مقامي عهديدارن کي ايترو ته طاقتور ڪري ڇڏيو هو جو ڪرشيا شهر ۾ ڪجهه به ڪري ٿي سگهيا، ڪنهن ماڻهو ۾ سندن نالي وٺڻ جي همت نه هئي. انهن چونڊن دوران پ ب ت ۽ ڊان صاحب جو لاڏلو خرم منظر عام تي آيو هو، ان وقت سندس عمر رڳو چويهه سال کن هئي. سنهڙو سيپڪڙو شخص، ڪارا ريشمي وار ۽ تمباڪو چٻاڙڻ ڪارڻ سندس ڏند هيڊا ٿي چڪا هئا. چونڊن ۾ ڪرشيا جي ٻي اهم سياسي طاقت سندرتا ديس مک پارٽي هئي. چونڊ مهم دوران خرم سندس ساٿين سان گڏ هڪ رات جو نڪتو هو ۽ مک پارٽي جي دفتر تي حملو ڪري ڏنو هو. دفتر ٻاهران بيهي خرم وارن هٿيارن جا منهن مک پارٽي جي دفتر تي کولي ڇڏيا هئا. آفيس ۾ پارٽي جا ڪجهه ڪارڪون ويٺل هئا، گولين جي آواز تي هنن ۾ ٿرٿلو مچي ويو هو. مک پارٽي جا ڪارڪن جان بچائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، ڪو ڪيڏانهن ٿي ڀڳو ته ڪو ڪيڏانهن، پر سندن ساٿياڻي رضيا خرم وارن جي ور چڙهي وئي هئي. اهي کيس اغوا ڪري هڪ بلڊنگ جي قبضي ڪيل فليٽ تي کڻي آيا هئا. رضيا روئيندي ۽ ٻڏائيندي رهي هئي. خرم هن وٽ اچي ويٺو هو، رضيا کي هن جي جسم مان عجيب قسم جي بوءَ آئي هئي.
    ”ڪجهه ته خدا جو خوف ڪريو،“ رضيا ٿڙڪندڙ لبن سان هن کي چيو هو، اهو ٻڌي خرم اُڀ ڏاريندڙ ٽهڪ ڏنو هو، جنهن تي راضيا جو هانءُ ئي ڏڪي ويو، هن جي حالت بلڪل ان هرڻيءَ جيان هئي جيڪا ڪنهن بکيءَ شينهن جي ور چڙهي ويندي آهي. خرم رضيا جي گول چهري تي آڱريون ڦيرڻ لڳو هو. رضيا سٽ ڏئي هن جو سانورو هٿ پري ڪيو هو، خرم تمباڪو جي ڳاڙهي ٿڪ ڪنڊ ۾ اڇلائي رضيا کي وارن کان پڪڙي پاڻ ڏانهن سوريو هو. رضيا جي واتان هڪ آهه نڪتي هئي سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا هئا، خرم سندس جسم کي مرون جيان نچوڙڻ لڳو هو. سندس پنج ساٿين به رضيا سان ڏاڍائي ڪئي هئي. ٽين رات جو اذيتن ۽ ڏاڍائي کانپوءِ خرم وارا رضيا کي قتل ڪري سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري مک پارٽي جي دفتر ٻاهران اڇلائي آيا ويا هئا. اهڙي هيبتناڪ واقعي کانپوءِ مک پارٽي مجبور ٿي پ ب ت سان چونڊن دوران سمجهوتو ڪري ڇڏيو هو ۽ شهر ڪرشيا هنن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. پ ب ت وارن ان ڳالهه جو فائدو کڻندي نعرو هنيو هو:
    “شهر اسان جا، ڳوٺ اوهان جا....” ڪرشيا ۾ خرم موت جو ٻيو نالو بڻجي پيو هو. جئين ئي چونڊن جا ڏينهن ويجهي آيا هئا خرم سندس وحشي ساٿين سان ڪرشيا جي مختلف علائقن جي ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيا هئا ۽ چونڊ ۾ ٻه ڏينهن هئا جو هن اعلان ڪيو هو:
    ”چونڊون پوريون ٿيڻ تائين ڪير به گهران نڪتو ته پاڻ ذميوار هوندو.” چونڊ واري ڏينهن پ ب ت وارن پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري ڇڏيو هو، چونڊ واري عملي کي هٿيارن جي زور تي پولنگ اسٽيشنن جي ڪمرن ۾ بند ڪري پنهنجي نشان تي اتيرا ته ٺپا هنيا هئا جو ڪن علائقن ۾ ماڻهن جي انگ کان ووٽن جو انگ وڌي ويو هو. پر پوءِ به ڪنهن ۾ همت نه ٿي هئي جو پ ب ت خلاف ڪا ڪاروائي ڪري سگهن. پ ب ت ڪرشيا جي اهم سياسي ڌر بڻجي وئي هئي، هنن اخبارن کي ڌمڪيون ڏئي ڪرشيا جي خبرن ۾: “ڪرشيا ۽ سندرتا ديس..” لکرائڻ شروع ڪري ڏنو هو، جنهن تي سندرتا ديس جي اصل واسين اعتراض ڪيو هو، جلوس ڪڍيا هئا ۽ نعرا هنيا هئا:
    “اهو سندرتا ديس جو ورهاڱو کين منظور نه آهي.” ان تي ويتر ڪرشيا ۾ خون رزي شروع ٿي وئي هئي، پر اخبارون دستور موجب “ڪرشيا ۽ سندرتا ديس” ئي لکنديون رهيون. اهو جملو پڙهي ۽ پ ب ت وارن جي واتان ٻڌي سندرتا ديس جي حقيقي رهواسين جو رت ٽهڪڻ لڳندو هو، پر هاڻي اهي ايترا ڪمزور ٿي چڪا هئا جو ڪجهه نٿي ڪري سگهيا. خرم ڪرشيا جي واپارين کي ڌمڪيون ڏئي هنن کي به پاڻ سان ملائي ڇڏيو هو ۽ ڪرشيا جي زمينن تي قبضو ڪري مختلف پلازا اڏرائڻ شروع ڪيا هئا. خرم جي لالچ ايتري ته وڌي وئي هئي جو هاڻي هو سندرتا ديس جي قديم وسندين تي به قبضو ڪرڻ جي ارادي سان نڪري پيو هو.
    اٺيتالهه ورهين جي روبانو پ ب ت جي اهڙي رويش خلاف آواز اٿارڻ شروع ڪيو هو. روبانو جسم ۾ ڀريل عورت هئي. هو سماجي ڪمن سان گڏ سندرتا ديس ناٽڪ منڊلي نالي ٿئيٽر جي مالڪڻ به هئي، تان جو هن شادي نه ڪئي هئي پر ڪرش نالي نوجوان کي پٽ ڪيو هئائين. ڪرش انقلابي گيت لکندو هو ۽ ناٽڪن جي هدايتڪاري به ڏيندو هو، ٿيئٽر جي مک اداڪارا اُجالا به وڏي عرصي کان هنن سان گڏ ڪم ڪندڙ هئي. هڪ ڏينهن روبانو ٿيئٽر جي هال ۾ سڀني کي گڏ ڪري هڪ گڏجاڻي ڪئي هئي. اهو شام جو وقت هو، هال ۾ لڳ ڀڳ 35 ڄڻا گول دائرو ڪري ويٺا هئا، روبانو وچ ۾ ويٺل هئي. هڪ سپورٽنگ اداڪار سڀني ويٺلن کي چانهه ڏئي رهيو هو. روبانو کنگهي گلو صاف ڪيو هو ۽ پوءِ ڌيمي لهجي ۾ ڳالهايو هو:
    “مون فيصلو ڪيو آهي ته مان پ ب ت جي سندرتا واسين جي وسندين تي قبضي خلاف احتجاج ڪريان.” سڀئي هن کي غور سان ٻڌي رهيا هئا، سندن چهرن جي تاثرن مان اهو صاف ظاهر هو ته اهي سوچي رهيا هئا ته پ ب ت خلاف احتجاج ڪرڻ جي سگهه ڪٿان اچي.
    “هاڻي مان هنن جي ناانصافين خلاف چپ نه وهينديس،” روبانو وري ڳالهايو هو.
    “آپا اسان ڪهڙو احتجاج ڪنداسين؟” ڪرش سوال ڪيو هوس، روبانو کي سڀئي پيار مان آپا سڏيندا هئا.
    “اسان هنن خلاف اسٽريٽ پلي ڪنداسين، ڪرشيا پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ۾ وهنداسين،” روبانو چانهه جي سرڪي ڀريندي چيو هو.
    “آپا اسان اوهان سان گڏ آهيون،” هن ڀيري سهڻي، ملوڪ ۽ وڏين ڪارين اکين واري اُجالا ڳالهايو هو. روبانو هن کي ڏسي مرڪي هئي.
    “ڪرش تون اڄ کان ئي اسڪرپٽ لکڻ شروع ڪر،” روبانو سندس ساڄي هٿ تي ويٺل هلڪڙي ڏاڙهي واري نوجوان کي چيو هو.
    “جي آپا،” ڪرش به چانهه مان سرڪي ڀري جواب ڏنو هوس.
    “شام ۽ نيتن اوهان پلي ڪارڊ ۽ بينر تيار ڪيو،” روبانو اُجالا جي ڀر ۾ ويٺل ٻن نوجوانن کي چيو هو.
    “جي آپا،” ٻنهي هڪ ئي آواز ۾ چيو هو.
    “ٺيڪ آهي اوهان هاڻي کان ئي ڪم کي لڳي وڃو.” روبانو چئي اٿي هئي ۽ ٿيئٽر جي مٿان سندس ڪمري ڏانهن هلي وئي هئي. ڪرش وارا ڪم کي لڳي ويا هئا. رات دير تائين اهي پلي ڪارڊن تي نعرا ۽ بيئنر ٺاهيندا رهيا هئا. صبح جو سڀ روبانو سان گڏ ڪرشيا جي پريس ڪلب ٻاهران اچي گڏ ٿيا هئا، هنن پهريان اسٽريٽ پلي ڪيو هو ۽ پوءِ احتجاج ۾ ويهي رهيا هئا.
    “سندرتا ديس جي قديم وسندين کي لينڊ مافيا کان بچايو وڃي،” روبانو وڏي واکي نعرو هنيو هو، سندس ساٿين نعري جو جواب ڏنو هو. اهي سج لٿي تائين احتجاج ۾ ويٺا رهيا هئا.
    روبانو وارا اڃا ٿيئٽر تي مس پهتا هئا جو هنن تي ڪيترين ئي موٽر سائڪلن تي سوار هٿياربندن حملو ڪري ڏنو هو، هنن ڏنڊن سان روبانو وارن تي حملو ڪيو هو ۽ گاريون ڏيندي چيو هون:
    “حرامخورو ڪرشيا ۾ رهڻو اٿئو ته ماٺ ڪري رهو نه ته هليا وڃون پنهنجي سندرتا ديس.”
    “ڪرشيا به سندرتا ديس ئي آهي،” روبانو اڳيان وڌي هنن کي للڪاريو هو. ٻئي پل ڪنهن سندس مٿي تي ڏنڊو وهائي ڪڍيو هو. هن جي واتان هڪ آهه نڪتي هئي، رت سندس چهري تي ڪرڻ لڳي.
    “آپا....” اُجالا رڙ ڪري روبانو ڏانهن آئي هئي، کيس سندس وارن ۾ ڪا مضبوط گرفت محسوس ٿي هئي، ڪرش ڦڙتي ۾ اڳيان وڌيو هو ۽ ان شخص جي نڪ تي زور سان ٺونشو وهائي ڪڍيو هو. هن جي واتان هڪ گار نڪتي هئي ۽ اُجالا جي وارن مان هٿ ڪڍيو هئائين. اُجالا گوڏن ڀر ويهي روبانو کي پنهنجي هنج ۾ ڪيو هو ۽ هن جي منهن تان رت صاف ڪرڻ لڳي هئي. حملو ڪندڙ ٿيئٽر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري هليا ويا هئا. ڪرش ۽ اُجالا روبانو جي پٽي ڪرائڻ لاءِ هسپتال کڻي ويا هئا. ٻئي ڏينهن روبانو زخمي حالت ۾ ئي احتجاج لاءِ نڪتي هئي. سندرتا ديس جي اصل ٻولين واري اخبارن کان سواءِ ڪنهن به سندن احتجاج جي خبر نه ڏني هئي. جڏهن ته رڳو هڪڙي فرنگي اخبار ٿيئٽر تي ٿيل حملي ۽ روبانو جي زخمي ٿيڻ جي خبر هلائي هئي.
    روبانو وارا هفتي تائين احتجاج ۾ ويٺا رهيا هئا، هڪ شام جو هوءَ پنهنجي سلور ڪلر جي مهراڻ گاڏي ۾ ٿيئٽر موٽي رهي هئي جو رستي ۾ ٻه موٽر سائڪل سوارن جن جا منهن ٻٽن ۾ ٻڌل هئا، سندس گاڏي تي گولين سان حملو ڪيو هو، روبانو کي پيٽ ۾ ٽي گوليون لڳيون هيون ۽ هڪ گولي سندس مٿي ۾ لڳي هئي. هوءَ ٿڏي تي ئي مري وئي هئي. ان حملي کانپوءِ ڪرشيا ۾ ڪم ڪندڙ انساني حقن وارا به احتجاج ۾ نڪري پيا هئا، پريس ڪلب ٻاهران روبانو جي فوٽون جي سامهون ميڻ بتيون ٻاريون ويون هيون. ان ڏينهن ڪرش هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي. هال ۾ صحافي ويٺا هئا، فوٽوگرافر هن جون تصويرون ڪڍڻ لڳا هئا.
    “اسان پنهنجا گهر بچائڻ نڪتا هئاسين،” هن سڏڪو ڀريندي ڳالهايو هو: “اسان جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني نه آهي، ان هوندي به اسان تي حملو ڪيو ويو، ٿيئٽر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، جنهن ۾ اسان جي اڳواڻ آپا روبانو زخمي ٿي پئي، اسان پوليس کان مدد جي گهر ڪئي،” هن وري هڪ سڏڪو ڀريو هو ۽ پوءِ چيو هئائين: “اڄ وري اسان تي هٿياربندن اسان تي حملو ڪيو ان جي نتيجي ۾ اسان جي اڳواڻ آپا روبانو شهيد ٿي وئي.” ڪرش وري هڪ سڏڪو ڀريو هو ۽ پوءِ وري چيو هئائين: “هاڻي اسان هي احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيا آهيون، اسان جو ڪنهن به سياسي ڌر سان واسطو نه آهي.” ڪرش ڳالهائڻ بس ڪيو هو ته صحافين سوالن جي بوڇاڙ ڪري ڏني هوس:
    “اوهان کي ڪنهن تي شڪ آهي؟”
    “ڇا اڃا به اوهان کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن؟” ۽ ٻيا به اهڙا ڪيترا ئي سوال، ڪرش انهن جا جواب سڏڪن ۾ ڏيندو رهيو هو. هو پريس ڪلب کان نڪري ٿئيٽر آيو هو. ان رات دير تائين ٿيئٽر جي هال هو اُجالا سان خاموش ويٺو رهيو هو.
    “ڪرش هاڻي ڇا فيصلو ڪيو اٿئي؟” اُجالا ڌيمي لهجي ۾ پڇيو هوس.
    ”آپا جي ٽيجهي کانپوءِ وري ٿيئٽر شروع ڪنداسين،” هن هال جي خالي ڪرسين کي ڏسندي جواب ڏنو هو.
    “۽ آپا جو مشن؟” اُجالا حيراني مان سوال ڪيو هوس.
    “اهو آپا سان گڏ ختم ٿي ويو،” هن شرٽ جي اڳئين کيسي مان سگريٽ ڪڍي چپن جي وچ ۾ ڦاسائي ماچيس سان دکايو هو، ڪرش جا چپ گهڻا سگريٽ ڇڪڻ ڪري ڪارا ۽ خشڪ ٿي چڪا هئا.
    “ڇا مطلب ختم ٿي ويو؟” اُجالا حيراني مان هن کي ڏسندي پڇيو هو.
    “مون ۾ اتيري سگهه نه آهي جو پنهنجن جون وڌيڪ لاشون کڻي سگهان،” ڪرش ڪش هڻي خالي ڪرسين ڏانهن ڏٺو هو.
    “تون بزدل شخص آهين،” اُجالا ڪاوڙ ۾ اهو چئي هن کي اتي ڇڏي روبانو جي ڪمري ڏانهن هلي وئي هئي. ڪرش اُتي ئي اونداهي ۾ ويٺو رهيو هو ۽ سگريٽ ڇڪيندو رهيو هو.


    2

    خرم جي رستي ۾ ايندڙ روبانو جي موت هن لاءِ ويتر مشڪلون وڌائي ڇڏيون، قانون نافذ ڪندڙ ادارا هن جي غنڊن کي گرفتار ڪري ويا هئا. ان تي هن ڪرشيا کي سندرتا ديس کان الڳ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. جڏهن ته مک پارٽي جي اڳواڻن وري سياسي چال کيڏندي نعرو هنيو هو:
    “ڪرشيا سڀني جو آهي.” هي سلسلو ائين ئي هلندو رهيو، پر ڇهه مهينا اڳ خرم جو رت ۾ ٻڏل لاش سندس محل نما گهر مان مليو، ان جي پاسي کان هڪ خط پيل هو، جنهن تي رڳو اهو لکيل هو:
    “ڪرشيا رڳو سندرتا ديس جي اصل رهواسين جو آهي.” خرم جي قتل جي ٻئي ڏينهن ميڊيا ۾ هڪ آڊيو بيان هلچل مچائي ڇڏي هئي.
    “سندرتا ديس واسيو! مان ڪمانڊر ڀيرو مل آهيان، مون ۽ منهنجي ساٿين ڪرشيا رڳو سندرتا ديس جي اصل واسين جي آهي، نالي هڪ تحريڪ شروع ڪئي آهي. هر اهو ماڻهو يا سياسي ڌر جيڪا چئي ٿي ته ڪرشيا سڀني جو آهي يا ڪرشيا کي سندرتا ديس کان الڳ ڪيو وڃي اسان جو دشمن آهي ۽ اسان پنهنجي دشمن کي مارينداسين، پوءِ اهو سندرتا ديس جو اصل واسي هجي يا وديا ٻيٽ کان آيل.” هن اعلان ويتر ڪرشيا ۽ ان جي ادارن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو، ڪنهن به ڀيرو مل نالي شخص جو ڪو اتو پتو ئي نٿي مليو. خرم جي موت تي مک پارٽي جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ اندرجيت اخبار ۾ بيان ڏنو:
    “ڪرشيا سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني کي ان جي لاءِ ملي ڪم ڪرڻو آهي.”
    ان رات دير تائين ايڊوڪٽ اندرجيت، جيڪو اڻونجهاهه سالن جو صحتمند شخص هو ۽ ڪرشيا جي هڪ پوش علائقي ۾ رهندو هو، سياست ۾ اچڻ کان اڳ سندرتا ديس هاءِ ڪورٽ جو مشهور وڪيل هو، پنهنجي اسٽيڊي ۾ ويهي ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو. شيشي جي ٽيبل تي سندس اڌ ڀريل جام پيو هو. هو ڪتاب ۾ گم هو، اوچتو دريءَ جي شيشي ٽٽڻ تي هن ڇرڪ ڀريو هو ۽ ڪتاب بند ڪري ٽيبل تي رکي، اٿي دريءَ ڏانهن آيو هو، فرش تي ڀڳل شيشي جي ٽڪرن سان گڏ هڪ سروٽو پيل نظر آيو هوس، جنهن تي ڪو ڪاغذ وڙهيل هو، هن فرش تان سروٽو کڻي ان تان ڪاغذ لاهي کوليو هو، ان جو متن پڙهي سندس من اندر ڏڪي ويو هو، وچ ڪاغذ تي رڳو هڪ جملو لکيل هو: “ڪرشيا رڳو سندرتا ديس جي اصل رهواسين جو آهي.” اندرجيت دريءَ وٽ اچي ٻاهر اونداهي ۾ جهاتي پاتي هئي، هر طرف موت جهڙي خاموشي ڇانيل هئي، اوچتو ٻاهران کان دري کي نشانو بڻائي گولين جو وسڪارو شروع ڪري ڏنو هو. هڪ گولي سندس مٿي ۾ لڳي هئي. اندرجيت اچي پٽ تي ڪريو هو ۽ ماربل وارو ناسي فرش سندس رت سان ڀرجي ويو هو.
    هنن ٻنهي واقعن کانپوءِ هر زبان تي ڀيرومل ۽ سندس تحريڪ جو نالو اچي ويو. انهيءَ دوران عينيءَ سندرتا ديس جي اهم جاسوسي اداري ۾ موٽي هئي. عينيءَ جي مهارت آواز سڃاڻڻ ۾ هئي. هوءَ وري وري آواز ٻڌي اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته، هن آواز واري جي عمر ڪيتري هوندي، جنس ڪهڙي هوندي، اهو ڪهڙي نسل جو ماڻهو هوندو وغيره.
    ننڍي هوندي کان ئي عيني جو آوازن سان هڪ عجيب رشتو قائم ٿي چڪو هو. سندس پيءَ گلاب داس ڪرشيا جو وڏو واپاري هو ۽ ماءُ وجنتا ديوي مک پارٽي جي اڳواڻ هئي. اڪثر پ ب ت خلاف ڪو سياسي بيان ڏيڻ تي کيس ڌمڪيون پيون ملنديون هيون، هڪ ڀيري ته گهر ٻاهران فائرنگ به ٿي هون، جنهن جي ڪري عينيءَ جو ننڍپڻ خوف جي ڪاري چادر ۾ لڪي ويو هو ۽ ان خوف عينيءَ کي ماءُ پيءَ کان پري ڪري ڇڏيو هو، هنن جو هجڻ يا نه هجڻ جي عينيءَ لاءِ ڪا به اهميت نه هئي. سندس زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن انسان جي اهميت هئي ته اها هئي سندس وڏي ڀيڻ بينا جي هئي، عيني کي ائين لڳندو هو ڄڻ هوءَ بينا جي وجود جو ڪو ٽٽل حصو هجي ۽ بينا کانسواءِ هن جي ڪا به اهميت نه هئي. ٻئي ڀيڻون هڪ ئي ڪمري ۾ سمهنديون هيون، سمهن کان اڳ بينا وديا ٻيٽ جي فلمن جا گانا يا ڊائلاگ آواز مٽائي ٻڌائيندي هئي ۽ عيني کي اکيون بند ڪري اهو ٻڌائڻو هوندو هو ته بينا ڪنهن جي آواز ۾ ڳائي يا ڳالهائي رهي آهي. ان راند مان ئي عيني کي رڳو آواز جي بنياد تي ماڻهو سڃاڻڻ ۾ دلچسپي پيدا ٿي هئي. جئين جئين ٻئي ڀيڻون وڏيون ٿينديون ويون اها راند به هنن جي وچ ۾ وڌندي رهي. عيني جڏهن نائين ڪلاس ۽ بينا ڏهين ۾ هئي، هڪ رات عيني اکيون بند ڪري بيڊ تي ليٽيل هئي ۽ ڪنهن نئين آواز جي انتظار ۾ هئي، بينا گلو صاف ڪيو هو، عيني جي منهن تي تجسس مان مرڪ ٿي اچي وئي، اوچتو سندس ڪنن سان ڪو ڇوڪراڻو آواز ٽڪرايو هو، عيني هڪدم اکيون کولي بينا کي ڪاوڙ مان ڏسي ڇڙٻ ڏيندي چيو هو:
    “بينا اها ڪهڙي بدتميزي آهي؟”
    “ڇا مطلب؟” بينا حيراني مان هن کي ڏسندي چيو هو.
    “تو ڪرش جو آواز ڪڍيو نه!” عيني ڀيڻ کي ڏسندي چيو هو.
    “تون ڪرش جو آواز سڃاڻي وئين...” بينا مذاق ۾ مرڪندي چيو هيس.
    “توکي خبر به آهي ته هو مونکي زهر لڳندو آهي،” عيني ويتر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو. ڪرش عينيءَ جو ڪالس فيلو هجڻ سان گڏ اسڪول جي ڊراما سوسائٽي ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جو کلاڙي هو، انهن ٻنهي ڪمن مان واندو ٿي جڏهن ڪلاس ۾ ايندو هو ته سندس نظرون رڳو عينيءَ ۾ هونديون هيون، جنهن تي عينيءَ کي عجيب قسم جي مونجهه ٿيندي هئي.
    “عيني مونکي لڳي ٿو هو تو تي مرندو آهي،” بينا ويتر عيني کي چڙائڻ لاءِ مرڪي چيو هيس.
    “ان جي ڪري ئي ته مونکي زهر لڳندو آهي،” عيني بيڊ تي سڌو ليٽندي چيو هو: “هو هر وقت ڪلاس ۾ مستي ڪندو رهندو آهي، ٽيچرن سان بتميزي ڪندو آهي، ڪڏهن ڪنهن سان وڙهي اچي ته ڪڏهن ڪنهن سان.”
    “عيني مونکي لڳندو آهي ڪرش نظر انداز ٿيل ٻار آهي، انهن حرڪتن سان هو پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياريندو آهي، جيڪڏهن کيس ٿوري توجو ۽ پيار مليو ته هو هڪ ڏينهن ضرور وڏو ڪارنامو ڪري ويندو،” هن ڀيري بينا سنجيدگيءَ سان چيو هيس، ان تي عيني طنز ۾ کلڻ لڳي هئي ۽ چيو هئائين: “ڪرش ۽ ڪارنامو ٻه الڳ الڳ شيون آهن، مون کي ته هو چريو لڳندو آهي.”
    “هڪ ڏينهن مون اسانجي سائڪالاجي جي ٽيچر مس برکا کان ڪرش جي اهڙي ورتاءُ جي باري ۾ پڇيو هو، مس ٻڌايو هو ته ڪرش تخليقي صلاحيتون رکندڙ آهي ۽ اسان جي معاشري ۾ تخليقي ماڻهن کي ناڪارا سمجهيو ويندو آهي، اهڙي قسم جا ٻار تخليقي صلاحيتن کي سمجهڻ تائين هر شيءَ کي تباهه ڪرڻ گهرندا آهن، ڇو جي اهي شيون سندن مزاج موجب نه هونديون آهن، اهي شين کي هڪ الڳ نظر سان ڏسندا آهن ۽ تباهي کان تخليق جي سفر دوران اهي ضدي ٿي پوندا آهن،” بينا چيو هيس، عيني چپ ئي رهي هئي ڪمري ۾ خاموشي ڇائنجي وئي هئي.
    عيني کي ڪرش جو حرڪتون ڏڪائي وينديون هيون، هوءَ هن جي ويجهو اچڻ چاهيندي هئي، پر ڪرش وري ڪا اهڙي حرڪت ڪري وجهندو هو جو عيني هن کان پري ٿي ويندي هئي. آخري ڀيرو به ائين ئي ٿيو هو، تڏهن عيني وارا ڏهين ڪلاس ۾ هئا، ڪرش اسڪول جي ڊراما سائٽي ڪرش جي حوالي هئي. ڪرشيا جي اسڪولن ۾ ڊرامن جا مقابلا ٿيڻ وارا، ڪرش وارن جي اسڪول کي مارچنٽ آف وينس ڊرامي تي پرفارم ڪرڻو هو. ڊرامي ۾ روپا نالي ڇوڪريءَ کي کينو ويو، ان تي ڪرش کي اعتراض هو، سندس خيال هو ته روپا اداڪاري نه ڪري سگهندي، ان وقت روپا نائين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي، ان سان گڏ هوءَ اسڪول جي ميوزڪ ٽيچر ۽ ڊراما سوسائٽي جي انچارج مس انجلي جي ڀاڻيجي هئي. ڪرش وارا اسڪول جي هال ۾ هئا، ڪنهن سين جي ريهرسل ٿي ڪيائون، روپا کان ڊائلاگ ياد ئي نٿي ٿيو.
    “ايتري ڳالهه توکي سمجهه ۾ نٿي اچي،” ڪرش روپا گار ڏيندي تلخ لهجي ۾ چيو هو، جنهن تي روپا هن سان وڙهي پئي، ٻيا شاگرد به ڪرش کان خفا ٿي پيا هئا.
    “تون ٿيندو ڪير آهين مونسان ائين ڳالهائڻ وارو؟” روپا ڪاوڙ مان ڪرش کي چيو هو ۽ هن ڏانهن اچي کيس چماٽ وهائي ڪڍي هئائين، ڪرش به سندس ڪاوڙ تي قابو نه ڪري سگهيو ۽ روپا کي ڌڪو ڏنو هئائين، روپا جو مٿو وڃي ڀت سان لڳو هو، هوءَ هيٺ اسٽيج تي ويهي روئڻ لڳي هئي. ڪجهه ڇوڪريون مس انجلي کي وٺي آيون هيون.
    “هي ڇا ٿي رهيو آهي؟” مس انجلي ريهرسل هال ۾ اچي رڙ ڪئي هئي ۽ روپا جي پاسي کان ويهي رهي هئي.
    “مس ڪرش روپا کي غلط ڳالهايو ۽ پوءِ هن کي ڌڪو ڏنائين.” هڪ ڇوڪريءَ انجلي کي ٻڌايو هو، انجلي جي اکين ۾ ڪاوڙ مان باهه اچي وئي هئي.
    “ڪرش هاڻي کان تون ڊراما سوسائٽي جو حصو نه آهين نڪر هتان،” انجلي ڪاوڙ مان چيو هوس، ان تي ويتر ڪرش آپي مان نڪري ويو هو، ٻيو ته ڪجهه نه ڪري سگهيو هو پنهنجي هٿ ۾ جهليل اسڪرپٽ ڦاڙي مس انجلي تي اڇلايو هئائين، ان لقاءُ تي باقي شاگرد وائڙن جيان هن کي ڏسڻ لڳا هئا، انجلي اٿي ڪرش کي ٻه ٽي چماٽون وهائي ڪڍيون هيون، ڪرش جا ڳٽا ڳاڙها ٿي ويا هئا، ڪرش ريهرسل هال کان ٻاهر نڪري ويو هو. ٻئي ڏينهن اسمبلي دوران ڪرش کي اسڪول کان نڪالي جو اعلان ڪيو ويو هو. ان ڏينهن کي اڙهن سال گذري ويا آهن ۽ عيني ڪرش کي نه ڏٺو آهي. عينيءَ کي وري ڪڏهن به ڪرش جي ياد نه آئي هئي. ڪرشيا ۾ عيني ۽ سندس گهروارن جي زندگي به ڪا سولي ڪونه هئي. وجنتا ديوي جي سياست ۽ گلاب داس جي ڪاروبار جي ڪري سندن گهر تي هميشه پ ب ت جي غنڊن جي نشاني تي رهندو هو. ڇھ سال اڳ عيني وارن جي زندگي ۾ هڪ طوفاني رات آئي هئي. اهو چونڊن جو دور هو ۽ سموري سندرتا ديس ائين ٿي لڳو ڄڻ چونڊون رڳو ڪرشيا شهر ۾ ئي ٿينديون هجن، سندرتا ديس جي ٻين حصن ۾ مک پارٽي جا اميدوار سگهارا هئا پر ڪرشيا شهر ۾ پ ب ت وارن جو قبضو هو. پ ب ت جي غنڊا گردي، ڀتاخوري ۽ دهشتگردي ڪارڻ شهر ۾ سندن گهرو تنگ ٿي رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ عيني ڪنهن ٻاهرين ملڪ پڙهڻ لاءِ ويل هئي. چونڊن جي حوالي سان وجنتا ديوي ۽ گلاب داس مهم تي نڪتل هئا، جڏهن ته بينا سندرتا ويلي اسڪول آف آرٽس ۾ سندس ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي هئي، هوءَ صبح جو گهران نڪرندي هئي ۽ سج لهتي جو گهر موٽندي هئي، آرٽ جي دنيا ۾ پير پائڻ کانپوءِ بينا کان دنيا جي ٻئي هر شيءَ وسري وئي هئي، کيس سياست ۽ خاص ڪري ڪرشيا جي سياست کان نفرت هئي. ان شام جو وجنتا ديوي کي پارٽي جي سياسي جلسي کي خطاب به ڪرڻو هو. اهو هڪ وڏو جلسو هو، پ ب ت وارن جا سمورا اندازا غلط ثابت ٿيا هئا، هنن ڀانيو هو ته مک پارٽي جي سڏ تي ڪرشيا جو عوام نه نڪرندو، پر عوام خواف جا سڀ بند توڙي ٻاهر نڪري پيو هو. وجنتا ديوي خطاب ڪندي اعلان ڪيو هو:
    “اسان پ ب ت جي غنڊن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، اسان چونڊن ۾ سندن ضمانتون ضبط ڪرائينداسين.”
    “وجنتا ديوي زندهه آباد.....مک پارٽي زندهه آباد.....” عوام اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻڻ شروع ڪيا هئا. مٿان وري وجنتا ديوي ان تڪ تان چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو هو جٿان گذريل ٽيهه سالن کان پ ب ت بنا مقابلي چونڊون کٽيندي ٿي آئي. پ ب ت وارن ان کي انا جو مسئلو ڪري ڇڏيو، خرم ته پارٽي جي گڏجاڻين ۾ صاف صاف اعلان ڪيو هو ته ڪرشيا شهر ۾ ايترو ته خوف پکيڙيو جو ايندڙ سو سالن تائين ڪير به هنن خلاف چونڊن ۾ بيهڻ جي همت نه ڪري سگهي. مک پارٽي جي اميدوارن کي ڌمڪيون اچڻ شروع ٿي ويون هيون، واپارين کي ڀتن جون پرچيون ملڻ شروع ٿي ويون هيون. ڪرشيا شهر جي پوش علائقن مان امير ماڻهن جا ٻار اغوا ٿيڻ لڳا هئا. تان جو قانون نافذ ڪندڙ ادارا چرپر ۾ هئا، پر سياسي ماحول ۾ ڪنهن ۾ به هٿ وجهڻ ڏکيو ڪم هو. سج لهي چڪو هو، بينا ڪاليج جي گيٽ کان نڪري ڏانهن آئي هئي، پوڙهي ڊرائيور بهار هن لاءِ دروازو کوليو هو، هن ڪلهي ۾ لڙڪندڙ بيگ لاهي پاسي کان سيٽ تي رکيو هو، گاڏي هلڻ لڳي هئي، گاڏي اچي هڪ سگنل تي بيٺي هئي. بينا جي گاڏي جي بلڪل پاسي کان هڪ موٽر سائيل اچي بيٺي، ان تي ٻه ڄڻا سوار هئا، ٻنهي کي پينٽ شرٽ پهريل ۽ مٿي تي ڪارا هيلمٽ هئا. بينا هڪ ڀيرو موٽرسائيڪل سوارن کي ڏسي، هٿ ۾ جهليل موبائيل ۾ ڏسڻ لڳي هئي، اوچتو سگنل کليو هو ۽ گاڏين جي هارون جي وچ ۾ وري ٽريفڪ هلڻ شروع ٿي وئي، بينا جي گاڏي فلائي اوور تي چڙهي هئي موتر سائيڪل به هن جي پٺيان پٺيان ٿي آئي، اک ڇنڀ ۾ بينا جي گاڏي تي موٽر سائيڪل سوارن گوليون هلائڻ شروع ڪري ڏنيون هيون، ونڊ اسڪرين پرزا پرزا ٿي وئي ۽ ڪجهه شيشا بينا کي لڳا هئا ۽ هوءَ رخمي ٿي پئي هئي، پوءِ به سندس ذهن ڪم ٿي ڪيو ۽ هوءَ سيٽن جي وچ واري وٿي ۾ ليٽي ٻي پاسي جو در کولي هيٺ زمين تي ليٽي پئي هئي، پهرين ڪجهه فائرن ۾ ئي ڊرائيور مري چڪو هو. هو اسٽيرنگ ويل تي ڪريو پيو ۽ گاڏي جو هارون ٿي وڳو، گاڏي رت سان ڀري پئي هئي. بينا جو سمورو جسم خوف سبب ٿڙڪي رهيو هو سندس موبائيل به ڪٿي ڪري پيو هو. موٽر سائيڪل هوا ۾ زوڪاٽ ڪندي هلي وئي هئي. بينا زمين تان اٿي پل تي ويران قدمن سان هلڻ لڳي هئي، سندس جسم ۾ رڦڻي هئي، سندس پاسي کان ڪا گاڏي يا موٽر سائيل ٿي گذري ته هوءَ خوف ۾ ڇرڪي ٿي وئي. هوءَ ڪيتري ئي دير تائين ائين ئي پنڌ هلندي رهي هئي ۽ پوءِ کيس گهمري آئي هئي ۽ بيهوش ٿي ڪري پئي هئي.


    3

    وجنتا ديوي جو موبائيل فون ھر ھر ٿي وڳو. کيس ڪجھ به سمجھ ۾ نٿي آيو، گلاب داس به ھن سان گڏ ئي ٽي وي لائونج ۾ ويٺل ھو. ٽي وي لائونج به باقي گھر جيان سھڻي نموني سينگاريل ھو، درين تي نيرا پردا، ڪارا آرام ڏيندڙ صوفا سيٽ، ماربل جي فرش تي قالين وڇايل، وچ ۾ شيشي جي ٽيبل رکيل، ڇت خوبصورت فائونس ٿي لڙڪيو، جڏھن ته سامھون ڀت تي سوني جي ٻاونجاھ انچن واري ڪاري ايل اي ڊي لڳل ھئي. گلاب داس ھر ھر خبرن جا چينل ٿي مٽايا، ھر چينل تي بينا جي گاڏي مٿان ٿيل حملي جي خبر ٿي ھلي، ھو ھڪ مشھور خبرن جو چينل ڏسڻ لڳو ھو.
    ”چيو پيو وڃي ته گاڏي ۾ مک پارٽي جي اڳواڻ وجنتا ديوي جي ڌيءَ بينا سوار ھئي. ھوءَ ڪاليج کان گھر وڃي رھي ھئي. ٻن موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ھن جي گاڏي تي حملو ڪري ڏنو. حملي ۾ ٻاھٺ سالن جو ڊرائيور بهار ٿڏي تي ئي مارجي ويو. جڏھن ته بينا جي باري ۾ اڃا به ڪا حتمي ڄاڻ نه ملي آھي. ڪرشيا جي پوليس بينا جي ڳولھا شروع ڪري ڏني آھي، پر گذريل ٻن ڪلاڪن کان ھن جو ڪو به پتو نه پئجي سگھيو آھي.“ اھو سڀ ٻڌي وجنتا ديوي ھنجون ھاري روئڻ لڳي ھئي، گلاب داس ٽي وي بند ڪري زال جي پاسي کان اچي ويٺو ھو. رات جو ھڪ ٿي چڪو ھو، اڃا به بينا جي ڪا خبر نه آئي ھئي. وجنتا ديوي ۽ گلاب داس اڃا به ٽي وي ھال ۾ ئي ويٺل ھئا. اوچتو ھڪ وڏو ڌماڪو ٿيو ھو جنهن سان سموري گھر جون دريون ئي لڏي ويون ھيون. وجنتا ديوي وارا خوف ۾ ٻاھر ڪار پورچ ڏانهن ڀڳا ھئا، گھر تي ڪنهن ڪريڪر بم اڇلايو ھو، جنهن جي ڪري وجنتا ديوي جي پراڊو جا شيشا پرزا پرزا ٿي ويا ھئا.
    ”ڪالو… منظر… وشنو…“ گلاب داس پريشاني جي عالم ۾ نوڪرن ۽ چوڪيدارن کي رڙ ڪري سڏيو ھو، پر ڪنهن به سندس سڏ جو جواب نه ڏنو ھو، ھو پريشاني ۽ حيراني ۾ گھر جي مک ڪاري در ڏانهن وڌڻ لڳو ھو، وجنتا ديوي به ھن سان گڏ ھلڻ لڳي ھئي. اوچتو مک ڪارو در کليو ھو، اھي ٻئي بيھي رھيا ھئا. در مان ٻھ ٻٽون ٻڌل ھمراھ اندر آيا ھئا، ھنن جي ھٿن ۾ ڪلاڪشنڪوف ھيون، ھٿياربند گلاب داس وارن تي ھٿيار سڌا ڪري گوليون ھلائڻ شروع ڪيون ھيون. ٽي گوليون گلاب داس جو پيٽ چيري ويون ھيون، جڏھن ته وجنتا ديوي اندر وڃڻ لاءِ مڙي ھئي ته چار گوليون سندس پٺي کي ڦاڙي ويون ھيون، زال مڙس ڪجھ ئي فاصلي تي ماربل جي فرش تي ڪريا ھئا، سندن لاشا رت ۾ ٻڏل ھئا، ماربل جي ناسي فرش تي ھر طرف رت ئي رت ھو. ٻئي ھٿياربند اک ڇنڀ ۾ گھر کان ٻاھر نڪري ويا ھئا ۽ گھر تي چار پيٽرول بم اڇلائي غائب ٿي ويا ھئا. ھڪ پيٽرول بم پورچ ۾ بيٺل ننڍي گاڏي تي ڪريو ته ان گاڏي جي سي اين جي ڪٽ ڦاٽي پئي ھئي، جنهن سبب وڏو ڌماڪو ٿيو ھو ۽ باھ لڳي وئي ھئي، ڪاري آسمان تي باھ جا اُلا ٿي اڏاميا، سڄي پاڙي ۾ خوف ۽ ھراس ڇائنجي ويو ھو. فائر برگيڊ، پوليس نفري ۽ ميڊيا وارا اچي گھر ٻاھران پڳا ھئا، اڏ ڪلاڪ تائين باھ کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي ۽ پوءِ وجنتا ديوي ۽ گلاب داس جي گولين سان چچريل ۽ اڌ سڙيل لاشن کي ٻاھر ڪڍيو ويو ھو.
    عيني لدنيستان اسڪول آف سائڪيٽري مان مس پنهنجي فليٽ تي پھتي ھئي، اسٽيڊي ٽيبل تي ڪتاب رکيا ھئائين جو سندس فليٽ جي بيل چيڪاٽ ڪري وڳي ھئي، ھوءَ در ڏانهن وئي ھئي، ڪاٺ جي اڇي در کي ٿوري وٿي ڏئي ٻاھر ڏٺو ھئائين، کيس در وٽ ڪارن سوٽ بوٽ ۾ ٻھ ھمراھ نظر آيا، سندن اکين تي ڪارن شيشن واريون عينڪون ھيون، ھڪ جيڪو لڳ بڳ اٺتالھن سالن جو ٿي لڳو، جنهنجو اڌ مٿو گنجو ۽ پٽ مٽڪي جيان گول ھوس ٿورو اڳيان وڌيو.
    ”يس،“ عيني ان ھمراھ جي ونگ ۾ لڳل بلب سبب چمڪندڙ گنج کي ڏسندي چيو.
    ”مس عيني؟“ ان ھمراھ سلجھيل لھجي ۾ ڳالھايو.
    ”جي،“ عيني جواب ڏنو ھيس.
    ”اسان سندرتا ديس جي ھاءَ ڪميشن مان آيا آھيون، اوھان کي اسان سان گڏ ھلڻو پوندو.“ ٿلھي ۽ گنجي ھمراھ چيس.
    ”جي… ڇو….؟“ عيني حيراني مان سوال ڪيس.
    ”پليز اوھان اسان سان اچو،“ ان ساڳي ھمراھ مھذب انداز ۾ چيس. عيني فليٽ کان نڪري در بند ڪري ھنن سان ھلڻ لڳي، اھي ڏاڪڻون لھندا فليٽن جي عمارت جي ٻاھران اچي ويا، روڊ جي پاسي کان ھڪ ڪاري گاڏي بيٺل ھئي، عيني ان جي بيڪ سيٽ تي ويٺي، ٿلھو ھمراھ ھن جي پاسي کان ويٺو، سندس ساٿي جيڪو لڳ ڀڳ پنجٽيھ سالن جو سنهڙو سانورو شخص ھو، ڊرائيور جي پاسي کان اڳئين سيٽ تي ويٺو. گاڏي ھلڻ لڳي ھئي ۽ سندرتا ديس جي ھاءَ ڪميشن جي عمارت اندر پارڪنگ ۾ اچي بيٺي. گاڏي جا ٽي در کليا ھئا، عيني لسي فرش پير رکي گاڏي کان ٻاھر آئي ھئي ٻئي پاسي کان ٿلھو ھمراھ به گاڏي کان ٻاھر آيو ھو ۽ عيني جي پاسي کان اچي چيو ھئائين:
    ”مس عيني پليز اچو مون سان،“ ھن عيني کي چيو ۽ عمارت ۾ اندر وڃڻ لڳو ھو، عيني به ھن سان گڏ ھلڻ لڳي ھئي، ھو ھڪ ناسي ڪاٺ جي در اڳيان بيھي رھيو ھو، ان تي سنهري پٽي لڳل ھئي، جنهن وڏن ڪارن اکرن ۾ ”ھاءَ ڪميشنر“ لکيل ھو، ان ھمراھ در جي گول سنهري ھٿي ۾ ھٿ وجھي ڦيرو ڏنو ھو ته در کلي ويو ھو، اھي ٻئي ڪمري اندر آيا ھئا، ڪمري اندر ھڪ ننڍڙي ڪاٺ جي ڪيبن ھئي ۽ پاسي ھڪ ٻيو چاٺ جو ناسي در ھو، ڪبين ۾ ھڪ خوبصورت جوان ڇوڪري ويٺي ھئي، سندس اڳيان ميز تي ڪمپيوٽر ۽ ڪجھ فون سيٽ رکيل ھئا. ٿلھي ھمراھ ان ڇوڪري کي مرڪي ھيلو ڪيو ھو ته ھن به مرڪي جواب ڏنو ھيس، جنهن سبب سندس ھيرن جيان جرڪندڙ ڏند ظاھر ٿيا ھئا.
    ”مس روزي ڪميشنر صاحب کي اطلاع ڏيو ته مس عيني اچي چڪي آھي،“ ٿلھي ھمراھ سھڻي ملوڪ رسيپشنسٽ کي چيو ھو.
    ”جي سر،“ ھن مرڪي جواب ڏنو ۽ ھڪ ڪرسيءَ ڏانهن اشارو ڪري عيني کي ويھڻ جو چيو ھئائين، ٻئي پل ھن ھڪ فون سيٽ جو ريسيور کڻي رڳو ٻھ نمبر ملايا ھئا. اڳيئن پل ھوءَ فون تي چوڻ لڳي ھئي.
    ”سر مس عيني اچي چڪي آھي.“
    ”جي سر.“ چئي ھن ريسيور رکيو ھو ۽ عيني کي ڏسي چيو ھئائين:
    ”پليز اچو،“ عيني حيراني مان ان شخص کي ڏٺو ھو، ھو ھا ۾ ڪنڌ لوڏي آفيس کان ٻاھر ھليو ويو ھو، رسيپشنسٽ ڪرسي تان اٿي عيني سان گڏ در تائين آئي ھئي، در کولي عيني کي اندر وڃڻ جو چيو ھئائين. عيني حيراني ۽ پريشاني ۾ اندر آئي ھئي، ھي ھڪ وڏو ۽ شاندار آفيس ھو، جنهن جون ڀتيون آف وائيٽ رنگ سان رنڱيل ھيون، دريءَ تي آسماني رنگ جا پردا چڙھيل ھڪ وڏي ميز جنهن تي ڪارو شيشو رکيل ھو ڪمري جي وچ ۾، ان جي ھڪ پاسي چار ڪرسيون، کاٻي پاسي ڪجھ پرڀرو صوفا سيٽ رکيل، ميز جي پٺيان آرامدھ ڦرڻي ڪرسيءَ تي ھڪ پنجاھ سالن جو ڳاڙھو ڳٽول شخص ويٺل ھو، جنهن جي مٿئين چپ تي ڪارين مڇين جي سنهڙي ليڪ ھئي، مٿي جا وار کسيل ۽ اکين تي وڏن شيشن واري نظر جي عينڪ پھريل ھوس، ساڄي پاسي ڀت تي ھڪ وڏي آيل سي ڊي لڳل ھئي، جنهن ۾ تصوير ته آئي ٿي پر آواز بند ھوس. ان شخص عيني کي ڏسي مرڪيو ۽ ڪرسيءَ تان ٿورو مٿي ٿي ٻئي پاسي رکيل ڪرسي ڏانهن اشارو ڪندي سلڇڻي انداز ۾ ڳالھايائين:
    ”مس عيني پليز ويھو.“ عيني ھن کي حيرت مان ڏسي ھڪ ڪرسي ٻاھر ڇڪي ان تي ويھي رھي.
    ”مس عيني مان هتي سندرتا ديس جو هاءِ ڪمشنر پون ايم ڪمار آهيان،“ ان همراهه اکين تان ٿلهي فريم وارو چشمو لاهي ٽيبل تي رکندي ڳالهايو، عيني هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    “مونکي وڏي افسوس سان هي خبر ڏيڻي ٿي پئي ته ڪالهه رات هڪ اڻوڻندڙ واقعي ۾ اوهان جا والدين گلاب داس ۽ وجنتا ديوي قتل ڪيا ويا آهن،” پون ڪمار ٿڌو شوڪارو ڀري عيني کي ٻڌايو هو، اهو ٻڌي عيني وائڙن جيان ان همراهه کي ويران نظرن سان ڏٺو هو، هاءِ ڪمشنر عيني کي ڪرشيا کان نڪرندڙ هڪ مشهور اخبار ڏيکاري هئي، جنهن جي ليڊ اسٽوري ان قتل جي حوالي سان هئي. خبر پڙهندي عيني جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا هئا، هن ٽيبل تي پيل ٽيشو پيپر جي دٻي مان ٻه ٽي ٽيشو ڪڍي اکيون صاف ڪيون هيون ۽ سڏڪن ۾ هاءِ ڪمشنر کان پڇيو هئائين:
    “بينا....!”
    پون ڪمار سائيڊ ٽيبل تي رکيل جڳ مان پاڻي گلاس ۾ لاهي عيني جي سامهون رکيو هو ۽ چيو هو:
    “ڪالهه بينا ڪاليج کان گهر موٽي رهي هئي ته سندس گاڏي تي ٻن هٿياربندن حملو ڪري ڏنو،” ان تي عيني اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون، کيس ايئن لڳو هو ڄڻ هن جي مٿان آسمان ڪري پيو هجي، کيس لڳو هو سندس دنيا اجڙي چڪي هجي.
    “ان حملي ۾ بينا جو ڊرائيور ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو،” هاءِ ڪمشنر جو آواز عيني جي ڪنن تي کوڻ جيان ڪڙڪيو هو: “پر اڃا تائين اوهان جي ڀيڻ بينا جي ڪا به گهر نه پئجي سگهي آهي،” ان تي عيني اکيون کولي پون ڪمار کي ڏٺو هو، هن ٻڌايو هوس: “اسان جي ڄاڻ موجب جنهن وقت اوهان جي ڪرشيا واري گهر تي حملو ٿيو ان وقت به بينا گهر ۾ نه هئي، قانون نافذ ڪندڙ ادارا بينا کي ڳولهي رهيا آهن، جيئن هن جي ڪا ڄاڻ ملي، اوهان سان رابطو ڪيو ويندو.” عيني هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو هو، سندس اکيون نير ڳاڙينديون رهيون هيون، سندس دماغ جي پردن سان بينا جا ٽهڪ، مستي مذاقون ۽ ڳالهيون ٽڪرائجڻ لڳيون هيون، هن جي اکين آڏو ڀيڻ جو مرڪندڙ چهرو ڦري رهيو هو.
    ”مس عيني هڪ ٻئي ڳالهه،“ پون ڪمار جو سخت آواز عيني جي ڪنن تي ڪريو ، هن چيس: ”اسان کي مليل ڄاڻ موجب اوهان جي زندگيءَ کي به خطرو ٿي سگهي ٿو ان ڪري اوهان کي پنهنجو موجودا فليٽ ڇڏي هاءِ ڪميشن پاران تجويز ڪيل گهر ۾ رهڻو پوندو ۽ ٻيو اهو ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي آس پاس ڪنهن ويڳاڻي کي ڏسو ته ترت ئي اسان سان رابطو ڪريو.“
    ”مان سندرتا ديس وڃڻ ٿي چاهيان،“ عيني ٿڙڪندڙ چپن سان ڳالهايو هو، هاءِ ڪمشنر حيرت ڀري نظرن سان کيس ڏٺو هو، هڪ پل جي ساهي کانپوءِ چيو هئائين:
    ”مس عيني اهو ممڪن نه آهي.“
    ”ڇو ممڪن نه آهي؟“ عيني حيرت ۾ هن کي ڏسندي پڇيو هو.
    ”اوهان جي زندگي کي خطرو آهي،“ پون ڪمار نرم لهجي ۾ جواب ڏنو هوس.
    ”ڪنهن کان؟“ عيني وري حيراني مان سوال ڪيو هو.
    ”انهن کان ئي جن اوهان جي ماءُ پيءَ کي قتل ڪيو آهي،“ پون ڪمار وري به نرم لهجي ۾ جواب ڏنو هوس. عيني چپ ٿي وئي هئي، کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو، هڪ ڏينهن ۾ سندس سموري زندگي مٽجي وئي هئي، هڪ ئي رات ۾ هوءَ دنيا اڪيلي ٿي وئي هئي. هوءَ جڏهن هاءِ ڪميشن جي ڏسيل فليٽ ۾ آئي هئي ته هر شيءَ کيس ويڳاڻي ٿي لڳي. عيني اوچتو ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿي پوندي ھئي ۽ پوءِ دير تائين سڏڪن ۾ بينا کي ياد ڪندي رھندي ھئي. ھن لدنيستان مان ڊگري پوري ڪئي ھئي ۽ پوءِ کيس ڪرشيا پوليس جي آءِ بي ۾ نوڪري ملي وئي ھئي، جتان کيس سندرتا ديس جي مک ڄاڻ گڏ ڪندڙ اداري ۾ موڪليو ويو، ان سموري عرصي دوران ھن بينا جي ڳولھا ۾ ڏينهن رات ھڪ ڪري ڇڏيا پر کيس بنيا جي ڪا به خبر نه ملي ھئي، اڪثر ھوءَ اھو سوچي ته بينا جيئري آھي ۽ ڪڏھن نه ڪڏھن ھوءَ کيس ملي ويندي تي مطمين ٿي ويندي ھئي.

    ان وقت صبح جا ساڍا ڏھ ٿي ٿيا، عيني ھٿ ۾ ھڪ ناسي فائيل کڻي ماربل جي لسي فرش تي ھلندي اداري جي ڊرائڪٽر جي آفيس ڏانهن وڌڻ لڳي، سندس پيرن ۾ پھريل وڏي کڙي واري ڪاري سينڊل مان عجيب آواز ٿي نڪتو، ھوءَ ونگ مان ھلندي ڊارئڪٽر جي پي اي جي ڪيبن وٽ اچي بيٺي ۽ مرڪي چيائين:
    ممتا سر کي منهنجي اچڻ جو اطلاع ڏيو،“ عيني مرڪي چپن جن تي ڳاڙھي لپ اسٽڪ لڳل ھيس تي زبان ڦيريندي پنجٽيھ سالن جي صحتمند پي اي جنهن جا ڪارا وار کليل ۽ اکين ۾ ڪجل پھريل ھيس کي چيو.
    ”جي ميڊم، پليز ويٽ ڪريو،“ ممتا به مرڪي چيس ۽ ٻئي پل ڊيسڪ تي رکيل اڇو ريسور کڻي ڪو نمبر ملائي ڊارئڪٽر کي اطلاع ڏنو.
    ”جي سر،“ چئي ممتا ريسور رکي عيني کي مرڪي ڏسندي چيو:
    ”اوھان اندر وڃي سگھو ٿيون.“ عيني مرڪي ھاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ ڪاٺ جي ناسي در ڏانهن وڌي وئي. ڊرائڪٽر پائولي لڳ ڀڳ سٺ سالن جو مضبوط ھٽي ڪاٺي وارو شخص، کيس سندرتا ديس ۾ جاسوسي جو بي تاج بادشاھ سمجھيو ويندو ھو، ھن پنهنجي ڪيرئر ۾ جيڪو ٽيھ سالن کان مٿي جو ھوس، ڪيترا ئي خطرناڪ ڪيس نڀيريا ھئا، ھو ڄاڻ ائين حاصل ڪري وٺندو ھو ڄڻ کير مان مک ڪڍندو ھجي. ھاڻي کيس رٽائر ٿيڻ ۾ باقي اٺ مھينا بچيا ھئا ۽ ھن چاھيو ٿي ته ڀيرومل ۽ سندس تحريڪ جو راز ھن جي ھوندي ئي فاش ٿي. پائولي ڏينهن ۾ ايتري ته چانه پيئندو ھو جو سندس ويجھا دوست کيس مذاق ۾ چوندا ھئا ھن جي رڳن ۾ رت بدران چانه ٿي ھلي. ان وقت به ھن جي اڳيان ٽيبل تي چانه جي پيالي رکيل ھئي. ھن عيني جي سلام جو مرڪي جواب ڏنو ۽ اشاري سان کيس ٻئي پاسي ڪرسي تي ويھڻ جو چيو. عيني ڪرسي تي ويٺي ۽ ناسي فائيل ٽيبل تي رکيائين. پائولي چانه جي ڪپ مان سرڪي ڀري پڇيس:
    ”ڇا اپڊيٽس آھن؟“
    ”سر مونکي لڳي ٿو ته ھن آواز کي مان سڃاڻيان ٿي،“ عيني فائيل ھن ڏانهن وڌائيندي ڳالھائڻ شروع ڪيو، پائولي فائيل کولي ان کي غور سان پرھڻ لڳو ۽ پوءِ سنجيدگي سان عيني کي ٻڌڻ لڳو، ھن ڪرسي کي ٽيڪ ڏئي ھڪ آھي ڀري ۽ پوءِ اکين تان ڪاري فريم واري نظر عينڪ لاھي ڇت ۾ ڏٺائين.
    ”ڏس عيني ڪرشيا شھر جو سمورو ڪاروھنوار ڊماڊول لڳو پيو آھي، ھڪ پاسي کان وڌيا ٻيٽ وارا اسان خلاف سازشيون ڪري رھيا آھن ته ٻئي پاسي جابلوسي شھر تي دھشتگرد حملا ڪري رھيا، مٿان وري پ ب ت وارن جو ھر روز نئون رينگٽ ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو، اھڙي صورتحال ۾ جيڪڏھن اسان شڪ جي بنيادن تي ڪنهن ۾ ھٿ نٿا ويجھي سگھون.“ پائولي کيس ڌيمي لھجي ۾ چيو.
    ”سر مونکي پڪ آھي ته ھن آواز کي مان سڃاڻيان ٿي،“ عيني پنهنجي ڳالھ تي زور ڏيندي چيو.
    ”عيني ماڻھو اسان جي ڪرڪردگي مان ڪو گھڻو خوش نه آھين، خاص ڪري اصل سندرتا واسي، کين لڳي رھيو آھي ته سندن نسل ڪوشي ٿي رھي آھي، سڀني کان ڪا نه ڪا غلطي ضرور ٿي آھي، پر ھاڻي اسان کي وڌيڪ ٻئي ڪا نئين غلطي نه ڪرڻ گھرجي،“ پائولي وري چانه جي سرڪي ڀري ڌيمي لھجي ۾ چيس.
    ”سر جيڪڏھن ھن تحريڪ کي اسان ھتي ختم ڪرڻ بدران اڳيان وڌڻ ڏنو ته اھا اسان لاءِ ويتر خطرناڪ ثابت ٿيندي ۽ اھا اسان ھڪ جي نئين غلطي ھوندي،“ عيني ساڳي لھجي ۾ ڳالھايو. پائولي ڪرسي کي ٽيڪ ڏئي سوچ ۾ ٻڌي ويو، پوءِ ٿڌو ساھ ڀري عيني کي چيائين:
    ”ٺيڪ آھي، تو وٽ ڪھڙو پلان آ؟“ عيني جي منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ ھوءَ ڊارئڪٽر کي پلان ٻڌائڻ لڳي. ڏيڊ ڪلاڪ جي ميٽنگ کانپوءِ عيني ڊارئڪٽر جي آفيس مان ٻاھر نڪر آئي ۽ اچي پنهنجي آفيس ۾ ويٺي ۽ ڪنن تي وري ڪارا ھيڊفون چارھي ساڳي ٽيپ ٻڌڻ لڳي، سندس اکين اڳيان آواز مطابق واضح شڪل اچي وئي ۽ ھوءَ پيڊ تي ڪجھ لکڻ لڳي.
    سترھن اپريل تي عيني اسڪول ۾ سندس ڪلاس ۾ پرھندڙ سڀني شاگردن لاءِ ھڪ پارٽي جو اعلان ڪيو، ھن سان جيڪي دوست رابطي ۾ ھئا کين ايميل موڪلي ۽ ٻين (جيڪي عيني جي رابطي ۾ نه ھئا) سان رابطو ڪرڻ لاءِ ھن انهن دوستن کي چيو ھو. 2000ع واري ان بئچ ۾ عيني جي ڪلاس ۾ اٺاويھ ڇوڪريون ڇوڪرا ھئا، ڪرش جي مستي مذاقن ۽ جھڙن جھٽن جي ڪري ان بئچ کي ڪرش بئچ جو نالو ڏنو ويو ھو، جيڪو اسڪول ۾ ندامت جي علامت بڻجي چڪو ھو، تان جو ڪلاس ۾ لڳ ڀڳ سڀني کي خبر ھئي ته ڪرش عيني تي عاشق آھي، پر ارڙھن سالن ۾ ھنن ھڪ ٻئي سان ھڪ ڀيرو به رابطو نه ڪيو ھو. عيني کي ته اھا به ڄاڻ نه ھئي ته ڪو ڪرش ھاڻي جيئرو به آھي يا مري چڪو آھي. اھو رات جو وقت ھو ٻئي ڏينهن ڇنڇر تي عيني جي گھر تي پارٽي رکيل ھئي، چوڏھن ڄڻ پارٽي ۾ اچڻ جي حامي ڀري ھئي، ٻارھن ڄڻن نه اچڻ جا مختلف بهانا ڏنا ھيس، باقي ٻن ڄڻ ڊيني ۽ ڪرش ھن سان ڪو به رابطو نه ڪيو. عيني ڪپڙن جي الماڙي کولي ان مان فوٽون جو ھڪ پراڻو البم ڪڍي بيڊ تي ويھي البم ڏسڻ لڳي، ھر تصوير سان سندس منهن تي عجيب مرڪ ٿي اچي وئي. جڏھن ھن جي سامھون ڊيني جي تصوير آئي ته سندس دل جو ڌڙڪو ۽ ساھن جو وھڪرو وڌي ويو، ھن اکيون بند ڪري ڇڏيون، ڊيني سندس پھرئين محبت ھو، ھوءَ ڊيني کي ڏسڻ لاءَ تڙپندي ھئي. ھڪ ته ڊيني شڪل شبيھ ۾ سھڻو ھو ٻيو ته ڪلاس ۾ ھوشيار ٻار تصور ڪيو ويندو ھو، ھر ڪنهن جي اک جو تارو ڊيني.... عيني جيترو به ھن جي ويجھو اچڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي، ڊيني ھن کان ايترو ئي پري ڀڄندو ھو، ھن سان پنهنجي مسئلا لاڳو ھئا، کيس ماءُ اڪيلي سر پاليو ھو، ننڍپڻ ۾ ئي سندس پيءَ گذاري ويو ھو ۽ پوءِ ڊيني رڳو پنهنجي ذات تائين ئي محدود ٿي ويو ھو، ڪجھ عرصو اڳ ته ڊيني ڊاڪٽر ٿي چڪو آھي ۽ لدنيستان ۾ کيس نوڪري ملي وئي آھي، ھو ھتان شفٽ ٿي ويو آھي.


    4

    ٻئي ڏينهن صبح کان ئي عيني پارٽي جي تيارين ۾ لڳي وئي، جيئن ئي سج لٿو ته سندس گھر تي مھمان اچڻ شروع ٿي ويا، پارٽي جو سمورو بندوست گھر اندر ننڍڙي باغيچي ۾ ٿيل ھو، پشپا، ڪنول، مينا ۽ ڪجھ ٻيون عورتون عيني سان ڪچھري ۾ رڌل ھيون، سندن ٻارن گھر ۾ لڪ لڪوٽي ٿي ڪئي. جڏھن ته 2000ع جا ڇوڪرا ۽ ھاڻوڪا مرد ٽيبلن تي ويھي پاڻ ۾ ڪچھري دوران سگريٽ ڇڪڻ لڳا.
    ”عيني ڊيني نظر نٿو اچي،“ پشپا گلاس مان ڪاري بوتل جو ڊڪ ڀريندي پڇيس، عيني کي ائين لڳو ڄڻ پشپا کيس تير ھڻي ڪڍيو ھجي، ھن بنا جواب ڏني ھيڊي مرڪ مرڪي.
    ”نظر ته ڪرش به نٿو اچي؟“ ھن ڀيري ڪنول ڳالھايو: ”ڪيڏو نه عجيب آھي ڪرش بئچ جي پارٽي ۾ ڪرش ڪونهي.“ عيني ھيڊي مرڪ مرڪڻ کانسواءِ ڪجھ به نه ڪري سگھي، سموري پارٽي دوران ھر ھر سندس نظرون در ڏانهن کڄي ٿي ويون، ھر ھر سندس دل ۾ خيال ٿي آيو ته ڪنهن نه ڪنهن پل ڊيني اچي ويندو، کيس ڪرش جو ڪو خاص انتظار نه ھو، ھن ته اھو به ظاھر ڪيو ته ڪرش نه اچي ته سٺو آھي. پر سندس دل ڊيني لاءِ بيتاب ھئي. رات ڏھين وڳي تائين پارٽي عروج ۾ ھلي، پوءِ ھوريان ھوريان عيني جا مھمان موڪلائي وڃڻ لڳا ۽ يارھين لڳي تائين عيني گھر ۾ اڪيلي ٿي وئي، کيس جنهن جو انتظار ھو، اھو نه آيو، ھن کي سندس پلان ناڪام ٿيندو نظر آيو، ھوءَ ڪمري ۾ آئي دريءَ تان پردو ھٽائي ٻاھر باغيچي ۾ ويران ڪرسين کي ڏسڻ لڳي، ٻاھر ھوا سبب وڻن جا پتا چريا ٿي، ھن سوچيو ڪن ۾ لڳل بلو ٽوٿ ڊوائيس ھاڻي لاھي ڇڏڻ گھرجي. وڻن جي پتن کي لوڏندو ڏسي ھوءَ پاڻمرادو گانو ڳائڻ لڳي:
    ”پتيان کڙڪين تو ھم سمجھي آپ آ ھي گي،
    سجدي مسجود ڪي معبود ڪو ھم پا ھي گي.“
    ھن ڇرڪ ڀيري پٺيان ڏٺو، کيس ڪمري ۾ ڪنهنجي ھجڻ جو احساس ٿيو، سچ پچ ڪمري ۾ عيني کانسواءِ ٻيو به ڪير موجود ھو، عيني جي نظر الماڙي وٽ بيٺل سنواري سنهڙي ھلڪي ڏاڙھي (جنهن ۾ ٻھ چار اڇا وار به ھئا) وارو جوان شخص نظر آيو، سندس آڱرين جي وچ ۾ سگريٽ ٿي دکيو، ھن جي منهن تي اداس مرڪ ھئي.
    ”ايڪ تو ھي حقيقت اس دنيا مين....“ ان شخص به گاني جو مسرو جونهگاريو.
    ”ڪرش.....“ عيني ڇرڪ ڀريندي ھن جي ڏرا ڏنل اکين ۾ اکيون وجھندي چيو. سندس چپ ٿڙڪڻ لڳا.
    ”عيني تنهنجي دعوت تي مان نه اچان، اھو ڪيئن ٿي ٿو سگھي،“ ڪرش مرڪي سگريٽ جو ڪش ھڻندي چيس. عيني پڪ ڪرڻ لاءِ وري ھن کي چيتائي ڏٺو ۽ ٿڙڪندڙ چپن سان پڇيائنس:
    ”ڪيئن آھين ڪرش؟“
    ”اڃا تائين جيئرو آھيان...“ ڪرش عيني کي حسرت ڀري نگاھن سان ڏسندي چيو، سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. ٻنهي جي وچ ۾ خاموشي ڇائنجي وئي.
    ”يقين نٿو اچي مان ارڙھن سالن کانپوءِ تنهنجي سامھون بيٺو آھيان، مونکي ته لڳو ھو ھن جنم ۾ مرندو مري ويندس پر تنهنجو ديدار نصيب نه ٿيندو.“ ڪرش خاموشي جو قتل ڪندي چيس.
    ”ھون....“ عيني ھيڊي مرڪ مرڪندي ھاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏي چيس. وري ٻنهي جي وچ ۾ خاموشي اچي وئي.
    ”تون پارٽي ۾ ڇو ڪونه آيئن؟“ ھن ڀيري عيني خاموشي جو سينو چيريندي پڇيس. ڪرش بنا ڪو جواب ڏئي عيني طرف وڌڻ لڳو، عيني ٻھ چار قدم پيٺان دريءَ ڏانهن وئي. وري ٻنهي جون نظرون مليون، عيني ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو، ڪرش الماڙي جي پاسي کان ڪارپيٽ تي ويھي رھيو. عيني ھن جي بلڪل سامھون بيڊ جي ڪنڊ تي ويٺي.
    ”اڄ ڪلھ ڇا پيو ڪريئن؟“ عيني ھن کي ڏسندي پڇيو.
    ”پنهنجي ماضي کي مٽائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھيان،“ ڪرش ڀت تي سگريٽ ھڻي وسائيندي جواب ڏنس. عيني ڪن ۾ پھريل بلو ٽوٿ ڊوائيس آن ڪري ڇڏي، ايئن ڪرڻ سان ھوءَ پنهنجي آفيس سان رابطي ۾ اچي وئي. نائيٽ ڊيوٽي تي ويٺل ڪمپيوٽر آپريٽر عيني ۽ ڪرش جي ڳالھ ٻولھ ريڪارڊ ڪرڻ لڳو.
    ”شھر ڪيڏو نه بدلجي ويو آھي،“ عينيءَ ڪرش کي ڏسندي چيو، ڪرش کيس ويران نظرن سان ڏٺو، سندس اکيون پيليون ۽ ڏرا ڏنل ھيون. عيني مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”ڪڏھن ڪڏھن ته مونکي لڳندو آھي ڪرشيا شھر ڪڏھن به اسان اصل سندرتا واسين جو ھو ئي ڪونه، ايئن لڳندو آھي ڄڻ ھن شھر کي ڌارين ئي اچي آباد ڪيو آھي.“ عيني ڌيمي لھجي ۾ چيس. ڪرش الماڙي جي پاسي کان ھٽي ڌريءَ ڏانهن آيو ۽ ويران نظرن سان ڪاري آسمان کي ڏسڻ لڳو. سندس دماغ ۾ ڪو طوفان برپا ھو جنهن جي ڪري ھن جي لوندڙين جون رڳون سٽجي ويون.
    ”90 واري ڏھاڪي ۾ جڏھن پاڻ وڏا ٿي رھيا ھئاسين ھن شھر کان خوف ايندو ھو، اڄ به ڪرشيا شھر کان خوف ايندو آھي، ڪٿي بدليو آ شھر.“ ڪرش آسمان کي تڪيندي اداس لھجي ۾ چيس.
    ”90 وارو ڏھاڪو به عجيب ھو، اسان وڏا ٿي رھيا ھئاسين، شھر به وڌي رھيو ھو، ان دور کي ياد ڪرڻ لاءِ اڪثر مان 90 وارا گانا ٻڌندي آھيان.“ عيني الماڙي ڏانهن ويندي چيس. ڪرش خاموشي سان ڪاري آسمان کي ڏسندو رھيو، عيني الماڙي مان 9 ايم ايم پستول ڪڍي بيڊ تي اچي ويٺي ۽ پستول چادر ھيٺان لڪائي ڇڏيائين. ھنن جي وچ ۾ خاموشي ڪيترن ئي پلن تائين رقص ڪندي رھي.
    ”اسان کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ ڇو نٿي اچي ته ڪرشيا شھر اسان سڀني جو آھي،“ عيني ھن کي ڏسندي چيو، ڪرش به ڪنڌ ورائي عيني کي ڏٺو، عيني سندس چھري جا تاثر پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن جو چھرو بنا ڪنهن تاثر جي ھو، ھن اڇي شرٽ جي کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ ھڪ اونهو ڪش ھنيو.
    ”ڪرش،“ عيني ھن کي سڏ ڪيو، ھن عيني کي ڏٺو.
    منهنجو ھڪ ڪم ڪندين؟“ عيني ڌيمي لھجي ۾ چيس، ڪرش خاموش بيھي ھن کي تڪيو.
    ”ڪجھ عرصي کان شھر ۾ ھڪ نئون ٽولو اڀريو آھي، جيڪو نعرو ھني ٿو ته ڪرشيا شھر رڳو اصل سندرتا ديس واسين جو آھي، جيڪو به اھو چوندو ته ڪرشيا شھر سڀني جو آھي ان کي قتل ڪيو ويندو.“ عيني ھڪ پل لاءِ ڳالھائڻ بند ڪيو، ڪرش جون نظرون ھن تي ڄميل، ڪمري ۾ سگريٽ جي دونهين سبب عيني جو ساھ منجھڻ لڳو. ھن کنگندي ڳالھايو:
    ”ان ٽولي جو اڳواڻ ڀيرو مل نالي ڪو شخص آھي، پر ڪنهن وٽ به ڀيرو مل جو ڪوبه ريڪارڊ ڪونهي، نه وري ڪنهن ھن کي ڪڏھن ڏٺو آھي.“ عيني ٻڌايس. ڪرش سڪون سان سگريٽ ڇڪيندو رھيو.
    ”2004ع به عجيب سال ھو،“ ڪرش ڪش ھني ناسن مان دونهون ڪڍندي چيس: ”جيڪڏھن 2004ع سال نه اچي ھا ته شايد ڪرشيا شھر جو ڪارونهوار ايئن ئي ھلندو رھي ھا جيئن گذريل ٽيھ سالن کان ھلندو ٿي آيو.“
    ”ان سال اھڙو ڇا ٿيو ھو؟“ عيني اٿي بيھي حيرانيءَ مان پڇيس.
    ”جيڪڏھن اجتماعي طور ڏسجي ته ڪجھ به نه ٿيو ھو، پر انفرادي طور ڪنهن لاءِ قيامت برپا ٿي ھئي ۽ ھر گذرندڙ پل سان ان جي شدت وڌڻ لڳي ۽ پوءِ ھڪ راڪشس جو جنم ٿيو ھو، جنهن پاڻ سان وچن ڪيو ھو ته ھو سڀ ڪجھ ڀسم ڪري ڇڏيندو.“ ڪرش سگريٽ جو آخري ڪش ھڻي دري کولي سگريٽ ٻاھر اڇلايو، سگريٽ جو ٽوٽو ھوا ۾ ڪلابازيون کائيندو زمين تي ڪريو ۽ ڪجھ پلن ۾ وسامي ويو.
    ”تون ڪنهنجي ڳالھ ڪري رھيو آھين؟“ عيني جي حيرت ويتر وڌي وئي، ڪرش مڙي ھن کي ويران نظرن سان ڏٺو، سندس نظرون ڪجھ پلن لاءِ عيني جي مک تي ئي رھيون، ھن وري عيني کي پٺي ڏئي دري مان ڪاري آسمان کي ڏسندي آھ ڀري ڳالھايو:
    ”عيني تو جيان ڪرشيا شھر به مونکي ڪڏھن قبول نه ڪيو آھي.“ عيني بيڊ تي ويھي رھي ۽ ھن کي تڪڻ لڳي، ڪرش ٻيو سگريٽ ڪڍي دکايو.
    ”2004ع ۾ مونکي پھريون ڀيرو احساس ٿيو ڪرشيا شھر اسان اصل سندرتا واسين جو نه رھيو آھي.“
    ”ڪرش مون ٻڌو آھي تون انقلابي ڪوي ٿي ويو آھين!“ عيني ڳالھئين جو رخ ڦيرڻ لاءِ چيس. ڪرش وري ھڪ اونهو ڪش ھنيو، سندس نظرن آسمان ۾ ئي کٿل.
    ”ننڍي ھوندي کان ئي مونکي ڪرڪيٽ جو جونون جي حد تائين شوق ھو، ايئن لڳندو ھو منهنجي زندگي ۾ رڳو ٻھ مقصد آھن ھڪ تون ٻيو ڪرڪيٽ، اسڪول کان گھر موٽي ٻھ ڪم ضرور ڪندو ھوس، ھڪ توکي پيار ڀريو خط لکڻ، اھي خط جيڪي مان ڪڏھن توکي ڏئي نه سگھيس، اھي اڄ به مون سانڍي رکيا آھن، ٻيو ڪرڪيٽ کيڏڻ.“ ڪرش سگريٽ جو ڪش ھڻي چيس، عيني غور سان ھن کي ٻڌڻ لڳي.
    ”سردي ھجي يا گرمي پر ڪرڪيٽ جي پرڪٽس ڪڏھن به نه ڇڏيندو ھوس، خواب ھو ھڪ ڏينهن قومي ٽيم ۾ کيڏندس.... قومي ٽيم.....“ ڪرش اھو لفظ طنزيھ انداز ۾ چيو، عيني جو تجسس ويتر وڌي ويو.
    ”ان تي ڪيترائي ڀيرا بابا جي مار به ملي، منجھند ٽاڪ جو بابا جي آرام جو وقت ھوندو ھو ۽ منهنجي پرڪٽس جو. ڀت تي بال ھڻڻ بابا کي زھر لڳندو ھو، ان دوران مونکي لڳندو ھو مان اڪيلو نه آھيان مونسان گڏ مڪمل ٽيم آھي، مان ان جو ڪپتان آھيان، مس فليڊ ڪرڻ تي فليڊر کي گھٽ وڌ ڳالھائيندو ھجان، ٽيم جڏھن به مشڪل ۾ ھجي ته مان ڪنهن کلاڙي سان پارٽنرسپ ڪري ميچ کٽرائي وٺان ۽ ھر ڀيري مين آف دي ميچ مونکي ئي ملي، ان دوران مون پنهنجي سلينجر جي ڪٽ بيگ به ٺاھي ورتي ھئي، ان ۾ 4500 رپين جي ته رڳو بيٽ ھئي، جنهن جي بليڊ تي بال لڳندو ھو ته ٽڪ جو آواز نڪرندو ھو ۽ بال گولي جيان بائونڊري ڏانهن ويندو ھو، پيڊ، گيلوز، آرم پيڊ، ٿائي پيڊ، ھيلمٽ، جاگر ھر شيءَ تي سلينجر جو چيتي وارو نيرو نشان. پر اھو سڀ منهنجي دماغ جو خلل ھو. حقيقت ان جي ابتڙ ھئي.“ ڪرش ھڪ پل لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ ڪش ھنيائين، پوءِ وري چيائين:
    ”2004ع جڏھن توکان وڇڙي چار سال ٿي چڪا ھئا ته خبر ملي ڪرشيا ۾ قومي ٽيم جي سليڪشن لاءِ ٽن ڏينهن جي ڪيمپ لڳي آھي، ان ڪيمپ جو حصو ٿيڻ لاءِ مون به اپلاءَ ڪيو، ان ٽن ڏينهن دوران مون سميت چار ٻين ڇوڪرن کي اسٽيڊيم جي ويجھي به اچڻ نٿي ڏنو ويو، پر ھر روز ان اميد سان موٽندا ھئاسين ته اڄ اسان جو وارو ايندو. آخري ڏينهن تي گرائونڊ جي ھڪ پوڙھي ملازم جنهن جي مٿي ۽ ڏاڙھي جا وار مھندي ھڻڻ سبب ڳاڙھا ھئا اسان کي چيو جيئن ته اسان اصل سندرتا ديس واسي آھيون ان ڪري اسان کي ڪڏھن به قومي ٽيم ۾ جاءِ نه ملندي، اسان ھتي پنهنجو وقت وڃائي رھيا آھيون. اھو ٻڌي مونکي حيرت ٿي ھئي ۽ سوچيو ايئن نه ھوندو، پر آخري ڏينهن به اسان کي اندر نه ڇڏيو ويو، گيٽ ٻاھران ئي اسان کي چيو ويندو ھو ته اسان جو لسٽ ۾ نالو نه آھي. جڏھن ڪيمپ پوري ٿي ته منهنجو من وسامي ويو.“ ڪرش جي آڱرين جي وچ سگريٽ دکندو رھيو، ھن دري کولي وري سگريٽ ٻاھر اڇلايو ۽ ڳالھ جاري رکيائين:
    ”ڪاوڙ ۾ اچي ان شام جو مون ڪٽ کي باھ ڏئي ڇڏي، ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ڪٽ بدران ڪو منهنجي چتا ساڙي رھيو ھجي، ان کانپوءِ مون ڪرڪيٽ کيڏڻ ته ڇا پر ڏسڻ به ڇڏي ڏني. نه تون ملي سگھين نه ڪرڪيٽ، ايئن لڳو ڄڻ منهنجي زندگي جو مقصد ئي ختم ٿي ويو ھجي مونکي ڪرشيا شھر کان نفرت ٿيڻ لڳي. دل گھرندو ھو ھن سموري شھر کي تباھ ڪري ڇڏيان.“ ڪرش چپ ٿي ويو، وري ھنن جي وچ ۾ خاموشي ننگو ناچ ڪرڻ لڳي من اندر جيان ڪرش جون اکيون به ڀرجي آيون.


    5

    ”اھا 2006ع جي ڳالھ آھي ھڪ چانه جي ھوٽل تي ويٺل ھوس،“ ڪرش ٽيون سگريٽ دکائيندي ڳالھايو: ”اتي مونکي سندرتا واسي ٿيئٽر جو پرچو مليو، روبانو نالي ڪا ٿيئٽر ڊارئيڪٽر نيئن ٽيلينٽ جي ڳولھا ۾ ھئي جيڪو اصل سندرتا واسي ھجي، ان منهنجي اندر عرصو اڳ سمھي پيل فنڪار کي جڳائي ڇڏيو. ايئن لڳو ڄڻ ڪو مسيح ڪنهن مردي کي ھڪم ڏيندو ھجي اٿي وري زندھ ٿي پئو ۽ اھو مردو وري زندھ ٿي پيو.“ ڪرش سگريٽ دري کان ٻاھر اڇلائي، اتان ھٽي عيني جي سامھون الماڙي جي پاسي کان ويٺو.
    ”پوءِ؟“ عيني ھن کي ڏسندي ٿڙڪندڙ چپن سان پڇيو.
    ”آپا روبانو مونکي اھڙو پيار ڏنو جنهنجي مونکي ازل کان ڳولھا ھئي، ھن مونکي پنهنجو پٽ ڪيو، ھن مونکي ڪرشيا شھر سان عشق ڪرڻ سيکاريو، ھاڻي ڪرشيا ھڪ بدصورت ڏائڻ بدران ھڪ خوبصورت ڪنواري دوشيزا جو ڏيک ڏيڻ لڳو، مان ڪرشيا شھر لاءِ ڪويتائون چوڻ لڳس، اھي ڪويتائون اسان جي ناٽڪن جو حصو بڻجڻ لڳيون، پر جڏھن به رات جو سمھڻ لاءِ اکيون بند ڪندو ھوس، تنهنجو چھرو اچي ويندو ھو ۽ وري منهنجي روح کي ڏنگھڻ لڳندو ھو، روز رات جو ٿيئٽر جي باغ ۾ اچي ويھندو ھوس ۽ چنڊ ۾ تنهنجي چھري کي ڳولھڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس.“ ڪرش عيني کي ڏٺو، عيني ھن کي ڏسي نظرون جھڪائي ڇڏيون. ڪرش وري ڳالھايو:
    ”2012ع جي ھڪ رات وري ھڪ ٻيو چمتڪار ٿيو، ان رات آپا اُجالا نالي ھڪ ڇوڪري کي پاڻ سان وٺي آئي ھئي، اُجالا جا نيڻ، نقش وار ھوبهو تو جھڙا ھئا، ايئن لڳو تون منهنجي سامھون اچي بيٺي ھجيئن، اُجالا ڪمال جي اداڪارا آھي، مونکي ايئن لڳندو آھي ته ھوءَ منهنجي لکيل سٽن ۾ لڪل اصل درد کي سڃاڻي وٺندي آھي، ھڪ ڀيرو رات جو باغ ۾ ويھي ويران نظرن سان چنڊ کي تڪڻ لڳو ھوس جو اُجالا منهنجي پاسي کان وھيندي مرڪي پڇيو ھو: ھوءَ ايتري سھڻي آھي ڇا؟
    ڪير؟ حيراني مان پڇيو ھو مانس.
    اھا ئي جنهن کي چنڊ ۾ ڳولھي رھيو آھين؟ اُجالا مرڪي چيو ھو. کيس ڪو به جواب نه ڏنو ھئم ته ھن چيو ھو: ڪڏھن ڪڏھن ايئن لڳندو آھي تنهنجي ھر سٽ ھر ڪويتا ھن جي لاءِ لکيل آھي.
    مون اُجالا جي اکين ۾ ڏسندي چيو ھو: عيني....!! ھن حيراني مان مونکي ڏٺو ھو ۽ اٿي وڃڻ لڳي ھئي، مون کيس ٻانهن کان پڪڙي پنهنجي سيني سان لائي ڇڏيو ھو.“ ڪرش وري سگريٽ دکايو ۽ ڪش ھڻي ناسن مان دونهون ڪڍڻ لڳو.
    ”ان سڀ دوران رڳو منهنجي زندگي نه پر ڪرشيا شھر به تيزي سان بدلجي رھيو ھو، شھر ۾ ھر روز ڪا نئين مافيا پيدا ٿي پوندي آھي، ٻھ سال اڳ شھر ۾ لينڊ مافيا زور پڪڙڻ لڳي، جنهن جي پٺيان پ ب ت وارا ھئا، آپا روبانو سندرتا واسين جون قديم وسنديون بچائڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي ۽ پوءِ ھڪ ڏينهن کيس بيرحمي سان قتل ڪيو ويو، اسان جي ٿيئٽر تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آپا جي لائبرري مان مونکي ٻھ ڪتاب مليا ھڪ ميشا گليني جو ميڪ مافيا ٻيو وڪرم چندرا جو سيڪرڊ گيم. اھي ٻئي ڪتاب انڊرولڊ تي لکيل ھئا، پر ڪرشيا شھر ۾ انڊرولڊ جو ايترو مسئلو نه ھو، ھتي اصل مسئلو پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ آھي، ھن شھر ۾ خاص ڪري اسان اصل سندرتا ديس واسين کان اسان جي سڃاڻپ کسڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي، اسان کي اڪثر اھو احساس ڏياريو ويندو ته ڪرشيا شھر ۾ رھڻ لاءِ اسان کي پنهنجي سڃاڻپ مٽائڻي پوندي، ھر ھر اسان کي چيو ويندو آھي ته ڪرشيا شھر اسان سندرتا ديس واسين جو نه آھي.“ ڪرش جو لھجو تلخ ٿي ويو، عيني ھن جي تاثرن کي ماپڻ لڳي، ڪرش ھن کي جذباتي نظر آيو. ڪرش اٿي بيٺو ۽ عيني کي پٺي ڏيندي چيائين:
    ”اھڙو دنيا ۾ ھڪ ٻيو شھر به آھي، ممبيسي ھر ڪو چوندو آھي ته ممبيسي سڀني جو آھي، ھن سڀ کان تنگ ٿي اتي ھڪ سياستدان اڀريو جنهن اھا دعوا ڪئي ته ممبيسي رڳو ان جي اصل واسين جو آھي، ھن ممبيسي بچائڻ لاءِ ماڻھن کي مارڻ شروع ڪيو. ڪرشيا شھر کي بچائڻ جو به رڳو اھو ھڪ ئي رستو ھو ته اسين دعوا ڪريون ته ڪرشيا شھر رڳو اسان اصل سندرتا ديس واسين جو آھي، نه ڪنهن مھمان جو، نه ڪنهن جابلوسي جو... رڳو اسان سندرتا ديس واسين جو.“ ڪرش عيني ڏانهن وڌيو، عيني ھن کي ويران نظرن سان ڏسڻ لڳي.
    ”عيني توکي اھو نه چوڻ گھرجي ھا ته ڪرشيا شھر سڀني جو آھي.“ ڪرش چيس، اھو ٻڌي عيني من اندر ۾ ڏڪي وئي ۽ خوف ۾ اٿي بيٺي، ھن طريقي سان چادر ھيٺيان لڪايل پستول ڪڍي ورتو، ڪرش ھن ڏانهن وڌڻ لڳو، عيني جو جسم ٿڙڪڻ لڳو ڪرش بلڪل ھن جي ويجھو پھچي ويو، ھن جھڪي عيني جي ڪن ۾ سرگوشي ڪئي:
    ”مان ئي ڀيرو مل آھيان.“ اوچتو گولي جو ٽڪاءُ ٿيو، ڪرش عيني کان پري ٿي ويو، سندس ھڪ ھٿ پيٽ تي اچي ويو، عيني خوف ۾ ٽرگر دٻائي ڇڏيو، گولي ڪرش جو پيٽ چيري وئي، ڪرش ڪجھ قدم پٺيان وڃي ڀت سان لڳو، ھن جي اکين آڏو اوندھ ٿيڻ لکي ۽ ھو وڏا وڏا سان کڻڻ لڳو. ھو زمين تي ھيٺ ويھي رھيو، سندس واتان ھڪ آھ نڪتي:
    ”عيني....ڪرشيا......“ ۽ پوءِ ھن جو جسم ٿڌو ٿي ويو. عيني جي اکين مان ڳوڙھا نڪري اچي سندس ڳلن تي ڪريا، ھوءَ بيڊ جي ڪنڊ تي ويھي رھي.
    ٻن ڏينهن کانپوءِ عيني پنهنجي آفيس جي ويٺل ھئي، سندس من اداس ھو، اوچتو شيشي جي در تي ٺڪ ٺڪ ٿي، ھن ان طرف ڏٺو، کيس ھڪ نوجوان ڪميپوٽر آپريٽر بيٺل نظر آيو، ھن اشاري سان نوجوان کي اندر اچڻ جو چيو، نوجوان ھن وٽ آيو ۽ کيس ٽيپ ڏيندي چيائين:
    ”ميڊم ھي ڊائرئڪٽر صاحب اوھان لاءِ موڪلي آھي.“ عيني مرڪي ھن کان ٽيپ ورتي. ھو آفيس کان ٻاھر ھليو. عيني خاموش ڪمري ۾ ڪنن تي ھيڊ فون چاڙھي ٽيپ ٻڌڻ شروع ڪئي.
    ”مان ڪرشيا رڳو اصل سندرتا واسين جو آھي تحريڪ جي ڪمانڊر اُجالا آھيان، ڀلي ڪمانڊر ڀيرو مل ھن دنيا ۾ نه رھيو ھجي پر اسان جي تحريڪ جاري آھي.“ اھو ٻڌي عيني کي پنهنجي ڪنن تي يقين نه آيو، سندس مٿو ڦرڻ لڳو، کيس ساھ کڻندي تڪليف محسوس ٿيڻ لڳي.
    اھو سندس وڏي ڀيڻ بينا جو آواز ھو....


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 866
    ڪتابن جو مشاهدو: 2405134
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 615739
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ