ڪتاب جو نالو: جڏهن خيال جاڳن ٿا
مصنف: اظهر امر
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2020
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 06 جنوري 2020 ع
پڙهيو ويو: 1961 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 305 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نئين ٽھيءَ جي اڀرندڙ ليکڪ اظھر امر جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
اظهر امر جا مضمون گهڻو ڪري ڪتابن تي تبصري جي صورت ۾ آهن، جيڪو ھڪ ساراه جوڳو عمل آهي. اظهر جي ان ڪم کي ٻيو ڪوئي اهميت ڏئي يا نه پر حقيقت ۾ جس آهي اظهر کي جيڪو ان ڪم کي پنهنجو فرض سمجهي ڪري رهيو آهي. ليکڪ دوستن کي اظهر ان مضمون جي صورت ۾ حوصلو ۽ اهميت ٿو ڏئي ۽ هنن جي لاء اڃا به وڌيڪ جذبي ۽ جنون سان ڪم ڪرڻ جو ڪارڻ ٿو بنجي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : جڏهن خيال جاڳن ٿا سپرين جا
  • تحقيق جي دائري ۾ ايندڙ ڪتاب ”جڏهن خيال جاڳن ٿا“
  • هر ماڻهو ءَ جي هڪڙي دنيا آهي!
  • اظهر امر لفظن کي موتين جيان سينگاريندڙ ليکڪ
  • ليکڪ پاران
  • لاڙ پٽيءَ جو لاکيڻو ڪھاڻيڪار
  • بيخود بلوچ جي ڪتاب اعتراض تي هڪ نظر
  • ڪتاب "تون ئي تون" جو سرجڻھار بخاري افضل
  • مٺل جسڪاڻي جي سفرنامي ”سفر بخير“ تي هڪ نظر
  • ڪتاب: اذيتن جي اُس (ڪھاڻيون) ليکڪ: جعفر شاهاڻي
  • جاويد جبار جي ڪتاب زنگجِي ويل نِنڊ تي هڪ نظر!
  • زراعت جي حوالي سان بهترين ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب ”زرعي سونهون“
  • محمد علي جروار جي ڪتاب "هجومن ۾ اڪيلائي" تي هڪ نظر
  • "درد خوبصورت" جو سرجڻھار نياز راڄپر
  • اک نماڻي ڪجل سڏڪا تي هڪ نظر
  • ڪتاب اھڙا جن اهڃاڻ تي رايو
  • مون ساريندي سپرين جو سرجڻهار وفا صالح راڄپر
  • اقبال بلوچ جي ڪتاب "جيئڻ جنين ڪاڻ" تي تبصرو
  • ڪتاب "ڪامريڊ هوچي منھه" جو سرجڻهار ايشور لال
  • ڪتاب "تنين کي تعليم جي" تي هڪ نظر
  • ڪانهي ويل ويھڻ جي تعلقه فيض گنج جو ادبي جائزو
  • ڪوء ڳنڍيندڙ هوء ڪتاب کي لفظن جي ڀيٽا!
  • يوسف جميل لغاريءَ جي ڪتاب "اداس اکڙيون" تي هڪ نظر
  • "سمنڊ ڪنارو" ڪتاب جو سرجڻهار خادم گهراڻو
  • ماڻھو هڪ جهنگل آ ناول تي اڌورا خيال

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : جڏھن خيال جاڳن ٿا
    موضوع : ڪالم / مضمون
    ليکڪ : اظھر امر
    ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر books.sindhsalamat.com



    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    هي ڪتاب ارپيان ٿو
    انهي
    جھوني اديب کي
    جنهن کي نوجوانن
    جو قدر آهي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جڏهن خيال جاڳن ٿا“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نئين ٽھيءَ جي اڀرندڙ ليکڪ اظھر امر جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
    اظهر امر جا مضمون گهڻو ڪري ڪتابن تي تبصري جي صورت ۾ آهن، جيڪو ھڪ ساراه جوڳو عمل آهي. اظهر جي ان ڪم کي ٻيو ڪوئي اهميت ڏئي يا نه پر حقيقت ۾ جس آهي اظهر کي جيڪو ان ڪم کي پنهنجو فرض سمجهي ڪري رهيو آهي. ليکڪ دوستن کي اظهر ان مضمون جي صورت ۾ حوصلو ۽ اهميت ٿو ڏئي ۽ هنن جي لاء اڃا به وڌيڪ جذبي ۽ جنون سان ڪم ڪرڻ جو ڪارڻ ٿو بنجي.
    اظهر امر جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آن لائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. پيارا اظهر امرسنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو. اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    Sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ : جڏهن خيال جاڳن ٿا سپرين جا

    جيڪڏهن اسان کي نوجوانن سان شڪايت آهي ته اهي سٺو نٿا لکن ته نوجوانن کي وري سينيئر اديبن، شاعرن کان شڪايت آهي ته هُو هنن جي رهنمائي نه پيا ڪن، جڏهن ڪو به وڏو اديب ڪٿي انٽرويو ٿو ڏئي ته ان جي اها شڪايت آهي ئي آهي ته اڄڪلھ اهو معياري ادب نه پيو سرجيو وڃي ۽ نوجوان بلڪل به محنت نه پيا ڪن. پر حقيقت ته اها آهي جو نوجوان اسان کان به وڌيڪ محنت پيا ڪن، اهو ضروري ته ناهي جو هر ماڻهوء جي هر لکڻي معياري هجي، پر ها، ادبي معيار گهٽجڻ جو هڪ سبب اهو به ضرور آهي ته ”ادب جو اصلاحي تنقيد وارو شعبو“ پوئتي رهجي ويو آهي.
    نوجوان قومن ۽ ملڪن جو سرمايو هوندا آهن ان جي ڪري اسان کي نوجوانن کان مايوس ٿيڻ بجاء خوش ٿيڻ گهرجي. نوجوان اسان جو سرمايو آهن اسان کي انهن جي اصلاح ڪرڻ گهرجي، رهنمائي ڪرڻ گهرجي ۽ فخر ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو اڃا به وڌيڪ محنت ڪن.
    اهڙن ئي نوجوانن ۾ اظهر امر به هڪ آهي، جيڪو پڻ ادب جو شوق رکندڙن مان آهي. هونئن ته فيسبڪ تي اظهر امر جا مضمون پڙهندو رهندو آهيان پر يقينن ان وقت خوشيء جي لهر ڄڻ ته منهنجي دل تان گذري وئي جڏهن نوجوان شاعر ۽ مضمون نويس اظهر امر پنهنجي لکيل مضمونن جو ڪتاب واٽسپ ڪري مهاڳ لکي ڏيڻ جو چيو. حقيقت ته اها آهي جو ڪوبه ڪم آسان ناهي هوندو، هر ڪم محنت طلب هوندو آهي انهن ۾ مضمون لکڻ به هڪ محنت طلب ڪم آهي.
    مضمون لکڻ جي شروعات ته انگريزن جي دور کان ٿي جنهن ۾ ڪيترن ئي سنڌي اديبن مضمون لکڻ شروع ڪيا، پر سڀ کان پهريان مضمون جي شروعات مرزا قليچ بيگ فرانس بيڪن جي مضمونن کي ترجمو ڪري ”مقالت الحڪمت“ جي نالي سان ڪئي. جنهن کان پوء ٻين به ڪيترن ئي اديبن پنهنجا طبع زاد مضمون لکيا. مضمون لکڻ جي لاء موضوع جي ڪابه پابندي ناهي هوندي. مطلب ڪنهن به موضوع تي لکي سگهجي ٿو. انگريزن جي دور ۾ مضمون جي شهرت جو سبب صحافي بڻيا جن مضمون جي صنف کي اوج رسايو. ان کان پوء جوت اخبار جو به مضمون جي صنف کي اڳتي آڻڻ ۾ وڏو هٿ هيو. جيڪڏهن انگريزن جي دور ۾ مضمون نويسن کي ڏسجي ته انهن ۾ پرمانند ميوارام جو نالو به نمايان آهي. جنهن جا پڻ سماجي، سياسي، اصلاحي، مذهبي ۽ تفريحي مضمون جيڪي جوت اخبار ۾ ڇپجندا رهندا هئا. مضمون شروع کان ئي پڙهندڙن وٽ پنهنجي جاء والاري چڪو هو، جنهن کي اڄ جا نوجوان اڃا به وڌيڪ خوبصورت ڪري پيش پيا ڪن.
    اظهر امر جو ڪتاب ”جڏهن خيال جاڳن ٿا“ جنهن ۾ ڪالم ۽ مضمون شامل آهن. اظهر امر جا مضمون اڪثر ڪري ليکڪن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي تبصري جي صورت ۾ آهن جيڪو پڻ ساراه جوڳو عمل آهي، اظهر جي ان ڪم کي ٻيو ڪوئي اهميت ڏئي يا نه پر حقيقت ۾ جس آهي اظهر کي جيڪو ان ڪم کي پنهنجو فرض سمجهي ڪري رهيو آهي. ليکڪ دوستن کي اظهر ان مضمون جي صورت ۾ حوصلو ۽ اهميت ٿو ڏئي ۽ هنن جي لاء اڃا به وڌيڪ جذبي ۽ جنون سان ڪم ڪرڻ جو ڪارڻ ٿو بنجي.
    اظهر وٽ ڪالم ۽ مضمون لکڻ جو فن آهي، مضمون لکڻ ڪو آسان ڪم ناهي ڪنهن به موضوع تي مضمون لکڻ کان پهريان ان موضوع جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري هوندي آهي. اظهر به جن ڪتابن تي لکيو آهي انهن سان ڏاڍو سٺو نباهيو آهيو. هن ڪتاب ۾ شامل مضمون جن ڪتابن تي لکيا ويا آهن انهن ۾ ڪجھ کان سواء منهنجا پڙهيل نه هيا پر اظهر جا انهن ڪتابن تي لکيل مضمون پڙهي اها خبر ضرور پئي ته اهي ڪتاب ڪنهن ڪنهن جا ۽ ڪهڙن ڪهڙن موضوعن تي لکيل آهن. اظهر امر وٽ مضمون لکڻ جو اهو ڏانء ضرور آهي ته هو ڪتاب تي تبصرو ته ڪري ٿو پر ان سان گڏ ان جي ليکڪ جي باري ۾ به ڄاڻ ڏئي ٿو. جيئن مٺل جسڪاڻيء جو سفرنامو ”سفر بخير“ آهي. ان مضمون پڙهڻ سان اها خبر پئي ته مٺل جسڪاڻي زرعي يونيورسٽيء ۾ پنهنجي نوڪري ڪرڻ سان گڏ ادبي ذوق به رکي ٿو ۽ ان سان گڏ اسان کي مٺل جسڪاڻيء جي شخصيت جي باري ۾ به معلومات ملي ٿي.
    اظهر امر جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمون جن ڪتابن تي لکيل آهن اهي ڪتاب ڪجهه شاعري تي مشتمل آهن. ڪجهه سفر نامن تي ۽ ڪجهه ڪهاڻين ۽ ٻين موضوئن تي آڌاريل آهن اظهر امر جي اها چونڊ اظهر امر جي لکڻ جي گهڻ رخي پاسي کي ظاهر ڪري ٿي. اظهر امر ۾ سکڻ ۽ لکڻ جو جذبو آهي جنهن کان پوءِ ائين ضرور چئي ٿو سگهجي ته جيڪڏهن اظهر اهو پنهنجو لکڻ ۽ پڙهڻ وارو شوق جاري رکيو ته هو مستقبل جو بهترين ليکڪ ٿي سگهي ٿو.


    علي عاجز شر
    سرمد جو گهر پڪا چانگ
    5_11_2019


    تحقيق جي دائري ۾ ايندڙ ڪتاب ”جڏهن خيال جاڳن ٿا“

    تحقيق جي دائري ۾ ايندڙ ڪتاب ”جڏهن خيال جاڳن ٿا“

    ماڻهُوءَ جي من اندر ۾ متل مانڌاڻ، اُڻ تُڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جو سبب بڻجي ٿي، ته نيون سوچون سرجن ٿيون. سوچوُن، جيڪي اصل ۾ هڪ نه ته ڪنهن ٻئي عمل جو رد عمل هجن ٿيون. اهو ردعمل، ٻار کان ٻُڍي تائين، هر ڪو پنهنجي انداز ۾ ظاهر ڪري ٿو. ڪي ماڻهُو، اشارن ۽ ڪناين ۾، ڪي سندن ڪردار ۽ عمل وسيلي، ته ڪي وري ان کي لفظن جو روپ ڏئي، ڪلامي يا قلمي طور ظاهر ڪندا آهن.
    قلم وسيلي پنهنجي خيالن، سوچن، ويچارن، نظرين جي اُپٽار جا انيڪ طريقا آهن، جن مان ٻه، نظم ۽ نثر وارو طريقو وڌيڪ موثر رهيو آهي، پر لکندڙ جي شروعات وارين تحريرن (شاعري توڙي نثر) ۾ انيڪ ڪچايون ۽ ڦڪايون هجڻ ڪري، اهي لکڻيون ڪو خاص تاثر نه ڇڏينديون آهن. البت، جڏهن قلم جو سهارو وٺندڙ، لکڻ سان گڏوگڏ مطالعو ۽ ۾مُشاهدو ڪري ٿو، ته سندس تحريرن ۾ پختگيءَ اچڻ شروع ٿي ويندي آهي.
    عام طور هر ليکڪ، شاعر توڙي نثر نويس، شروع ۾ صرف سندس من اندر مان اُڇل کائي نڪرندڙ لفظ لکي، جملا لکندو آهي، جيڪي اڳتي هلي شاعريءَ يا وري نثر جي هڪ نه ته ڪنهن ٻيءَ صنف جي صورت ۾، پڙهندڙن تائين پهچڻ شروع ٿين ٿيا. اظهر امر جي حوالي سان جيستائين مون کي اندازو آهي، ته هن لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي ۽ پوءِ اڳتي هلي، نثر ۾ پڻ طبع آزمائي ڪرڻ لڳو.
    ٻين گهڻن ليکڪن وانگر، شروع ۾ اظهر جي من ۾ جيئن به آيو، هن جيڪو به لکيو، اهو سندس مرضيءَ سان ئي لکيو، پر اڳتي هلي، اظهر پڻ، ٻين ليکڪن وانگر، ٻين جي مرضيءَ سان پڻ لکيو. ۽ سندس اهو سلسلو جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. ايترو ته وڌي ويو، جو، جيستائين منهنجو اندازو آهي، ته اظهر، جيڪو بنيادي طور شاعر آهي، هاڻي نثر نويس ۽ گهڻو لکندڙ نثر نويس آهي. سندس اڪثر تحريرون، ٻين ليکڪن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن، مضمون نويسن، ناول نگارن جي ڇپيل ڪتابن جي حوالي سان آهن.
    هيءَ ٻه اکر لکڻ کان پهرين، اظهر امر واٽس ايپ ميسيج ۾، هڪ پي ڊي ايف فائيل ۽ ”قبلا سائين ڪتاب تي رايو لکي ڏيو“ جو نياپو موڪليو. سچ اهو آهي ته منهنجي خواب خيال ۾ ئي نه هو، ته ڪو، اظهر امر سندس ڪتاب موڪليو آهي ۽ ان تي رايو لکڻ لاءِ چيو آهي. ڇو ته اظهر امر اڄ جي دور جي تڪڙي رابطي يعني موبائيل فون ۽ ان وسيلي سوشل ميڊيا جي گهڻي استعمال ٿيندڙ ذريعي فيس بوڪ ذريعي پڻ رابطي ۾ رهيو آهي، پر اسان جون روبرو ملاقاتون به ڪي گهڻيون ديرائتيون نه ٿينديون آهن. ۽ هن ڪڏهن به مون سان سندس ڪتاب جو ذڪر نه ڪيو.
    واٽس ايپ فائيل ڊائون لوڊ ڪري ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان مون کي ٻن لحاظن کان حيرت ٿي. هڪ اها ته اظهر ايترو گهڻو لکي چڪو آهي، جو سندس مجموعو اچي رهيو آهي ۽ ٻيءَ حيرت ان ڪري ٿي، ته سندس هي پهريون ڪتاب، ڪاڳرن تي ڇپجي پڙهندڙن تائين پهچڻ وارو نه آهي.
    هر ماڻهُوءَ جي پنهنجي سوچ آهي. آئون پهرين عام رواجي طريقي سان ڪتاب ڇپجڻ ۽ پوءِ ان کي آن لائين ڇاپڻ جي حق ۾ آهيان. ڇو ته ان طريقي سان آئون پنهنجو هڪ ڪتاب، جيڪو مون انگريزي ۾ لکيو، آن لائين ان ارادي ۽ نيت سان، ڇپجڻ کان پهرين عام ڪيو، ته ڪتاب پڻ ترت ئي ڇپرائي وٺندس، پر پوءِ ٿيو ائين ته منهنجو اهو ڪتاب، جنهن ويب سائيٽ تي آن لائين ٿيو، اها ويب سائيٽ بند ٿي وئي ۽ منهنجي ان ڪتاب جو سمورو مواد، هڪ ٻيءَ ويب سائيٽ تان، مون کي ٻُڌائڻ کانسواءِ، منهنجو نالو ڪاٽي، باقي مواد جيئن جو تيئن ڇاپيو ويو! اهو ڪتاب انگريزي ۾ هجڻ جي ڪري، هاڻي ڪاپي رائيٽ جي اصولن مطابق، منهنجو ئي ڪتاب، منهنجو هوندي به منهنجو نه رهيو آهي.
    اظهر امر جو هي پهريون ڪتاب ”جڏهن خيال جاڳن ٿا“، آن لائين ڪتابن جي معروف ۽ مقبول ويب سائيٽ ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ جي سلسلي جي هڪ ڪڙي طور پڙهندڙن کي مطالعي لاءِ مُيسر هوندو. هن ڪتاب ۾ اظهر امر جون سموريون تحريرون مختلف ڪتابن ۽ انهن جي ليکڪن جي تعارف ۽ تبصرن تي مشتمل آهن. هي اهو ڪم آهي، جيڪو هاڻي نالو نڪتل ليکڪ نه ڪندا آهن. اظهر امر نوجوان آهي، اڃان شاگرد آهي، ڪُڙم وارو آهي، منهنجي سوچ مطابق ته سندس ترجيح في الحال ڪا ٻي هُجي، پر جيڪڏهن هو پنهنجي اصل ذميوارين کي سهڻي نموني سان نڀائي، مختلف ڪتاب پڙهي، انهن تي پنهنجا رايا ڏئي سگهي پيو، ته سندس هي عمل به ساراهه جوڳو ٿي پوي ٿو.
    جيتوڻيڪ اظهر امر جون، هن ڪتاب ۾ شامل شروعاتي نثري لکڻيون آهن، پر جيڪڏهن ايمانداريءَ سان رايو ڏجي، ته اظهر امر جو هي پورهيو تحقيق جي دائري ۾ اچي ٿو. مون کي عام لکيڪ جي ڀيٽ ۾ ڪنهن به مضمون، ڪنهن به شعبي جو محقق وڌيڪ وڻي ٿو.
    اظهر امر جي لاءِ مون وٽ خلوص ۽ نيڪ تمنائن کان وڌيڪ ٻيو ڇا اهم آهي، جيڪو هجڻ گهرجي؟ جتي به هجي، سدا خوش، خيريت سان هجي ۽ اهڙي عمل، ردعمل ۾ هجي، جنهن سان هو پنهنجي هڪ الڳ ٿلڳ ۽ منفرد سڃاڻپ پيدا به ڪري سگهي ۽ ان کي قائم به رکي سگهي.


    مٺل جسڪاڻي
    ٽنڊوڄام
    خميس، 24 آڪٽوبر 2019ع


    هر ماڻهو ءَ جي هڪڙي دنيا آهي!

    هر ماڻهو ءَ جي هڪڙي دنيا آهي!

    هن دنيا ۾ انيڪ قسم جا ماڻهو رهن ٿا. هر ڪنهن جا شوق، خواهشون ۽ تمنائون الڳ الڳ آهن. ڪنهن کي پئسن گڏ ڪرڻ جو جنون آهي ته وري ڪنهن کي سير و سفر جو شوق آهي. ڪو پراڻين ۽ قديمي شين کي سانڍڻ جو ماهر آهي ته وري ڪنهن کي جديد شين سان لڳاءُ آهي. مطلب ته هر ڪنهن جو مزاج ٻي کان الڳ ۽ بنھ منفرد آهي. انهي نموني سان جڏهن هم خيال ماڻهن جو پاڻ ۾ تعلق جڙڻندو آهي يا هڪ ٻي سان انهن جي واقفيت ٿيندي آهي ته اُنهي مهل انهن جي وچ ۾ محبت جي هڪڙي لڪير پيدا ٿي پوندي آهي.
    ڪجھ عرصو پهريان اظهر امر ۽ منهنجي وچ ۾ به ڪجھ اهڙي سڳنڌ جڙي پئي. اظهر کي ادب سان لڳاءُ آهي ۽ منهنجو به ڪتابن سان نينهن ناتو جڙيل رهيو آهي. سو تمام ٿوري عرصي ۾ هڪ ٻي سان خوب ڪچهريون ڪرڻ لڳاسين.اسان جون ڪچهريون عمومن ڪال تي ٿينديون هيون. پر اُن جي باوجود هڪڙي ڪوشش اِها به هوندي هئي ته اسان جي ڪچهرين جو محور ۽ مرڪز هميشه ادب ئي رهي ۽ ٿيو به ائين ئي. ادبي صورتحال، نوجوانن لکيڪن جي محنتن ۽ ڪتابن جي اهميت تي خيال جي ڏي وٺ ٿيندي هئي.
    ائين ئي اسان به پنهنجي هڪ الڳ دنيا جوڙي ورتي. هڪ اهڙي دنيا جنهن ۾ نفرتن لاءِ ڪا به جاءِ مقرر ڪونه هئي. جيڪڏهن جاءِ هئي به ته ڪتابن لاءِ هئي. سُٺن خيالن ۽ خوابن لاءِ هئي. ترقي پسند سوچ لاءِ هئي. تخليقي ۽ فني صلاحيتن لاءِ هئي. روشني جي راهن لاءِ هئي. باقي اونداھ ۽ ذهني غلامي لاءِ ڌڪار جو وڏو مقدار موجود هو. اظهر امر جو هي ڪتاب جيڪو هن مهل توهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ موجود مضمون (ڪتابن تي ڪيل تبصرا) انتهائي ڪار آمد مضمون آهن. ڪنهن به ڪتاب تي اظهار خيال ڪرڻ مطلب ته پنهنجا تاثرات لکڻ انتهائي ڪٺن ڪم آهي. جيڪو اظهر ڪري ڏيکاريو.
    ڇو ته ڪنهن به ڪتاب تي تڏهن ئي ڪجھ لکي سگهجي ٿو يا ڳالهائي سگهجي ٿو جڏهن انهي ڪتاب جو مڪمل نموني سان مطالعو ڪجي. انهي ڪتاب ۾ ليکڪ جي نقطه نظر کي سندس اصل رُخ ۾ سمجهجي. تڏهن ئي وڃي ڪري انهي ته ماڻهو ڪجھ لفظ لکي سگهي ٿو. ساڻس انصاف ڪري سگهي ٿو.اسين جنهن معاشري جا حصا آهيون. اُنهي معاشري ۾ ڪتاب تمام ٿوري مقدار ۾ پڙهيا وڃن ٿا. هتي ڪتاب صرف اهي ماڻهو پڙهن ٿا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حساب سان، عمر جي ڪنهن نه ڪنهن حد ۾ ادب سان سلهاڙيل رهيا يا ادب دوست رهيا. اُهي ئي ماڻهو ڪتاب پڙهن ٿا. باقي ڪُل پيران دا خير.
    انهي جو مکيه سبب اِهو آهي ته اسان وٽ ٻارن کي والدين تربيت ۾ مطالعو جو نه ئي چون ٿا ۽ نه ئي کين اِها عادت اپنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جيڪڏهن پڙهڻ جي تلقين ڪن به ٿا ته اُها تلقين صرف نصابي ڪتابن جي پڙهڻ تائين محدود هجي ٿي. انهي ڪارڻ هتي مطالعي جا شوقين گهٽ آهن.اظهر امر به نصابي ڪتابن سان گڏوگڏ ادبي ڪتابن جو جهڙي نموني شيدائي ٿيو ۽ ادب ۾ پاڻ مڃائڻ جي ڪوشش ڪيائين. اهو به هڪ تويل قصو آهي. اهو به صاحب ڪتاب جيڪڏهن چاهي ته توهان سان ونڊ ڪري سگهي ٿو. باقي مون کي اختيارات ڪونه آهن.
    بس آئون ته ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته جن ماڻهن ڪتابن سان عشق ڪيو آهي ۽ ڪتابن ۾ پناھ گاهون تلاش ڪيون آهن. انهن ماڻهن جي آجيان لاءِ تاريخ پاڻ گلن جا هار کڻي ڪري انتظار ۾ بيهندي آهي. جيڪڏهن توهان چاهيو ته توهان جو ڀليڪار به انهي نموني ٿئي ته پوءِ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ڪتابن سان راتيون جاڳي ڪري گذاريو ته جئين توهان به سرخرو ٿي سگهو.


    يوسف جميل لغاري
    ٺري ميرواھ


    اظهر امر لفظن کي موتين جيان سينگاريندڙ ليکڪ

    اظهر امر لفظن کي موتين جيان سينگاريندڙ ليکڪ

    جڏهن خيال جاڳن ٿا، هيء ڪتب اخبارن ۾ ڇپيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ اظهرامر پنهنجا جاڳيل خيال ٽڪ جي رليء تي رنگين ٽڪرن جيان سنهيء سوء سان سبي حسن ۾ چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. اظهر امر هڪ گهڻ پڙهيو (پڙهاڪو) ليکڪ آهي، هن ٿوري عرصي ۾ ايترا ڪتاب پڙهيا آهن ۽ وري انهن تي ڀرپور تبصرا لکي مختلف اخبارن ۾ ڇپرايا به آهن، هڪ ته پورو ڪتاب پڙهجي، وري ان تي ايمانداريء سان لکجي، سچ پچ وڏو مشڪل ۽ محنت جو ڪم آهي، جس آهي اظهر امر کي جنهن ايڏو ڏکيو ڪم سرانجام ڏنو، هن سوشل ميڊيا جي دوءر ۾ نوجوان نسل ڪتابن کان دور ٿيندو پيو وڃي،ان راء کي اظهر امر جا ڪتابن تي لکيل تبصرا رد ڪن ٿا، اسان جو نوجوان ڪتاب پڙهي ٿو، ڪڙهي به ٿو، تڏهن ئي ته لکي ٿو! ان جو ثبوت هي ڪتاب آهي. ڪتاب تي لکيل بهترين تبصرو ڪتاب جو مله مٿانهون ٿو ڪري ڇڏي، تبصري پڙهڻ سان ڪتاب پڙهڻ جو اتساهه ٿو پيدا ٿئي، ۽ ڪتاب جي وڪري ۾ به اضافو ٿو ٿئي، ان جو مثال اوهان سان ونڊيان ٿي. جڏهن منير چانڊو جو ٻيو ناول ´ تو پڄاڻا` تي لکيل تبصرو عبرت اخبار ۾ ڇپيو ته، تبصرو پڙهي ناول خريد ڪري پڙهيو، ناول پڙهڻ سان سندس پهرين ناول ´ڪيف ڌارا ڪوهه´ پڙهڻ جو تجسس وڌيو، پوء وري ٽيون ناول `ڀري هن ڀنڀور ۾´ پڙهيو، هڪ بهترين تبصرو پڙهڻ ڪري ليکڪ جا ٽي ڪتاب پڙهي ڇڏيا، تازو مگهاڻيء جي ناول ´رڃ`تي اڪبر لغاريء پنهنجي اخبار ۾ بهترين تبصرو لکيو ته ناول پڙهڻ جو اشتياق جاڳيو، ۽ ادبي بورڊ فون ڪئي ته ناول گهرجي، رڃ ناول ڪافي پراڻو هو پر اڪبر لغاريء جي تبصري نئون جنم ڏئي ڇڏيس.
    جئين نئين فلم کي مشهور ڪرڻ لاء، ان جي ٽيلر کي خوبصورت ڪري ڏيکاريو ويندو آهي ته فلم بين ڏسڻ لاء بيتاب ٿي وڃي، اهڙي ريت ڪتاب تي لکيل بهترين تبصرو به پڙهندڙن کي، ڪتاب پڙهڻ لاء بيچين ٿو ڪري، اهيو تبصري نويس جو ڪمال هوندو آهي، هڪ بهترين تبصري نويس جو ڪم آهي ته هو خوبين سان گڏ خامين جي نشاندهي ڪري، اجائي تنقيد کان پاسو ڪري، ڇو جو تنقيد تقيدنگار جو ڪم آهي. اهڙي صلاحيت کان اظهر امر به مالا مال آهي، هن ۾ لفظن جي جادوگري آهي، هن به پنهنجن لکيل تبصرن ۾ ايمانداريء کان ڪم ورتو آهي، اجائي تنقيد کان پاسو ڪيو آهي، ڪتابن جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي جا سندس خوبي آهي. اظهر امر پنهنجا تبصرا ڪتابي صورت ۾ آڻي محفوظ ڪري ڇڏيا آهن، سندس تبصرا ڪتابي صورت ۾ ڏسي بيحد خوشي ٿي. جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. نوجوان ليکڪ اسان جو آئيندو آهن، اظهر امر جڏهن به ڪا لکڻي ڏيکاري، مون هميشه اهيوئي چيو لکندا رهو پاڻ ئي بهتري ايندي ٿڪڻو ناهي، نه رڪڻو آ، بس لکندا رهو، اسان جي سنڌي ساهت ۾ نئون لکندڙن جي حوصلاافضائي کان وڌيڪ حوصلا شڪنائي ئي ڪئي ويندي آهي، پر پاڻيء جا وهڪرا پنهنجا رستا پاڻ ئي ٺاهيندا آهن، اظهر امر کي به اهڙي لکڻ جاري رکڻ گهرجي، منزل ڀلي ڏور سهي منزل هڪ ڏينهن ضرور ملندي، اسان جي دعا آهي ته الله پاڪ اظهر امر کي ڪاميابيون عطا فرمائي. هي ڪتاب ڪو ادارو پبلش نه پيو ڪري بلڪ سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي رکيو ويندو، جس آهي سنڌ سلامت ڪتاب گهر وارن کي جن پڙهندڙن کي ڪتابن جا خزانا ميسر ڪري ڏنا آهن، ۽ جيڪي ليکڪ ڪتاب پبلش نٿا ڪرائي سگهن انهن لاء به بهترين ميدان آهي. اسان جا ڪيترائي بهترين ليکڪ آهن جيڪي مالي مسئلن ڪري ڪتاب نٿا ڇپائي سگهن، انهن ليکڪن کي گهرجي ته پنهنجا ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي اپ لوڊ ڪن، اجايو مواد کي ضايع نه ڪن، هن دور ۾ ڪتاب ڇپائڻ وڏي ڏچي جو ڪم آهي، مون ڪنهن ليکڪ جو مضمون پڙهيو هو هن لکيو هو ته ´ٻاهرين ملڪن ۾ يا اردو ليکڪ ڪتاب لکي ته ويهي سڄي عمر کائي، اسان سنڌي ليکڪ ڪتاب لکون ته ڇپايون به پاڻ، کپايون به پاڻ، نه کپي ته ورهايون به پاڻ، هاڻي ته اعزازي ڪاپيء جا خرچ به ڳيچيء ۾آهي.
    اظهر امر ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر کي واڌايون.


    ارشاد سومرو
    27 آڪٽوبر 2019 حيدرآباد


    ليکڪ پاران

    ليکڪ پاران


    اڄ پنهنجي ڪتاب "جڏهن خيال جاڳن ٿا" لاء پنهنجي پاران لکندي بيحد خوشي محسوس ڪري رهيو آھيان, ڪافي وقت کان مختلف ماڻهن جي ڪتابن جو مطالعو ڪندي ڪتابن تي پنهنجا خيال لکندو رهيس, اُھي خيال تبصرن/ تجزين جي صورت ۾ حاضر آھن. اڄ ادبي ميدان ۾ پنهنجي قلم سان لکيل ادبي پورهئي کي اوهان سڄڻن اڳيان ڪتاب جي صورت ۾ رکي رهيو آھيان.
    ٿوري وقت ۾ ڪافي ڪتابن جو مطالعو ڪيو آھي, انهي ڪتابن ۾ ليکڪ طرفان "پنهنجي پاران" لکيل رايو پڙھڻ لاء ملندو آھي اڪثر ليکڪ الائي ڇا ڇا لکي ويندا آھن پر جڏهن پنهنجي پاران نوٽ لکڻ جو وقت ايندو آھي الائي ڇو گهٻرائجي ويندا آھن. مان ڪو وڏو ليکڪ ناهيان نه وري ڪو وڏو اديب آھيان اڄ پنهنجي پاران نوٽ لکڻ وقت منهنجي هٿن جي آڱريون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي. خيالن جا داستان وهندڙ پاڻي جيان وهي آيا آھن. تڏهن اڄ هي سڀ ڪجھه لکي رهيو آھيان, هن ڪتاب ۾ شامل جن ڪتابن تي مون تبصرا لکيا اُھي ڪتاب مون کي سوکڙي ٿي مليا, تنهن کانسواء ٻيا به ڪافي ڪتاب سوکڙي طور مليا جن تي لکي نه سگهيس جيڪي ڪجھه ڏينھن پهريان مليا آھن اُنھن تي وري بعد ۾ لکندس گهڻي مصروفيات سبب ڪتاب کي منظر عام تي آڻڻ لاء دير ضرور ٿي آھي.
    اڳتي لکندس اول مان انهن پيارن کان معذرت ڪندس جن ڪتاب سوکڙي طور موڪليا مان انهن ڪتابن تي تبصرو لکي هن ڪتاب ۾ شامل نه ڪري سگهيس. انهن ڪتابن ته وري اڳتي لکي ٻئي حصي ۾ شامل ڪندس انهي کانپوء مان سڀ کان پهريان ٿورائتو آھيان انهن پيارن جو جن مون ڏي ڪتاب سوکڙي ڪري موڪليا مان انهن ڪتابن تي تبصرا لکي سگهيس. جيڪي اڄ ڪتاب "جڏهن خيال جاڳن ٿا" جي صورت ۾ اوهان اڳيان پيش آھن. تنهن کانسواء مان پنهنجي پياري محترم علي عاجز شر جو دل سان ٿورائتو آھيان جنهن منهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکيو, مان خاص ٿورائتو آھيان پنهنجي پياري قبلا سائين محمد مٺل جسڪاڻي جو جنهن منهنجي ڪتاب تي پنهنجو رايو لکيو. انهي کانپوء ادي ارشاد سومرو جو پڻ ٿورائتو آھيان جنهن منهنجي ڪتاب تي رايو لکي ڏنو. منهنجي لفظن کي جوڙي ڪري اڄ ڪتابي صورت ۾ اوهان اڳيان پيش جنهن ڪيو آھي اُھو منهنجو پيارو يوسف جميل لغاري آھي جيڪو مون کي مختلف وقتن تي اتساھه ڏيندو رهيو تون پنهنجو ڪتاب سنڌ سلامت تي رکرائي، اڄ اُھو ڪتاب اوهان سڄڻن اڳيان پياري محمد سليمان وساڻ جي مهربانين محبتن سان سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي موجود آھي. هن ڪتاب کي پڙهي پنهنجي قيمتي راء ڏيندا اوهان جي محبتن جو مشڪور اوهان جو پنهنجو اظهر امر.



    اظهر امر
    ٽنڊو الھيار سنڌ پاڪستان
    03103730010


    لاڙ پٽيءَ جو لاکيڻو ڪھاڻيڪار

    لاڙ پٽيءَ جو لاکيڻو ڪھاڻيڪار


    لاڙ پٽي ۾ ڪئين نالي وارا شاعر ۽ ڪھاڻيڪار ٿي گذريا آھن هر ڪنھن پنھنجي دور ۾ سنڌي ادب لاء پاڻ پتوڙي ڪم ڪيو. ھر ڪنھن پنھنجو نور نچوئي قلم سان ڌرتي جي سورن دردن کي پروڙي لکيو آھي، اھڙن ڏات ڌڻين ۾ منھنجي سنڌ جو بھترين ڪھاڻيڪار لاڙ پٽي جي خوبصورت علائقي جاتي ۾ رھندڙ، جتي نمن جي ڇائو ماکي ۽ مکڻ جي مکڻ جون ڳالھيون ٿيندون آھن، جتي گلاب جي گلن جي خوشبو سان سڄو ماحول واسجي وڃي ٿو.
    اھڙن ئي پٽن سان تعلق رکندڙ منھنجو پيارو دوست ۽ خوبصورت ڪھاڻيڪار عبدالسلام ٿھيم به هڪ آھي سلام ٿھيم جون ڪھاڻيون هزار داستان ڪاوش گيلري فيس بڪ جي عوامي اوطاق تان پڙھندو رهيس، ٻي ڳالھ جيڪا آئون عبدالسلام کي پھرين به چئي چُڪو آھيان هاڻي به چوندس ته تنھنجو نالو عبدالسلام هجڻ کان بھتر هو ته سلام ٿھيم هجي ها، الئي ڇو مونکي سلام ٿھيم چوڻ ڀلو ۽ سولو لڳندو آھي. عبدالسلام ٿھيم هڪ سُٺو ڪھاڻيڪار آھي, هاڻي ڏٺو وڃي ٿو ته ھڪ پاسي ڪھاڻي مختصر ٿيندي وڃي ته وري ٻي پاسي ڪافي ڪھاڻيڪار ڪھاڻي لکڻ کان لنوائيندي به نظر اچن ٿا، شايد ادبي دنيا ۾ ٻولي جي ڀيٽ ۾ ليکڪ پروفيشنل ڪالمن کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻ لڳا آھن. پر اتي سنڌي نوجوان پنھنجي حصي جو ڪم ڪندي نظر اچي پيو.
    هن وقت جيڪو دور هلي پيو تنھن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو رُجحان تمام گھٽ آھي اڪثر نوجوان موبائيل فون ۾ وقت ذيان ڪن ٿا جنھن مان ڪو به فائدو ناھي ٿيندو اڪثر ڏٺو پيو وڃي ڪجھ وقت کان پوء ادبي ڪتاب اڻ لڀ ٿي ويندا اڪثر شاعر / ليکڪ پنھنجو ڪتاب ڇپرائي ٿو ته هن سان هيڪر ته وڏي جُٺ ٿئي ٿي پوء جڏھن هن جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ڪير به خريد ڪرڻ جي تڪليف نٿو ڪري اڪثر مون جھڙا اُن تاڻ ۾ هوندا آھن متان ڪتاب تحفي ۾ موڪلي.تحفو ڏيڻ سٺي ڳالھ آھي مگر توهان هن ڪتاب کي پڙھو ٻين کي پڙھڻ لاء اگھائي ڏيو ٻين دوستن کي چئو ته هو به ادبي ڪتابن سان لڳاءُ رکن، مان ڪٿي جو ڪٿي هليو ويس.
    عبدالسلام ٿھيم جو ڪتاب "گلن سان تعزيت" مان سمجھان ٿو ته سلام کي ڪو دلي ڌڪ لڳو هو جنھن هيترا سارا احساس دل ۾ پيدا ڪيا جو سلام لکڻ تي مجبور ٿيو ۽ منھنجي اکين مان نور ۽ جسم مان رت چوسي ڏينھن رات هڪ ڪري ڪجھ لکيو آھي. مون ڪڏھن ڪڏھن اُھو اندازو لڳايو آھي سنڌي جديد ڪھاڻي جو دور ختم ٿيندو ٿو وڃي پر جڏھن ڪنھن ڪھاڻيڪار جو ڪتاب ڇپجندو آھي دل کي آٿت ملندي آھي دل کي سڪون ملندو آھي اڃان پيا آھن اهڙا ماڻھو جيڪي سنڌي جديد ڪھاڻي تي ڪم ڪري رهيا آھن سلام جو هڪ ڪھاڻي جو ڪتاب اوسيئڙي ۾ جڙيل آس پھرين به شايع ٿيل آھي "گلن سان تعزيت"سلام جو ٻيو ڪتاب آھي سلام ٻاراڻي ادب ته به تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي، ٻارن لاء به تمام گھڻيون ٻاراڻيون ڪھاڻيون لکيون آھن سلام سان اسان جون نيڪ خواھشون گڏ آھن، ساڻ گڏ دوستن کي چوندس ته ھو ضرور سلام جون ڪھاڻيون پڙھن.


    بيخود بلوچ جي ڪتاب اعتراض تي هڪ نظر

    بيخود بلوچ جي ڪتاب اعتراض تي هڪ نظر

    هوئين ادبي کيتر ۾ هلندي کوڙ ڪتاب پڙهي رهيو آهيان، پر جڏهن ڪتاب اعتراض پڙهيم تي جسم مان سيوکاريون نڪري ويون بيخود جي ڪتاب جو نالو اعتراض به حيرت انگيز آهي. سندس ذهن ۾ اُهو خيال ڪئين پيدا ٿيو تي هو ڪتاب جو نالو ئي اعتراض رکي، سندس شاعري جو هي پنجون ڪتاب آهي پر مون سندس هي پهريون ڪتاب پڙهيو آهي سندس شاعري باھ جي شولن جيان آهي، جيڪو به پڙهندڙ هن ڪتاب کي پڙهندو تڏهن هن کي دلي طور سيڪ ضرور ايندو. بيخود جو هي ڪتاب رڳو غزل تي اڌاريل آهي، غزل مهاجر صنف هوندي به هاڻ الائي ڇو هاڻ پنهنجي لڳي ٿي جيتوڻڪ ياد رهي غزل صنف اسان جي ناهي هي صنف ٻاهران آيل آهي. پر هي صنف هتي ڪافي استعمال ٿيڻ ڪري هاڻ آباڻي صنف لڳي ٿي.
    انهي سان گڏو گڏ غزل ۾ ڪافي چينجگ پڻ آئي آهي، غزل جي معني محبوب سان ڳالهيون ڪرڻ آهي هن وقت ڪافي غزل مزحمتي غزل به سرجهي چُڪا آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي اُهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو تي غزل هاڻ اباڻي صفت ٿي چُڪي آهي. يا منهنجو آئڊيو غلط آهي تڏهن به صحيح انهي ڳاله تي ڪو مطفق ناهي تڏهن به صحيح اوهان کي اگر بيخود بابت تعارف نه ڪرائندس سٺو ڪون لڳو انهي ڪري بيخود بابت اوهان کي ضرور ٻُڌائندو هلان انهي کان پوءَ ئي سندس شاعري تي ڳالهيون ٿا.
    بيخود جو تعلق گھوٽڪي ضلعي جي شهر پني عاقل سان آهي. سندس جنم 1971ع ۾ ٿيو. هن شاعري لکڻ جي شروعات 1988ع ۾ ڪئي سندس شاعري فني فڪري حوالي سان پڪي ۽ بختي آهي، هو مون جھڙن سيکڙاٽ شاعرن جيان پنهنجون چند سٽون سوشل ميديا تي اپلوڊ ڪري واھ واھ واري راءِ کان به مسلسل پري رهيو آهي سندس غزل جي پنجين ڪتاب اچڻ کان پوءِ ئي منهنجي سڃاڻپ سوشل ميڊيا تان ٿي پر مون اڪثر نوجوانن کي سوشل ميڊيا کي ئي سڃاڻپ جو ذريعو ٿيو آهي.
    پر بيخود جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي هن پنهنجو پهريون ڪتاب 1995ع ۾ سرجهائي تيار ڪيو جڏهن منهنجي عمر صرف سال ڏيڍ کن هئي نه موبائيلون هيون نه نيٽ نه وري ڪو بهتر نظام هيو انهي دور ۾ به هُن جي ڪتاب مڃتا ماڻي ۽ ڪتاب مارڪيٽ مان کپي ويو انهي کان پوءَ هن پنهنجو ٻيو ڪتاب ساڳين سال ۾ ڇپرايو جيڪو “ٻوليون ٻوليون ٻارن جون” هيو جنهن پڻ سنڌي ادب ۾ پنهنجو هڪ مقام جوڙيو انهي کان پوءَ هو مسلسل خاموشي اختيار ڪري وهي رهيو جنهن جا کوڙ سبب هئا جيڪو شاعر پنهنجي شاعري توڙي احساسن ۾ ٻُڌائي رهيو آهي اُهو ياد رهي هر ماڻهو کي پنهنجا خفا ۽ پنهنجا ڪم ڪار هوندا آهن. جنهن ڪري هو ڪن شين کي وقت ناهي ڏئي سگھندو.

    اول ڳالھ ڪجي اعتراض جي بيخود کي ڪنهن سان اعتراض هيو هن پنهنجي ڪتاب جو ٽائٽل ئي اعتراض رکي ڇڏيو انهي ساڳو موعوض تي سندس غزل پڻ آهي جيڪو هي آهي.

    مون ڪيو ناهي جفا تي اعتراض،
    هُن کي آ مُنهنجي وفا تي اعتراض.

    هل ڙي سندس هي غزل منهنجي دل مٿان اٽيڪ ڪري رهيو آهي، خبر ناهي اُهو ڪهڙو بدبخت هيو جيڪو بيخود جهڙي دلربا شخص سان به ۽ هن جي وفا تي به اعتراض ڪندو رهيو ۽ هو نازڪ دل ماڻهو سامهون پنهنجي من مستي ڪندو رهيو. ۽ بيخود سندس هر عمل کي ڏسندو ۽ غزل سرجهائندو رهيو.

    مون مخالف کي چيو زنده هُجين،
    هُن ڪيو مُنهنجي دُعا تي اعتراض.

    بيخود پوءِ به سندس لاءَ دعا جا هٿ بلند ڪيا پر هو سندس دعائن تي به اعتراض ڪري بيخود کي دعائون روڪڻ جون صلاحون ڏئي رهيو آهي. پوءِ تڏهن بيخود باھ ۾ پچڻ لاءِ تيار ٿي رهيو آهي.تڏهن بيخود لڇي ٿو بس زبان سان ڪُڇي نٿو سندس سرجهايل شاعري سندس من اندر جي ترجماني ڪري رهي آهي پر بيخود تڏهن تي چوي پيو ته:

    اسان جي رات جو گُذرڻ ڏسي ڪوئي،
    لکڻ سوچڻ لُڇڻ ڦٿڪڻ ڏسي ڪوئي.

    ڪمال ڪري ڇڏيو آهي پياري بيخود ڪيڏي نه پياري شاعري آڌاري آهي. حقيقت ۾ بيخود جي شاعري پڙهي مان پاڻ لڇڻ ڦٿڪڻ لڳو آهيان. انهي سوچ ويچار ۾ گم ٿيڻ لڳو آهيان تي آخر بيخود جو لڇڻ ڦٿڪڻ سوچڻ مون وانگيان تي ناهي يا هن جا درد ڏُک اعتراِض مون وارا ساڳيان تي ناهن.سندس شاعري سندس شخصيت تي جيترو لکبو اوترو گھٽ هوندو برحال مون سندس شاعري تي جيڪو به لکيو آهي اُهو سندس شاعري جي مطالعي کان پوءِ ئي لکي سگھيو آهيان منهنجي ساڻس روبرو ڪا ملاقات ناهي نه وري ڪڏهن ڪال تي ڪا ڳالھ ٻول ٿي آهي.
    بيخود جي هن ڪتاب کي مون جهڙن سيکڙاٽ شاعرن کي پڙهڻ گھرجي بيخود سندس شاعري جو ڪتاب مون ناچيز ڏي سوکڙي طور پني عاقل کان موڪليو جنهن تي چند لفظ لکڻ منهنجو فرض هيو جيڪو آئون لکي رهيو آهيان. بيخود بلوچ سندس ڪتاب جي ارپنا غزل جي انهن باڪمال تخليقڪارن ۽ سرجڻهارن کي ڪئي آهي، جن هر وقت هن دلربا صنف ۾ ڪئي دلڪش رنگ ڀريا آهن هن کي ڪئي رنگن سان سجايو آهي جيڪو ڏسڻ ۽ هر هر پڙهڻ وٽان آهي. بيخود جي ڪتاب اعتراض تي مهاڳ ناميواري شاعر منهنجي محترم سائين آسي زميني لکيو آهي، سائين آسي زميني بيخود جي شاعر پڙهڻ کان پوءِ سندس هڪ غزل پڻ ارپيو آهي جيڪو هن ڪتاب ۾ سائين جي لکيل مهاڳ سان گڏ آهي. پبليشر نوٽ مرتضي لغاري لکيو آهي جيڪو مرڪ پبليڪيشن جو سرواڻ آهي. بيخود تي ڪتاب تي تاثرات ناميواري ادب صفر ڪلھوڙي لکيو آهي جن ڪتاب جي بيڪ پيج تي پنهنجي راءِ لکي انهن ۾ غزل جي وڏي نانءَ سائين اياز گل، تاجل بيوس، اختر درگاهي، شمشير الحيدري، فرزانه شاهين لکيا آهن. هي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي. جيڪو هر نوجوان کي پڙهڻ گھرجي. مان وري به دعاڳو رهندس بيخود جي ٻين ڪتاب جيان هي ڪتاب به پنهنجي جاءِ جوڙي ادبي هلڪن ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام جوڙي.


    ڪتاب "تون ئي تون" جو سرجڻھار بخاري افضل

    ڪتاب "تون ئي تون" جو سرجڻھار بخاري افضل

    منھنجي سنڌ جو خوبصورت ۽ پيارو لکيڪ سنڌي ادب کي شاعري جو مجموعو ڏيندڙ منھنجي سنڌ جو پيارو شاعر بخاري افضل جنھن جو تعلق "کجين" واري ضلعي خيرپور ميرس جي پياري ۽ دلڪش ڳوٺ اڳڙا سان آھي منھنجو هن سان واسطو فيس بڪ تان ٿيو جيڪو گھرائپ ۾ هليو ويو. بخاري افضل سندس شاعري جو ڪتاب جڏھن مون ڏانھن تحفو ڪري موڪليو تڏھن کان مان کيس سندس شاعري جو مطالعو ڪرڻ لڳس. بخاري افضل جي پھرين ڪتان "تون ئي تون" ۾ هن ڪمال جي شاعري سرجھائي آھي بخاري افضل پنھنجي شاعري ۾ سنڌ,سونھن, پيار ۽ پريت جو خوبصورت نموني سان ذڪر ڪيو آھي هن اُھو تخليقون ڪھڙي ڪيفيت ۾ سرجھايون آھن اُھو هڪ شاعر ٻيو پڙھندڙ ئي ڄاڻي سگھي ٿوهن جي شاعري ۾ پيار محبت امن ڀائيچاري جھڙي خوبصورت احساسن سان سرجھايل آھي. بخاري افضل جو ڪتاب "تون ئي تون" جڏھن اسان جي هٿن جي سونھن بڻيو تڏھن مون بخاري افضل جي غزلن کي پاڻي جيان پئيڻ شروع ڪيو تڏھن سندس ئي غزل جو ڪجھ هي سٽون منھنجي دل کي چير ڏئي ويونجيڪي اوهان سامھون رکجن ٿيون. هتي افضل چنڊ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو.

    تون سھڻو سڀ کان اهو سچ آهي مگر،
    سھڻو توکان منھنجو يار، اي چنڊ لھي وڃ.

    توکي ڏسڻ سان اچي ٿو ياد پرين پنھنجو،
    ۽ دل بہ ٿئي ٿي بيقرار، اي چنڊ لھي وڃ.

    سنڌ جي هر شاعر جي شاعري انڊلٺ جي رنگن جيان هوندي آهي، مختلف رنگ، مختلف خيال، مختلف موضوع ۽ کوڙ سارا خواب ۽ وري ڪجھ ساڀيائون بہ.... اهي سڀ رنگ تخليقن ۾ موجود ھوندا آھن ھر شاعر اُھا ڪوشش ڪندو آھي هن جي تخليق انڊلٺ جي رنگ جيان رنگين ٿي سڄي سنڌ کي رنگين ڪري,
    ٻئي جاء بخاري افضل چوي ٿو ته;

    جهڙ ڦڙ رنگ لاتو آهي
    ڪنھن تہ سارنگ ڳاتو آهي.

    سندس هڪ ٻئي غزل جون هي سُٺون به لاجواب آھن;

    ٿيڻو هو پيار ٿي ويو
    اجنبي ڪو يار ٿي ويو

    مون ته رُڳو توڏي ڏٺو پئي
    اکڙين منجھ خمار ٿي ويو

    بخاري افضل پنھنجي شاعري ۾ هر موضوع تي ڳالھيو آھي جيڪي هن جي شاعري ۾ انڊلٺ جي رنگن جيان چمڪي بخاري افضل جي محنت ۾ رنگ ڀريو آھي. ڪتاب "تون ئي تون" جو مھاڳ سندس ئي ڳوٺ جي خادم عباسي ۽ تاثرات حسين تبسم بيڪ ٽائٽل زبير سومري لکيو آھي. هن مجموعو ۾ بخاري افضل جي غزل وايون نظم شامل آهن. هي مجموعو 176 صفحن تي مشتمل آھي هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي.


    مٺل جسڪاڻي جي سفرنامي ”سفر بخير“ تي هڪ نظر

    مٺل جسڪاڻي جي سفرنامي ”سفر بخير“ تي هڪ نظر

    سنڌي ٻولي ۾ گھڻي ڀاڱي سفرناما لکڻ جو اعزاز ته الطاف شيخ کي مليو آھي. ڇو ته الطاف شيخ پنھنجي زندگي جو ڳچ حصو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گذاريو آھي. پر هتي جنھن شخص جي سفرنامي بابت لکي رهيو آھيان ان جي سفرنامي کي جڏھن مون پڙھيو تڏھن پتو پيو اُھو سفر نامو هن لکيو يا هن کان لکجي ويو.
    اهو زرعي يونيورسٽي جي پلانٽ پيٿالاجي شعبي جو پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي آھي، جنھن پنھنجي قلم جي نچوڙ سان ڪتاب ”سفر بخير“ لکي، سنڌي ادب ۾ هڪ ڪتاب جو واڌرو ڪيو، بلڪه هن طئي ڪيل سفر بابت ۽ هُتي جي پسمنظر کي به پنھنجي ڪتاب ”سفر بخير“ ۾ سھڻي نموني سان پيش ڪيو آھي.
    محمد مٺل جسڪاڻي منھنجو استاد به آھي، ھن مون کي وڏي چاھ سان پڙھايو. اڃا وڏي ڳالھ هي آھي، ته سائين کي سڄي يونيورسٽي پيار مان مٺل جسڪاڻي ئي سڏيندي آھي. ان مٺل جسڪاڻي کي مان اڳ ڪونه سڃاڻيندو هئس. آئون جڏھن زرعي يونيورسٽي ۾ پڙھڻ لاء آيس، ته ڪجھ ڏينھن کان پوءِ منھنجو سندس آفيس، ڪنھن ڪم سان وڃڻ ٿيو، سندس آفيس ٻاھران لڳل بورڊ تان نالي جي خبر پئي، ته هي آھي مٺل جسڪاڻي جي آفيس، هن پروفيسر جو سڄو نالو محمد مٺل جسڪاڻي آھي. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ خبر پئي، اُھو مٺل جسڪاڻي اديب پڻ آھي، سندس ڪالم روز اخبارن ۾ ڇپبا آھن. آئون ساڻس ملي ڪري فخر محسوس ڪندو ھئس. هي تمام پيارو ماڻھو آھي، وقت سر سائين سان ملاقاتون ٿينديون رهيون، سائين جڏھن آخري سال وارن جي بينچ سان گڏجي، آل پاڪستان اسٽڊي ٽوئر لاءِ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي کان لاھور، ڪوھ مري، اسلام آباد لاءِ جئين روانو ٿيو، تئين ئي مٺل جسڪاڻي جي سامھون ايندڙ هر شي، ”سفر بخير“ سفرنامي جو حصو بڻبي رهي.
    مٺل جسڪاڻي سان گڏ اسان جي شعبي جو تمام ڀلوڙ ۽ ذھين، منھنجو محبوب استاد پروفيسر سائين محمد ابراهيم خاصخيلي صاحب، سائين جي هن سفر ۾ سائين سان گڏ رهيو. سي پي ٽي فيلڪٽي جي آخري سال جا ستر شاگرد اُنھي سفر جو حصو هئا. سائين مٺل جسڪاڻي پنھنجي زندگي جي انھي سفر ۾ کوڙ ساريون اھڙيون دلچسپ ڳالھيون پنھنجي سفر نامي ۾ شامل ڪيون آھن. سائين پنھنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته ”لاھور کي لتاڙڻ لاءِ مون وسان نه گھٽايو“ مان اُھو خوب ڄاڻان ٿو ته سائين مٺل گھمڻ جو تمام گھڻو شوقين آھي، کيس جڏھن به موقعو ملندو آھي، ته ڪنھن نه ڪنھن پاسي نڪري ويندو آھي.
    ڪوھ مري، ڪشمير ۽ ايوبيا جو احوال به سھڻي نموني پيش ڪيو آھي، ڪوھ مري بابت سائين مٺل ذوالفقار علي ڀٽو بابت جيڪو لکيو آھي، اُھو حيران ڪُن آھي. جنھن ۾ سائين لکي ٿو ته ”آئون ننڍو هئس، هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس. شايد 75-1974ع جو سال هو. اهو ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو زمانو هو. هر ڪنهن وات ڀٽو هوندو هو. ان زماني ۾، هڪ ڏينهن، منهنجي خيال ۾ ڪنهن سنڌي اخبار جي سرخي هئي: ”ڀٽو مري ويو“! ان سرخي گهٽ پڙهيل ۽ گهٽ گهميل ماڻهن کي حيران، ۽ ذوالفقار ڀٽو سان محبت ڪندڙن کي روئڻهارڪو ڪري ڇڏيو هو! ڇو ته خبر جو مطلب هو: ” ذوالفقار علي ڀٽو ڪوهه مري ويو“، گهڻن ماڻهن کي خبر نه هئي ته ڪوهه مريءَ کي صرف مري به چون ٿا، ۽ مري ملڪ جو سهڻو ۽ ٿڌو علائقو آهي. ان زماني ۾ شايد مون کي به ان خبر عيوض ئي خبر پئي هئي، ته مري به ڪو علائقو آهي. سائين مٺل اڳيان وري راولپنڊي ۾ ترسيل راتين ۽ گھمڻ بابت به خوب احوال ڏنو آھي. سائين راولپنڊي ۾ ڪنھن هوٽل تي ترسي ٿو، انھي هوٽل مان گھمڻ وري اسلام آباد ٿو وڃي. ڇو ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ٻئي گڏ آھن، جنھن جي وچ ۾ ايترو مفاصلو ڪونھي. لاھور جو لڪشمي چوڪ، دال ڀت ۽ ڪشمري چانھن. سائين مٺل پنھنجو پاڻ اعتراف ڪري پيو ته آئون ”دال ڀت“ جو شوقين آھيان.
    سائين جڏھن لاھور لاء روانو ٿي رهيو هو، تڏھن کيس دل ۾ اُھو خيال آيو، ته لاھور ۾ جو ڪٿي دال ڀت جي طلب ٿئي، اهو ڪٿان ايندو، ڪٿان وٺي کاوان؟ ايتري ۾ سائين ٽنڊي ڄام مان نڪرڻ کان اڳ ئي سائين حيات علي شاھ کي فون ڪري لاھور جي دال ڀت بابت پڇا ڪيائين.! سائين دال ڀت بابت پُڇا ڪري پڪ ڪئي، هڪ ڏينھن صبح جو گھمڻ سانگي لاھور جي مختلف ماڳن جو رُخ ڪيو. ماڳن تان گھمندي گھمندي سائين وارن کي شام ٿي وئي، هتان واپس جيئن ڪوسٽر ۾ سوار ٿي واپس موٽڻ لڳا، سائين مٺل ڪوسٽر واري کي دال ڀت کائڻ لاء اڳئي چئي ڇڏيو. استاد لڪشمي چوڪ تي جيڪو دال ڀت وارو آھي نه، اُھو اگر پنھنجي رستي ۾ هجي، ته بريڪ ڪجو. آخر اتي بيٺا، دال ڀت کاڌائون، اُھو دال ڀت اگر ڪنھن کي نه وڻي ها، اُھو ماڻھو سائين مٺل جي ڳچي ۾ پئجي وڃي ها.
    ڪوسٽر ڊرائيور سائين کي چيو سائين اڳيان اڃان ڪشمري چانھن وارو به آھي، اگر دل ڪري، هتي چانھ جو چسڪو وٺجي. سائين چيو ڀلي چانھن جو چسڪو وٺجي. ڪوسٽر وارو اچي انھي هوٽل تي بريڪ ڪئي. سڀني چانھن جو چسڪو ڪيو، جنھن جنھن به ڪشميري چانھن پيتي، اُھي سڀ واھ واھ ڪرڻ لڳا.
    اوچي جبل هيٺ گھمڻ جي خوبصورت جڳھ ”کُيوڙا لوڻ کاڻ“، منھنجي لاء به اُھو ڪو نئون ماڳ آھي، ڇو ته مون ڪڏھن ان بابت نه ٻُڌو آھي، نه وري ڪٿي پڙھيو آھي. شايد ڪٿي ڪن ڪتابن ۾ هجي به سھي، پر مون بلاشڪ ناهي پڙھيو. اُھو ماڳ مون سائين مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب ”سفر بخير“ مان ئي پڙھيو. جنھن کي پڙھڻ کان پوءِ خبر پئي ته سائين مٺل به هتي پھرئين چڪر ويو. ان بابت سائين لکي ٿو ته ”اوهان جڏهن به موٽر وي سان لاهور کان راولپنڊي، اسلام آباد طرف روانا ٿيو، ته لاهور کان 248 ڪلوميٽر فاصلي تي کيُوڙا لُوڻ کاڻ واقعي آهي. سائين لکي ٿو ته سونھن، حُسن جا فطري منظر آھن، دلڪش موسم، اُونھاري ۾ ٿڌ، سياري ۾ مناسب گرمي هوندي آھي، جيڪو به شوقين آھي، اُھو اها کاڻ ضرور گھمي.
    ”ڪونھي ڪو سيءُ ڪوھ مري ۾!“ حقيقت ۾ ڪوھ مري ۾ سيءَ صرف انھن لاء هوندو آھي، جيڪي گھمڻ لاء آيا هوندا آھن، باقي هتي جي مقامي ماڻھن کي سيءُ ناهي لڳندو، جڏھن برسات پوندي آھي ته هو خوش ٿيندا آھن. سائين مٺل پنھنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو ته ڪوھ مري ۾ سيءَ ته پنھنجي جاءِ تي آھي، ڪوھ مري اُونھاري جي موسم ۾ به تمام گھڻو ٿڌو هوندو آھي، سنڌ جا اڪثر ماڻھو گرمي جي مند ۾ ڪوھ مري وڃو نڪرن. اُھو صرف سنڌ ۾ گرمي جي شدت ڪري، اُونھاري جي موسم، جيڪو سيء ھوندو آھي، اُھو هتي جي مقامي ماڻھن جي لاء خير، باقي مون جھڙي نئين ويندڙ ماڻھو لاء اُھو سيءُ به برداشت جوڳو ناهي هوندو.
    ”مريء ۾ مچ ڪچھري!“ مٺل جسڪاڻي پنھنجي ڪتاب ”سفر بخير“ ۾ ڪوھه مريءَ جي حسين منظر کي پنھنجي سفر جو حصو بڻايو آھي. مٺل جسڪاڻي موجب ڪوھه مري جي اُوچائي جي سطح ڪجھ ھن ريت آھي. ”سنڌ جي دل حيدرآباد کان مري، يعني ڪوهه مري، اتر طرف 1352 ڪلوميٽر جي فاصلي تي، صوبي پنجاب ۾، ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان 50 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ۽ سامونڊي سطح کان 2291 ميٽر، يعني 7517 فوٽن جي اوچائيءَ تي واقع آهي. روڊ رستي آرام سان وڃڻ لاءِ، رستي ۾ ٽي راتيون لڳي وينديون، نه ته بنا بريڪ گاڏي به 24 ڪلاڪن ۾ مشڪل سان پهچائيندي آهي“.
    اڳتي سائين مٺل جسڪاڻي وري ڪوھه مري ۾ ڪيل مچ ڪچھري بابت به احوال ڏيندو هلي. هنن ڪوھه مري ۾ به مچ ڪچھري ڪئي،
    ڪھڙي ريت ڪئي؟
    اُھو هن ”سفر بخير“ ڪتاب ۾، سھڻي نموني بيان ڪيو آھي. سائين لکي ٿو ”مريءَ ۾ گُهمندڙ اسان هونئن ته گهڻا هئاسين، پر جتي ۽ جنهن مهل مريءَ ۾ مچ ڪچهري ٿي، ان وقت اتي اسان ڪي ويهه پنجويهه گڏ هئاسين. مچ ڪچهري اهڙي مچي، جيڪا ڪو عرصو ياد رهندي. ان ڪچهريءَ ۾ ڪم جون ڳالهيون به هيون، کل ڀوڳ به ضرور هئي، پر روايتي مچ ڪچهريءَ وانگر ڏور، بيت، ڳجهارتون، ڪلام نه هو! ڇو نه هو؟ شايد ان ڪري، ته بنا رٿابنديءَ جي، اها مچ ڪچهريءَ اوچتي مچي پئي هئي، تنهن ڪري، نه ته اسان ۾ ڪي اهڙا به هئا، جيڪي هن ڪچهري کي اصلي رنگ ڏئي پئي سگهيا“.
    سائين مٺل ادبي ماڻھو آھي. کيس ڪچھري ۾ ڏور بيت ياد نه هئا، نه ته ڪچھري ۾ واھ واھ ٿي وڃي ها. آئون شروعات ۾ به لکي آيو آھيان، ته سائين گھمڻ ڦرڻ ۽ ڪچھري جو شوقين آھي. بس سائين مٺل کي موقعن جي تلاش هوندي آھي. بس جتي موقعو ملي،و اُتي هو جمالو ٿي ويندي آھي.

    ”دُوميل, جتي ٻه دريا ۽ دل وارا ملن ٿا…“حقيقت بيان ڪندو هلان مون لاءِ دُوميل لفظ نئون آھي. ٻه دريا شايد ملندا به هجن، باقي دل وارا ملن ٿا الئه نه، اُھا پاڻ کي ڄاڻ ناهي. سائين مٺل پنھنجي سفر نامي ”سفر بخير“ ۾ دوميل جو ذڪر به تمام سھڻن لفظن ۾ ڪيو آھي. سائين لکي ٿو ته ”مريءَ کان اڳتي، 81 ڪلوميٽر جي فاصلي تي، دوميل آهي، جيڪو مظفر آباد کان صرف 03 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. مونکي دوميل ڪشمير مظفر آباد وڃڻ جو انمول موقعو مليو، وڃي ڪشمير جا اُھي پس منظر ڏٺا، جيڪي ڪڏھن ڪڏھن فلمن ۾ ڏسندا هئاسين“. اُھو بلا شڪ چئي سگھجي ٿو ته ڪشمير پاڪستان جو خوبصورت خطو آھي. سائين لکي ٿو ته ”دوميل ڏانھن ويندي ۽ اُتان ايندي، رستن جي ٻنهي پاسن کان خوبصورت ۽ خطرناڪ منظر آھن. اتي جبل جي اُوچائي تي ٺھيل گھر به حيران ڪندڙ آھن، دل هجي، باقي دل وارا هُتي ضرور ملندا آھن“.
    اڳتي سائين پنھنجي ڪتاب ۾ ڪشمير بابت احوال ڏيندو هلي. سائين چوي ٿو ته ”ڪشمير جي مظفرآباد لڳ دوميل اهو ماڳ آهي، جتي دلين وارا ته ملندا ئي ملندا آهن، پر هتي ٻه دريا ملي هڪ ٿي ويندا آهن! هڪ طرف کان رَتائين ميٽُوڙي رنگ واري پاڻيءَ جي وهڪري سان وهندڙ ريشم دريا، ۽ ٻئي پاسي کان عام لُڙ پاڻيءَ وانگر وهندڙ نيلم دريا اچي، جتي ملندا آهن، ٻن دريائن ۽ دل وارن جي ملڻ واري ان هنڌ کي، ”دُومِيل“ چيو ويندو آهي. دوميل هاڻ شهر آهي، سندس آسپاس ۾ جيئن ڪشمير، ڪشمير جي ضلع مظفرآباد جا خوبصورت منظر آهن، تيئن دُومِيل جي آسپاس ۾ پڻ دلڪش منظر ڏسڻ وٽان آهن“.
    سائين پنھنجي ڪتاب ۾ مون جھڙن لاءِ ڪافي ساري آساني ڪري ڇڏي آھي. جڏھن ڪشمير وڃڻ ٿئي، انھي کان اڳ سائين مٺل جسڪاڻي جو اُھو سفرنامو يا پڙھجي يا گڏ کڻي وڃجي، ته جئين اُھي ماڳ ڳولھي ۽ انھن کي دل سان گھمي سگھجي.
    ”اُڏام کٽولي…! “مون لاء نئون لفظ آھي، اُھو لفظ اُڏام کٽولي مون نه ڪٿي پڙھيو آھي، نه وري ھنن ڪنن سان ٻُڌو آھي. اُھا اُڏام کٽولي آھي ڇا؟ اُھو ”سفر بخير“ ڪتاب ۾ سائين مٺل واضح ڪري لکيو آھي ”ننڍپڻ ۾ گهڻو ڪري وڏڙين، ڪڏهن ڪڏهن وڏڙن جي واتان يا وري لوڪ آکاڻيون ۽ ٻاراڻيون لکڻيون پڙهندي، ”اڏام کٽولي“ اوهان به ٻڌي يا پڙهي هوندي... خيبر پختون خواهه صوبي ۾، گهمڻ ڦرڻ جي ماڳ ايوبيا ۾، ”لفٽ چيئر يا چيئر لفٽ“ اوهان به ٻڌي ۽ فلمن ۾ ڏٺي هوندي“. اُھو اُڏام کٽولي بابت مون جڏھن سائين جي ڪتاب ۾ پڙھيو ٿورو کل به ٿي، اُنھي جو اصلي نالو اڏام کٽولي ڇو رکيو ويو. بھرحال انھي اُڏام کٽولي ۾ آئون به سوار ٿيو آھيان. ڪافي منظر ڏسڻ وٽان ملندا آھن. اُھا اُڏام کٽولي ڪوھه مري ۽ ايوبيا پوائنٽ تي واقعي آھي، جتان ماڻھو چئير لفٽ تي سوار ٿي، اڃان مٿي ،اُوچائي تي ويندا آھن. مون جھڙا نرم دل اڪثر سوچي سمجھي چڙھندا آھن. ڇو جو اُھا اُڏام کٽولي تمام خطرناڪ آھي، نرم دل وارن لاء، مگر نرم دل وارن کي منھنجو عرض آھي، اُھي ان ۾ سوار ضرور ٿين.
    ”صدين جو سفر ڪلاڪن ۾: پاڪستان جي فطري سونھن ۽ تاريخ…“ پڙهڻ سان اها به خبر پئي ته ”سنڌ جو سير ڪلاڪ ۾“ ڪئين ڪبو؟ اُنھي سير ڪرڻ جو مان به شوقين آھيان. مگر رب پاڪ ڪڏھن موقعو ڏي ته اتر, لاڙ, ڪاڇو, ڪوھستان, ڪچو, وغيره سير ڪيان. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي تر (احاطي علائقي) ۾، ”سنڌ جو سير هڪ ڪلاڪ ۾“ وارو بورڊ اوهان به پڙهيو هوندو، پر اهو ممڪن آهي به ۽ ناهي به، ته ڪو اوهان به، مون وانگر، هڪ ڪلاڪ ۾ سنڌ جو سير ڪيو، نه ڪيو هجي! سائين پنھنجي سفرنامي ۾ صدين جو سفر ڪلاڪ ۾ ”پاڪستان جي فطري سونھن ۽ تاريخ“ بابت قائم ميوزيم جو وزٽ ڪري، انھن تي جيڪي ڪجھ لکيو آھي. اُھو پڙھڻ ۽ سمجھڻ وٽان آھي.
    پاڪستان جي اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر کان اولهه جي جاگرافيائي ۽ فطري سونهن ۽ صدين تي مبني تاريخ، چند ڪلاڪن ۾ پنهنجي اکين سان ڏسي، پسي، معلوم، محسوس ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ اوهان کي اسلام آباد وڃي ”پاڪستان جي فطري تاريخ وارو ميوزيم“ (Pakistan Museum of Natural History (PMNH))، جيڪو پڻ پڪ سان اوهان به، نه ته ٻين ضرور ٻڌو هوندو، پر اهو ميوزيم ڏسڻ کان رهجي ويل به ڪي ٿورا نه هوندا. ڪيترن کي ته خبر به نه هوندي، ته ڪو اهڙو به ميوزيم آهي! هيءَ ميوزيم گارڊن اوينيو، شڪرپُڙيان، اسلام آباد ۾، پاڪستان حڪومت جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري وزارت پاران، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي ذيلي اداري طور، 1976ع ۾ قائم ڪيو ويو، جنهن جون چار مکيه شاخون، هر هڪ نباتاتي سائنس ڊويزن، حيواناتي سائنس ڊويزن، ڌرتي سائنس ڊويزن (Earth Sciences Division) ۽ عوامي خدمتن واري ڊويزن (Public Services Division) آهي. پهريون ٽي ڊويزن پاڪستان ۾ ٻُوٽن، جانورن ۽ معدنيات جا نمونا گڏ ڪرڻ، انهن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ سندن مختلف پهلوئن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ مختص آهن، جڏهن ته چوٿين ڊويزن، ٽنهي ڊويزنن جي حاصلات کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ جو ڪم ڪري ٿي“. پاڪستان جي فطري سونھن واري ميوزيم بابت پڙھڻ کان پوء ھاڻ سنڌ حڪومت کي به اھڙو ميوزيم ٺاھڻ گھرجي.
    مان اڳ به لکي چڪو آھيان، ته سائين ٻوٽن جي بيمارين جو ماھر ڊاڪٽر آھي. کيس جڏھن به ڪنھن اھڙي جاءِ جو موقعو ملندو آھي، تڏھن هو وڏي ڪوشش سان به هتي وڃي پھچندو آھي. اين اي آر سي اسلام آباد ۾ واقعي آھي. جنھن کي گھمڻ جو موقعو سائين مٺل کي به مليو. سائين پنھنجي ڪتاب ۾ ”اين اي آر سيء جو تعليمي تربيتي دورو“ عنوان سان لکي ٿو ”اين اي آر سي يعني قومي زرعي تحقيقي سينٽر (National Agriculture Research Centre)، پي اي آر سي يعني پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (Pakistan Agriculture Research Council) جو ماتحت ادارو آهي. پي اي آر سي پاڪستان جي زراعت کي درپيش مسئلن جي جاچ پڙتال ۽ حل لاءِ ڪم ڪندڙ، وفاقي حڪومت جو تمام وڏو ادارو آهي، جيڪو مختلف وفاقي ۽ صوبائي توڙي پرڏيهي ادارن جي سهڪار سان، زراعت جي مختلف پهلوئن تي ڪم ڪري رهيو آهي. پي اي آر سيءَ جو بنياد 1948ع ۾، خوراڪ ۽ زراعت ڪاميٽي (ايف اي سي) جوڙڻ سان پيو، جنهن کي 1951ع ۾، پاڪستان جي خوراڪ ۽ زراعت واري ڪائونسل (ايف اي سي) قرار ڏنو ويو. اڳتي هلي، ان کي 1964ع ۾ زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (اي آر سي) جو نالو ڏنو ويو. ملڪ جا زرعي مسئلا، مونجهارا ۽ انهن جي حل تي ڪم ڪندي، ايف اي سي ڪاميٽي نالا بدلائيندي، ڪم جو دائرو وڌائيندي، ترقي ڪندي. سائين لکي ٿو ته ”هتي وڃڻ لاء اسان سائين سيف الله ٽالپر ۽ ڊاڪٽر محمد اسحاق مستوئيء سان رابطو ڪيو انھن کي اسان ٻُڌايو اسان زرعي يونيورسٽي جي تعليمي دوري ۽ ال پاڪستان اسٽيڊي ٽوئر تي آيا آھيون اسان سوچون پيا اي اين آر سي ڏسڻ جو موقعو ملي اسان شاگردن کي اُھو ادارو ڏيکايون سائين جن اچڻ جو چيو اسان 70 جي لڳ ڀڳ ماڻھو هئاسين جن وڃي هن مرڪز جو دورو ڪيو جيتن, ٻوٽن جي بيمارين واري حوالي ٿيل ۽ جاري ڪم بابت ڳالھين جي ڏي وٺ ڪئي سين قومي ٻج جي چڪاس ليبارٽري ۽ کنڀين جي هٿرادو پوک واري شعبي جو پڻ دلچسپيءَ سان معائنو ڪري، پنهنجي معلومات ۾ واڌارو ڪيو. اين اي آر سيءَ جي تعليمي ۽ هٿرادو پوک واري شعبي جو پڻ دلچسپي سان دورو ڪيو.“
    ”زراعت: سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر“ اُھو يقينن چئي سگھجي ٿو ته اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آھي. جنھن ۾ علائقن جي حساب سان مختلف فصل، وڻ، ٻوٽا وغيره ٿيندا آھن. اڪثر ڪري اُھو خيال منھنجي به ذھن ۾ ايندو آھي، ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر، ٻيءَ دنيا جي زراعت، يا وري سنڌ ۽ پنجاب جي زراعت، سنڌ ۽ خيبر پختون خواهه جي زراعت، سنڌ ۽ بلوچستان جي زراعت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ اُھو سوال اڳ واري زماني ۾ تمام گھڻو ڏُکيو هوندو هو، پر هن دور ۾ ڪا مشڪل ڳالھ ناهي. اگر ماڻھو پنھنجي پاڻ سان سچو هجي، دنيا جي هر معلومات منٽن ۾ حاصل ڪري سگھي ٿو. هينئر جتي دنيا موبائل فون جي ڏھن انگن اکرن ۾ سوڙھي ٿي چُڪي آھي، اُتي انھي سوال جو جواب انھي سيل فون جي ڏھن انگن ۾ سمايل آھي. پنھنجي سيل فون مان انٽرنيٽ جي دنيا مان اُنھي سوال جو جواب آساني سان حاصل ڪري سگھو ٿا. جيتري سائين مٺل جي ڪتاب ”سفر بخير“ ۾ معلومات لکيل آھي، اُھو اوهان جي سامھون رکجي ٿي. يعني ”ڪن فصلن ۾ سنڌ جي پيداواري صلاحيت دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهڻي وڌيڪ، فخر جـهڙي ۽ ساراهڻ جوڳي هوندي، ڪن فصلن ۾ سنڌ جي پيداواري صلاحيت دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر يا اوڻيهه ويهه جي نسبت سان ٿوري وڌيڪ يا ٿوري گهٽ هوندي، جڏهن ته ڪن فصلن ۾ سنڌ جي پيداواري صلاحيت دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ، حيرت جـهڙي، پريشان ۽ پشيمان ڪرڻ جوڳي هوندي! جيئن سنڌ ۾ اهڙا ڪيترا ئي فصل، يا ڪن فصلن جون ڪي مخصوص جنسون نه ٿيون پوکجن، تيئن دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ پڻ اهڙا ڪيترا ئي فصل، يا ڪن فصلن جون ڪي مخصوص جنسون نه ٿيون پوکجن، پر اهي پاڻ وٽ ڪاميابيءَ سان پوکي، انهن مان بهتر پيداوار به حاصل ڪري سگهجي ٿي. مثال لاءِ سنڌ ۾ ڪيلي جو فصل ڪامياب، ٻين صوبن ۾، ڪيلي جا ٻوٽا ڦٽن ضرور ٿا، پر پيداوار ملڻ مشڪل، يا وري سال جي مخصوص عرصي ۾، ايتري گهٽ پيداوار ملندي، جنهن ڪري ڪيلو نه پوکڻ ئي بهتر آهي. اهڙيءَ طرح نارنگيون پنجاب ۾ ته ڪامياب آهن، پر سنڌ ۾ نه، البت گريٽ فروٽ ضلع نوشهروفيروز ۾، جڏهن ته نارنگين جو ڀاءُ ليمون ۽ ٻيون ڀينر جنسون به سنڌ ۾ ٿينديون آهن، پر ليمون تمام ڀلو ڪنڊيارو، خانواهڻ ۽ محبت ديرو جتوئي وغيره ۾ ٿئي ٿو. اهڙي ريت خيبر پختون خواهه صوبي ۽ بلوچستان صوبي جو جيڪڏهن حوالو ڏجي، ته به اهڙا فصل ملي ويندا، جيڪي پاڻ وٽ ڪو نه ٿين، يا گهڻا گهٽ ٿين! اهو، ايترو سارو فرق آبهوا جو آهي! آبهوا جي لحاظ کان سنڌ جو ميداني علائقو، جتي آبپاشيءَ وارو پاڻي پهچي سگهي ٿو، اتي هڪڙا فصل، جتي آبپاشيءَ وارو پاڻي ميسر نه آهي، مثال طور ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وري برسات جي پاڻيءَ تي پوکجندڙ فصل، ايتري ايراضيءَ ۾ پوکيا ويندا آهن ۽ انهن علائقن مان ايتري اُپت حاصل ڪئي ويندي آهي، جنهن مان نه صرف پنهنجي صوبي ۽ پنهنجي ملڪ جون گهرجون پوريون ٿين ٿيون، پر اضافي پيداوار پرڏيهه موڪلي، پرڏيهي واپار وسيلي، پرڏيهي ناڻو به ڪمايو وڃي ٿو. ساڳئين طرح ٻين صوبن ۾ به ائين ئي آهي“.
    ”بنا ارادي پوکيل, بنا سنڀال بيٺل, ٻيرن جا وڻ“، ٻير اوهان به ٻڌا هوندا، مثال طور ٻير جي ڍينگري! اُھي ٻير مون ٻُڌا به آھن، ٻير کاڌا به آھن، ٻير جي پٽ يعني پٽڻ جو ڪم به مون ڪيو آھي. اسانجو پنھنجو ٻيرن جو باغ آھي، جيڪو هر سال ڪو نه ڪو ٽنڊي قيصر جو نظاماڻي ٺيڪي ۾ کڻندو آھي. اُھي ٻير اسان پنھنجي انھي ٻني ۾ لڳايا، جتي اڪثر ڪري فصل سٺو ڪونه ٿيندو هو، پر انھي ساڳئين زمين ۾ ٻيرن جو باغ آھي، جيڪو هر سال لک ٻه ٺاھي ٿو. اڇا، ٻير بنا ارادي پوکيل اسان به ڪافي جاين ته ڏٺا آھن، جن کي نه پاڻي نه وري ٻيو ڀاڻ وغيره، بس فروٽ ڏيندا آھن، مگر سائين مٺل اسان کان وڌيڪ ماھر آھي، ڇو جو هو سڄو ڏينھن فصلن سان جڙيل رهي ٿو. انھي سفر نامي ۾ منھنجي محبوب استاد، جيڪو بيحد پيارو استاد آھي منھنجو، ڊاڪٽر امتياز احمد نظاماڻي، جيڪو ٻيرن جي فصل بابت پي ايڇ ڊي به ٻيرن جي وڻ بابت ڪري چُڪو آھي، جنھن اسان کي به ٻيرن ۾ لڳندڙ بيمارين بابت آگاھي ڏني. بنا ارادي بيٺل هٿرادو پوکيل ٻيرن لاء نقصان ڪار آھن يا نه انھن بابت محترم سائين امتياز نظاماڻي کان پڇڻو پوندو.
    ”سفر بخير“جو تفصيلي جائزو پوءِ، سائين وري انھي سفرنامي مان شارٽ ڪٽ ۾ سفر بابت احوال به ڪجھ هن طرح ڏنو آھي ته”سفر کوڙ سارا ماڻھو ڪندا آھن، سفر صرف مون ڪونه ڪيو آھي، ٻين جي سفرنامن پڙھڻ کان پوءِ، مون کي به خيال آيو، ڇو نه آئون به سفرنامو لکان. سفرنامو نثر جي هڪڙي صنف آھي. جيڪو به لکڻ لاء ويندو، انھي لاء سفرنامو لکڻ مسئلو ناهي“. سائين پنھنجي سفرنامي بابت تنقيد به پاڻ ڪندو هلي. سائين چوي ٿو منھنجو سفرنامو ايترو خاص ناهي، عام رواجي سفرنامن کان الڳ ٿلڳ آھي. سائين پنھنجي سفر بخير ڪتاب جو تفصيل سان لکڻ کان پوءِ وري شارٽ ڪٽ يعني ٿلهي ليکي لکي ٿو ته ”مون ڪھڙن علائقن جو دورو ڪيو، منهنجي هن سفر دوران ڇنڇر 07 نومبر 2015ع کان خميس 19 نومبر 2015ع وارن ڏينهن ۾، آئون انتهائي اهم ۽ هڪ نظر کان حساس ذميواريءَ سبب، تمام گهڻو مصروف رهيس، جنهن ڪري چاهڻ باوجود، معمول جي ابتڙ، مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان رابطي ۾ هوندي به، ڄڻ ته رابطي ۾ نه رهيس.
    اوهان مهربان دوستن ۽ عزيزن جي نيڪ تمنائن سبب، آئون پنهنجون ذميواريون، منهنجي حساب سان تمام بهتر نموني نڀائي، واپس پنهنجي ماڳ اچي پهتو آهيان. ان عرصي دوران لاهور ۾ عجائب گهر، شاهي قلعو، شاهي مسجد، مينارِ پاڪستان، بيبي پاڪ دامن، انار ڪلي، لڪشمي چوڪ، زُو (لاهور جو راڻيءَ باغ)، راوي پُل، جـهانگير بادشاهه ۽ نورجـهان جا مقبرا ۽ آسپاس، شاليمار باغ، واگهه بارڊر، هائپر اسٽار، لاهور کان ڪوهه مري ويندي دنيا جي ٻيو نمبر ۽ ايشيا جي پهريون نمبر وڏي لوڻ کاڻ (کيوڙهه مائين)، ڪلر ڪهار، ڪوهه مريءَ ۾ مال روڊ، ڪشمير پوائنٽ، پنڊي پوائنٽ، درياءِ نيلم، واديءِ نيلم، مظفر آباد، دو ميل (جتي ريشم ۽ نيلم دريا اچي ملن ٿا، ريشم دريا جو ذري گهٽ گلابي ميٽوڙو پاڻي ۽ نيلم جو لُڙ پاڻي گڏجي، هڪ ئي نيلم دريا ٿي اڳتي وهن ٿا)، ان کانپوءِ نٿيا گلي ۽ ايوبيا ويندي، ورندي، بندر پوائنٽس، تنهن کان پوءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي اچي پاڪستان ميوزيم آف نيچرل هسٽري، لوڪ ورثه، شڪر پُڙيان، نيشنل مينومينٽ يا شايد مونامينٽ، فيصل مسجد، دامنِ ڪوهه، زُو (جانورن جو باغ)، پي اي آر سي، اين اي آر سي، ليڪ ويو، راول ڊيم، امام بري، جناح سپر مارڪيٽ، پنڊيءَ جي صدر ۽ راجا بازار، ايرڊ ايگريڪلچر يونيورسٽي ۽ ڪجهه ٻين زرعي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن ۾ وڃڻ ٿيو. روزانو صبح سوير نڪربو هو ۽ رات جو دير تائين ٿڪي ٽٽي واپس وربو هو“. اوهان جو منھنجو عقل دنگ رهجي ويندو اِھي جايون ملڪ جون مشھور جايون آھن جن لاءِ گھمڻ مون کي اوهان کي موقعو ملي اسان به هلي اُھي جايون گھمون.
    سائين مٺل جسڪاڻي جو جڏھن ”سفر ٻفر، گھر کان گھر تائين جون ڳالھيون“ سفرنامو پڙھندا، اوهان کي ازخد ائين محسوس ٿيندو، ته سائين سفر جو شوقين آھي. سائين لکڻ پڙھڻ جو به شوقين آھي. سڄي سفر ۾ جيڪي به واقعا، ڳالھيون، منظر، سائين جي سامھون آيا، اُھي سڀ هن ڪتاب جو حصو آھن. عرض ته ”مون کي جيئن ئي خبر پئي ته پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل، وائيس چانسلر، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، منهنجي درخواست قبول ڪندي، اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ان ڪري هاڻي سفر تي اسهڻو آهي، خوب خيالي پُلاءُ پچايم، ته نوان ڪپڙا وٺندس، سوٽ بوٽ وٺندس... پر ڪجهه به نه وٺي سگهيس. 6 جون 2011ع تي منجهند 12 وڳي فلائيٽ هئي، جنهن لاءِ ڏيڍ ڪلاڪ اڳ پهچڻ جون هدايتون هيون، ان ڪري صبح جو 5 وڳي، ساڳين آٿرن ۾ گهران نڪري پيس. سوچيو هئم ته گهران ڪار ۾ نڪرندس، جيڪا سڌو جـهاز تي ڇڏيندي، پر ڪار حيدرآباد جي هڪ بس اڏي تي پهچي جواب ڏنو، ته ماٺ ڪري وڃي بس ۾ ويٺس. بس ۾ ئي ٿوري گهڻي گهر ۽ ٻارڙن جي پريشاني ٿي پئي، پر ڊگهڙيءَ جي هڪ اڻ ڏٺل (جڏهن هيءُ سفر نامو لکيو هئم، تڏهن اڻ ڏٺل هو، هاڻ روبرو ملاقاتون، ڪچهريون ٿيون به آهن، ۽ اميد ته سلسلو هلندو به رهندو)، موبائيل فون دوست، حاجي محمد اسماعيل لغاريءَ جي هن ايس ايم ايس آٿت ڏني، جنهن کي هي ٻه اکر پڙهڻ کان پوءِ خبر پوندي، ته سندس ان نياپي مهل آئون ڪٿي ۽ ڪهڙي ڪيفيت ۾ هئس! هن لکيو هو:

    وه هي محفوظ رکي گا تيري گهر ڪو بلائون سي،
    جو بارش مين شجر سي گهونسلا گرني نهين ديتا...

    جـهاز هلڻ - اڏامڻ ۾ پنج منٽ دير ڪئي، ته هڪ پٺاڻ وڏي آواز ۾ چيو: ”ٽائيم هو گيا، جـهاز ڪيون نهين چلا رهي؟“. اهو ٻُڌي اسان جي جوڙي کلي پئي ۽ دل ۾ خيال آيو ته اسان جـهاز ۾ ويٺا آهيون يا نصرپور واري بس ۾...! چرچي طور ڪن دوستن ڏانهن نياپو لکي موڪليم، ته هڪ دوست جواب ڏنو: ”صبر ڪريو! پٺاڻ جو خيال ڪجو، متان ٽپ ڏئي، جـهاز مان“. جـهاز هلڻ - اڏامڻ جي ڪئي ته موبائيل بند ڪري ڇڏيم...“ اھڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالھيون، اوهان کي هن سفرنامي ۾ ملنديون جن کي پڙھي اوهان فخر محسوس ڪندا.
    ”ٽنڊو ڄام کان ٽنڊو قيصر“اٽڪل ڪجھ ڪلوميٽرن تي آھي، جنھن جو اڪثر نظاماڻي جي حوالي سان نالو مشھور آھي. سنڌ ڌرتي جو ڀلوڙ جھونو شاعر آسي زميني به ٽنڊي قيصر جو آھي ٽنڊي قيصر واري علائقي ۾ اڪثر ٻنيون به ڀليون آھن، ويجھڙائي ۾ آئون به ناهيان ويو، جڏھن زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پڙھندو هئس، تڏھن هڪ چڪر سنگت سان گڏجي ويو هئس. انھي ٽنڊي قيصر بابت سائين مٺل جسڪاڻي جي ساڳئين سفرنامي ۾ مون به پڙھيو آھي ٻيرن جي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منڊي به انھي ٽنڊي قيصر ۾ لڳندي آھي. اُنهي ٽنڊو قيصر جي آس پاس وارين زمينن جو دورو ڪندي، سائين مٺل جسڪاڻي لکي ٿو ”خميس 23 آگسٽ 2012ع تي صبح جو سوائين نوين وڳي، آئون ٽنڊوڄام کان ٽنڊوقيصر روانو ٿيس، ۽ واپس موٽندي ڏيڍ ٿي ويو. اهو سفر آئون ننڍي هوندي، پنهنجي وڏڙن سان گڏ مراد شاهه جو ميلو گهمڻ لاءِ پيرين پنڌ ڪندو هئس، وڏو ٿيس ته هڪ ٻه ڀيرا پنهنجي اولاد سان گڏ به اهو ميلو گهمي آيو آهيان. اڄ مون سان موٽرسائيڪل ۽ ڪيميرا به ساڻ هئي. موسم انتهائي وڻندڙ هئي، ڇاڪاڻ ته اڄ سج ۽ جهُڙ هڪ ٻئي سان اهڙي کينچل ڪندا رهيا، جنهن ڪري هن علائقي ۾ ڪنهن مهل ڇانءَ ته ڪنهن ويل اُس ٿي نڪتي. ڏکڻ جي ٿڌڙي مٺڙي هوا گهلي پئي. اهڙي ڀلي موسم جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته منهنجي هن سفر جي اٽڪل چئن ڪلاڪن ۾، مون کي اڃ به نه لڳي ۽ آئون بنا ڪجهه کائڻ ۽ پيئڻ جي، پنهنجو سفر پورو ڪري گهر موٽي آيس. ٽنڊوڄام کان ٽنڊوقيصر تائين مون هميشهه واٽر، شاخ، واهه، سنڌونديءَ مان وهي ايندڙ پاڻيءَ تي باغ ۽ فصل ڏٺا، پر هن ڀيري مون هڪ هڪ ڪري ڳڻيون ته ڪونه، البت ٿوري ٿوري فاصلي تي زمين مان پاڻي ڪڍندڙ ڊيزل انجڻ لڳل ڏٺا. جنهن مان ظاهر آهي ته آبپاشيءَ واري پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ، مهانگو ڊيزل وٺي باغ ۽ فصل بچائي، پيداوار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن تي في ايڪڙ ايترو خرچ ٿي ويندو آهي، جو اڳي وانگر هاري توڙي زميندار کي ايتري بچت جو آسرو نه آهي، جو هو صرف کيتي ٻاڙيءَ تي گذران ڪري سگهن! هڪ هنڌ مون جنتر جو گاهه پوکيل ڏٺو، جيڪو هاڻي ڌڻين ڪٽي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جنتر جي ڀر ۾ خالي پيل زمين ۾ جنتر جون اڌ آليون اڌ سڪل اهڙيون ڪانيون، ڪاٺيون پکڙيل ڏٺيون، جيڪي پڪ سان اتي ڪنهن ٻڪرار يا ريڍار جنتر لُڻي چارايو هوندو. ٽنڊوڄام کان ٽنڊوقيصر روڊ جي ٻنهي پاسي اڪثر انبن جا باغ آهن. انبن جي مجموعي بيهڪ، صورتحال مطمئن ڪرڻ جـهڙي آهي. البت جڏهن ٽنڊوقيصر کي ويجهو پهتس، ته باءِ پاس موڙ وٽ کاٻي طرف انبن جي باغ واري زمين ۾ وونئڻ ڏسي، اهو باغ ياد اچي ويو، جيڪو ڏهاڪو کن سال اڳ تائين به ٺيڪ ٺاڪ باغ هو، پر پوءِ اهو مختلف بيمارين جي اهڙي ور چڙهيو، جو هاڻي ان ٽڪر ۾ مالڪ جي گهر لاءِ گهربل پنهنجا انب حاصل ڪرڻ لاءِ به انب جو وڻ بيٺل نظر نه آيو!؟ انبن جا ڪجهه باغ اهڙا به هئا جن ۾ ماضيءَ وانگر ڪي ٻيا فصل به پوکيل هئا. ڪٿي ڪٿي انبن ۾ سوڪهڙي واري بيماريءَ جون علامتون، ڪجهه وڻن جا سُڪل ٽار، ته ڪو ڪو سڄو وڻ به سُڪل نظر آيو. انهن سُڪل وڻن ۾ ڪجهه وڻن ۾ کنئور به هو، ته ڪن ۾ کنؤر جو ٽڪو به نه هو.
    ”ڪجھ ھتان ڪجھ هُتان! “يعني ڪجھ زرعي ته ڪجھ غير زرعي شيون، سائين اڪثر پريڪٽيل ورڪ لاء اڪثر حيدر آباد، ٽنڊوالھيار، ٽنڊو ڄام، هوڏانھن شيخ ڀرڪيو طرف به ڪڏھن ڪڏھن ريسرچ ڪندي ڪندي پري وڃو پھچي. سائين لکي ٿو ”هڪ دفعي، ٿيو هيئن ته مون کي ڪو ڪم نه هو، ائين ئي، آئون ٽنڊوڄام مان ٽنڊو الهه يار ڏانهن، رستي جي ٻنهي طرفن کان، فصلن جو معائنو ڪندو ويس. جڏهن قبو بس اسٽاپ تي پهتس، ته اتان کان بڪيرا شريف وارو رستو ورتم. ان رستي سان به، ٻنهي طرفن کان پوکيل فصل ڏسندو، وڃي ٽنڊو الهه يار، بڪيرا شريف روڊ تي پهتس. مون کي ياد آهي ته اتان مون شيخ ڀرڪيو کان ڦري اچڻ جو به سوچيو هو، پر اوچتو ياد اچي ويو ليکڪ دوست نواز نظاماڻي، جيڪو انهن ڏينهن سول اسپتال ٽنڊو الهه يار کي سامهون واري هاءِ اسڪول ۾ استاد هو، ٽنڊو ڄام ۾ رهندو هو، شام جو اڪثر اسين ملندا هئاسين. نواز چوندو رهندو هو، ته ڪڏهن اسڪول به اچي نڪر، اهو جهان به ڏسي وڃ. تنهن ڪري آئون ڦري آيس نواز نظاماڻي وٽ، جتي سندس ساٿي استاد مليا، ڪچهري ٿي، چانهن پي نڪتاسين. سائين جن اُتان ڦرندا ڦرندا اچي وري نصرپور پھتا. اُتان سائين نواز نظاماڻي کي جيڪو ڪم هو، اُھو ڪم ڪري، پوء تاج پور واري رستي تان ٿيندا، وڃي ميرپور خاص روڊ تي چڙھيا. اُتان هو سڌو ٽنڊو ڄام وڃي پھتا. بچي ويو عنايت لغاري!“ عنايت لغاري سان سائين جو ڪٿان واسطو ٿيو، اُھو به حيران ڪندڙ آھي. 1993ع ۾ بيمار ٿي پيو هئس، تڪليف کان وڌيڪ ڊاڪٽر جي ڏنل خوف پريشان ڪيو هو، پنهنجو حال ساريل هو، ان ڪري پاڻ کي شاگردن جي بلي ڪيو هئم، يعني آپريشن وسيلي مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ، تڏهوڪي لياقت ميڊيڪل ڪاليج، هاڻوڪي لياقت يونيورسٽي جي سرجيڪل وارڊ ۾ ڄام شورو وڃي داخل ٿيو هئس. اتي ساڳئي وارڊ ۾ هڪ لغاري به داخل هو، ان جا ججها آپريشن ٿيا هئا. منهنجو هڪ ننڍڙو، مائينر آپريشن ٿيو هو. مريض ڀلي ته ڪير به هجن، اسپتال ۾ واسطا وڌي ويندا آهن.
    سائين جي انھي ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي. هاڻ واقعي ڌڱاڻو بوزدار تاريخي ڳوٺ آھي. جيڪو هن وقت شھر جي صورت ۾ تبديل ٿي ويو آھي. ڪٿي اڪثر ائين ٿيندو آھي. نوان قائم ٿيل ڳوٺ به ويران ٿي ويندا آھن. ڪٿي وري ائين ٿيندو آھي، ته سرسبز علائقن ۾ قائم اسٽاپ يا ڳوٺ بازارن جا رُخ اختيار ڪري ويندا آھن. بس ڪھڙي به صورت سائين مٺل جسڪاڻي پنھنجو ڳوٺ ڪنھن ڪم سانگي هليو ويو، ڌڱاڻي ڪون آيو، پوء عنايت لغاري بچي ويو.
    سائين مٺل جسڪاڻي اُھو سفرنامو لکي اسان پڙھندڙن ۽ گھمندڙن لاء ڪوھ مري, اسلام آباد, لاهور جي انھي پوائنٽن کي واضع ڪري لکيو آھي. اسانجو جڏھن به لاھور، ڪوھ مري، اسلام آباد وڃڻ ٿئي، انھي بابت ڄاڻ، هتي موجود سُٺين جاين جي ڄاڻ، اسان کي هن ڪتاب ”سفر بخير“ مان سولائي سان ملي سگھندي. ”سفر بخير“ ڪتاب ”سليٽ اشاعتي شعبي ٽنڊو قيصر“ پاران 2016ع ۾ ڇپائي، اسان پڙھندڙن جي جھول ۾ هڪ گلدستو رکيو ويو آھي.
    سائين مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب ”سفر بخير“ جو مھاڳ پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ پاڻ لکيو آھي، جيڪو پاڻ به نالي واري اديب تاج صحرائي جو پُٽ آھي، هن وقت سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو وائيس چانسلر آھي. ”سفر بخير“ ڪتاب تي تاثرات ڊاڪٽر قاسم راڄپر، پنھنجي پاران مٺل جسڪاڻي ۽ اداري پاران آسي زميني لکيو آھي.


    ڪتاب: اذيتن جي اُس (ڪھاڻيون) ليکڪ: جعفر شاهاڻي

    ڪتاب: اذيتن جي اُس (ڪھاڻيون) ليکڪ: جعفر شاهاڻي

    سنڌي ڪهاڻيڪارن جو ذڪر ڪبو ته ڪيترائي نالا سامهون ايندا، جن ۾ امر جليل، نور الهديٰ شاھ، ماڻڪ، نسيم کرل کان ويندي نئين ٽهيءَ جا ٻيا به کوڙ نالا اسان جي سامهون ايندا پر پوءِ به سنڌي ساهت ۾ اُهي ڳالهيون اڪثر گسين پنڌينءِ ٻُڌڻ ۾ اينديون رهنديون آهن ته سنڌي ڪهاڻي مري وئي آهي يا سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي وئي آهي. اها دعويٰ ته جنهن ڪئي سا ڪئي پر ڳالهه چوٽ ضرور چڙهي وئي. نوجوان ڪهاڻيڪار انهي ڳالهين کي قطعي مڃڻ لاءِ تيار ناهن ۽ ڪهاڻيون لکندڙ اڃا به لکن پيا ۽ اهڙي طرح نه صرف مقدار پر معيار تي پورو لهندڙ به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون به لکيون وڃن پيون ۽ مسلسل انهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي پر گهٽتائي جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
    ائين به چئجي ته غلط نه ٿيندو ته سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر ختم ناهي ٿيو بلڪه وڌيو ضرور آهي. انهي ڪهاڻيڪارن مان نئين ٽهيءَ جو ڀلوڙ ڪهاڻيڪار جعفر شاهاڻي به هڪ آهي. سندس ڪهاڻي ڪتاب ”اذيتن جي اُس“ مارڪيٽ ۾ آيل آهي ۽ هن نوجوان جو تعلق ضلعي عمرڪوٽ جي ڳوٺ ساڏوري سان آهي. جعفر سان منهنجو عوامي اوطاق (فيسبڪ) تان واسطو ٿيو، جيڪو دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. منهنجي ساڻس ڪڏهن ڪا ملاقات ناهي ٿي، پر ساڻس ملاقات جي تمنا ضرور آهي.ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪندو رهيس ته سندس ڪهاڻي ڪتاب تي لکان مگر هڪ وقت ساٿ نه پئي ڏنو ٻيو وري سچ ۾ جعفر تي لکڻ مون کي مشڪل پئي لڳو پر پوءِ به ڪوشش ڪري رهيو آهيان اميد ته جعفر منهنجي طرفان لکيل چند لفظ سيني سان لڳائي قبول ڪندو.
    جعفر جو تعلق جنهن علائقي سان آهي اُنهي مٽيءَ جا ماڻهو سڄي سنڌ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انهن علائقي جا منظر ڪڏهن مرڪون ڏيارندڙ منظر لڳندا آهن، ته جڏهن وري برسات پوي ته ماڳهين ٿر جا منظر فطري طور دل کي وڻندڙ لڳندا آهن. جڏهن وري ڏُڪار ٿئي ته ماڻهو لڙڪن کي روڪي ناهي سگهندو.جعفر جي ڪتاب اذيتن جي اُس ۾ ارڙهن مختلف موضوعن تي لکيل ڪهاڻيونآهن. جن مان ڪجهه اهڙا موضوع آهن، جيڪي اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ اسان سامهون پيش ايندڙ واقعا آهن، جن مان ڪجهه موضوعن تي ڳالهجي ٿو.
    ”خفتي“لفظ پڙهندي ئي اسان جي ذهن ۾ مختلف سوال ڪر کڻن ٿا ته اسان جي
    معاشري ۾ اوهان کي مختلف خفت ڪندڙ ڪڪڙن جا خفتي، ڪبوترن جا خفتي، ڪتن جي خفيتن سميت ٻيا به کوڙ خفتي ملندا. ”عيد نماز“ ڪهاڻي جهڙا ڪجهه واقعا مون اکين سان ڏٺا ۽ ڪنن سان ٻُڌا پڻ آهن جيڪي ماڻهو پنهنجي ڳوٺجون مسجدون ڇڏي ٻين ڳوٺ ۾ عيد نماز پڙهڻ لاءِ مختلف عذر پيش ڪري وڃي پڙهن ٿا. اُهي يا اهڙا ”ورڪر، نيت جو نانگ، ڪُٺيس ڪويڄن، بي پيرو“ ڪهاڻين سميت کوڙ موضوع آهن جن تي جعفر لکيو آهي جيڪي اسان جي معاشري ۾ ناسور بڻيل آهن.
    مون جڏهن سندس ڪهاڻيون پڙهيون تڏهن دل ۾ عجيب خيال جاڳيا ته هيءُ ڪهاڻيڪار جڏهن انهن موضوعن تي لکن ٿا ته هنن وٽ سيني ۾ دل هوندي آهي يا نه، جو انهن معاشرتي عڪسنکي ڏسي انهن واقعن کي ٻُڌي خود به خود ڪيئن ايترو آساني سان لکي وٺندا آهن. منهنجي ذهن ۾ بار بار اهو خيال ايندو رهيو ته ڇا ڪهاڻيڪارن جون دليون پٿر جون دليون هونديون آهن جيڪي ايترو جلدي انهن واقعن تي روئڻ بجاءِ اُنهن واقعن کي لفظن ۾ قيد ڪري وٺندا آهن. ڪتاب اذيتن جي اُس جعفر ڪيئن ۽ ڪهڙين ڪيفيتن ۾ لکيو، انهي جي ڄاڻ صرف جعفر شاهاڻيءَ کي هوندي. مون جعفر کي هڪ ڏينهن فون تي چيو هو ته، شاهاڻي ذات مون کي ڏاڍي وڻندڙ آهي ته هُوءَ مرڪي پيو هو.
    جعفر شاهاڻي پنهنجي هِن ڪهاڻي ڪتاب جي ارپنا پنهنجي فيملي جي ڪجهه فردن کي ڪئي آهي جن ۾ سندس والد صاحب يار محمد شاهاڻي جيڪو سندس ساٿ ڇڏي چڪو آهي. جنهن لاءِ جعفر لکي ٿو، سندس بي پناھ پيار ۽ وڇوڙي جو ڏُک لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان. ٻيو هن ارپنا پنهنجي امڙ سانئڻ کي ڪئي، جنهن جي ممتا ۽ پيار جو مثال دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. ٽيو هن پنهنجي ڀاءُ ميان بخش شاهاڻيءَ کي ڪئي آهي ۽ آخر ۾ لکيو اٿس، دل ۾ رهندڙ سڀني همدرد ۽ هڏ ڏوکين مقدس جي نانءِ.
    جعفر جي هِن ڪتاب جو مهاڳ نالي واري ليکڪ پياري ماڻهو عزيز ڪنگراڻي صاحب، بئڪ ٽائيٽل شاعر آسي زميني لکيو آهي ۽ ان کان سواءِ عاشق حسين زندپور بلوچ ۽ اسحاق ساند جا مختصر رايا پڻ شامل آهن. جعفر شاهاڻيءَ جو هيءُ ڪهاڻي ڪتاب اذيتن جي اُس ڪنول پبليڪيشن قمبر طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي.


    جاويد جبار جي ڪتاب زنگجِي ويل نِنڊ تي هڪ نظر!

    جاويد جبار جي ڪتاب زنگجِي ويل نِنڊ تي هڪ نظر!

    ٽنڊو الهيار شهر هر شيءِ سان مالا مال ۽ سرسبز ضلعو آهي، انهي سان گڏو گڏ ادبي حوالي سان هي ضلعو به پنهنجي مٽ پاڻ آهي. هن ضلعي ۾ وائي جي وڏي شاعر شاھ عنايت رضوي مولودن جي حوالي سان پير اشرف شاھ ڪافين جي بادشاھ مصري شاھ ۽ ڪلاسڪ جو سنگم مرتضي شاھ ڏاڏاهي ٻيا به کوڙ سارا شاعر جنم ورتو آهي انهن پيارن ۾ هن ٽنڊو الهيار ضلعي جي تعلقه چمبڙ سان تعلق رکندڙ جاويد جبار دائودپوٽو به سٺي شاعرن ۾ لکيو وڃي ٿو.
    سنڌ اندر ٻئين ڪيترين ئي صنفن تي ڪم ٿي چُڪو آهي شاعر ٻين به ڪيترين صنفن تي شاعري سرجهائي رهيا آهن. پر هن نواجوان جاويد جنهن صنف تي ڪم ڪيو آهي اُنهي صنف تي هن وقت ڪنهن به شاعر مڪمل ڪتاب ناهي آندو اُهو اعزاز ٽنڊو الهيار جي هن نوجوان شاعر کي حاصل ٿيو آهي، سندس نانءِ جاويد جبار آهي هي نواجون ٽهي جو بهترين ۽ جاکوڙي انسان آهي سندس رهنمائي سُٺن دوستن ۽ سُٺن اُستادن ۾ ٿي آهي.
    هوئين تي منهنجي جاويد جبار سان ملاقات نه روبرو ٿي آهي بلڪ نه ڪڏهن فون تي ڪا ڳالھ ٻول به ٿي آهي پر سندس ڪتاب مون کي فرهاد جروار تحفي طور موڪليو مون سندس ڪتاب جو مطالعو ڪيو هو پر سندس ڪتاب بابت لکڻ تي مون ڪون سوچو هو پوءِ ڪنهن دوست جي شادي تقريب ۾ مون سان ريحان ابڙو جي ملاقات ٿي جنهن ۾ کوڙ اديب موجود هئا منهنجو محسن سائين خادم گهراڻو به موجود هو جتي سائين جي سامهون ريحان منهنجو تعارف ڪرايو ٻين شاعرن سان پوءِ انهن جي منهن تي مون کي ريحان ابڙي جاويد جبار جي ڪتاب تي لکڻ لاءِ ياد ڏياريو مون گهر ايندي جاويد جي ڪتاب تي لکڻ شروع ڪيو.
    مون جڏهن هن ڪتاب جو مطالعو ڪيو سائنٽ صنف منهنجي لاءِ بلڪل نئي صنف هئي ڇو جو سنڌي شاعري ۾ مون اڪثر جيڪي صنفون ٻُڌيون هيون انهن ۾ هي غزل، نثري نظم آزاد نظم وائي بيت وغيره مگر مون سائنٽ صنف ڪڏهن ٻُڌي ۽ نه وري ڪڏهن ٻڌي هئي. منهنجي مشاهدي ۽ مطالعي موجب سائنٽ تي ٻين شاعرن به طبي آزمائي ڪئي تي هوندي، پر سائنٽَ تي مڪمل ڪتاب جاويد جبار ئي سھڙي سگھيو آهي. جيڪو سٺو عمل آهي جاويد جبار لاءِ وڏو اعزاز حاصل آهي.حقيقت ۾ سائنٽَ صنف پهريون اٽلي ۾ لکي وئي، هن صنف کي وڌيڪ شيڪسپيئر ئي اوج ڪيو اگر شيڪسپيئر هن صنف کي ظاهر نه ڪري ها اُها صنف اٽلي تائين ئي محدود رهي ها شيڪسپيئر هن صنف ۾ پنهنجو گهاڙيٽو متعارف ڪرايو. جنهن ڪري شيڪسپيئر گهاڙيٽو چئجي ٿو.

    ڪجه وقت پهريان وسيم سومري، اسحاق سميجي، احمد سولنگي، آشفاق آذر، ٻين شاعرن به طبع آزمائي ڪئي هوندي مگر هن وقت سائنٽ جي صنف تي مڪمل مجموعو جاويد جبار دائودپوٽو جو اچي سگهيو آهي جيڪو پڙهي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. ۽ اڃان به دوستن مان اُها اميد ڪري رهيو آهي هن صنف تي به ڪجه لکيو وڃي،جاويد جبار جي ڪجه سائنٽ جيڪي منهنجي دل کي ڏاڍا وڻيا آهن.

    هاءِ ڀنڀورُ ساڳيون دُکي پيو اَڃان!
    ڪونه سَسئي جو ڪِٿ ڪوبه پيرو لَڀيو،
    ڏِس ته ڪينجهر به ڪيڏو ڇُلي پيو اَڃان
    ڪانه نورِي مِلِي ڄامُ ڪيڏانهن ويو؟

    ڇا ڪمال جا سائنٽ سرجهايا اٿس ڪمال جي جوڙ جڪ ڪئي اٿس،
    ڀنڀور ساڳيون دُکي پيو اڃان سسئي جو ڪٿي ڪو به پيرو نٿو کي وري مٿان نوري جي ڳاله پيو ڪري ڪينجهر به ڪيڏو ڇُلي پيو اڃان، نڪي نوري ملي ڄام به الائي ڪاڏي هليو ويو.

    ڪيئن مَڃان تو ناهي ساريو!
    مُوکي هِڏڪِي آئِي ڪانهي!
    لوڌي نيڻَ ڇَڏِين ٿا واريو،
    ڳوڙهن وٽ تَهنائِي ڪانهي!

    جاويد ڪيڏو نه ڪمال سان لکيو آهي، ڪيئن مڃان تو ساريو ڪونهي، نه وري مون کي هڏڪي لڳي آهي اثر آئين ٿيندو آهي ڪو ماڻهو ڪنهن کي دل سان ياد ڪندو آهي تي هڏڪي لڳندي آهي، مٿان وري ٻئي بند ۾ چوي ٿو تي لوڌي نيڻ ڇڏين ٿا واريو اکين مان وهندڙ ڳوڙهن وٽ ڪا تنهائي ڪانهي.جاويد جو ڪتاب ۾ موجود هر بند ساينٽَ ڪمال جو آهي هن ڪٿي ڪٿي اهڙا بند آهن مان سمجهان پيو تي هي سانيٽ جاويد مون کي ڏسي منهنجي مٿان جوڙيو آهي ڄڻ منهنجي رهنمائي ڪندا هجن.
    جاويد جبار جو هي ڪتاب جڏهن آوي مان تيار ٿي ٺڪر جي ٿاون جيان ٻاهر نڪتو تي سڄي سنڌ ۾ گلاب جي خوشبو جيان واسجي ويو. جاويد پنهنجي پيار جي پهرين قلمي پورهئي جي ارپنا پنهنجي خاندان جي ڪجه فردن کي ڪئي آهي جنهن ۾ سندس جيجل امڙ ڀائر ڀينرون ٻاجهاري شفيق دوست سندس بابا عبدالجبار دائودپوٽي کي ڪئي آهي. جاويد جي ڪتاب جو مهاڳ لاڙ پٽي جي دلربا شاعر پياري ماڻهو فراق هاليپوٽو لکيو آهي، جاويد جي ڪتاب تي تاثرات اعجاز شا، مختيار سهتو، ريحان ابڙو، ۽ ڪتاب تي بيڪ ٽائيٽل روحل واءِ جي پياري شاعر حاجي ساند لکيو آهي. هن ڪتاب کي شايع ڪرڻ جو اعزاز سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر کي حاصل ٿيو.


    زراعت جي حوالي سان بهترين ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب ”زرعي سونهون“

    زراعت جي حوالي سان بهترين ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب ”زرعي سونهون“

    زراعت جي حوالي سان هونئن ته ٻيا به کوڙ سارا مضمون پڙهڻ لاء ملن ٿا، پر مٺل جسڪاڻي جي لکڻين کان مان گهڻو متاثر ٿيندو رهيو آهيان. سندس ڪتاب ”زرعي سونهون“ نه رڳو زراعت جي حوالي سان پنهنجو هڪ مقام ماڻيندو، بلڪ هي ڪتاب ادبي حلقن ۾ به پنهنجي هڪ الڳ جاءَ جوڙيندو. ڇو ته هر ليکڪ پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪندو آهي، ته هو پنهنجي قلمي پورهئي کي سُٺي مان سٺو ڪري لکي، ته جيئن پڙهندڙ سندس لکڻين مان متاثر ٿئي. مٺل جسڪاڻي به پنهنجي وس مان گھٽايو ناهي، پنهنجي لکڻين کي خوبصورت نموني سان ٺاهي لکيو آهي.
    پڙهندڙن جي هٿن ۾ جڏهن ”زرعي سونهون“ پهتو، هر طرف مٺل مٺل ٿي وئي. ڇو ته ”زرعي سونهون“ ڪتاب، زراعت جي بنيادي ڄاڻ جي حوالي سان هڪ اهڙو بهترين ڪتاب آهي، جنهن کي عام ماڻهو پڙهي ڄاڻ حاصل ڪري سگھي ٿو. اسان جو عام هاري، زميندار، ائين ته زراعت جي حوالي ڄاڻ رکن ٿا، پر زراعت جي سائنسي ڄاڻ هنن وٽ نه هئڻ جي برابر آهي.
    ”زرعي سونهون“ڪتاب ٻن حصن ۾ آهي. جنهن ۾ هڪ ڀاڱو زراعت جي بنيادي ڄاڻ جي حوالي سان آهي، جنهن ۾ زندگي، زمين، پاڻي، ٻوٽا، وڻ، موسم، جيت جڻا ۽ ٻين موضوعن سان لاڳاپيل فصلن جي پيداوار جي حوالي سان مواد آهي. ٻئي ڀاڱي ۾ وري فصلوار ۽ ماهوار زرعي ڪم ڪار سان گڏ سنڌ جي اهم فصلن جن ۾ ڪڻڪ، ساريون، جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي، وونئڻ، ڪمند، تيلي ٻج، داليون، ڀاڄيون ۽ مصالحه، ميوا ۽ جانورن جي چاري وارا گاه شامل آهن.
    هن ڪتاب ۾ زرعي ڄاڻ تمام سادن لفظن ۾ سمجهايل آهي. هڪ عام هاري اڻپڙهيل ماڻهو به آساني سان هن ڪتاب مان ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو. هن ڪتاب ۾ فصلن جي پيداوار ۽ انهن جي بچاءٌ لاء بروقت ڪهڙا اُپا کڻڻ کپن؟ انهي حوالي سان به آسان ۽ صفا سادن لفظن ۾ سمجهايل آهي. فصل پوکڻ وقت ڪهڙن مونجهارن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي؟ انهي بابت به صلاحون هن ڪتاب ۾ سمجهايل آهن. فصلن ۽ باغن ۾ پيدا ٿيندڙ نقصانڪار جيتن ۽ بيمارين جي حوالي سان به سمجهايل آهي.
    مختلف فصل گڏائي پوکڻ، سنڌ ۾ اوهان اڪثر ڏٺو هوندو، ڪٿي ڪٿي ماڻهو ٻه فصل گڏائي پوکين ٿا. انهي جا به ڪيئي فائدا آهن. ڪڻڪ ۽ ڪمند اڪثر ڪري، هن موسم ۾ پوکيو ويندو آهي. اوهان پنهنجي آس پاس ۾ ٿوري نظر ڦيرائندا، ته اوهان کي ڪڻڪ ۽ ڪمند جي گڏيل پوک ٿيل ڏسڻ لاء ضرور ملندي. انهي گڏائي پوک ڪرڻ جا ڪيئي فائدا آهن.اسان جي ماحول کي خوش رکڻ لاءِ، اسان کي اڪثر ڪهڙين شين جي ضرورت پوي ٿي؟ انهن مان ڪجھ اهڙا اهم به آهن، جن ۾ پاڻي، ٻوٽا، وڻ، موسم، جيڪي اسان جي موسم، اسان جي ماحول، اسان جي ملڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم آهن. پاڻي ته اسان جي بنيادي ضرورت آهي.
    اسان جا فصل لهڻ کان پوءِ بچندڙ باقيات بلڪل بلڪل بيڪار ناهي، انهي جا به ڪيترا ئي فائدا آهن. هتي اڪثر ڪري ائين ٿيندو آهي، ته جيڪا به بقايات بچي پوندي آهي، ان کي ساڙيو ويندو آهي. اسان جي ماحول کي گدلو ڪيو ويندو آهي. بقايات ساڙڻ سان ماحول خراب ئي ٿيندو آهي.برسات کان پوء زراعت جي بحالي جي حوالي سان مضمون به سٺو آهي. اسان وٽ برسات پوي ٿي، ماحول صاف سٿرو ٿئي ٿو، پر جي برسات گھڻي پوي ٿي، ته نقصان به ٿئي ٿو، اگر گهٽ پوي ٿي، تڏهن به نقصان ٿئي ٿو. جڏهن ته برسات پوڻ سان اسان جو ماحول صاف سٿرو ٿئي ٿو. اسان جي فصلن کي اگر پاڻي وغيره جي کوٽ هوندي آهي، اُها پوري ٿيو وڃي، پر اگر برسات پوي ٿي، اسان جو فصل جيڪو تيار آهي، انهي کي تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو. مثال طور اسان وٽ وونئڻ جو فصل تيار بيٺل آهي. انهي جي دوران اگر برسات پئجي وڃي ٿي، ته ان فصل کي نقصان ضرور ٿيندو، پر خير اوهان انهي کي نقصان مان فائدو سمجهي برداشت ڪريو، ڇو ته برسات قدرت طرفان اچي ٿي، جيڪا گھڻي ڀاڱي اسان جي فائدي مند آهي.
    برسات جي پئجي وڃڻ کان پوءِ اسان کي گهرجي، ته اسان پنهنجي گهر، پنهنجي اوطاق کي برسات کان بچڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا، پنهنجي فصلن کي به بچائڻ جي ڪوشش ڪيون، فصلن ۾ جمع ٿيل پاڻي ٻاهر نيڪال ڪيون، جيڪو به نقصان ٿئي، انهي کي ڇڏي، بقايا فصل کي بچائڻ جي بروقت ڪوشش ڪيون.اوهان اهو ضرور ٻُڌو هوندو، ته ڪو به ٻوٽو فضول ناهي. اڳ وڏڙا پهاڪو ٻُڌائندا هئا، ته ڪک ۾ به ڪم پئجي سگهي ٿو. هي وڻ به ڪم اچي سگهن ٿا. هنن وڻن ۾ به ڪيترائي فائدا آهن. تڏهن مٺل به پنهنجي ڪتاب ۾ ٻُڌائيندو هلي، ته ڪو به وڻ فضول ناهي. زمين جو هڪ ذرو به خالي نه ڇڏيو.
    ”زرعي مشاورت: زراعت جي اهميت ۽ ضرورت“، به بهترين مضمون آهي. ڇو ته زراعت اسان جي جيئاپي جي بنيادي ۽ حتمي ضرورت آهي، ڀلي سائنس ڪيتري به ترقي ڪري اڳتي نڪري وڃي، پر پيٽ قوت جو دارومدار زراعت تي آهي.اهڙي طرح ”زرعي گريجوئيٽ ۽ خابرو ذريعا“ به ڪارائتو آهي. ڇو ته حقيقت ۾ اُھو روز جو معمول آهي ۽ ان معمول سان گڏو گڏ آبادگار جي ترتيب ۽ رهنمائي نه، انهن کي گمراھ ڪري، کين وڌيڪ پريشان ڪرڻ سان گڏو گڏ، آبادگارن کي ڪاروباري ڪمپنين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو پيو وڃي!؟
    زرعي سونهون جي ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ فصلن جي حوالي سان، انهن جي موسم جي حوالي سان تفصيلن سمجهايل آهي. ڪڻڪ، ساريون، جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي، وونئڻ، ڪمند، تيلي ٻج، داليون، ڀاڄيون، مصالحه، ميوا ۽ جانورن جي چاري وارا گاھـ جي حوالي سان تفصلن سمجهايل آهي. هنن فصلن جي موسمن، مهينن جي حوالي سان ۽ مختلف فصلن کي مختلف وقتن تي لڳندڙ بيمارين ۽ جيتن جي حوالي سان به سٺي ڄاڻ آهي.سچ ته ”زرعي سونهون“ زراعت جي بنيادي ڄاڻ جي حوالي هڪ انمول ڪتاب آهي. مٺل جسڪاڻي زرعي يونيورسٽي جي پلانٽ پروٽيڪشن فيڪلٽي ۾ استاد طور پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي، پر انهي سان گڏو گڏ هڪ سٺو شاعر ليکڪ پڻ آهي. سندس ننڍا توڙي وڏا 24 ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. سائين جا اڃان کوڙ زراعت جي حوالي سان مضمون مختلف اخبارن ۾ ڇپجي رهيا آهن.
    هي ”زرعي سونهون“ ڪتاب، ادبي حلقن ۾ وڏي چاه سان پڙهيو پيو وڃي. هي ڪتاب هر هاري، هر اُهو ماڻهو، جيڪو زراعت سان لاڳاپيل آهي، اُهو ضرور پڙهي، جنهن کي هن ڪتاب مان ڪافي ڄاڻ ملندي.هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نالي واري اسڪالر اديب تاج صحرائي جي فرزند زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي لکيو آهي. سائين جي ڪتاب تي تاثرات منهنجي محسن سائين محمد اسماعيل ڪنڀر لکيو آهي. سائين محمد اسماعيل ڪنڀر پاڻ به سٺو ليکڪ آهي. سندس کوڙ مضمون مختلف اخبارن ۾ پڙهيا اٿم. ٻه اکر اقبال حيدر لکيا آهن. جنهن هن ڪتاب ۾ دل سان سهڪار ڪيو آهي. اقبال حيدر لاڙ هيومنٽيرين اينڊ ڊولپمنٽ پروگرام جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل، منهنجي ئي ڊپارٽمينٽ جي محنتي استاد سر ابراهيم خاصخيلي صاحب لکيو آهي. هي ڪتاب اظهار پبليڪيشن ٽنڊوڄام طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي.


    محمد علي جروار جي ڪتاب "هجومن ۾ اڪيلائي" تي هڪ نظر

    محمد علي جروار جي ڪتاب "هجومن ۾ اڪيلائي" تي هڪ نظر

    هجومن ۾ اڪيلائي مجموعي جو سرجڻھار لاڙ پٽي جي ضلعي بدين جي علائقي “امن آباد” ڪارياڻو سان تعلق رکندڙ شاعر محمد علي جروار آهي جيڪو زندگي جو ڳچ حصو سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعري کي ارپي چُڪو آهي، هو هن وقت به سنڌي ادب جي انهي پيچرن تي موجود آهي هاڻ تي ساڻس اسان به ساڳين سفر جا راهي ٿي چُڪا آهي ڏسون ٿا تي اسان کي منزل ڪڏهن ٿي ملي پر هن وقت منهنجي منزل کي ڇڏي ڪري مان محمد علي جي انهي منزل بابت ڪجھ ڳالهندس، هو هن سفر جو راهي ٿيو پوءِ اچانڪ ڪجھ وقت غائب رهيو انهي جا سبب ڇا هئا انهي غائب هجڻ کان پوءِ هو جڏهن ظاهر ٿيو ته سنڌ کيس محمد علي جي نالي سان وڏي واڪي سڏ ڪرڻ لڳي، محمد علي سڏ سان سڏ تي جي جي ڪندي واپس موٽي آيو. هن کي زندگي ڪيترا صدمان ڏنا هن سان ڪهڙيون ويسان گهاتيون ٿيون تنهن بابت هو پنهنجي خيال جي ڏي وٺ پنهنجي قلمي پورهئي هجومن ۾ اڪيلائي ۾ سرجهائي آهي جيڪي احساس محمد علي جا پنهنجا آهن جيڪو به پڙهندو اُهو پنهنجي لڙڪن کي نه روڪي سگهندو هن اھڙن احساسن کي دل ۾ سانڊي سانڊي نيٺ اسان آڏو ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيا آهن جيڪي پڙهجن تي خبر پوندي تي محمد علي ڪيترو ڏُکايل ۽ زماني جو ستايل آهي محمد علي جروار سان منهنجي پهرين ملاقات جروار برادري جي شادي تقريب ۾ ٽنڊو الهيار ۾ ٿي، جڏهن منهنجي ملاقات ٿي تڏهن صدين جي سڪ لاهي وئي محمد علي کي کيس ڀاڪرن ۾ ڀري سڪ پوري ڪرڻ لڳس.
    هجومن ۾ اڪيلائي ڪتاب جو مطالعو ڪري سندس احساس کي دل سان پڙهي کيس چند لفظن جي ارپنا ڪري رهيو آهي سندس شاعري مجموعو منهنجي امر لائبريري ۾ موجود آهي. هن ڪتاب ۾ محمد علي غزل سرجهايا آهن، تن غزلن مان محمد علي جو هڪ هڪ غزل ڪمال جو غزل آهي دل تي چوي ٿي تي محمد علي جو هر هڪ غزل ورائي ورائي پڙهجي، محمد علي جڏهن ظاهر ٿيو تي سنڌي ادب جي پيچرن تي اسان لاءِ انمول ڪتاب هجومن ۾ اڪيلائي آوي مان تيار ٿيندڙ ٿاون جيان پچائي نڪتو اُهو ڪتاب ٺڪر جي ٿاون کان وڌيڪ پڪو پُختو ٿي ويو جيڪو هن وقت اسان جي هٿن ۾ آهي. ۽ اُهو صدين تائين اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو اسان انهي مان لطف وٺندا رهنداسين.سندس غزل جون ڪجھ سٽون سڄڻن جي سامهون رکجن ٿيون.

    رات ڪنڌيءِ تي ننڊ اچي وئي،
    سنڌ نديءِ تي ننڊ اچي وئي.
    چپڙا چپڙن تائين پھتا،
    مڌ مٺيءَ تي ننڊ اچي وئي.

    ڪيڏو نه ڪمال جو غزل تخليق ڪيو اٿس مان تي سمجهان ٿو هن هي غزل ڄڻ مون مٿان سرجهايو هجي، هو رات جو ڪنڌين تي سمهڻ جو هيرڪ ٿو لڳي هن کي مليل ايذاء يقينن هن کي ڪنڌين تي سمھڻ تي مجبور ڪندا هوندا، هو انهن ڪنڌي کي سنڌو نديءَ جو نانءَ ڏئي سمهي پيو تي به هو سمهي ويندو، سندس شاعري ۾ محبوب کان وڇڙڻ جو ڏُک بيان ڪري ڪٿي زماني جي ڏنل سورن کي سيني ۾ سانڍي لوڪ جي مھڻن ڪري لڪائي ٿو. وقت واقعي ۾ بيوفا آهي وقت جي ٿيل بيوفائي تي محمد علي ڇا ٿو لکي، اُھو به ڪمال جو آهي.

    هو به هاڻي خفا خفا آهي،
    وقت ڪيڏو نه بيوفا آهي؟
    ڪوئي تنها هجي هجومن ۾
    هي به هڪڙي وڏي سزا آهي.

    زماني وارا تي هن کان سفا ڪي بيزار هئا، هوئين به مون ڪٿي پڙهيو يا ڪنن ٻُڌو آهي تي اڪثر ڪري لوڪ شاعرن کان بيزار هوندا آهن.
    هو به محمد علي مان صفا ڪا بيزار هئي وقت تي هوئين به بيوفا آهي. ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو وقت هٿن مان نڪري ويندو، اُها بلڪل حقيقت آهي تي شاعر ماڻهن جي هجوم ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهي محمد علي جروار به ڪجھ اهڙي ڪيفيت مان گذريو آهي. جيڪو پنهنجي اهڙي ڪيفيت ڪتاب هجومن ۾ اڪيلائي ۾ بيان ڪري چُڪو آهي. هجومن ۾ اڪيلائي جي ارپنا پنهنجي پياري موڀي ڀاءِ سائين ممتاز علي جروار کي ڪئي آهي، جنهن کي ڪچي شراب جي ڪاتي ڪهي ڇڏيو ٻيو هن پنهنجي همسفر يعني گهر واري زخسانه “گڏي” کي ڪئي آهي جيڪا 2011 واري برساتي ٻوڏ ۾ وڇڙي وئي جيڪا ڏُک سک حال حوالي ونڊڻ واري هئي. ٽيو هن ارپنا پنهنجي جيجل امڙ جي نانءِ ڪئي آهي.
    محمد علي جروار جي ڪتاب جو مهاڳ نالي واري شاعر ايوب کوسي لکيو آهي ايوب جو لکيل مهاڳ به بار بار پڙهڻ جهڙو آهي. ايوب لکي ٿو تي محمد علي هڪڙو محبوب ماڻهو ۽ قومي نظريو رکندڙ دلبر انسان آهي هُن سماجي غليظ روين ۾ زندگي جو سفر ڪيو آهي.محمد علي جي ڪتاب تي تاثرات مظهر علي جروار، پنهنجي پاران محمد علي جروار بيڪ ٽائيٽل ماڪن شاھ رضوي لکيو آهي. ڪتاب هجومن ۾ اڪيلائي ڪنول پبليڪيشن قنبر طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي.


    "درد خوبصورت" جو سرجڻھار نياز راڄپر

    "درد خوبصورت" جو سرجڻھار نياز راڄپر

    هن دنيا جي گول داري ۾ هر ماڻھو هر شخص پنھنجي ڪم پنھنجي ڪردار سان سڃاتو وڃيٿو, انھي کان سواء هو ڪنھن اداري يا ڪنھن شعبي سان واڳيل هجي پنھنجي ڪم ڪار سان پاڻ نڀاءُ تي اُھو ماڻھو هميشه امر رهي ٿو.هن وقت مان پنھنجي نازق هٿڙن سان جنھن ادب دوست جنھن پياري شخص جو ذڪر ڪرڻ وڃي رهيو آھيان انھي لئه منھنجي قلم هن جي لفظ سان عشق تي کيو آھي,اُھو آھي "درد خوبصورت" ڪتاب جو سرجڻھار "نياز راڄپر" جنھن جو تازو ئي ڇپجي آيل ڪتاب "درد خوبصورت" اڄ منھنجي هٿن ۾ ڪنھن گلاب جي گلن جي ٽوڪري جيان پيل آھي سندس ڪتاب مون جڏھن مطالع ڪرڻ لئه کوليو ۽ سندس ڪتاب کي چمي پڙھڻ شروع ڪيم منھنجي اکين مان سچ ۾ لڙڪ لڙي پيا نياز راڄپر سان منھنجي روبرو ملاقات ڪڏھن به ناهي ٿي ساڻ فيس بڪ تي کوڙ ڪچھريون ٿيون آھن.
    نياز سندس ڪتاب "درد خوبصورت" ۾ جنھن درد جي ڳالھ ڪئي آھي اُھو درد نياز لئه ڪيڏو نه خوبصورت آھي تڏھن تي سندس ڪتاب جو نالو ئي درد خوبصورت رکيو اٿسنياز راڄپر شاعري ڪھڙي ڪفيت ۾ سرجھائي آھي اُھو درد خوبصورت ڪتاب پڙھندڙ کي ئي پتو پوندو.سندس طرفان مون ڏي موڪليل تحفو ڪٿانڪٿان ٿي منھنجي هٿن تائين پھتو اُھو منھنجي خوش قسمتي هئي جو ڪتاب پيارن سڄڻ جي هٿن جو سينگار بڻجي منھنجي هٿن تائين پھتو جٿي هن وقت پرنٽ ميڊيا جو دور آھي هتي وري ادب ۾ ڪتابن ڇپجڻ ۾ وڌيڪ تيزي آئي آھي,هن وقت جڏھن پرنٽ ميڊيا پنھنجي عروج تي آھي هتي اسان کي وري شاعري جا گڏيل توڙي ذاتي شاعرن جي شاعري جا مجموعا وڏي انگ ۾ ملن پيا. نياز راڄپر جو تعلق محراب پور سان آھي.محراب پور جا ٻيا به کوڙ نالا آھن جن پنھنجي پاڻ ملھائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي.
    سندس شاعري مان چونڊ:

    مون ڏسي ورتئي سڄڻ صورت لڪائي ڇا ڪندين,
    مون ته دل توکي ڏني پر تون الائي ڇا ڪندين.

    زندگي تنھنجي غمن ۾ مون گذاري آ ڇڏي,
    سور دل جا ھي اڃا ٻيا تون وڌائي ڇا ڪندين.

    وئي دنيا وسري جڏھن, ايندي اڱڻ دلبر ڏٺم!
    پيو جيان ٿو جنھن سھاري سو جاني جگر ڏٺم!

    نيار پنھنجي شاعري جي گلدستي جي ارپنا پنھنجي پياري ڀاءُ محترم حاجي پيارو خان راڄپر "مرحوم" جن کي ڪئي آھي جيڪو 19 مئي 2005 ع اسان کان وڇڙي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو.نياز جي ڪتاب "درد خوبصورت" جو مهاڳ نالي واري شاعر ادب جي خادم لکيڪ "اقبال شاھين" لکيو آھي, سندس ڪتاب تي تاثرات محمد ٻارڻ, ناز نصر الله مھر پنھنجي طرفان نياز راڄپر بيگ ٽائيٽل وحيد محسن جن لکيو آھي. نياز جو ڪتاب چنڊ پبليڪيشن چودڳي طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آھي.


    اک نماڻي ڪجل سڏڪا تي هڪ نظر

    اک نماڻي ڪجل سڏڪا تي هڪ نظر

    نوجوان ٽھي جي ٻين شاعرن جيان هي نوجوان به پنھنجي قلم جي نوڪ سان پنھنجي احساسن کي اسان سيکڙاٽ نوجوانن کي ارپي رهيو آھي. اڃان جڏھن سندس ڪتاب شايع نه ٿيو هيو تڏھن مون سان هن جو رابطو سوشل ميڊيا تان ڪھڙي ڳالھ ڪري ٿيو اُھو به ڪنھن کان لڪائي نٿو سگهان مون احسان آڪاش جي گڏيل ڪتاب "ننڊ جا نيڻ" تي تبصرو لکيو هيو جيڪو هلال پاڪستان شايع ڪيو هيو انهي کان پوء اُھو ساڳيون تبصرو احسان آڪاش سندس ماهوار رسالي احساس ۾ شايع پڻ ڪيو هيو جنھن ۾ "علي عاجز شر "جي شاعري به شامل هئي جنھن تي مون به لکيو تي هن مون کي سوشل ميڊيا تان ڳولي لڌو منھنجو نمبر هٿ ڪري رابطو ڪيائين پوء چيان توهان تمام سٺو ٿا لکو منھنجي شاعري تي به تمام سٺو لکيو اٿو مان انهي لاء اوهان جو شڪر گذار آھيان. علي عاجز جڏھن مون سان مخاطب ٿيو انهي کان پوء علي عاجز سان مسلسل رابطي ۾ رهندو اچان. گذريل سال جڏھن علي عاجز جو ڪتاب "اک نماڻي ڪجل سڏڪا" شايع ٿي اسان پڙھندڙ جي هٿن تائين پھتو گھڻن کي تڏھن خبر پئي علي عاجز به شاعر آھي. سندس شان ۾ لکندي مون کي تمام ڏکيو لڳي رهيو آھي پر دل مجبور ڪري رهي آھي سندس شاعري سندس پھرين قلمي پورهئي تي ڪجھ لفظ لکان ڪوشش ڪيان پيو رب ڪاميابي عطا فرمائي.
    علي عاجز شر سنڌ اندر نوجوان ٽھي جي اُڀري نروار ٿيندڙ نوجوان شاعرن مان هڪ آھي سندس طبعيت ٻين شاعرن کان الڳ ٿلڳ آھي پاڻ سادي سٻاجھڙي طبعيت جو مالڪ آھي سندس ادبي خدمتون ساراھ جوڳيون آھن کيس جس پيش ڪندو هلان سندس پهريون مجموعو اک نماڻي ڪجل سڏڪا هڪ اھڙي تجربي تي آڌاريل آھي جنھن جو عتراف سعيد سومرو پاڻ ڪري چُڪو آھي. هڪ وزن بحر ۾ لکيل 110 غزل هڪ وڏي ڪاميابي طرف سندس قدم آھن انهي کان اڳ سعيد سومرو جو ڪتاب اڌ خيال جي خاڪ ان کانسواء سائين سعيد ميمڻ جو طويل غزل وارو ڪتاب به ساڳين ئي وزن بحر تي سرجهايل آھي.
    علي عاجز شر تمام سٺو ڪم ڪيو آھي سندس شاعري هر پهلو کان پڪي ۽ پختي آھي, علي عاجز ٻين صنفن تي به طبع آزمائي ڪري چُڪو آھي هن "اک نماڻي ڪجل سڏڪا" مجموعو ۾ هن جا رڳو غزل آھن بلڪ ساڳين وزن بحر تي آڌاريل آھن. انهي کان سواء مان هتي اهم ڳالھ هي به ڪندو هلان علي عاجز سنڌ ڌرتيء جو سچو شاعر آھي کيس هر وقت پنھنجي قوم جي هر فرد جو فڪر رهي ٿو سندس خون هر وقت پنھنجي سنڌ جي مظلوم ماروئڙن لاء کيس تپائندو رهي ٿو. تڏھن هڪ غزل جي سٽن ۾ چوي ٿو تي.

    کولبو ڪو ڪتاب ڌرتيء جو,
    هاڻ ٿيندو حساب ڌرتيء جو.

    ڏسو ڪيڏو نه فڪر اٿس پنھنجي مظلوم ماروئڙن جو جيڪي هر وقت باھ جي بٺي ۾ پچندا رهن ٿا تڏھن به کين پنھنجا حق نٿا ملن سندس حقن حسابن جا ڪتاب کولڻ لاء ڪيترو نه بيتاب آھي. کيس مان جس پيش ڪيان ٿو هُو هن مظلوم قوم لاء لکندو رهي ٿو.

    ساڀيان نيٺ هاڻ ماڻيندو,
    آجپو ئي خواب ڌرتيء جو.

    علي عاجز شر پنھنجي ڌرتيء جي ساڀيان جا پنھنجي ڌرتيء جي ڏُتڙيل ماروئڙن جا خواب ساڀيان ٿيڻ جا سپنا سيني ۾ سانڍي سانڍي کيس قلم سان لفظ جي روپ ۾ پنھنجي احساسن کي پيش ڪيو آھي جيڪو ساراھ جوڳو عمل آھي. سندس احساس ايترا تي پيارا آھن جن کي هر وقت مان پنھنجي زبان تي جهونگاريندو آھيان.

    هت بُرو آھ حال هاريء جو,
    سُور سارو ئي سالُ هاريء جو.

    مان اڳئي مٿي لکي آيو آھيان علي عاجز شر ڌرتيء جو سچو عاشق شاعر آھي کيس سنڌ جي مظلوم مارون هارين, ڏُکايل ماروئڙن سان عشق آھي کيس سندس ڏُکن جهوري ڇڏيو آھي, ڪيڏو نه سندس هر غزل جي هر سٽ ۾ درد ڀريل آھي. جنھن ۾ ھو حقيقت بيان ڪري رهيو آھي علي عاجز جي انهي سٽن منھنجي من کي تڙپائي وڌو آھي واقعي ۾ به اسان جي هارين جا برا حال آھن هن وقت فصلن جا اگھه ناهن جيڪو هاري سڄو سال محنت ڪن ٿا کيس انهي محنت جو اجر نٿو ملي.

    ڇو سُڪايو اٿئي سنڌو, ظالم!
    بس اُھو ئي سوال هاريء جو.

    اوهان انهي ڳالھه کان واقف تي هوندا اسان جي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي سنڌوء جيڪو اسان جو ساھ آھي جنھن تي لکين جانيون پلبيون آھن, سنڌوء تي ملاحن جو گذران ٿيندو آھي سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ تائين پاڻي پهچندو آھي جنھن کان محروم ڪيو پيو وڃي سنڌوء کي سڪائي هارينء مظلوم مارن سان ويساھگاتيون ڪيون پيون وڃن مگر ڪير ڪڇڻ وارو ئي ناهي.

    علي عاجز شر جي هر غزل ۾ ڏُکن جو داستان آھي جيڪو بيان ڪرڻ کان مٿي آھي مان سندس ڪتاب جو مطالعو ڪري اکين مان لڙڪن جون قطارون لاڙي ويٺو آھيان سندس سچ تي لکيل غزل کيس سنڌ جو سچو سپاهي چوڻ تي مجبور ڪري رهي آھي. جن به نوجوانن هي ڪتاب ناهي پڙھيو اُهي "اک نماڻي ڪجل سڏڪا" ڪتاب جو دل سان مطالعو ڪن تي حقيقي سنڌ جي ڏکن سورن سنڌ جي ماڻھن سان ٿيندڙ ويساھگاتين جا حقيقي عڪس نظر ايندا علي عاجر جو هر غزل سنڌ جي مظلوم ماروئڙن جي حق ۾ آھي. انهي کان سواء علي عاجز شر پنھنجي ڪتاب ۾ "سيد اعظم" بشير خان سميت ٻين به تاريخي ڪردارن کي پنھنجي شاعري ۾ شامل ڪيو آھي جيڪو ساراھ جوڳو عمل آھي.
    "اک نماڻي ڪجل سڏڪا" جو مهاڳ ناميواري شاعر لکيڪ سيال حيات لکيو آھي. تاثرات ۾ آسي زميني, ايڊووڪيٽ محمد يعقوب ڏاهري, ۽ مختصر تاثرات مايا ساگر اوڏ, اصغر شر,آپا مريم مجيدي طرفان لکيا ويا آھن علي عاجز ڪتاب جي راپنا سنڌ ڌرتيء ۽ سنڌيء ٻولي ۽ سنڌ جي عاشقن کي ڪئي آھي جيڪي پنھنجون جانيون مٽيءُ ماءُ کي ارپي چُڪا آھن. "اک نماڻي ڪجل سڏڪا" ڪتاب نماڻين اکين مان وهندڙ لڙڪن ۽ سڏڪن تي سرجهايو ويو آھي هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر طرفان ڇپرائي پڌو ڪيو ويو آھي.


    ڪتاب اھڙا جن اهڃاڻ تي رايو

    ڪتاب اھڙا جن اهڃاڻ تي رايو


    سڀ کان پهريان مان دل سان ٿورائتو آھيان پنھنجي محبوب قابل احترام سائين محمد مٺل جسڪاڻي جو جنھن فقير سليمان لغاري جو مرتب ڪيل ڪتاب مون کي تحفو طور ڏئي فقير بشير احمد لغاري جھڙي انمول شخص بابت زبردست ڄاڻ رکڻ جو موقعو ڏنو. اول مون کي فقير بشير احمد لغاري بابت ڪا به ڄاڻ ڪان هئي, فقير بشير احمد بابت ڄاڻڻ لاء "اھڙا جن اھڃاڻ" ڪتاب منھنجي لاء ايترو ضروي هيو جيئن ننڍڙي ٻار کي ريجهائڻ لاء ڪو رانديڪو هوندو آھي. منھنجو جڏھن کان ادبي ڪتابن سان لڳاءُ ٿيو تڏھن کان ڪوشش ۾ آھيان تي سنڌ جي مختلف ادبين بابت ڄاڻ هٿ ڪيان انهن بابت ڪجھ نه ڪجھ لکان. پر اُھا سڀئي ڄاڻ هٿ ڪرڻ لاء هڪ تي وقت ۽ ٻيو وڌ کان وڌ مطالعي ۽ مشاهدي جي ضرورت آھي.
    ڪتاب "اھڙا جن اھڃاڻ" جڏھن منھنجي هٿن تائين پهتو تڏھن آرام سان ويهي ڪتاب پڙھڻ بجاء ڪتاب يڪدم کولي پڙھڻ شروع ڪيم ڪتاب جو مطالعو جيئن شروع کان ڪرڻ شروع ڪيم منھنجو عقل دنگ رهجي ويو هن ڪتاب کي پڙھڻ سان منھنجي لاء ڄاڻ جو خزانو نڪري پيو فقير بشير احمد لغاري بابت مونکي ڪا ڄاڻ نه هئي پر جڏھن فقير سليمان جي مرتب ڪيل ڪتاب جا صفحا کولندو ويس پڙھندو ويس ڄاڻ جو هڪ وسيع سمنڊ وهي پيو.
    "اھڙا جن اھڃاڻ" ڪتاب ٻن حصن تي سرجهايل آھي هڪ حصي ۾ فقير سائين جي شخصيت تي لکيل سنڌي جي مختلف اديبن جا مضمون آھن ٻئي حصي ۾ وري فقير بشير احمد جي سندن ڪتاب "پورب منھنجو پنڌ" ۾ جيڪي مضمون رهجي ويا هئا اُھي شامل ڪيا ويا آھن. حصي پهرين ۾ فقير سائين جي شخصيت بابت جيڪي لکيل ويچار آھن اُھي سنڌ جي ناميواري اديبن ليکڪن جا آھن جن کي فقير بشير احمد بابت وڌيڪ ڄاڻ هئي جيڪي فقير سائين سان مختلف وقتن مخلتف محفلن توڙي فقير سائين بابت ڄاڻ رکندا هئا.
    اُھي سڀئي شخص فقير بشير احمد بابت مختلف رايا لکن ٿا. انهيء مختلف رايا پڙھڻ کان پوء جيڪي اُھو ثابت ڪن ٿا تي فقير بشير احمد لغاري سنڌ جي تاريخ جو هڪ اھڙو بابت هيو جيڪو ڪي ورهين ياد رهندو سندس علم عقل ڏاھپ ۽ تحقيق ۽ ادبي خدمتون سنڌي ادبي حلقن توڙي سنڌ جي تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون.فقير بشير احمد جي شخصيت تي جن پنھنجا ويچار لکيا تن ۾ ڊاڪٽر قادر بخش مگسي, محمد خان ملڪاڻي ,خليل کوسي, عثمان راھوڪڙو, اڪرم قمبراڻي, شبير لغاري, مٺل جسڪاڻي, فقير سليمان لغاري, عمر احمداڻي, محب ڀيل, عبدالخالق مهر, علي جان لغاري زاهد ڪنڀار جا مضمون ۽ سائين مٺل جسڪاڻي جو فقير بشير احمد کان ورتل انٽر ويو به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. ۽ انهي کان علاوه فقير بشير احمد جا بقايا مضمون جيڪي ڪتاب پورب منھنجو پنڌ" ۾ شايع ٿيڻ کان رهجي ويا هئا اُھي شامل ڪيا ويا آھن. "زبان" الحاج حضرت مولانا عبدالرحيم لغاري" تعليم" فن موسيقي" سُر مائي" ايم مصري راجا جون ادبي خدمتون"زاهد ڪنڀار" ۽ سخي مرد جھڙا خوبصورت مضمون هن ڪتاب جو حصو آھن ٻين ادبي ڪتابن کان "اھڙا جن اھڃاڻ" هڪ الڳ ۽ منفرد ڪتاب آھي.
    فقير بشير احمد جو جنم فيبروري 1945ع ۾ ضلع ميرپور خاص جي تعلقي ڊگهڙي جي مشهور ڳوٺ غلام علي لغاري ۾ ٿيو. پاڻ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان تعليم حاصل ڪيائين بعد ۾ گورنمينٽ هاء اسڪول ڊگهڙي مان حاصل ڪيائين فقير انٽر ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد مان ڪئي ۽هتان ئي 1970 ۾ بي اي آنرس جي ڊگري حاصل ڪيائين جنھن کان پوء فقير سائين سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي انٽر نيشنل رليشن( بين الاقوامي تعلقات) جي شعبي ۾ 1974 ۾ ڪيائين. فقير بشير احمد جون ادبي خدمتون به تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون. فقير بشير احمد پنھنجي نالي سان پنھنجي ڳوٺ ۾ لائبريريء قائم ڪئي, پير سائين پاڳاري وارن سان ويجهو تعلق هجڻ ڪري سندس لائبريريء جو افتتاح به پنھنجي مرشد پير سائين پاڳاري شاھه مردان شاھ کان ڪرايائون سندس لائبريريء ۾ لڳ ڀڳ 20 هزار ڪتاب موجود آھن. فقير بشير احمد سنڌ جو بهترين قلم ڌڻي تحقيقدان, دانشور ۽ تاريخدان هيو. پاڻ سنڌ جي مختلف ٿيندڙ پروگرام ۾ سندس لکيل مقالا پڻ پڙھيا هيا. سندس هڪ ڪتاب "پورب منھنجو پنڌ" شايع ٿي اسان جي هٿن ۾ آھي سندس رهيل مواد پڻ شايع ٿي جلد اسان جي هٿن ۾ هوندو.
    "اھڙا جن اھڃاڻ" ڪتاب جو مهاڳ منھنجي محبوب سائين محترم مٺل جسڪاڻي صاحب لکيو آھي ٻه اکر مُشير لغاري ۽ مرتب پاران فقير سليمان لغاري اداري طرفان محب ڀيل پُراڻ پبليڪيشن جهڏو طرفان هن ڪتاب کي گلدستي جيان سينگاري اسان پڙھندڙ اڳيان پيش ڪيو آھي. هي ڪتاب فقير بشير احمد جي لائبريريء ۽ فقير سائين جي ذاتي زندگي فقير سائين جي ادبي خدمتن جو واضع ثبوت آھي, جن به دوستن هن ڪتاب جو مطالعو ناهي ڪيو اُھي ضرور ڪن. مون هن ڪتاب تي جيڪو ڪجھ لکيو اُھو شال قبول پوي فقير بشير احمد لاء دعاڳو رهندس رب پاڪ کيس جنت ۾ جايون عطا فرمائي آمين.


    مون ساريندي سپرين جو سرجڻهار وفا صالح راڄپر

    مون ساريندي سپرين جو سرجڻهار وفا صالح راڄپر


    هر ليکڪ هر شاعر هڪ سٺو تخليقڪار تڏهن ٿيندو آھي جڏھن ٻئي شخص جي تخليق جو مطالعو ڪري مان به انهن اڻڳڻين تخليقڪار مان هڪ آھيان. جن کي هميشه ٻئين شاعر جي تخليق کي پڙھڻ جو شوق به آھي ته پاڻ کي لکڻ جو شوق به انهي ٻنهي شوقن مان مون کي پڙھڻ توڙي لکڻ جو به تمام گهڻو شوق آھي خير اڄ جنھن تخليقڪار تي لکي رهيو آھيان اُهو مون روبرو ڪڏهن ناهي ڏٺو نه وري سندس تخليق ڪٿي ڪنھن اخبار وغيره ۾ پڙھي اٿم نه سوشل ميڊيا تي هن کي ڏٺو اٿم.
    انهي تخليقڪار تي ڪجھه لکڻ کان اڳ مان سندس تعارف ضرور ڪرائيندو هلان ڇو هن کي نوجوان ٽهي جا لکندڙ اڪثر گهٽ سڃاڻ هوئين ته هو پنھنجو مٽ پاڻ آھي.جنھن شخص جو آئون اوهان سان ذڪر ڪيان پيو اُهو آھي وفا صالح راڄپر جنھن جو تعلق تعلقه ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻي سان آھي. ياد رهي اڳ به لاڙڪاڻي ضلع ڪيترين ئي انمول شخصيتن کي جنم ڏنو آھي. وفا صالح تمام سٺو تخليقڪار آھي هن شاعري ۽ نثر ۾ پاڻ مڃرايو آھي. سندس مضمون ۽ خاڪن تي مشتمل هڪ انمول ڪتاب "مون ساريندي سپرين" منھنجي هٿن ۾ آھي جنھن ڪتاب ۾ هن مختلف شخصيت تي لکيل خاڪن سميت ٻيا به ڪارائتا مضمون شامل ڪيا آھن.
    هوئين ته وفا صالح راڄپر ڪهاڻي جو ديوانو آھي يعني بنيادي طور هو هڪ ڪهاڻيڪار آهي جنھن کان پوء هن کي سٺو شاعر به ڪوٺي سگهجي ٿو. وفا صالح راڄپر جو ڪتاب "مون ساريندي سپرين" بيحد منفرد ڪتاب آھي جنھن ۾ وفا صالح راڄپر سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز سميت سنڌ جي انمول ڪردار تي تاثراتي مضمون ۽ مختلف ڪتابن تي رايا ۽ ٻيا اهم مضمون شامل ڪيا آھن.
    وفا صالح راڄپر جو شيخ اياز تي لکيل مضمون به ڪتاب جي سونهن بڻيل آھي جنھن ۾ وفا ڀيٽا طور لکيل مضمون ۾ لکي ٿو تي اياز جيڪو پنھنجي شاعري وسيلي جيڪو پيغام جيڪو فڪر ڏنو اُھو وقت حالات جي دز ڪڏھن به لٽي نٿي سگهي اياز ڪالھه به امر هيو اياز اڄ به امر آھي اياز رهڻو به امر آھي. شيخ اياز سنڌ ڌرتيء جو مهان ڪوي هيو سنڌي ٻولي سميت سندس ڏنل خدمتون ڪڏهن نٿون وساري سگهبيون.سنڌي ڪهاڻي کي جيئدان ڏيندڙ محمد صديق منگيو تي لکيل مضمون به پڙھڻ وٽان آھي جنھن ۾ وفا محمد صديق منگيو جي ڪتابن جو جائزو پيش ڪيو آھي.
    تنھن کانسواء راجن مڱريو جي ڪهاڻين جي ڪتاب "روين جو چهرو" تي تنقيدي جائزو پڻ پيش ڪيو آھي جنھن تي وفا راجن مڱريو جي ڪهاڻين ۾ فني ۽ فڪري پهلوء تي پنھنجي راء ڏني آھي.يوسف سنڌي جي شخصيت تي لکيل خاڪو به تمام سٺو آھي اڪثر ڪري ڪنھن شخص جي شخصيت تي لکڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو آھي يوسف سنڌي واقعي ۾ به گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آھي جنھن تي وفا جو لکيل مضمون به دلچسپ آھي.
    مشتاق ڀرڳڙي تي لکيل خاڪو به پڙھڻ وٽان آھي. مشتاق جو تعلق منھنجي محبوبه جي شهر سان آھي خطن ۾ مون کي ڳولجان جهڙي بهترين عنوان سان مشتاق تي لکيل خاڪو به بهترين آھي. وفا ۽ مشتاق پاڻ ۾ ڄڻ سڳن ڀائرن وانگر هئا اُھو اندازو مون کي وفا جي لکيل خاڪي مان محسوس ٿيو هنن جو پاڻ ۾ وڏو عشق هيو. جتي مشتاق جو ذڪر ٿيو اُتي ڪجھه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تان خبر پئي تي عامر خان جي مشهور فلم پي ڪي مشتاق ڀرڳڙي جي ڪهاڻي مسٽر پي ڪي ۽ اسلام کي پڙھي ڪري فلم رڪاڊ ڪئي وئي آھي.ذوالفقار گاڏهي جي شاعري تي لکيل مضمون به سٺو آھي جنھن وفا ذوالفقار کي سنڌي شاعري جو روشن ڏيئو به ڪوٺي ٿو سندس شاعري تي پنھنجا ويچار به لکي ٿو.
    فياض چنڊ ڪليري جي جنم ڏڻ جي حوالي سان لکيل مضمون به مون ساريندي سپرين ڪتاب جو حصو آھي. فياض چنڊ ڪليري جو جنم ڀومي نواب شاھه آھي وفا اخر ۾ لکي ٿو نواب شاھه واسي وڏا خوش نصيب آھن جو فياض چنڊ ڪليري جو جنم نواب شاھه ۾ ٿيو 29 اپريل نواب شاھه جي ماڻهن لاء تاريخي ڏينھن آھي.غمزده سومرو جي شخصيت ۽ سندس شاعري تي لکيل مضمون به بهترين مضمون آھي غمزده جو تعلق شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي سان آھي لاڙڪاڻي ضلع کوڙ انمول شخصيتن کي جنم ڏنو آھي تن مان ڪهڙن جا نالا کڻي ڪهڙن جا کڻا جنھن جو نانء کڻندس اُھو شخص پنھنجي پاڻ هڪ الڳ مقام رکي ٿو. غمزده جو تعلق به ساڳين شهر سان آھي ساڳين طرح وفا صالح جو تعلق به لاڙڪاڻي ضلع سان آھي غمزده جي شخصيت توڙي غمزده جي شاعري تي لکيل مضمون ٻين مضمون کان منفرد آھي.
    لاڙڪاڻي ضلع جي بيباڪ صحافي ۽ سُٺڙي شاعر شان ڏهر جي قتل تي لکيل مضمون پڙهڻ لائق آھي مون جڏهن پڙهيو اکين مان لڙڪ لڙي پيا شان تي تعزيتي مضمون پڙھي ائين محسوس ٿيو اسان جي نوجوان جي ائين مري وڃڻ ڄڻ ڪنھن لاء ڪو مسئلو ئي ناهي.تنھن کانسواء سنڌ ڌرتيء جي ٻين به انمول ڪردارن تي بيحد ئي منفرد مضمون پيش ڪيا آھن جيڪي پڙھڻ واٽان آھن. وفا صالح راڄپر جو نثر به تمام پڪو ۽ پختو آھي سندس ڪهاڻيون توڙي ڪالم تبصرا وغيره بيحد منفرد آھن سندس ڪتاب "مون ساريندي سپرين" بيحد منفرد ڪتاب آھي جنھن ۾ شامل خاڪا ۽ مضمون دلچسپ آھن.
    اڪثر ڪري هر ليکڪ جو پنھنجي لکڻ جو هڪ انداز هوندو آھي ڪو ليکڪ ڪيئن ٿو لکي تي ڪو وري ڪيئن ٿو لکي انهي ليکڪن جيان وفا صالح راڄپر جو به لکڻ جو هڪ الڳ انداز آھي هو پنھنجي قلم سان اھڙا تي احساس لکي ٿو جو پڙھندڙ پڙھندو ئي رهجي وڃي ٿو.مضمون ۽ خاڪن سان سينگاريل وفا جو هي ڪتاب جڏھن منھنجي هٿن تائين پهتو مون کي به دلي اتساھه اُڀري نروار ٿيو ته مان به ڪو مضمون ۽ خاڪن تي ڪتاب آڻيان جيڪو ادبي ميدان ۾ منھنجو پهرين ادبي پورهيو هجي. برحال نيٺ ڪڏھن اُھا اميد به پوري ٿي ويندي.
    ڪتاب مون ساريندي سپرين جو مهاڳ معشوق ڌاريجو پنھنجي پاران وفا صالح راڄپر فليپر حبيب ساجد ۽ عيسي ميمڻ ۽ بئڪ ٽائيٽل معصوم بخاري لکيو آھي هن ڪتاب جي ارپنا وفا صالح راڄپر سندس والد محمد عثمان ۽ پنھنجي ڀائرن محمد طاهر, الله بخش, ۽ رجب علي جي نانء ڪئي آھي. هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري طوفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آھي.


    اقبال بلوچ جي ڪتاب "جيئڻ جنين ڪاڻ" تي تبصرو

    اقبال بلوچ جي ڪتاب "جيئڻ جنين ڪاڻ" تي تبصرو

    موجوده دور ۾ مختلف اخبارن رسالن ڪهاڻي جي ڪتابن جي شايع ٿيڻ کانپوء منھنجي ذھن ۾ اُھو سوال پيدا ٿئي ٿو تي ھن وقت ڪهاڻي جي کوٽ بلڪل به ناهي.ڪجھه وقت کان منھنجي ڪنن توڙي مختلف ڪتابن ۾ پڙھڻ کانپوء منھنجي ذھن به اُھو گُمان پيدا ٿيو هيو شايد ايندڙ وقت ۾ ڪهاڻين جي شديد کوٽ ٿيندي.پر جڏھن مختلف وقتن تي ڪهاڻين جي ڪتاب توڙي رسالن ۾ اخبارن ۾ ڪهاڻين جو شايع ٿيڻ اُنهي ڳالھه جو واضع ثبوت آھي سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جي ڪنھن به قسم جي کوٽ ناهي.
    ڪهاڻيڪار لکندڙ گهٽ ٿي سگهن ٿا پر ڪهاڻين جي کوٽ هجڻ وارو گمان نٿو ڪري سگهجي اسان اُھو سڀ ڪجه تڏھن چئي سگهون ٿا ته جڏھن ڪهاڻيڪار ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏين تڏھن ڪهاڻين جي کوٽ واري ڳالھه واضع ڪري سگهجي ٿي. ڪجھه وقت کان اُھا ڳالھه منھنجي ڪنن تي گونجي رهي هئي جيڪا اڄ هن نسبت سان هتي دوستن اڳيان پيش ڪندو هلان منھنجي انهي ڳالھه کان ڪئي ماڻهو انڪاري به هوندا سي ڀلي هجن.
    بحرحال مون جڏھن اقبال بلوچ جو ڪهاڻين جو ڪتاب "جيئڻ جنين ڪاڻ" پرھڻ شروع ڪيو تنھن کانپوء ڪهاڻين جي کوٽ وارو گمان گهٽ ٿي ويو پنھنجي منھن گهري سوچ ۾ گم ٿي ويس سوچڻ لڳس ڪهاڻين جي کوٽ واري ڳالھه ڪندڙ ڪهڙي حساب سان ڪهاڻي جي کوٽ واري ڳالھه پيا ڪن.جيئڻ جنين ڪاڻ" بهترين ڪهاڻين جو مجموعو آھي جنھن ۾ مختلف وقتن تي مختلف پلهون تي لکيل ڪهاڻيون شامل آھن. ڪهاڻين جي کوٽ محسوس ڪندڙماڻهواقبال بلوچ جوڪتاب "جيئڻ جنين ڪاڻ" جو مطالعوضرورڪن جنھن ۾اقبال بلوچ جون دلچسپ ڪهاڻيون شامل آھن.
    اڌڙوٽ دوست, اڌورا خواب, پيار جي ورهاست, جيئڻ جنين ڪاڻ, تسبيح مڻيادار, دفن ٿيل راز, مري جيئاري ويو, نينھن نڀايا جوين تون (سرائيڪي ڪهاڻي) ماڻهو جو ٻچو, ۽ شھر جي هڪڙي ڇوڪري سميت 32 ڪهاڻيون هن ڪتاب جو سينگار بڻيل آھن.ڪهاڻين جي کوٽ جا ديويدار منھنجي هن مضمون کان انڪاري ڇو نه هجن پر پوء به مون کي موجود دور ۾ ڪهاڻين جي کوٽ واري شدت محسوس نٿي ٿئي. مختلف وقتن تي ڪهاڻين جا ڪتاب شايع ٿي پڙھندڙ جي هٿن جو سينگار بڻجي رهيا آھن.
    پر هتي صرف ضرورت انهي ڳالھه جي آھي تي شاعري جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻين جا ڪتاب گهٽ لکيا وڃن ٿا ڪهاڻي جا ڪتاب صرف انهي ڪري گهٽ شايع ٿين ٿا جو ڪتابن جا خريدار تمام گهٽ ٿي ويا آھن.موجود دور ۾ نوجوان ٽهي جا ڪهاڻيڪار پنھنجي وس آھر ڪجھه نه ڪجھه لکي رهيا آھن پر انهن کي اوتري موٽ نه پئي ملي جنھن ڪري هو مايوس ٿي رهيا آھن. اقبال بلوچ جو ڪتاب "جيئن جيئڻ ڪاڻ" جي مطالعي کانپوء پنھنجي طرفان ٻه اکر لکي رهيو آھيان جيڪي قابل قبول پون. اقبال بلوچ مون کي جڏھن ڪتاب سوکڙي ڪري موڪليا تڏھن مون کي بيحد خوشي ٿي.
    اقبال بلوچ ڪتاب "جيئڻ جنين ڪاڻ" جي ارپنا سندس والد سندس جيون ساٿياڻي (زال) ۽ سندس پياري پُٽ سرواڻ جي نانء ڪئي آھي. اقبال جي هن ڪتاب جو مهاڳ محترمه زيب نظاماڻي صاحبه لکيو آھي جيڪو رايو منھنجي محبوب سائين مٺل جسڪاڻي لکيو آھي تنھن کانسواء تلهار جو قابل فخر فرزند ناصر بلوچ صاحب جيڪو اقبال بلوچ جو وڏو ڀاءُ آھي. ۽ بئڪ ٽائٽيل مدد علي سنڌي لکيو آھي اداري طرفان ساجد سنڌي ۽ هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن طرفان ڇپرائي اسانجي هٿن جو سينگار بڻايو ويو آھي.


    ڪتاب "ڪامريڊ هوچي منھه" جو سرجڻهار ايشور لال

    ڪتاب "ڪامريڊ هوچي منھه" جو سرجڻهار ايشور لال

    سڀ کان پهرين جس هجي سنڌ جي باذوق نوجوانن کي جيڪي پنھنجي انتھائي مصروف وقت مان ڪجھه گھڙيون ڪڍي ادبي ڪم لاءِ پاڻ جاکوڙي رهيا آھن.سندن ادبي دنيا ۾ اُھي خدمتون هن وقت ڀلي نه به قبول ٿين پر اڳتي هلي سندن لاءِ بيحد ڪارائتيون ثابت ٿينديون. موجوده دؤر ۾ نوجوانن جي لکڻ جو سلسلو وسيع نظر اچي رهيو آھي.انهن نوجوانن جي رڳو همت افزائي ڪئي وڃي ته هُو سڄي دنيا ۾ سنڌي ٻولي جو پيغام با آساني پهچائي سگهن ٿا، پر افسوس انهيء ڳالھه جو آھي ته سندن همت افزائي ڪرڻ بجاءِ کين ڌڪا ۽ ٿاٻا ڏنا پيا وڃن.
    موجوده دؤر ۾ جن ادبي کيتر ۾ پنهنجو نانءُ پاڻ پنهنجي جاکوڙ سان مڃرايو آھي، انهن ۾ منهنجي سنڌ جو جاکوڙي نوجوان "ايشور لال سُوجاڻي" پڻ ھڪ آھي. سندس تعلق ٿرپارڪر جي تاريخي ڳوٺ آڌيگام سان آھي. هيءُ نوجوان موجوده وقت ۾ حيدر آباد ۾ رهي ڪري پنهنجي تعليم سان گڏ علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آھي. ڪجھه ڏينھن پهرين هن "ڪامريڊ هوچي منھه" جي شخصيت ۽ جدوجهد "زان لاڪوتيور" جو ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو آھي، جيڪو بيحد دلچسپ ڪم آھي.
    ڪامريڊ هوچي منھه ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو سندس جنم ٿيڻ کانپوءِ سندس مٿان ڪهڙي ذميواري پئي جو هُو پنهنجي ڌرتيءَ ويٽنام لاءِ ننڍڙي هوندي کان ئي جدوجهد شروع ڪئي؟ويٽنام جي ڌرتيءَ جي آزادي لاءِ ڪامريڊ هوچي منھه جي ڪارڪردگي مان ديس ڌڻي ڪيترا مطمئن هئا؟ ڪامريڊ هوچي منھه پنهنجي ڌرتيءَ جي آزادي ۽ پنهنجي ويٽنامي قوم کي آزادي ڏيارڻ لاءِ ڪيتري جدوجهد ڪئي؟ انهيء بابت سڄو احوال ڪتاب "ڪامريڊ هوچي منھه" ۾ ترتيب سان ڏنل آھي.
    هيءُ ڪتابڙو نه بلڪه هڪ وڏو ڪتاب آھي. ڪتاب جا صحفا گهٽ وڌ ڏسي ڪتاب کي ڪتابڙو چوڻ بجاءِ ڪتاب ۾ لکيل مواد کي ڏسجي جيڪو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو.
    انتهائي وڏي ڄاڻ ڏيندڙ هن ڪتاب کي ڪتابڙو نٿو ڪوٺي سگهجي. ويٽنام جي ڌرتيءَ، هوچي منھه جي شخصيت ۽ ويٽنام جي ڌرتيءَ لاءِ ڪيل هوچي منھه جي تاريخ ساز جدوجهد جي حوالي سان بيحد ڪارائتو ڪتاب آھي.
    ڪنھن ملڪ، ڪنهن ڌرتيءَ تي آزادي جا خواب گهر ويٺي بنا ڪنھن تڪليف بنا ڪنھن جدوجهد جي نٿا ڏسي سگهجن. ڪامريڊ هوچي هڪ عام ماڻهو هيو جنھن کي پنهنجي گهران ڌرتيءَ جي جدوجهد لاءِ سبق سيکاريو ويو. پوءِ اُھو هوچي جڏهن سمجھه ڀريو ٿيو ته پنهنجي ڌرتيءَ جي گوريلن سان گڏجي ڌرتيءَ جي بقا، ڌرتيءَ جي آزادي، ويٽنامي قوم کي غلامي کان نجات ڏيارڻ لاء فرانسيسي ڏاڍ اڳيان بنا ڪنهن جهڪڻ تي آزاديءَ جو نعرو هڻي نڪري پيو.
    اُھو هوچي ويٽنامي قوم جو چاچو هوچي بڻجي ديس ڌڻين لاءِ بقا جي جنگ جو اعلان ڪري فرانسيسي غلامي خلاف بغاوت جو جهنڊو لهرائي باھه جيان ڀڙڪي اُٿيو.اڄ تڏهن ته سندس نام نشان اٿس، قومن ۽ ڌرتيءَ لاءِ جيڪي وڙھندا آھن، انهن جا نانءُ هميشه ياد رکيا ويندا آھن. انهيء مان هوچي منھه جو نانءُ اڄ سڄي دنيا ۾ ڳائجي رهيو آھي.
    "ڪامريڊ هوچي منھه" جي جدوجهد ۽ شخصيت جي حوالي سان زان لاڪوتيور هيءُ ڪتاب لکي ڪري غلام قومن کي پيغام ڏنو آھي تہ اوهان ٻين جي غلامي ڇڏي پنهنجي وطن لاءِ سڀ ڪجھه ڪري سگهو ٿا.
    انهي ساڳين ڪتاب کي ايشور لال سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آھي، جيڪو انتهائي بهترين ڪم آھي. دنيا ۾ اڳ به اھڙا ڪردار موجود هئا، هن وقت به موجود آھن پر خبر ناهي غلامي جي ڄار ۾ ڪيئن ڦاسي پيا آھن يا صرف پنهنجي مفاد خاطر چُپ آھن.
    اِيشور لال جو ترجمو ڪيل هيءُ ڪتاب پارڪر پبليڪيشن آڌيگام طرفان شايع ڪري پڙھندڙن کي ارپيو ويو آھي. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي اعليٰ درجي جي نوجوان رمتا جوڳي ليکڪ جيڪو پاڻ پنهنجو نالو ادبي دنيا ۾ مڃرائي چُڪو آھي، اُھو طوائف ناول جو سرجڻهار ڪامريڊ سليم جمالي لکيو آهي. پنهنجي پاران ايشور لال هن ڪتاب جي ارپنا هر ان باضمير شخص جي نانءُ ڪئي آهي جيڪو غلامي کان نفرت ڪري ٿو ۽ مزاحمت ڪندڙ آھي.
    هن ڪتاب جي قيمت اوهان جي کيسي ۾ پيل سئو ويھه روپيه آھي، جيڪا يقينن سان اوهان وٽ هوندي. اميد ڪيان ٿو سنڌ جي انھيءَ باشعور دوستن کان جيڪي ايشور لال سُوجاڻي جو ڪتاب ڪامريڊ هوچي منھه خريد ڪري پاڻ پڙھندا، پنهنجي دوستن کي پڙھائيندا، ڪامريڊ هوچي جي شخصيت توڙي ويٽنامي قوم جي ڪيل جدوجهد کي چڱي طرح سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا.اميد ته هيءَ منهنجا لکيل لفظ اوهان کي ضرور پسند ايندا.


    ڪتاب "تنين کي تعليم جي" تي هڪ نظر

    ڪتاب "تنين کي تعليم جي" تي هڪ نظر

    سنڌ اندر مختلف وقتن تي مختلف موضوعن تي ڪيترا ئي ڪتاب شايع ٿي رهيا آھن جيڪو تمام سٺو ۽ اهم قدم آھي سنڌ اندر اهڙن ڪمن جو اڃان به واڌارو ٿيڻ گهرجي.هن وقت مان جنهن موضوع تي ڳالھڻ وڃي رهيو آھيان اُھو اسان سڀني لاء لازم موضوع تعليم آھي تعليم تي تمام گهٽ ڪتاب شايع ٿيا آهن. سنڌ اندر تعليم جي حوالي سان جيڪي ڪجھه لکبو تي سوين ڪتاب شايع ٿي سگهن ٿا ڇو جو هن وقت سندر اندر تعليم جي تباھي جا منظر ۽ تعليم جي تباھي کانپوء اسان مٿان واضع اثرات پيا آھن. جنهن تي ڳڻتي ٿي پئي آھي.
    تعليم جي موضوع تي اگر ڪتابن جي ڳڻپ ٿيندي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ٿيندا ڇو جو تعليم تي بلڪل به گهٽ ڪتاب لکيا ويا آھن. اگر اڳ تعليم جي حوالي سان ڪي ڪتاب هجن ها تي هن وقت اسان لئه ڪارائتو ثابت ٿئي ها بلڪه تعليم بابت ڪجھه ڳالھي سگهجي ها. برحال جيڪو به ٿيو آھي انهي جي ذميوار نه رڳو سنڌ سرڪار بلڪه اسان به انهي ۾ برابر جا شريڪ آھيون اسان به انهي جا ڀاڱي ڀائيوار آھيون ڇو جو اسڪولن ۾ اسان جا ڀاءُ/ ڀينرون/ اسان جي گهرن جا ٻيا فرد به انهي اسڪولن ڪاليجن يونيورسٽين ۾ پڙھن ٿا جن ۾ هن وقت تعليم جو برو حال ڏسي اکيون آب هارڻ تي مجبور آھن.
    خير مون هن وقت هڪ اهڙي ڪتاب جو مطالعو ڪيو آھي جنهن مان ڪتاب جي ليکڪ کي اتساھه ڏيڻ سندس هن تخليق پورهئي تي جس پيش ڪرڻ لاء مون وٽ لفظ ناهن هئير جيڪو ڪجھه لکان پيو جيڪو ليکڪ کي قبول پوي. سنڌ جي تعليمي نظام کي نظر ۾ رکندي سرمد کوسي جيڪو تعليم بابت لکيو آھي ۽ جيڪي تجويزون پيش ڪيون آھن. اُھو يقينن هڪ ساراھه جوڳو عمل آھي. موجود وقت سنڌ ڪيترين ٻين مسئلن جي ور چڙھيل آھي اُتي تعليمي نظام به اوترو ئي بگاڙ جي صورت ۾ نظر اچي پيو. بدين سميت سنڌ جي سمورن اسڪولن ۾ تعليم جو برو حال آھي اُھو انهي ڪري جو هتي اسڪولن ۾ سهولتون نٿون ڏنيون وڃن هر اسڪول ۾ ڪو نه ڪو مسئلو آھي شاگردن کي پنهنجا مسئلا ڌار آھن جن مسئلن کي اسان کي گڏجي حل ڪرڻو پوندو.هاڻ اسان کي ڏسڻ گهرجي آخر هي ڪهڙا مسئلا آھن, جيڪي سنڌ حڪومت کان حل نٿا ٿين جنهن جي ڪري اسان جا نسلن جا نسل تباھه ٿي رهيا آھن. جيڪي سرمد جي ڪتاب ۾ شامل آھن انهي تي نظر ڦرائجي ڪهڙا آھن.
    ڪتاب "تنين کي تعليم جي" چار حصن ۾ ورهايل آھي جنهن ۾ پهريون

    "مادري ٻولي تعليم ۽ٻار"
    هن حصي ۾ چوڏهين اهم ٽاپڪ شامل آھن جيڪي هي آھن

    *اول ٻار جي نفسيات کي سمجهو, پوء ان کي پڙھايو
    *ٻارن کي بنيادي تعليم مادري ٻولي ۾ ڏيڻ گهرجي
    *فني تعليم جي اهميت
    *اسڪولن ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي اهميت
    *حڪومت کي تعليم جي بهتري لاء ڪجھه گذارشون
    *ماحولياتي تعليم جي اهميت جي اسان جو مستقبل
    *زراعت جي تباھي جي تعليم عمل تي اثر
    *ٻارن ۽ نوجوانن کي وڻن سان پيار ڪرڻ گهرجي
    * ٻارن کي پيار به ڏيو ۽ انهن جي عزت به ڪريو
    * احساس جو موت
    *اسان جي نوجوانن کي پيش ايندڙ مسئلا
    *سرڪاري نوڪري کان سواء روزگار جا ذريعا
    *تعليم اڌ ۾ ڇڏي ويندڙ ٻار
    *روڊ حادثن جو شڪار ٿيندڙ معصوم شاگرد بابت سوچيو

    حصو ٻيو
    "تعليم ۽ هم نصابي سرگرميون"
    ٻئي حصي ۾ پنج اهم ٽاپڪ شامل آھن جيڪي هيٺ ڏجن ٿا
    *ڪاپي ڪلچر جا سبب ۽ ان جي خاتمي لاء تجويزون
    *سائنس جي دور ۾ سائنس جي تعليم کان پري اسان جا تعليمي ادارا
    *رياضي جو سبجيڪٽ شاگردن کي مشڪل ڇو لڳندو آھي?
    *تعليم ۾ نصابي ۽ هم نصابي سرگرمين جي اهميت
    *تعليم جي ٻيڙي تارڻ بجاء ٻوڙڻ واري پاليسي!?

    حصو ٽيو
    "يونيورسٽيون مسئلا, صلاحون"
    *اعلي تعليمي ادارا شاگرد دوست ڪڏهن بڻجندا؟
    اسان جي يونيورسٽين کي تحقيق تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي
    *سنڌ يونيورسٽي جي پارت ڪنهن کي ڪجي؟
    خودڪشيون ڪندڙ اسان جو مستقبل

    چوٿون حصو
    "ٻري جن ٻاري"
    *اسان کي بهترين استادن کي مان ڏيڻ گهرجي
    * شعور جو بنياد رکندڙ شخص خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر
    هي ٽوٽل اهم موضوع آھن جن کي پڙھڻ سان گڏ انهن تي سوچڻ ويچارڻ گهرجي هي مضمون اوهان کي ڪتاب "تنين کي تعليم جي" ۾ پڙھڻلاء ملندا جيڪي اوهان با آساني سان پڙھي سگهو ٿا تمام آسان ٻولي ۾ لکيل آھن. صفا سادن لفظ ۾ بيان ڪيل آھي ڪتاب تنين کي تعليم جي ڪتاب تعليم جي حوالي سان اهم ڪتاب آھي.
    "تنين کي تعليم جي" ڪتاب جو مهاڳ انور ابڙو پنهنجي پاران سرمد کوسو اداري طرفان ڊاڪٽر آفتاب ابڙو صاحب لکيو آھي هي ڪتاب پيڪاڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان شايع ڪيو ويو آھي هي ڪتاب تعليم جهڙي اهم موضوع تي آھي.


    ڪانهي ويل ويھڻ جي تعلقه فيض گنج جو ادبي جائزو

    ڪانهي ويل ويھڻ جي تعلقه فيض گنج جو ادبي جائزو

    سنڌي ادبي کيتر ۾ جيڪي نوجوان پنهنجي جوش جذبي ۽ ولولي سان ادبي ڪم ڪري رهيا آھن, تڏهن منهنجو من خوشي منجهان مهڪي پيو آھي. ۽ نوجوان کي جس پيش ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو آھي.
    ڪنهن جو امانتي موڪليل ڪتاب علي عاجز شر ڪنهن شخصيت لاء سوکڙي طور موڪليو هيو, جيڪي مان وقت سر نه پهچائي سگهيس سوچيم جيستائين هي امانت مالڪ تائين پهچايان ڇو انهي کان اڳ مان هن ڪتاب مان پنهنجي من جي آگ اُجهائي وٺان. هن ڪتاب کي جيترو پڙھڻ جو شوق هيو, اوتري وري من اندر انهي ڪتاب تي ڪجھه لکڻ جي آس پڻ هئي.
    جيڪا اڄ پوري ڪندي ڪتاب جي ليکڪ کي نماڻو عرض به ڪندو هلندس ڪتاب جي ڪاپي منهنجي لاء الڳ سان موڪلي وڃي جيئن مان هن ڪتاب مان فائدو وٺان پر منهنجي خاندان جو هر هڪ فرد توهان جي ڪتاب کي پڙھي تعلقي فيض گنج جي شاعرن ۽ ان جي ادبي جي خدمت ڪندڙ تخليقڪارن کي چڱي ريت سڃاڻي سگهن.
    ڪتاب جو نانءُ "ڪانهي ويل ويھڻ جي" ڪيڏو نه سھڻو نانء ڪتاب ۾ مواد به اوترو ئي سهڻو اڳتي لکندي مان اُھو ضرور لکندس هن ڪتاب ۾ شامل ادبي ماڻهو جيڪي گمناميءَ واري زندگيءَ ۾ رهي ڪري ادبي لڏي جي خدمت ڪندا آھن، انهن کي جس هجي.
    اصغر شر نالي نوجوان سان منهنجي سوشل ميڊيا تان دوستي ۽ دعا سلام ٿي علي عاجز شر جي تسلسل سان اسان هڪٻئي کي سڃاتوسين پر اُھو ساڳيون اصغر شر منهنجي لئه ادبي لڏي ۾ منهنجو محسن ڀاءُ جيان هيو اسان جي روبرو ڪا ملاقات ناهي پر جڏهن رابطو ٿيو ته مون ايئن سمجھو ڄڻ ته اسان ڪي صدين جا دوست هجئون!! خير، مون طرفان کيس ٻنهي هٿن سان سلام هجي, جو ڪن گمنام شاعر/فنڪار/سُگهڙن ۽ نثر نويس دوستن کي اُجاگر ڪرڻ ڪا آسان ڳالھه ناهي.
    فيض گنج جون اُھي گمنام شخصيتون جيڪي سوشل ميڊيا پرينٽ ميڊيا جي دور ۾ به گمنام لڳا پيا آھن انهن کان وڃي ڪري سندن تعارف سندن شاعري سندن جنم سندن ڪم ڪار سندن مصروفيات وغيره پڇي سندن تعلقي فيض گنج جي ڪهڙن علائقن سان تعلق سندن ڪهڙي يوسين سان واسطو, سندن ادبي لڏي سان گڏ هلڻ/لکڻ جو وقت وغيره شامل ڪري انتهائي وڏو ڪم ڪيو آھي.
    هتي مان پنهنجي طرفان به اصغر کي هڪ تجويز پيش ڪندس برحال منهنجي تجويز هاڻ تي ڪنهن ڪم جي ناهي پر اصغر جي ذھن ۾ هجڻ کپي اگر اصغر اڳتي وري انهي ساگين موضوع تي تحقيق ڪري اُھا تجوير سامهون ضرور رکي. جيڪي ڪتاب جي مطالعي کانپوء ذهن ۾ اچي پئي هن ڪتاب ۾ جتي شاعرن/ سُگهڙن/فنڪارن/ نثر نويسن کي شامل ڪيو ويو آھي.
    جتي تخليقڪارن جو تعارف شامل ڪري سندس هڪ هڪ تخليق ڪتاب ۾ شامل ڪئي آھي هتي اگر شاعرن فنڪارن سُگهڙ نثر نويس دوستن کان انهي ادبي لڏي بابت ڪي خيال يا فنڪارن جو موسيقي پاسي لاڙو ڪئين ۽ ڪهڙن سبب جي ڪري ٿيو؟ هن معاشري مان مليل ڪهڙن ڏکن کي منهن ڏيندي انهي شعبي ۾ داخل ٿيا , انهيء بابت اگر اصغر ٿورو گهڻو حوال لکي ها ته هي ڪتاب اڃان به سگهارو ٿي پوي ها.
    برحال اُھا منهنجي خيال، منهنجي ذهن جي تجويز آھي, ليکڪ دوستانهيڪمساننڀاءُ ڪندي ڪهڙين تڪليفن کي منهن ڏنو هوندو اُھا صرف انهي کي خبر هوندي. پياري اصغر کي جس هجي جنهن پنهنجي طرفان پنهنجي وس آهر وڏي ڪوشش ڪري پنهنجي مصروف وقت مان ڪجھه گهڙيون ڪڍي ڪري ادبي لڏي کي هڪ انتهائي ڪارائتي ڪتاب جو واڌارو ڪري ڏنو آھي.
    اوهان جي نظر ۾ هي ڪتاب ڀلي ڪا به اهميت نه رکندو هجي پر هي ڪتاب تاريخ بڻجي چُڪو آھي هن وقت انگن اکرن ۾ خبر پئجي چُڪي آھي ته تعلقه فيض گنج ۾ ڪيترا گمنام تخليقڪار, فنڪار,نثر نويس سُگهڙ آھن. جيڪي هن جديد دور ۾ به پنهنجي من جي ڳالھه صرف ۽ صرف پنهنجي من جي ڊائري ۾ قيد ڪري رهيا آھن. ظاهر نٿا ڪن. تن جا نانء اوهان سڄڻن سان ونڊ ڪندو هلان ڪي نانء اوهان کي نوان ته ڪي وري ڄاتل سڃاتل لڳندا.هي اُھي نانء جيڪي ڄاتل سڃاتل شاعري جي دنيا ۾ پنهنجون پنهنجون تخلقون گلدستن جيان سينگاري توهان اسان اڳيان پيش ڪيون. تن منجهان ڪي حال حيات ته ڪي وري هي جهان ڇڏي چُڪا آھن.

    شاعر:
    آديسي محمد عيسي, آصف گل, اداسي علي احمد, اضعر شر, افضل شر, امداد علي احساس, امر شر, امن آزاد مانجهي, خاموش خليل, خوش خير محمد هيسباڻي, در محمد در لعل هيسباڻي, راج راڄپر, زاهد راڄپر, سارس راڄپر ,صحرائي, سيال حيات, ضمير زائر, ظفر حسين, علي حبيب, علي عاجز شر, فدا فياض شر, فقير جائي جمال هيسباڻي, ڪنيز فاطمه, گدا سلطان, معشوق علي کوکر

    سُگهڙ:
    ٻُڍل فقير, پاڪستان, حسين بخش شر, علم الدين, غلام الرسول، نواز علي,

    فنڪار:
    احسان علي ڀٽي, بشير بالادي, حفيظ الله راڄپر، سترومل, عجب علي رتڙ, فقير گلبهار جويو, محمد حيات لاشاري, محمد عارف ڀٽي, محمد عرس ڀٽي, محمد يوسف راڄپر, منظور علي ڀٽي, همت علي رتڙ, وريام خان کوکر

    نثر نويس جن نظر ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو انهن ۾ ڪجھه نانء هي آهن:
    راشد شر, زاهد راڄپر, سرويچ چانگ, سيال حيات, عبدالرحمٰن چانگ, غفور چانگ, ڪامريڊ مرتضي شر, ناقص چانگ,ڪتاب جي آخر ۾ انهن ڪتابن جا حوالا ڏنل آهن جن مان ليکڪ دوست مدد ورتي اُھي انهن جا نالا لکيل آھن. تعلقي فيض گنج جو نقشو به ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي.
    ڪتاب ”ڪانهي ويل ويھڻ جي“ کي چئن بابن ۾ورهايوآهي، جن مان پهريون باب شاعرن جو/ ٻيو باب سُگهڙن جو/ ٽيون باب فنڪارن جو/چوٿون باب نثر نويسن جو/ هي ڪتاب 112 صحفن تي مشتمل آھي. ڪتاب تي مختلف شخصيتن جا تاثرات شامل آھن, جن مان ڪامريڊ مرتضي شر/ مانواري سائين مهر خادم سنڌي شعبو شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس/ مانواري سائين خاوند ڏنو لاڙڪ سنڌي شعبو شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس/ مانواري ميڊم نرگس بانو سنڌي شعبو شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس/ فليپر مانواري ميڊم زاهده مري چيئرپرسن سنڌي شعبو شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس/ ۽ ٻيو فليپر مانوري امرت سنڌي،بيڪ ٽائٽل اسان جو پيارو علي عاجز شر پڪا چانگ/ پنهنجي پاران اصغر شر/ اداري پاران ساجد سنڌي/ اصغر هن ڪتاب جي ارپنا پنهنجي پياري والد سائين سندس ماءُ جنهن پيرن هيٺ جنت آھي سندس ادبي لڏي ۾ رهنمائي ڪندڙ ۽ استاد علي عاجز شر ۽ هر باڪردار ۽ کاهوڙيء ۽ ڪتاب ۾ شامل سڀني سرجڻهارن جي نانء ڪئي آھي. هي ڪتاب ادبي کيتر ۾ ۽ تعلقه فيض گنج خيرپور ميرس جي انهن باڪردار ماڻهن لاء ڪارائتو ثابت ٿيندو. ۽ اٿم ته هي ڪتاب پڙهندڙن جي لاء پڻ ڪارائتو ثابت ٿيندو.


    ڪوء ڳنڍيندڙ هوء ڪتاب کي لفظن جي ڀيٽا!

    ڪوء ڳنڍيندڙ هوء ڪتاب کي لفظن جي ڀيٽا!


    سنڌي ڪهاڻي جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي لڳي ٿي. ڪهاڻي جي شروعات جتان ٿي اُتي ختم ٿيڻ واري هئي. وچ ۾ هڪ اھڙو وقت آيو سنڌي ڪهاڻي جي وجود ختم ٿيڻ جون اُفاهون ٻُڌڻ ۾ آيون پر جڏهن نوجوان ٽهي جي ليکڪن ڪهاڻي کي سهارو ڏئي ڪهاڻي تي دلچسپي سان ڪم ڪيو تڏهن سنڌي ڪهاڻي جي ختم ٿيڻ واريون ڳالھيون دم ٽوڙي ويون.سنڌي ڪهاڻي جي تاريخ ڪيتري به پراڻي ڇو نه هجي پر ڪهاڻي تي موجود وقت تي به ڀرپور نموني ڪم ٿي رهيو آھي سنڌي ڪهاڻي سان عشق ڪندڙ سنڌي ڪهاڻي جو هڪ ديوانو جنهن جو تعلق لاڙڪاڻي ضلع تعلقه باڊھه سان آھي.
    هن جي ناول ڪهاڻي جي مٿان ڪهاڻين جي ڪتاب اچڻ کان پوء مان پڪ سان چئي سگهان ٿو تي هوش محمد ڀٽي کي ڪهاڻي سان عشق آھي ڪهاڻي صنف سان عشق ڪرڻ ڪا معمولي ڳالھ ناهي سندس ڪهاڻي سان عشق ڪنهن محبوبه سان عشق ڪرڻ کان مٿائون آھي.
    منهنجو هوش محمد سان روبرو ڪو به واسطو يا ڪا ملاقات ناهي پر مون کيس فيس بڪ جي عالمي اوطاق سان کيس رابطو ڪيو هوش محمد روح ۾ سانڍڻ جهڙو يارڙو آھي کيس جس هجي هن کي نوجوان ٽهي ۾ وڏو جاکوڙ ڪري سنڌي ادب کي ارپيا آھن.
    ڪوء ڳنڍيندڙ هوء موجود دور جو منفرد ڪتاب آھي جنهن ۾ هوش محمد جو دل کي وڻندڙ سترنهن ڪهاڻي ڪوء ڳنڍيندڙ هوء ڪتاب ۾ شامل ڪيون ويون آھن. جيڪو تاريخي ڪم آھي جتي موجود دور ۾ سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي حوال سان مختلف ڳالهيون گردش ڪنديون رهن ٿيون اُتي هوش محمد ڀٽي جو دلربا ڪتاب تي مان کيس جس پيش ڪيان ٿو.
    ڪتاب ڪوء ڳنڍيندڙ هوء ڪتاب ۾شامل ڪهاڻيون جنهن ۾ "مُوڙو" ڪهاڻي ڄڻ منهنجي دل جي ڳالھه هجي هوش محمد هُن ڪهاڻي کي جيترو مختصر ڪيو آھي تهڙي منفرد ڪهاڻي آھي. جيڪا هر پهلون کان وڻندڙ آھي.
    مائوٿ آرگن ڪهاڻي دل جي ساز کي ڇيڙي ويندڙ ڪهاڻي آھي جوهي جي خاموشي مائوٿ آرگن جو ساز سمنڊ جو ايندڙ اڻ کٽ لهرون ٻيو به گهڻو ڪجھه جيڪو ڪهاڻي جو وڻندڙ آھي.
    تنهن کان سواء ڪوء ڳنڍيندڙ ڪوء ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون به دلڪش آھن ليکڪ طرفان ڪهڙي پيڙاھه مان گذري هي ڪهاڻيون تخليق ڪيو سان هڪ ليکڪ ۽ ٻيو هن جي من کي خبر هوندي.
    ڪتاب ۾ شامل سترهين ئي ڪهاڻيون من کي وڻندڙ دل کي ڇرڪائندڙ ڪهاڻيون آھن.
    امن جو خواب, پنهنجو ديش اوپرا ماڻهو, ناچڻي ڪام ۽ ڪروڌ, دادلو درياء, ڪامريڊ11 ڪامريڊ 111 ملان شريف گاريون شوق ۽ غزل هڪ اڌوري ڪهاڻي دل کي وڻندڙ ڪهاڻيون آھن.
    ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻيون ڌرتيء ڌڻي سان ٿيندڙ ويساھگاتين ڏکن پيڙھن دردن تي آڌاريل آھن تنهن کانسواء هوش محمد پنهنجي قلم سان ڌرتيء ڌڻي جي حق ۾ قلم سان جنگ جو اعلان ڪيو آھي.هوش محمد جون اڪثر ڪهاڻيون سماجي اڻ برابري مذهبي انتها پسندي نفرتن جي باھه پنهنجن سان ٿيندڙ اختلافن خلاف مزاحمت آھن.
    هوش محمد جي هن ڪتاب کي پڙھندي دلي سڪون مليو ۽ لڙڪن جون لارون به لڙي پيون آھن مان سندس ڪتاب تي پنهنجي قلم سان ڪجھه لفظ ڀيٽا طور لکي رهيو آھيان اميد تي پسند ايندا. هن ڪتاب جو مهاڳ ادبي کيتر جي وڏي نانء مدد علي سنڌي صاحب لکيو آھي تنھن کان سواء ڪتاب تي راء پروفيسر ڊاڪٽر تهمينه مفتي, پيرعبيدراشدي, پبلشر نوٽ مرتضي لغاري ڪتاب ۾ فليپ پيپر عباس ڪوريجو شبيرلاکو ۽ بيڪ ٽائيٽل منظور ڪوهيار صاحب پنهنجي پاران هوش محمد ڀٽي لکيو آھي. هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان شايع ڪري پڌرو ڪيو ويو آھي هي ڪتاب سنڌي جي هر نوجوان ٽهي جي نئين لکندڙن کي پڙھڻ گهرجي.


    يوسف جميل لغاريءَ جي ڪتاب "اداس اکڙيون" تي هڪ نظر

    يوسف جميل لغاريءَ جي ڪتاب "اداس اکڙيون" تي هڪ نظر

    موجود دور ۾ نئي ٽهي ۾ لکندڙ دوستن جو تعداد تمام وسيع نظر اچي پيو. انهي وسيع تعداد ۾ جيڪي اڳڀرا لکي رهيا آھن انهن ۾ نثر جي حوالي سان منهنجو پيارو دوست يوسف جميل لغاري به تمام سٺو لکي رهيو آھي.
    يوسف جميل لغاري جو ڪتاب "اداس اکڙيون" نثري ٽڪرن تي سرجهايل خوبصورت ڪتاب آھي. جيڪو ڪتاب پي ڊي ايف ۾ ڪمپوز ڪري هن سنڌ سلامت تي رکرايو آھي. يوسف جميل لغاري سان منهنجي دعا سلام فيس بڪ جي عالمي اوطاق وسيلي ٿي جنهن کانپوءِ ميسيجر ۾ ڪچهريون ٿيڻ لڳيون پوءِ هڪٻئي جا نمبر وٺي فون ڪال تي ڪچهريون ڪري هڪ ٻئي کان گهڻو واقف ٿياسين.
    يوسف جو تعلق کجين جي شهر خير پور جي علائقي ٺري ميرواھ سان آھي هن وقت خيرپور جي مند ملهار جيان مهڪي رهي آھي کجين جي باغن ۾ کجين جي پٽ پٽان لڳي پئي آھي. خيرپور واسي هڪٻئي کي کجين جا تحفا ڏئي رهيا آھن.انهن کجين جي شهر جي مٺڙي ماڻهو يوسف کي هن وقت لفظ جي ارپنا ڏئي رهيو آھيان جيڪي کجين جي تحفي جيان آھن.
    سندس ڪتاب "اداس اکڙيون" جلد شايع ڪرائي سنڌ واسين کي ارپنا طورارپيندو جيڪوبهترين ڪم هوندو .ڪتاب "اداس اکڙيون" ۾ جيڪي نثري ٽڪرا شامل آھن انهن ۾ "هان مان اُڻپورو آھيان" "تو ڇا ڄاڻي" "اداس اکڙيون" "ڪويتا" "هڪڙي چٺي تنهنجي نالي". کان سواء ٻيا به ڪافي نثري ٽڪرا ڪتاب جي سونهن بڻايو بيٺا آھن جيڪي ليکڪ طرفان ڪهڙي ڪيفيت مان سرجها آھن اُھو هڪ ليکڪ ئي زباني ٻُڌائي سگهي ٿو.ڪتاب اداس اکڙيون جو مهاڳ تاثرات توڙي بيڪ ٽائيٽل سڀ نوجوان ٽهي جي ليکڪن لکيا آھن جيڪو انتهائي بهترين عمل آھي منهنجي خيال ۾ نئين ٽهي جا جيڪي لکندڙ نوجوان آھن انهن کي ڄاڻي واڻي وڏن ليکڪن طرفان ڌڪي ڪيو وڃي ٿو.
    پر ڪڏهن افسوس انهن ڳالھه جو ٿيندو آھي نوجوان ٽهي جا لکندڙ ڪڏهن مايوس ڪري ويجهندا آھن جنھن تي تمام گهڻو ڏک ٿيندو آھي ۽ ڪي نوجوان وري نئين ٽهي جي لکندڙ کي گهٽ ترجهي ڏيندا آھن انهي جا ڪهڙا سبب آھن اُھو به سواليا نشان آهي. برحال يوسف جميل يارن جو يار آھي مون ڪڏهن به کيس ايئن وڏائي يا پاڻ کي وڏو ليکڪ سمجهندي ناهي ڏٺو. سندس ڪتاب جو تاثرات جن لکيا آھن اُھي به نئين ٽهي جا سٺا لکندڙ آهن جن ۾ ڪوي آصف جسڪاڻي ثاقب بلوچ فهد عزيز لغاري عاجز عزيز شر آڪاش ميرواھي پنهنجي طرفان يوسف جميل لغاري ارپنا "عشق ۾ گرفتار ٿيندڙ سڀني الهڙ نارين جي نانء ڪئي.
    منهنجا صدين جا ٿڪ تڏهن لهي ويندا آھن جڏهن محبوب دوست جا ڪتاب يا هنن جا قلمي پورهيا پڙھندو آھيان. مان يقين سان چوان ٿو يوسف جو ڪتاب اداس اکڙيون جڏهن شايع ٿيندو انهي ڪتاب کي سنڌ ۾ وڏي پزيرائي ملندي.
    يار يوسف هڪ ڏينھن تنهنجو ڪتاب سنڌ سلامت ڊاڪام تان پڙھي رهيو هئس اچانق خيال اچي ويو ڇو نه هن ڪتاب تي ٻه اکر لکجن هي چند لفظ توکي ارپيان ٿو شال قبول پون.


    "سمنڊ ڪنارو" ڪتاب جو سرجڻهار خادم گهراڻو

    "سمنڊ ڪنارو" ڪتاب جو سرجڻهار خادم گهراڻو

    مان شروعاتي ڏينھن کان ڪوشش ۾ هوس ته ادبي جهان ۾ جيڪي به سرجڻهار آھن جن پنهنجي قلم سان ادبي حلقن جي بي باھه خدمت ڪئي آھي انهن شخصيتن کي ياد ضرور ڪيان سندن ادبي خدمتن توڙي ادبي دنيا ۾ ڪيل قلمي پورهئي تي ٿورو گهڻو ضرور لکان.اڄ مان جنهن شخصيت جي ڪتاب تي لکي رهيو آھيان اُھو نه رڳو منهنجو محسن آھي پر خبر نه آهي ڇو مان کيس پنهنجي پاڻ کان تمام ويجهو محسوس ڪندو رهيو آھيان.
    سندس ادبي دنيا ۾ کوڙ خدمتون ڏنل آھن پاڻ استادي پيشي سان منسلڪ پڻ آھن استاد پيشي سان منسلڪ هجڻ ڪري مان کيس پنهنجو استاد پڻ ڪوٺيندو آھيان. سندس ملڻ کلڻ ڳالھائڻ جو انداز من کي موهي وجهندو آھي. نه وڏائي نه ڪو غرور نه وري انا پرستي صفا سادو سودو سندس ڳالھائڻ جو انداز به صفا پاڻ جيان نفيس جو پاڻ ڪا ڳالھه ڪري تي ٻيو ڀر وارو به مس ٻُڌي سندس آواز ٻين جي ڪنن تائين به مس پهچي ۽ سندس آواز ۾ اهڙو مٺاس جو ڳالهائي ته سندس ڳالھائڻ من کي وڻي. ٻيو اوهان سان ضروي ذڪر به ڪندو هلان تي مون جڏهن ادبي کيتر ۾ پنهنجا پير رکيا انهن ڏينھن ۾ منهنجي جن دوستن رهنمائي ڪئي انهن مان سائين خادم گهراڻو پڻ هو.
    سائين جو تعلق نصرپور شهر سان آھي نصرپور شهر ٽنڊي الهيار جو اهم حصو آھي مون کي ياد آھي تي نصرپور کي جڏهن مٽياري ضلع ۾ شامل ڪيو ويو هو ته نصرپور شهر جي ماڻهن انهي فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي هئي انهي ۾ سائين خادم سڀ کان اڳڀرو هو. سائين خادم مان معذرت ڪندي چوان ٿو سائين مون کي اوهان جي ڪتاب ته گهڻو اڳ لکڻ کپي ها پر هڪ وقت جي اجازت ٻيو سُستي سبب رهجي ويل ڪم اڄ انهي آس تي مڪمل ڪيان پيو تي شال قبول پوي.
    سائين خادم نه رڳو شاعر بلڪ سٺو نثر نويس ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار پڻ آھي سندس ادبي دنيا ۾ خدمتن جي ڳڻپ ڪبي تي اڻ کُٽ آھي.بحرحال اڄ تي مان سندس شاعري جي ڪتاب سمنڊ ڪناري بابت ئي پنهنجا ويچار ونڊيندس جيڪي ڪجھه هن طرح هوندا.
    سائين خادم سنڌي شاعري جي تقريبن سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي جنهن ۾ سائين غزل کي تمام گهڻو فوڪس ڪيو آھي جيڪو هن ڪتاب ۾ ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ لکيل غزلن مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.مان به پنهنجي دل جي ڳالھه ڪندو هلان مون کي به شاعري جي صنفن ۾ غزل تمام گهڻو پسند آھي.
    سائين خادم سمنڊ ڪناري ڪتاب ۾ جيڪي صنفون شامل ڪيون آھن انهن ۾ غزل,وائيون, نظم, نثري نظم, آزاد نظم, هائيڪا, ۽ بيت شامل آھن.
    جنھن صنفن مان غزل ڪتاب جي سونهن کي سھڻو بڻايو بيٺو آھي. جنهن کان پوء سائين جا بيت به من کي موهيندڙ آھن. وائيون به دل کي وڻندڙ آھن نظم کي هونئن به سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي آھي باقي صنفون به پنهنجي جاء تي سٺيون آھن.
    سائين خادم جي شاعري اوهان اڳيان پيش ڪيان ٿو.

    انبن جھليو آ ٻور،
    تون رهين پيو ڏور

    ياد رهي هي سٽون منهنجي علائقي سميت ٽنڊي الھيار کان نصرپور روڊ تي موجود انبن جي باغن ۾ بيٺل حسين ٻور جي تشبيھون ڏئي سائين پنهنجي غزل جي سونهن کي نروار ڪيو آھي. هونئن به جڏهن انب ٻور جهليندا آھن تڏهن پنهنجي محبوبا طرف ڪو خط ڪا تار موڪلي چورائي موڪلبو آھي ته اي پرين انبن به ٻور جهليو پوء تون مون کان ڏور ڇو پيو رهين اچ تي ٻور جي خوشبو کي محسوس ڪيون هڪ ٻئي کان ٿيل ويڇا ختم ڪيون. ٻور کانپوء ٿيندڙ انبن مان انبڙيون ٿينديون اُھي به گڏجي کائون. انهي موسم ۾ جڏھن پرين جي اسان کان دوري هجي اُھو ڏکيو وقت هوندو.

    جت جهالت جا رسم رواج هن قائم
    علم جوت سان تن کي بدلائي ٿو استاد

    ٻئي غزل جي سٽ ۾ سائين ڪمال ڪيو آھي انهي ڳالھه ۾ ڪو به شڪ ناهي استاد علم جي جوت سان جهالت کي ختم ڪري ٿو اسان جي معاشري ۾ جيڪي رسم رواج قائم ٿيل آھن انهن کان ٻاهر ڪڍڻ لاء استاد جو معاشري کي بچائڻ لاء وڏو ڪردار آھي. اڃان به اسان جهالت جي جنگ ۾ ڦاٿل آھيون پر اڳ کان هن وقت شعور آھي اڳ تي ماڻهو لاشعور هوندا هئا انهي لاشعوري سبب هتي جيڪي رسمون رواج قائم ٿيا انهن جا اسان مٿان اثر اڃان تائين موجود آھن.
    سائين خادم هڪ بيت ۾ ڪجھه هيئن لکي ٿو ته

    بهار آئي منهنجي دل جي اڱڻ تي
    وقت وڃڻ تي اچڻ جا وعده ڪري ويئي

    ڪتاب ۾ شامل گيت به من کي موهندڙ آھن جيڪي ثقافت ۽ سنڌ جي سونهون تي آڌاريل آھن جن منهنجي من کي موهي وڌو آھي. تنھن کانسواء نظم هائيڪا, نثري نظم ,آزاد نظم ڀي ڪتاب جي سونهون بڻيو بيٺا آھن.سائين خادم جا نظم ڀي سنڌ جي ترجماني ڪري رهيا آھن سندس هائيڪا به ڪنهن کان گهٽ ناهن باقي آزاد نظم ۽ نثري نظم پنهنجي جاء تي سٺا لکيل آھن جن کي دل هر هر پڙھڻ تي مجبور ڪري ٿي. سائين خادم گهراڻي جوهي قلم پورهيو من کي موهيندڙ آهي اميد تي سڀ دوست سائين خادم جو سنڌ سلامت تان ڪتاب پڙھي لطف اندوز ٿيندا.


    ماڻھو هڪ جهنگل آ ناول تي اڌورا خيال

    ماڻھو هڪ جهنگل آ ناول تي اڌورا خيال

    موجوده دور کي ناول جو دور چئي سگھجي ٿو, ناول کي سڄي جڳ ۾ هڪ الڳ مقام حاصل آھي, ڇا واقعي ۾ سڄو اولھ ناول جو ديوانو آھي. هوئين تي سنڌ اندر ناول کوڙ لکجي چُڪا آھن پر مون ناول تمام گهٽ پڙھيا آھن انهي جا کوڙ سبب آھن. آئون اڄ جنھن ناول تي لکڻ لاء ڪاپي قلم کڻي ڪجھ لکي رهيو آھيان اُھو ناول "ماڻھو هڪ جهنگل آ" هن ناول جو ليکڪ نه رڳو نثري نويس آھي بلڪ سٺو شاعر پڻ آھي. انهي شخص جو نانء سٺن لکيڪن شاعرن ۾ لکيو وڃي ٿو.
    موجود دور ۾ناول تمام گھڻا ڇپيا آھن بلڪ تمام گھڻا پڙهيا ويا آھن. هن وقت ادبي لڏي ۾ ناول تمام گھڻو پڙهيو وڃي ٿو. پر مان اڳ جيان هن ڀيري به اُنهي ڳالھ جي حمايت ڪندس مون ناول تمام گھٽ پڙھيا آھن پر علي صفدر جو ناول "ماڻھو هڪ جنهگل آ" مون دل سان پڙهيو آھي. علي صفدر جوناول "ماڻھو هڪ جنهگل آ" کان اڳ سندس ٻه شاعري جا خوبصورت مجموعا اڳئي شايع ٿي چُڪا آھن. ناول جو ڪتاب سندس ٽيون مجموعو آھي.
    ناول تڏھن پنھنجي عروج ڏيکاريندو آھي جڏھن سندس ڪردار پڙھندڙ کي متاثر ڪن پر ٻوڏ متاثر ڪيمپ ۾ رهي ڪري علي صفدر ناول جھڙي پُٽ کي جنم ڏنو جيڪو صدين تائين زنده رهندو.سندس ناول ۾ پاڻ ڏي متوجھ ڪرڻ جھڙيون ڳالھيون به تمام گھڻيون آھن جيڪي سندس ناول جو حصو آھن سندس ڳوٺ واسي جنھن متاثر ڪيمپن ۾ ترسيل آھن اُتي هن کي ڪئي اڻڄاتل تڪليفن کي منھن پڻ ڏيڻو پيو.
    اڇا مون جڏھن علي صفدر جي ناول جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو تڏھن مون کي لاڙ پٽي جي ٽوڙي بند ٽُٽڻ وارو منظر ياد آيو جيڪو مون اکين سان ڏٺو ھيو. انهي کان پوء جڏھن ماڻھن ۾ ڀاڄ پئي تڏھن سجاول ۽ ٺٽي ضلعي کي ملائندڙ درياھه جي پُل مٿان ماڻھن جو سمنڊ اُٿلي پيو هيو گاڏين جي رش ماڻھن جي اکين مان رت جا وهندڙ لڙڪ رمضان مبارڪ جون راتيون هيون فجر جو وقت هيو ماڻھو پنھنجي بچاءُ جو دعائون گهري رهيا هئا تڏھن سندس منھن تي پاڻي جا ڇنڊا اچي لڳا هئا ڇو جو ٽوڙي بند کي گهارو هٿ ساڻ هئيو ويو هو. اُھا سنڌ حڪومت جي سازش هئي.
    خير جيڪو ٿيو انهي کي خدا جي خلق اکين مان لڙڪن بجاء رت جا ڳوڙھا واھي قبول ڪيو هيو. صفدر جو ناول به سيلاب متاثر ٿيندڙ هر فرد جي دانھن آھي اڇا صفدر سندس ناول کي رڳو مهاٻوڏ تي ناهي لکيو انهي مھاٻوڏ کان پوء پيدا ٿيندڙ حالات کي به پنھنجي قلم سان انڊر لائين ڪيو آھي.
    صفدر جي ناول لکڻ جو هڪ الڳ انداز آھي جاويد پنھنجي محبوبا جو ذڪر ڪندي چوي ٿو تي مون کي تي فاطم ڪينسر جي مرض جيان آھي هوئين به ڪينسر جو مرض ماڻھو کي ماري پوء ڇڏيندو آھي.هوڏانھن وري جاسم ۽ زينو جي محبت ڀري ڪھاڻي به دردن کان گهٽ ڪان آھي.جاسم جي زينو سان ملاقات ڪنھن ٻوڏ متاثر ڪيمپ جي ڪنھن بند ڪمري ۾ ٿي جاسم ۽ زينو جي وچ ۾ جاسم جي ڀاڄائي ڪنھن رڪاوٽ جو باحث نه هوندي به رڪاوٽ جي ديوار بڻجي رهي هئي.زينو جي چپن تي اُھي لفظ بار بار ڪنھن شاعر جي زبان مان ترنم جيان جھوگاريندڙ غزل جيان گُهونجي رهيا هئا.
    تون منھنجو گل ڦل آھين مان اگر گل ڦل مان گلزار ٿي وڃان پوء تنھنجو ڇا ٿيندو جھڙا لفظ زينو گُنگنائي رهي هئي.زينو جي من ۾ ڪا ڳالھ هئي جيڪا هر هر هن جي چپن تي اچي پوء ڪنھن ٻار جي برسات ۾ ترڪڻ جيان ترڪي رهي هئي. بس گھڻو پنھنجي من جي ڳالھ لڪائيندي چپن مان ڪنھن ترنم جيان جھوگاري ورتي هئي جاسم! مان توسان شادي ڪندس.جاسم کي جاويد وارو قصو ياد هيوجاسم ڪنھن طويل سوچ ۾ گم ٿي ويو هُو سوچي رهيو هيو تي زينو ايڏو وڏو فيصلو ڪيئن ڪري ورتو. زينو به جاسم سان وچن واعدا ڪرڻ لڳي انهن وچن واعدن جو قصو به تمام طويل هيو.جاسم کي جاويد واري عشق وارو انتقام ياد هيو جاسم کي جاويد جي يادون به جهوري ڇڏيو هيو سندس خوابن وارو قصو جاسم کي وڦلائي رهيو هيو.
    هن ناول جا جيڪي ڪردار آھن انھن ناول سان واھ جو نڀاءُ ڪيو آھي صفدر سندس ناول کي جنم ڏئي صدين لاء هن ڌرتيء ڌڻين جي وچ ۾ زنده رهندڙ پُٽ کي جنم ڏنو آھي هڪ تي سندس ناول ۾ پيار جا قصا آھن ٻئي پاسي ماڻڪ پور واسي اڌ عمر جا پوڙھا به برياني جي ديڳ لاء ترسن ٿا وطن ڪارڊ سيمت ٻين امدادي سامانن لاء ٻوڏ متاثر ڪيمپ کان ٻاهر هر هر ڊوڙ پائڻ ۽ مرگي واري برياني لاء ڌرڻو به هڻي ويھڻ کانسواء ٻيون به تمام متوجھ ڪرڻ جھڙيون ڳالھيون هن ناول "ماڻھو هڪ جهنگل آ" جو سينگار بڻايون آھن. هن ڪتاب ۾ جيڪي هن موضوع ڇيڙيا آھن انهن موضوع جا حقيقت ۾ ثبوت مليا آھن. جن کي مد نظر رکندي علي صفدر "ماڻھو هڪ جهنگل آ" جھڙي ناول کي تمام وڏين ڪوششن کان پوء حتمي شڪل ڏئي پيش ڪيو آھي.
    سندس ناول ڪنھن ساراھه جو محتاج ناهي سندس ناول تي ڀلي ڪو نه به لکي پو سندس ناول صدين تائين اسانجي ادبي کيتر ۾ زنده رهندو. هي ناول ٻيا ماڻھو ڀلي نه پڙھن پر ٻوڏ متاثر ضرور پڙھن جن جي اکين ۾ اڃان مهاٻوڏ جا منظر زنده هجن. علي سندس ناول جي ارپنا انهن ماڻھن کي ڪئي آھي جيڪي هن دور ۾ ڪڙو سچ ڳالھين ٿا. محمد صديق منڱيو ۽ بيڪ پيج تي منير چانڊيو طرفان تاثرات لکيو آھي. "ماڻھو هڪ جهنگل آ" ناول ڪنول پبليڪيشن طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آھي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 971
    ڪتابن جو مشاهدو: 3159791
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 826257
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ