ڪتاب جو نالو: نه اُهي وڻ نه واهيرا
مصنف: منظور حسين لغاري
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2020
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 13 مئي 2020 ع
پڙهيو ويو: 380 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 104 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
اسان جي اھا خواھش آھي تہ سنڌ جي ھر شھر، وستي ۽ واھڻ جي تاريخ لکي وڃي. اتان جي ريتن، رسمن، رواجن، اتي رھندڙ ماڻھن جي ڪرت، ذاتين ، اتان جي سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي ڳالھين جو ذڪر ڪتابي صورت ۾ ھجي. ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي ھي ڪتاب، جنھن ۾ ڳوٺ لغاري بجراڻي تعلقي موري جو تعارف، مذهبي رسمون، معاشي زندگي، سماجي زندگي، اتي رھندڙ ذاتين، ڪچهرين، راندين، شڪار وغيره بابت يادگيريون سھيڙيل آھن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • سنڌ سلامت پاران
  • ليکڪ جو تعارف
  • ڳوٺ جون يادون
  • لغاري بجراڻي ۾ آباد ٻيون ذاتيون
  • سيد گهراڻو
  • فقير گهراڻو
  • عيسن شهيد
  • ميان نور محمد جا قبا
  • شادمن فقير ۽ سندس پويان
  • ميوو فقير ۽ ان جا پويان
  • مذهبي رسمون
  • معاشي زندگي
  • سماجي زندگي
  • رانديون رونديون
  • جهانگيڙن جي جُهونگار
  • قربن جون ڪچهريون
  • شڪاريات

  • ڪتاب بابت

    ڪتاب جو نالو: نه اُهي وڻ نه واهيرا
    ليکڪ: منظور حسين لغاري
    ڇپائيندڙ : موکي پبليڪيشن مورو
    ڪمپوزنگ ۽ ٽائيٽل: مھراڻ سنڌي

    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نہ اُھي وڻ نہ واھيرا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڳوٺ لغاري بجراڻي تعلقي موري بابت يادگيرين تي مشتمل ڪتاب جو ليکڪ منظور حسين لغاري آھي.
    اسان جي اھا خواھش آھي تہ سنڌ جي ھر شھر، وستي ۽ واھڻ جي تاريخ لکي وڃي. اتان جي ريتن، رسمن، رواجن، اتي رھندڙ ماڻھن جي ڪرت، ذاتين ، اتان جي سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي ڳالھين جو ذڪر ڪتابي صورت ۾ ھجي. ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي ھي ڪتاب، جنھن ۾ ڳوٺ لغاري بجراڻي تعلقي موري جو تعارف، مذهبي رسمون، معاشي زندگي، سماجي زندگي، اتي رھندڙ ذاتين، ڪچهرين، راندين، شڪار وغيره بابت يادگيريون سھيڙيل آھن.
    ٿورائتا آهيون مھراڻ سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ليکڪ جو تعارف

    منظور حسين لغاري جنهن جو پيدائشي نالو ڏتل خان آهي، پنهنجي وقت جي بهترين، فرض شناس، محنتي، لائق ڳوٺائي استاد ميوو خان لغاري جو ٻيو ۽ آخري پٽ آهي. سندس پيدائش 18 ڊسمبر 1931ع ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ ٿي. پرائمري تعليم پنهنجي والد استاد ميوو خان لغاري وٽ ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين 1950ع ۾ نوشهري مدرسي مان مئٽرڪ پاس ڪري اين، اي، ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي مان 1959ع ۾ پوزيشن سان ڊپلوما ڪيائين. پي. ڊيبليو. ڊي ايريگيشن ڪوٽڙي بئراج، سکر بئراج ۽ دادو مورو پل تي سب انجنيئر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. 15 ڊسمبر 1991ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. مئي 1983ع ۾ ڪيل ايران جي زيارتن تي لکيل سفر نامي کي فيبروري 2002ع ۾ سنڌي ساهت گهر طرفان “ايران جو سفر” نالي ڪتاب ڇپرايائين. انهيءَ کان علاوه سندس وٽ لکيل مواد ڳوٺ بجراڻي لغاري جون يادگيريون ”نه اُهي وڻ نه واهيرا“ (جنهن ۾ ڳوٺ جو تعارف، مذهبي رسمون، معاشي زندگي، سماجي زندگي، ڪچهرين، شڪار وغيره)، دادو مورو پل تي سب انجنيئر جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ دوران گڏ ڪيل مواد ”دادو مورو پل جي ڪهاڻي سب انجنيئر جي زباني“ (جنهن ۾ پل جي رٿابندي، ڊزائين، حادثن، پل جي پڄاڻي بعد درپيش آيل مسئلا وغيره) ۽ انهيءَ کان علاوه حج جو سفر پڻ اڻ ڇپيل پيل آهن ـ
    سندس اولادن ۾ ڇھ پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن، پاڻ طبعت خراب ٿيڻ ڪري 25 آگسٽ 2013 ڪراچي ۾ پنهنجي ٻن فرزندن ذاڪر حسين ۽ رضا حسين سان گڏ ڏيکارڻ ويو ڪجه وقت ڪراچي ۾ رهيو پوءِ واپس مورو آيو جتي آهسته آهسته طبعت خراب ٿيندي رهي، منظور حسين لغاري 21 نومبر 2013 ۾ وفات ڪئي ـ


    ڳوٺ جون يادون

    ڳوٺ لغاري بجراڻي تعلقو مورو ضلع نوشهرو فيروز ۾ واقع آهي. اٽڪل 500 يا 600 سال اڳ جو ٻڌايل آهي، ٿي سگهي ٿو ته لغارين جي اچڻ کان اڳ به ڪنهن ٻئي نالي ۾ هو پر جيئن ته نالي مان ظاهر آهي ته لغاري ذات جي بجراڻي قبيلي جو ٻڌايل ڳوٺ آهي. ڳوٺ جي صورت حال مان معلوم ٿيندو ته هندو آبادي شهر جي وچ ۾ هئي ۽ ننڍڙي بازار جا ٻئي حصا پڻ هندن جي گهرن جي سامهون هئا ۽ دڪاندار به اهُي ئي هندو هئا، بازار جي وچ ۾ کوھ هندن جو هو. جنهن جي ڀرسان وهنجڻ جي جاءِ به هئي، گهڻو ڪري اهو کوھ هندن جي استعمال ۾ ايندو هو. انهي هندو آبادي جي چئني پاسي مسلمانن جا گهر هئا، جيڪي گهڻو ڪري لغاري ذات جا هئا، ٻيون ذاتون به جهڙوڪ: هُليا، ڪاسائي، لانگاھ، ميراثي ۽ ڪوري وغيره هئا، جيڪي اڃا به پاسيرا هئا. جيڪڏهن اهو شهر لغارين جي اچڻ کان اڳ موجود هو جيئن نقشي مان ظاهر آهي ته لازمي سندس نالو ٻيو هوندو، لغاري بجراڻي تڏهن ٿيو: جڏهن لغاري اچي اتي آباد ٿيا. ڪن روايتن موجب اها زمين سيٺ نائون مل هندو جي جاگير هئي ۽ جڏهن خيروديرو جي ڀرسان درياھ پائڻ لڳي ته اتي جي هندن لڏي اچي انهي زمين تي گهر جوڙيا، کوھ کوٽايائون ۽ خيروديرو ڇڏي هنن نائون مل جي جاگير جي هڪ حصي تي شهر ٻڌو. هندن مان ڪن کي پنهنجي زمين هئي ۽ ڪي هندو آبادگار هئا ۽ ڪن جو ڪاروبار واپار سان هوندو هو. هنن جا دڪان ڳوٺ کان علاوه ٻين شهرن ۾ به هوندا هئا. هن ڳوٺ جي پسگردائي ۾ ٻگهيا، ميمڻ، مهر ۽ ماڇي وغيره پڻ آباد هئا. شهر گچيرو ان وقت هڪ سٺو شهر هو. جيڪو هڪ وڏي دڙي تي اڏيل آهي ۽ اهو قديم شهر آهي. هن شهر جي چوڌاري وڏيون وڏيون کڏون آهن جن مان ڪيترين کڏن ۾ ٻارنهن ئي مهينا پاڻي هوندو آهي. ان زماني ۾ خيروديرو پڻ آباد هو. نائون مل جي ڪيٽي درياه جي پائڻ سبب سرڪاري زمين ٿي وئي. ڪن سالن کان پوءِ ڪيٽي واري زمين تان درياھ ڇڏي ويو ۽ زمين ظاهر ٿي. جڏهن اها ايراضي هڪ جهنگ جي صورت ۾ بيڪار ڏٺي ته ڪي لغاري باگو خان جي سربراهي ۾ اچي ڪيٽي تي قبضو ڪيو. هندن کان سواءِ ٻين پاڙيوارن زميندارن هنن جي سخت مخالفت ڪئي پر جيئن ته باگي خان جا تعلقات ان وقت جي حڪمران طبقي سان هئا، هن احمد خان ۽ بجر خان جي مدد سان اتي اچي ديرو ڄمايو. ڪجھ وقت ۾ ٻيا به لغاري جيڪي ضلع دادو جي ڪاڇي واري علائقي ۾ هئا جهڙوڪ: مهراب خان ، مڱڻ خان، ميرڻ خان ۽ سهراب خان اتي آيا ۽ هندن جي نئين آبادي جي چوڌاري گهر جوڙي اچي ويٺا. انهي وچ ۾ باگو خان مير ٺاري خان جي طرفان دشمنن سان وڙهندي مارجي ويو. لغاري پاڻ ايتري قدر يڪ مشت ٿي ويا جو پاڙيوارن زميندارن جي سخت مخالفت باوجود ڪيٽي مان هٿ نه ڪڍيائون. سندن مدد ان وقت جي حڪمرانن ۽ نواب ولي محمد لغاري ڪئي ـ
    درياھ بادشاھ جيڪڏهن لغاري بجراڻي شهر پائي ختم نه ڪري ها ته شايد اڄ ان جي يادگيري ۾ لکڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها ۽ نه وري ڳوٺ جي نئين سر آباد ٿيڻ بابت ڪنهن کي ڄاڻ ڏيڻ جي ضرورت پيش اچي ها. ڇهن يا ستن صدين کان ڳوٺ جي آباد ٿيڻ کانپوءِ جئين وقت گذرندو پئي آيو. تيئن هاڻي به گذرندو وڃي ها. درياھ بادشاھ اسان کي هنج ۾ نپايو ۽ وڏو ڪيو پنهنجي جئيءُ ۾ جاءِ ڏني. لغارين جو درياھ جي پيٽ ۾ سر جڻ کان ڄمڻ، درياھ جو مٺو پاڻي ماءُ جي ٿڃ وانگر پيئڻ ۽ وڏو ٿيڻ، اهو سڀ زماني جي گهرين نظرن ۾ هو. قدرت واري کي اها سڀ ڄاڻ هئي. هر ڪنهن وجود کي فنا آهي. ڪيترا شهر آباد ٿيا ڪيترائي ڦٽي دڙا ٿي ويا ۽ ڪيترا شهر صدين کان پنهنجو وجود قائم رکيو اچن. شايد انهن جو وجود قيامت تائين رهي. اسان جي ڳوٺ جي عمر بلڪل ٿوري هئي. ائين کڻي چئجي ته هو معصوم هو، هر گناھ ۽ ثواب کان پاڪ. هن اڃان دنيا ۾ ڏٺو ئي ڇا هو؟ نه رستو، نه اسپتال، نه بجلي، نه ٽيليفون، نه پاڻي، نه گئس ڪجھ به ته نه ڏٺو هئائين. جيئن ماءُ جي پيٽ مان نڪتو پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا پنهنجن رهڻ وارن کي ڏيکاري ۽ ان جون يادگيريون ڇڏي فنا ٿي ويو. پر سندس رهڻ وارا اڃان به زنده آهن. ڪي رهڻ وارا همت هاري ويٺا ۽ اها جوءِ ڇڏي ويا. ڪنهن کي پنهنجي ماءُ جي هنج پياري نه آهي؟ ڪنهن کي پنهنجي ڌرتي سان محبت نه آهي؟ ڪنهن کي اهي يادگيريون وسرنديون؟ ٻار ڄمندو آهي ته پهريائين کيس پنهنجي ماءُ جي هنج سان محبت هوندي آهي. پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ مخصوص خوشبو هوندي آهي. سندس هنج ۾ ڪيڏو نه سڪون ۽ سُرور محسوس ڪندو آهي. جيڪڏهن معصوم اٻوجھ ٻار کي ڪنهن ٻي ماءُ جي هنج ۾ ڏبو ته ان کي اتي آرام نه ملندو آهي. کيس ڪنهن ٻي ماءُ جي هنج ۾ اها خوشبو نه ملندي ۽ اهو قرار نه ايندس. بلڪل اهڙي طرح اسين جيڪي پنهنجي ماءُ جي هنج يعني پنهنجي ڳوٺ کان وڇڙي ويا آهيون تن کي اها خوشبو بلڪل ياد آهي. بهار جي موسم ۾ ٽڙندڙ سرنهن جي ڦولار زمين تي چڻن ۽ مٽرن جي پوک ۽ ڪڻڪ جي فصل جي وڇايل سائي چادر، اُهي مسحورڪُن نظارا تصور ۾ سدائين زندھ رهندا. انهي موسم جي خوشبو بلڪل نرالي آهي. گرمي جي موسم ۾ درياھ جي اٿل سبب ڀريل ڍورا ۽ ڍنڍون ۽ انهن ۾ وهنجندڙ ٻارن جو گوڙ، ڇنڊڻ ۽ ڇٻاڪن جو آواز اڃان تائين ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي. درياھ جي لهڻ کان پوءِ زمين تي تازي ڄاول ڇٻر ۽ آلاڻ جي خوشبو پڻ اڃان تائين دماغ ۾ رچيل آهي. اسانکي پنهنجي ڳوٺ جون گهٽيون، گهر، اوطاقون، وٿاڻ، رستا ۽ ميدان بلڪل ياد آهن ۽ انهن جو تصور لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ ياد بيتاب ڪندڙ آهي. بيشڪ انهيءَ وقت اسان جا گهر، اسان جون اوطاقون، درياه بادشاھ پنهنجي وڏي پيٽ ۾ ڳڙڪائنيدو پئي ويو. تڏهن اسان کي رئنوشو پئي لڳو ۽ اها آنڌمانڌ ڪانه هئي ته هن ڳوٺ جي مٽجي وڃڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ اهو تماشو بيهي ڏسڻ وارن ۾ آءُ به هوس پر مان سمجهان ٿو ته اهو سوال ته هن کان پوءِ ڇا ٿيندو مون کان سواءِ ٻين باشندن جي دل ۾ به ضرور پيدا ٿيو هوندو. پر حال مستقبل تي حاوي هو ـ

    پري کان ڪنڌي تي ڪرندي ڪجھ ڏٺام
    ڪي ٻڏا ڪي وهي هليا ڇپر تيز تمام
    نهاريندي شاھ ڏي اکيون نم ٿيام
    مهراڻ جي موجن جي اڳ نه اهڙي هيام
    خبر تڏهن پيام، نجات نظر نه اچي ـ
    ******
    مهراڻ جي موجن جي اڳ نه اهڙي ڄاڻ
    ڪٽي ڪپرن کي ويو نه گهر ڇڏيو نه ڀاڻ
    قياس نه ڪيائين مارن تي کوٽي ڪيائين کاڻ
    ڏسندا رهيا گهر ڌڻي موجن جو مانڌاڻ
    راضي پنهنجو پاڻ، ڪيو درياھ شاھ دادلي ـ

    درياھ بادشاھ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ هو، سندس گجگوڙ ميل کن پنڌ تان به ٻڌڻ ۾ ايندي هئي، درياھ پار وارو ڪنارو ڇڏي ڏنو هو. شايد پار وارن سان سازباز ٿي ويو، اتي سندس وهڪرو نه هئڻ جي برابر هو. انهي سبب ڪري اتي واريءَ جا ڍير تحفي طور ڏيندو ويو. اتي به اسان لغارين جي جوءِ هئي. اتي به اسان جي مارن مال چاريا هئا، اتي به مٽر پوکي لوڙهيا هئا ۽ اتي ئي ڳاھ ٻڌي اَن صاف ڪري کڻي آيا هئا، پر هاڻي اتي صحرا جي ڀٽن وانگر واريءَ جا دڙا ٿي ويا هئا. آباد زمينون جيڪي درياه پائي وري ڪڍيون آهن، انهن ۾ ڪابه آبادي جي اميد نه هئي تان جو مهراڻ وري مهر ڪري اتي لٽ وجهي ۽ واري دٻجي وڃي. هن ڪپر جو به ساڳيو حال ڪرڻ وارو هو ۽ پائڻ شروع ڪري ڏنو هئائين. پڪين جاين کي هيٺان پائي کين اونڌهي منهن ڪيرائي ڇڏيائين. کوھ پنهنجي چڪ سميت ائين پٽي اڇلايو جو هيٺيون پاسو مٿي ۽ مٿيون پاسو منهن ڀر تي ڪيرايائين ۽ سڄو ٻڌل کوھ چڪ سميت درياھ جي تر ۾ وڃي پهتو. درياھ بادشاھ ته اوڳرائي به ڪانه ڏني، چند بوڙ يا نڪتا ۽ پوءِ ساڳي ماٺ. وري ڪنهن ٻئي اڱڻ جو وارو ائين سڄو ڳوٺ درياھ جي پيٽ ۾ هليو ويو. وڏي ڳوٺ جي پائي وڃڻ کان پوءِ نور شاھ بادشاھ جي مزار جو وارو آيو. ڇاڪاڻ ته اها قبرستان جي اتر اولھ جي پاسي هڪ ڪنڊ ۾ هئي، ٻين قبرن جي پائڻ جي اجازت پئي ورتائين، ائين ئي قبرون پائيندو رهيو. قبرن مان هڏيون نڪري پاڻي ۾ ترنديون نظر آيون. ڪن جون کوپريون ڪنهن ٻئي ڍائچي سان يا ڪن جون پاسيريون ڪنهن ٻئي جي گوڏن سان ملنديون ۽ ڌار ٿيندي پئي نظر آيون . ائين پئي معلوم ٿيو ته مرده به خوش ٿيا آهن. جو کين صدين کان پوءِ قبرن مان آزادي ملي آهي ۽ پاڻ ۾ گلي ملي رهيا آهن. درياھ بادشاھ سڄو قبرستان پائي مُردن کي سمنڊ ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ڳوٺ جي پائجي وڃڻ کان پوءِ ڪير اهڙو باشندو هوندو جيڪو ٿڌيون آهون ڪونه ڀريندو هوندو؟ اهو ڳوٺ جتي سڀ گڏ، جن جا گهر جنڊي سان جنڊو مليل، هڪ ٻئي کي سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ بلڪل ائين جيئن تسبيح جا داڻا هڪ ساڳي لڙهي ۾ پوتل هوندا آهن. هاڻي اُهي ڌار ٿي ويا آهن. ڇاڪاڻ ته تسبيح جو سڳو هوندو هو سو ٽٽي ويو آهي. هر هڪ گهر تسبيح جي داڻن وانگر ڌار تي ويو آهي. بلڪل ائين لغاري بجراڻي جي ڳوٺ جو گهر گهر لاءِ جئين تسبيح لاءِ سڳو هو سو ٽٽي پيو. هر ڪو گهر تسبيح جي داڻي وانگر ڌار ٿي ويو. هر ڪنهن باشندي کي ڪونه ڪو زمين جو ٽڪر جيڪو درياھ جي پائجڻ کان بچي ويو هو پنهنجو رهيل کيل سامان کڻي هليو ويو ۽ وڃي پنهنجي پنهنجي زمين تي خيما کڙيا. بلڪل ڌار ڌار ڪنهن به سرڪاري اداري طرفان کين ڪابه مدد نه ملي. خدانخواسته ڪنهن ٻئي صوبي يا شهر ۾ ڪو اهڙو قدرتي حادثو جهڙوڪ ڌرتي جو ڌٻڻ، باھ لڳڻ يا فسادن ۾ ڪي ماڻهو متاثر ٿين ٿا ته ڪروڙين جون امدادون کين ملي وڃن ٿيون، پر هي مسڪين ماروئڙا ڄڻ ڪنهن ٻئي ديس جا هئا. ساڻن همدردي ڪرڻ به ڪير ڪونه آيو. اڳ ۾ لغاري بجراڻي جيڪو هڪ هنڌ گهر ۾ گهر گڏيل، گهٽيون گڏيل، ٻاهران اوطاقون، سو هاڻي ميلن ۾ پکڙجي ويو آهي، هر ڪنهن پاڙي جي وچ ۾ اڌ يا مُني ميل جو مفاصلو ٿي ويو آهي. هاڻي ڪير به ڪنهن جو سڏ ڪونه ٿو ٻڌي، ڪير ڪنهن کي آئي ويل ۾ مدد ڪونه ٿو ڪري سگهي، ڪير به ڪنهن ٻئي جي اوطاق ۾ وڃي رهاڻ نٿو ڪري، ڪٿي به اُهي محفلون ۽ رئونشا ڪونهن. درياھ بادشاھ انهيءَ خطي جو نقشو ئي مٽائي ڇڏيو آهي. بلڪ هن ته خطي جي ماڻهن جو مزاج به مٽائي ڇڏيو آهي. ڳوٺ جا پراڻا ۽ عمر وارا ماڻهو جن درياھ جي ڪاروائي ڏٺي ۽ سڀ ڪجھ ڊهندي ڏٺو. سي ناراض ٿي هي جهان ئي ڇڏي ويا، دل جو سور دل ۾ سانڍي پنهنجي اصلي ماڳ روانا ٿي ويا. درياھ جي دانهن ڪنهن کي ڏين، هينئر سندن دانهن ڪير ٻڌندو، جيئن ڏڌل کير واپس ٿڻن ۾ وڃي نٿو سگهي. تيئن اسان کي اسانجو ساڳيو ماڳ نٿو ملي سگهي. اهو سڀ درياھ توتي ڀائيندس پر “درياه توتي دانهن ڏيان ڪنهن کي” هاڻي اسان جا اصل ماڳ ته ويندا رهيا، ڪجھ وقت کانپوءِ نئون نسل پيدا ٿيندو، جن کي هن ڳوٺ بابت ۽ سندس رهڻ وارن جي اصليت، سندن هلت چلت، رسم و رواج، معاشي، معاشرتي، مذهبي ۽ سماجي زندگي بابت ڄاڻ نه رهي ته اهو ڪيڏو الميو هوندو، اسان جي بزرگن جيڪي ڪشالا ڪڍي محنتون ڪري هن نئين نسل کي ڪنهن ڪنڌي لاتو، اهو انهن جي محنت بهادري ۽ زندھ دلي کي وسارڻ اسان جي نالائقي ۽ احسان فراموشي ٿيندي.


    لغاري بجراڻي ۾ آباد ٻيون ذاتيون

    ڪوري:
    هي ڪپڙو اُڻڻ جا ڪاريگر هئا، هنن جي رهائش ڳوٺ جي اتر طرف بلڪل ڇيڙي ۾ هئي. سندس نالو جمعو ڪوري هو ڪجھ وقت کان پوءِ ڪنهن سبب جي ڪري حاجي علي محمد لغاري ۽ ٻين هن کي اتان لڏائي ڇڏيو. هي پوءِ گچيرو ۾ وڃي آباد ٿيو. سندس پٽ ولي محمد ڪجھ وقت اتي رهيو پوءِ اتان لڏي دادو هليو ويو، جتي سندس نياڻو محمد بخش رهائش پذير هو. ولي محمد گهڻو ڪري حجامت جو ڪم ڪندو هو. انهيءَ کان علاوه عرس ۽ سندس ڀائر نالي حسن ۽ مَسُو پڻ هتي آباد هئا. اهي ٽيئي ڀائر پنهل خان جي اوطاق جي سامهون رهندا هئا ۽ گهر جي ٻاهران ائٽ جوڙي گربي اُڻڻ جو ڪم ڪندا هئا. هنن جو اٿڻ ويهڻ لغارين سان ڀائرن وانگر هوندو هو. کين ڪابه اوپرائي محسوس ڪانه ٿيندي هئي. حَسو ۽ مَسو ٻئي جانٺا جوان هوندا هئا ۽ ڳوٺ ۾ ٻلهاڙي راند ۾ به حصو وٺندا هئا. هندن جي لڏپلاڻ کان پوءِ هنن جي ڪاروبار کي ڪافي ڌڪ لڳو. جنهن ڪري هي گهراڻو به لغاري بجراڻي مان لڏي گچيرو وڃي آباد ٿيو ـ

    هُليا:
    هي هڪ مارو طبقي جا ماڻهو هئا، جن وٽ مينهون، ڍڳيون ۽ ٻڪرين جي ڌڻن جا ڌڻ هوندا هئا، سندن مينهون سڄو ڏينهن ڀر واري ٻيلي ۾ چرنديون هيون ۽ اتي ئي ڀاڻ ٺهيل هوندا هئا، جتي ڏُهائي ڪري ولوڙي گيھ ڪندا هئا. دَٻن جا دٻا شهرن ڏانهن موڪليندا هئا. هنن جا گهر لغاري بجراڻي ڳوٺ جي انتهائي ڏکڻ واري پاسي ڏانهن هوندا هئا. هنن مان ميهر هُليو سڀني کان وڌيڪ مال وارو هوندو هو. هن جا ٻيا مائٽ هندن جي لڏپالڻ کان پوءِ موري شهر ۾ لڏي آيا ۽ بعد ۾ خبر ناهي ته ميهر پنهنجو ڌڻ ڪيڏانهن ڪاهي ويو. هُلين مان هڪ مُلو به هوندو هو انهيءَ جي مٺڙي آواز جي آذان ڏاڍي عمدي لڳندي هئي ـ

    ڪاسائي:
    ڪاسائين جو پاڙو به ڳوٺ جي ڏکڻ طرف هوندو هو. هنن جو ڌنڌو به ڏاڍو سٺو هلندو هو. وٽن ٻڪرين جا ڌڻ هوندا هئا ۽ ننڍو گوشت وڪرو ڪندا هئا. هندن جي وڃڻ کان پوءِ هي تقريبا بي روزگار ٿي پيا، انهن مان ڪي لڏي موري هليا آيا ۽ ڪي اڃا تائين هارپو ڪندا آهن ـ
    حجم: اسانجي وڏي ڳوٺ بجراڻي جي اوڀر ۾ اٽڪل هڪ فرلانگ تي خدا بخش لغاري جو ڳوٺ ٻڌل آهي جتي خدا بخش لغاري ۽ سندس پويان رهندا هئا. جحم به انهيءَ ڳوٺ ۾ رهندا هئا. اسان جي يادگيري ۾ ٽي ڀائر پاڻ ۾ هوندا هئا. هڪ جو نالو ڏاتن يا ڏاتر ڏنو ٻئي جو نالو جعفر ۽ ٽئي جو نالو صادق هئا. حجم گهڻو ڪري لغارين جا آهتي هئا يعني حجامت ڪرڻ وقت روڪ پئسا ڪونه وٺندا هئا، بلڪ فصل لهڻ کان پوءِ پنهنجو آهت جيڪو جنس جي صورت ۾ هوندو هو اُهو ئي وٺندا هئا. هر هڪ ديري تان پڄندي آهر هر هڪ هاري يا زميندار 5 يا 6 ٽويا ڀري ڏيندو هو. جيڪو خوشيءَ سان کڻي ويندا هئا. هر فصل جي موسم کان پوءِ کين ايترو ملي ويندو هو جو سال جي پورت به ٿيندو هو ۽ بچت اَنَ وڪڻي ڪنهن ٻي گهرج جي پورائي ڪندا هئا. حجم شادي مرادي ۾ به نمايان ڪردار ادا ڪندا هئا، سڄي ڪاڄ جا انچارج کاڌي پيتي جي لحاظ کان حجم ئي هوندا هئا. کين پنهنجي راڄ جي خبر هوندي هئي ۽ اوتري ماني تيار ڪندا هئا. گهور وغيره مان کين ڪافي پئسا ملندا هئا. سال 1950ع ڌاري حجم به اسان جي ڳوٺ مان لڏي گچيرو وڃي رهيا ۽ اتان ئي دستور موجب پنهنجو راڄ سنڀاليندا پيا اچن. البت سندن پوين مان ڪي حجم ڌنڌي خاطر ٽڙي پکڙجي ويا آهن. پر سندن تعلق اڃان به ڳوٺ وارن سان آهي ـ

    ڊکڻ:
    هي پاڻ کي سومرا ٿا سڏائين. هنن جا ٻه ٽي گهر ڳوٺ خدا بخش لغاري ۾ آباد هئا. آڳاٽي وقت ۾ يعني اٽڪل 70 سال اڳ ڳوٺ ۾ ڍورن ڍنڍن تي نار چاڙهي خريف جو فصل يعني جوئر يا ٻاجهري وغيره ڪاهيندا هئا. ڊکڻن جو خاص ڪم نار ٺاهڻ هوندو هو. ان زماني ۾ پاڻي ڇڪڻ لاءِ موٽر پمپ وغيره ڪونه هئا. پاڻي هيٺ ڍورن ڍنڍن مان نار وسيلي ڪڍي مٿي زمين کي پهچائيندا هئا. نار جا مختلف اوزار يا پرزا جهڙوڪ چڪرن جو جوڙو، جن مان هڪ ننڍي چڪر ۽ ٻي وڏي چڪر انهن کان علاوه لٺ، ڳاڌي، نيسر ۽ پاڙڇ وغيره به ڳوٺاڻا ڊکڻ ئي ٺاهيندا هئا. ان کان علاوه هر پاڃاري، کٽ، هندورو اُهي ئي ٺاهيندا هئا. انهي ڌنڌي ۾ اسان جي ڳوٺ جا ڪاريگر تمام هوشيار هوندا هئا. هنن جي مهماني، ڳُڙ جي بُسري ۽ پاءُ کن مکڻ يا گيھ لازمي هوندي هئي. جيڪا هو چاھ سان کائيندا هئا. هر هڪ نار گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو کائي ويندو هو. سخت پورهئي هئڻ جي ڪري کين اهڙي کاڌي کائڻ جي واقعي ضرورت هوندي هئي. نه ته عام ماڻهو اهڙي کاڌي کي هضم ڪري ئي نه سگهي. هنن ڊکڻن مان جيڪي آخر تائين يعني تقريبا سن 1955ع تائين ڳوٺ ۾ آباد هئا سي هي آهن: الھ رکيو، حاجي غلام محمد، حاجي علي گوهر ۽ ٻيا. هنن مان پويان ٻئي پاڻ ۾ ڀائر هئا، اهي ڊکڻ به اسان جي ڳوٺ مان لڏي گچيرو ۾ آيا ۽ بعد ۾ موري شهر ۾ اچي مستقل آباد ٿيا. حال ۾ سندن اولاد به موري ۾ آهي. ڊکڻ اسان جي ڳوٺ وارن جا آهتي هئا. فصل لهڻ بعد کين ايترو ڪجھ ملي ويندو هو جو سڄو سال آساني سان گذر سفر ڪندا هئا ـ

    موچي:
    ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ مٺو موچي رهندو هو، جيڪو ڳوٺ خدا بخش لغاري ۾ هو، چوندا هئا ته نوجواني ۾ هي تمام ڏنگو ماڻهو هوندو ۽ پنهنجي پيءُ کي تڪليف ڏيندو هو، کيس ان جي بد دعا هئي. جنهن ڪري سدائين سورن ۾ هوندو هو، جڏهن ڳوٺ ۾ ڪا شادي مرادي يا خيرات نياز وغيره ٿيندو هو ته جانورن جون کلون پاڻ گڏ ڪندو هو. جيڪي پنهنجو پاڻ سڪائي مصالحا ڏيئي استعمال جي قابل بنائيندو هو. “سنڌي جُتي” ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر هو، زنانيون جُتيون ٽنئور گل هوندا هئا، اُهي به هي ٺاهيندو هو، هن جي ماءُ دائپو ڪندي هئي. مٺي موچي کي ڪوبه اولاد ڪونه هو. پڇاڙي جو هڪ غريب بنگالي عورت سان شادي ڪيائين. جڏهن بنگال ۾ سخت ڏڪار پيو هو ته اتي جا ماڻهو پنهنجيون ڇوڪريون وٺي اچي سنڌ ۾ وڪڻندا هئا. يا ڪي واپاري اتان ڇوڪريون خريد ڪري وڏي ملھ ۾ سنڌ اچي وڪرو ڪندا هئا. اڄ به ڪيتريون ئي بنگالي عورتون بنگله ديش مان وڪرو ٿي پاڪستان ۾ اچي رهيون آهن ۽ ڪيتريون ئي سنڌين جي گهرن ۾ آباد آهن. مٺي موچي جي گهر ۾ گهڻي بيٺڪ هوندي هئي، سندس چلم سدائين تيار هوندي هئي. پاڻ نوٽڻ راند جو گهڻو شوقين هوندو هو. اتي منهنجو والد محترم ماستر ميوو خان جنهن جو کوھ هن جي گهر جي ڀرسان هوندو هو. اُهو به اچي وهندو هو. ان کان علاوه حاجي الله بخش پڻ انهي راند جو شوقين هوندو هو ۽ ڏاڍي سٺي ڪچهري مچندي هئي. مٺي موچي کان علاوه ڪجھ وقت لاءِ هڪ ٻيو موچي به اچي مٺي موچي جي گهر جي ڀرسان رهيو. هُو آڌي رات جو ائين الله جو ذڪر ڪندو هو، الله هو، الله هو جو آواز سڄي ڳوٺ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ڪي ماڻهو چوندا هئا ته هن وٽ ڪا جنڙي آهي ۽ هوش ۾ ڪونه ٿو رهي. جڏهن کيس صبح جو ڏسندا هئاسون ته پاڻ عام رواجي ڪم ۾ مشغول هوندو هو ۽ ظاهري طور ڪا به اهڙي علامت ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي هئي جو ڀانجي ته هن ۾ ڪو حساب آهي. ڏسڻ ۾ هو بزرگ باريش بانماز پرهيزگار هوندو هو ـ

    ميراثي يا مڱڻهار:
    هي به وڏي ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ رهندا هئا. سندن ڪم ڌنڌي مطابق دُهل وڃائڻ هو. جڏهن ڪٿي به ڳوٺ ۾ شادي ٿيندي هئي ته هي شادي واري ماڻهو سان گڏجي شادي جو سڏ ڏيندا هئا. پوءِ انهيءَ شادي ۾ هفتو کن اڳ دهل وڃائيندا هئا. لڳاتار هفتو کن روزانو شام جو گهوٽيتن جي گهر جي در جي سامهون دهل وڃائي مراد وٺندا هئا. کين جنس جي صورت ۾ اناج پاڙيوارن وٽان ملندو هو. انهن مڱڻهارن مان ڪيترائي ماڻهو پوکي به ڪندا هئا ۽ پنهنجي زمين تي آبادي ڪندا هئا. ڳوٺ جي ڀرسان سندن کوھ هوندو هو. جتي ٻئي فصل کان علاوه ڀاڄي به پوکيندا هئا. هاڻي ميراثين جا سمورا گهر لڏي ڪي وڃي پڪي تي يعني بئراج علائقي ۾ آباد ٿيا آهن. ڪي پڙهي لکي ماستر، ڊاڪٽر يا ٻين نوڪرين ۾ لڳي ويا آهن. سندن اباڻو ڌنڌو گهڻو ڪري گهٽ ٿي ويو آهي. انهن مان پيارو فقير، محمد فقير ۽ غلام علي فقير قابل ذڪر آهن. هنن جا وڏا به نهايت شريف ۽ بردبار هئا ـ

    لانگاھ:
    لانگاھ هندن جي لڏپلاڻ کان ستت ئي پوءِ بئراج علائقي ڏانهن نقل مڪاني ڪري ويا. هنن جو ڌنڌو به کيتي ڪرڻ هوندو هو، هنن جو لغارين سان ڏاڍو سٺو ميل ميلاپ هوندو هو، ٻئي ذاتيون سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ شيعه فرقي سان تعلق رکندڙ هيون. لانگاهن مان هڪ ٻه ڄڻا ذاڪر به هئا. محمد اساماعيل لانگاھ سٺو ذاڪر ٿي گذريو ـ

    کٽي ۽ ٻاليشاهي پڻ هن ڳوٺ ۾ رهندا هئا پر اُهي هندن جي لڏپلاڻ وقت لڏي هليا ويا. مطلب ته لغاري بجراڻي شهر هندن جي وقت تائين سٺو شهر هو. جنهن ۾ سنڌي اسڪول پڻ هو. جنهن ۾ هڪ هيڊ ماستر کان علاوه ٻه ٻيا نائب ماستر به هوندا هئا. هندن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ ڳوٺ جو زوال شروع ٿيو حالانڪه آبادي پوءِ به چڱي خاصي هئي پر ڌنڌو واپار جيڪو 1947ع کان اڳ هو اهڙو وري ڪين ٿيو. هندن جي لڏڻ کان پوءِ ٻيا ڪمي ڪاسبي جهڙوڪ ڌوٻي، ڪوري، موچي، ڊکڻ، ڪاسائي ۽ هُليا وغيره سڀ آهسته آهسته لڏيندا ويا. انهن جي جاين تي سندن ڀر ۾ رهندڙ لغاري قبضو ڪندا ويا تان جو آخر ۾ صرف لغاري وڃي رهيا ـ


    سيد گهراڻو

    ڳوٺ لغاري بجراڻي تي هميشه سيدن جي دعا رهي آهي. هڪڙا سيد ڪنهن سبب جي ڪري ڳوٺ مان لڏي پئي ويا ته ٻيا پي آيا. جڏهن کان سيدن جي دعا جو پاڇو لغاري بجراڻي تان لٿو تڏهن کان شهر زوال پذير ٿيو. پهريائين ڪورائين جي شهر مان هڪ سيدن جو قبيلو ڪورائين جو شهر ڇڏي هن ڳوٺ ۾ آيو. انهن سيدن مان حسن علي شاھ ولد صحبت علي شاھ جيڪو اڳ به لغاري بجراڻي ايندڙ ويندڙ هو اُهو لڏي آيو. ڇاڪاڻ ته هو شيعه اثنا عشري مذهب رکندڙ هو ۽ لغاري به ڪافي تعداد ۾ شيعه ٿي ويا هئا. جنهن مان ميان وائي فقير گهراڻو وڌيل هئا. حسن علي شاھ ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ جمعي جي نماز يا نماز عيد تي پيش امام جا پڻ فرائض انجام ڏيندو هو. ان جي انتقال کان پوءِ سندس ٻئي پٽ سيد لعل محمد شاھ ۽ سيد جعفر شاھ ڳوٺ لغاري بجراڻي لڏي آيا. سندن گهر اوڀر طرف آڍي خان ۽ ميان بخش وارن جي ڀرسان هوندو هو. سندن گهر جي چوڌاري وڏو ڪوٽ هوندو هو. ٻاهر اوطاق پڻ ٺهيل هوندي هئي. ڳوٺ جي لغارين کي مذهب شيعه اثنا عشري ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ سيد لعل محمد شاھ وڏي ڪوشش ڪئي. ان کان علاوه سيد جعفر شاھ ۽ لغارين مان حامل فقير به شامل هئا. حامل فقير ته اڳ ۾ ئي ميان والي هئو، جنهن جولاڙو حضرت علي طرف هو. سائين لعل محمد شاھ جي گهر جي سامهون رستي جي ٻئي پاسي امام بارگاھ ٺهرائي ويئي هئي. جنهن جي وچ ۾ هڪ وڏو عَلم لڳايو ويو هو. رات جو بتي ٻاري رسي ۽ چرخي وسيلي مٿي چاڙهي ويندي هئي. جنهن ڪري رات جي وقت به عَلم روشن هوندو هو. مجلسون وغيره به انهيءَ پڙ ۾ ٿينديون هيون. انهي کي لعل شاھ جو پڙ سڏيندا هئا. لعل محمد شاھ جي ٻي شادي لغارين مان ٿيل هئي. اٽڪل سن 1940ع ڌاري هي سيد اسان جي ڳوٺ مان لڏي “ٻوٻي” شهر هليا ويا. سندن گهر خالي ٿي ويا. ڪجھ وقت کان پوءِ لغاري بجراڻي جو اسڪول شاھ صاحبن جي خالي ٿيل اوطاق ۾ قائم ڪيو ويو. سندن گهر واري جاءِ ڊهي ويئي ۽ پوءِ انهي خالي پٽ تي پريي ۽ مراد علي ولد سوڍو لغاري وارن قبضو ڪيو. اڃا سائين لعل محمد شاھ وارا اتي ئي هئا ته درياھ پار واري پاسي کان سيد ڏنل شاھ ولد سيد فتح محمد شاھ آيو. هي سيد تمام نيڪ پرهيزگار ۽ غريب انسان هو. سندس ٻيو ڪو به مٽ مائٽ ڪونه هو. سيد ڏنل شاھ کي خدا بخش جي ڳوٺ وارن مٺي موچي جي گهر جي ڀرسان رهڻ لاءِ جڳھ ڏني ۽ سائين ڏنل شاھ اتي ئي آباد ٿي ويو. سيد ڏنل شاھ پڻ لغارين وٽان شادي ڪئي. سيد ڏنل شاھ جي سادي طبعيت ۽ شرافت اسان جي لغارين تي سٺو اثر ڪيو ۽ کيس هر طرح جي مدد ڏيندا هئا. جيتوڻڪ شاھ صاحب ڏنل شاھ لغارين جو مُرشد يا ڏن وٺندڙ پير به ڪونه هو، تنهن هوندي به کين ايترو ڪجھ ڏيندا هئا جو هو گذر سفر ڪري سگهي. سائين ڏنل شاھ کي ٽي پٽ سيد لعل محمد شاھ، سيد پنجل شاھ ۽ سيد گنبل شاھ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون. سائين ڏنل شاھ اتي ئي ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ وفات ڪئي ۽ سندس اولاد يتيم ٿي ويو. سائين ڏنل شاھ جي اولاد همت نه هاري ۽ عزت وقار سان رهندا آيا. خاص طور تي سندس وڏي پٽ سيد لعل محمد شاھ جو ڪردار نمايان هو. ان کان علاوه هو انهي گهراڻي جو وڏو هو. هو پڙهڻ تي ويٺو فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ڪجھ انگريزي به پڙهيو پر جلد ئي وسيلا نه هئڻ سبب وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي تپيداري ڪورس ڪرڻ حيدرآباد هليو ويو. ڳوٺاڻن جي مدد ۽ پنهنجي همت سان سيد لعل محمد شاھ تپيدار خير خوبي سان پڙهي آيو ۽ 1950ع ڌاري ملازمت اختيار ڪيائون. 1960ع يا 1961ع ڌاري شاھ صاحب کي مورو شهر ۾ بدلي ڪيو ويو ۽ پاڻ اتي هڪ پلاٽ وٺي جاءِ ٺهرائي ۽ پوءِ پنهنجي ڀاءُ گنبل شاھ سميت موري شهر ۾ لڏي آيا. واضح رهي ته سندن ڀاءُ پنجل شاھ ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ ئي وفات ڪري ويو هو. باقي صرف ٻه ڀائر رهجي ويا هئا. جڏهن کان سيدن جي آخري گهراڻي ڳوٺ لغاري بجراڻي ڇڏيو تڏهن کان وٺي درياھ بادشاھ ڳوٺ جي چوڌاري حملا ڪندو رهيو. ڪڏهن وڏي ٻوڏ جي صورت ۾ ڪڏهن پائيندڙ جي صورت ۾ ڳوٺ وارن جا زيان ڪندو رهيو. درياھ جو آخري حملو سن 1973ع کان شروع ٿيو ۽ ٽي سال لڳاتار پائيندو رهيو آخرڪار 1976ع ۾ سڄو ڳوٺ بجراڻي لغاري ۽ ڀر ۾ ننڍو ڳوٺ خدا بخش پائي ويو، ٻنهي ڳوٺن کان علاوه نور شاھ جو قبرستان به پائي سڄو علائقو پنهنجي پيٽ ۾ هميشه جي لاءِ گم ڪري ڇڏيائين ـ


    فقير گهراڻو

    فقير گهراڻو اصل ۾ لغاري ذات جي مراداڻي قبيلي مان آهن. جيڪي مراد خان جو اولاد آهن. مراد خان به چاڪر ڪوٽ ۾ رهندو هو. اتي ٻيا به لغاري رهندا هئا. هنن لغارين جون ڪاڇي ۾ ڪافي زمينون هيون سندن پنهنجا پنهنجا واھ کوٽايل هئا. جهڙوڪ بجراڻي واھ، مڱڻاڻي واھ، مراداڻي واھ وغيره، انهي علائقي ۾ گهڻو ڪري لغاري آباد آهن. هنن جون زمينون نئين گاج يعني کير ٿر جي دامن کان وٺي جوهي واري بند تائين آهن. انهي ايراضي ۾ رئيس گنهور خان ۽ سندس عزيزن جون وڌ ۾ وڌ زمينون آهن. اسان جي ڳوٺ وارن لغارين جون زمينون به ڊگھ بالا واري نئين کان اتر طرف چاڪر ڪوٽ اولھ ۾ نئين گاج ۽ اوڀر ۾ تقريبا حاجي خان ڳوٺ تائين ڇڙوڇڙ آهن. مراداڻي واھ تي صرف مراداڻين جون زمينون آهن. هن وقت مراداڻين ڪافي زمين وڪڻي ڇڏي آهي. ان کان علاوه پاڙيوارن زميندارن به حرفت سان زمين تي قبضو ڪيو آهي. مراداڻي ڪڏهن لڏي آيا ان جي صحيح سن ۽ تاريخ في الحال ڪنهن وٽ ڪونه آهي پر ايترو معلوم آهي ته اهي مڱڻاڻين کان پوءِ بجراڻي لغاري ۾ آيا. مراداڻي گهڻو ڪري ڪلهوڙن فقيرن جا مريد هئا. کين ميان وال فقير ڪري چوندا هئا. انهن جو وڏو مراد خان يا علي مراد هو. جنهن جو هڪ پٽ موندر هو. موندر کي ورثي ۾ ڪجھ زمين اٽڪل 64 کن ايڪڙ مراداڻي واھ تي هئي. هڪ روايت موجب هنن فقيرن وٽ وڌيڪ زمين هئي پر ڀر پاسي وارن وڏن زميندارن ڌوڪي ۽ حرفت سان لغاري فقيرن جون زمينون پنهنجي نالي ڪندا ويا. بهرحال انهن 64 ايڪڙن مان موندر فقير جي زمين ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. جيڪا موندر جي پٽن هر هڪ سوڍل فقير ۽ ميوو کي ملي. سوڍل فقير جي اچ وڃ لغاري بجراڻي شهر ۾ گهڻي هئي. چوندا آهن ته هن وٽ هڪ ڀلي گهوڙي هوندي هئي. جنهن تي فقير سواري ڪندو هو ۽ راتو رات چاڪر ڪوٽ کان لغاري بجراڻي جي ساڄي ڪپ تي پهچي ويندو هو ۽ صبح ساڻ پتڻ رستي درياھ پار ڪري ڳوٺ لغار ي بجراڻي پهچندو هو. ڪجھ وقت کان پوءِ سوڍل فقير پنهنجي درويش ڀاءُ عيسن سميت ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ اچي آباد ٿيو، باقي فقط سندس ڀاءُ ميوو اڪيلو چاڪر ڪوٽ رهجي ويو ـ


    عيسن شهيد

    فقير گهراڻي مان هڪ فقير “عيسن” نالي ٿي گذريو آهي. عيسن فقير موندر جو پٽ هو. ان جي باري ۾ مشهور آهي ته عيسن شهيد ڄمڻ کان پوءِ پينگهي مان گم ٿي ويندو هو، وري ڪجھ وقت کانپوءِ پينگهي ۾ نظر ايندو هو. وڏي ٿيڻ کان پوءِ ڪڏهن جوڳين سان ڪڏهن کدڙن فقيرن سان ڏسڻ ۾ ايندو هو ۽ ڪيترو عرصو گهر کان غائب رهيو. جڏهن سندس عمر تقريبا 35 کان 40 سالن کن جي ٿي ۽ ڏاڙهي ۾ ڪجھ اڇا به پئجي ويا هئس ته پوءِ واپس گهر موٽي آيو. عيسن شهيد اڃان شادي ڪونه ڪئي هئي. هڪ ڏينهن ماءُ کي چيائين ته پاسي ۾ هڪ عورت جو ويم ٿي رهيو آهي، اوهان اتي هلو. سندس ماءُ اتي ويئي ٻار ڄائو. هن ٻار کي صاف ڪري ڪپڙي جو هٿ کن ڦاڙي ٻار کي ويڙهي سُمهاريو، آهسته آهسته انهي مائي کي چويھ ٻار ڄمي چڪا ۽ رکيل ڪپڙي جو تاڪيو پڻ ختم ٿي ويو. اتي شهيد جي ماءُ ڪلمو پاڪ پڙهيو. ان تي ويامندڙ مائي دانهن ڪئي ته چار ٻار اڃان به ڄڻيان ها پر هاڻي ڪونه ڄمندا بس ڪيم. پوءِ ويامندڙ مائي عيسن شهيد جي ماءَ کي اتي بيٺل ڄار (کبڙ) جا پن روڙي ڏنا ته هي معاوضو کنيو وڃ. عيسن جي ماءَ اها ڳنڍ ٻڌي گهر کڻي آئي. صبح جو اٿڻ تي کوليائين ته پنن بدران چاندي جا سڪا نظر آيا، انهيءَ ڳالھ تي اعتبار ڪرڻ يا نه ڪرڻ قارئين تي منحصر آهي پر اها حقيقت اسان کي اسان جي وڏن پشت به پشت ٻڌائي آهي ۽ ايترو يقين آهي ته هي فقير بلڪل الله وارو ۽ پهتل شخص هو. جيڪڏهن ٻين درويشن جون ڪرامتون اعتبار جوڳيون آهن ته هن تي يقين نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي ـ
    فقير جي باري ۾ ٻي به هڪ مشهور حقيقت آهي ته ڪنهن غريب مال چاريندڙ جو ڌڻ ڳوٺ جي ڀرسان ڪنهن آباد زمين ۾ وڃي پيو. اها زمين پنهور ذات جي برادري وارن جي هئي. پنهورن ڇا ڪيو جو مال ڪاهي ڍڪ تي وڃڻ لڳا. مال جا مالڪ انهن جي پويان ويا ۽ مال واپس ڪرڻ لاءِ منٿون ڪيون پر پنهورن مال واپس نه ڪيو. جنهن ڪري هي موٽي آيا ۽ اچي عيسن فقير کي چيو ته تون درويش آهين تنهنجو چوڻ هلندو ۽ تون اسان کي مال ڇڏائي ڏي. عيسن چيو ته مان غريب آهيان ۽ هو منهنجي چوڻ سان مال ڪونه ڏيندا. مال جي مالڪن عيسن کي الله جا واسطا وڌا ته خدا جي نالي اسان سان گڏجي هل ۽ اسان کي مال واپس وٺي ڏي. عيسن وراڻيو ته اوهان الله جو نالو وڌو آهي تنهنڪري مان انڪار ڪونه ٿو ڪريان. الله جي نالي تي سر گهوريو ته صدقي. عيسن فقير مال جي مالڪن سان گڏجي پنهورن وٽ ويو ۽ انهن کي منٿون ڪيائين ۽ الله جا واسطا وڌائين پر هو پڙ ڪڍي بيٺا تنهن تي فقير کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ مال جي اڳيان اچي بيهي رهيو، چيائين ته مان پنهنجي جيئري مال ڍڪ ڏانهن وڃڻ ڪونه ڏيندس، پنهورن هن تي ڪهاڙين جا وار ڪيا ۽ کيس ماري وڌو. ائين الله جي نالي تي شهيد ٿي ويو. فقير مرڻ وقت وصيعت ڪئي ته مان الله جي نالي تي ماريو ويو آهيان تنهنڪري منهنجو بدلو يا وير نه وٺجو، جڏهن عيسن شهيد جي مرڻ جي خبر سندس عزيز ميوو فقير کي پيئي ته هو چاڪر ڪوٽ مان جتي هُو رهندو هو، اتان لغارين جو وڏو لشڪر وٺي پنهورن جي ڳوٺ تي حملي ڪرڻ جي ارادي سان قتل جي بدلي وٺڻ لاءِ روانو ٿيو، رستي ۾ هن لشڪر کي هڪ نانگ مليو جيڪو ڦڻ ڪڍي ميوو خان کي وڙهڻ لاءِ اڀو ٿي ويو. ميوو خان ان جي مارڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر جئين هو نانگ کي لٺ هڻي ته نانگ گم ٿيو وڃي ۽ لٺ وڃي پَٽَ سان لڳي. اهو واقعو هن سان وري وري ٿيو. انهي تي ميوو خان کي فقير جي وصيعت ياد اچي ويئي. جنهن چيو هو ته منهنجو پلاند نه وٺجو ۽ انهيءَ لاءِ فقير نانگ جي صورت ۾ بدلي وٺڻ کان روڪڻ لاءِ هر هر اڳيان پئي آيو. آخر ڪار ميوو خان پنهنجي ماڻهن کي واپس ڪيو ۽ چيائين ته فقير بدلو وٺڻ نٿو چاهي تنهنڪري اهو خيال لاهي ڇڏيو. پوءِ پنهورن کي معاف ڪري ڇڏيائين. عيسن فقير شهيد کي ميان نور محمد جي قبن واري قبرستان ۾ دفنايو ويو جتي ٻيا به فقير دفن آهن. سندن قبرون اڃان تائين ظاهر آهن ـ


    ميان نور محمد جا قبا

    هي قبا ڳوٺ نم تعلقو مورو ۾ آهن. هن وقت اوڏانهن وڃڻ جو رستو شاهپورجهانيان کان شگر مل، مقيم ڏاهري جي ڳوٺ کان ٿيندو اڳتي وڃي ٿو، اٽڪل 4 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي پڪي روڊ کان اتر طرف قبا ڏسي سگهجن ٿا. قبن جي ڀرسان هڪ ڳوٺ پڻ آهي. هنن قبن جا مجاور جتوئي فقير آهن. هي مجاور خاندان پشت به پشت ميان نور محمد جا فقير آهن. هنن جو وڏو سلطان خان جتوئي هو. پنهل خان جتوئي قبن جو مجاور هو. سندس چوڻ موجب سندس پيءُ سلطان خان کان اڳ به سندس ڏاڏو سلطان خان هو. جنهن جي تربت پڻ اتي ئي آهي. هي هڪ وڏو قبرستان آهي جيڪو اٽڪل 70 ايڪڙن تي مشتمل آهي. ميان نور محمد جي مختصر تاريخ هن ريت آهي. ميان نور محمد ڪلهوڙو سن 1681ع ڌاري پيدا ٿيو. انهي زماني ۾ هندستان تي مغلن جي حڪومت هئي. ميان نور محمد جي ڏاڏي ميان نصير محمد خان ڪلهوڙي سنڌ ۾ حڪمراني جو بنياد وڌو. تنهن بعد دهلي جي سلطنت پاران ميان يار محمد ڪلهوڙي کي باقاعدي سنڌ تي نائب بنائي سَنَدََ ڏني. سن 1701ع ڌاري ميان يار محمد دهلي جي سلطنت کان آجو ٿي خود مختيار حاڪم سڏائڻ لڳو. 1719ع ۾ سنڌ جو هي ڏاهو، ديندار ۽ عالم بادشاھ تخت نشين ٿيو. دهلي دربار مان کيس “خدايار” جو لقب مليو. 1730ع ۾ قلات جي بروهي حڪمران کي جنگ ۾ شڪست ڏيئي دهلي درٻار مان “ثابت جنگ” جو خطاب حاصل ڪيائين. هن 1737ع ۾ مغلن کان ٺٽو صوبو به حاصل ڪيائين. هي ارغونن کان پوءِ سنڌ جو پهريون حڪمران هو. جنهن سنڌ کي وحدت ۾ آڻي حڪومت ڪئي ـ
    لغاري قبيلن جي فقير قبيلي جو سڌو واسطو ميان نور محمد ڪلهوڙي سان هو، هي پڪا ۽ پختا مريد هئا، جيئن ته ميان نور محمد جا وڏا اوڍاڻي تائين فقيري ۾ ڪافي ڪرامت جا مالڪ هئا. هنن فقيرن جو به انهن سان اٿڻ ويهڻ هجڻ ڪري پاڻ به ڪجھ ڪرامت جا مالڪ ٿي ويا. فقير تمام بهادر ۽ مضبوط هئا. جڏهين نادر شاھ 1739ع ۾ مغل بادشاھ محمد شاھ تي ڪاھ ڪئي ۽ سندس سلطنت مان سنڌ جو پروانو لکرائي اوڏانهن وڃڻ جو خيال ڪيائين. انهي لاءِ هن اتي سنڌ طرفان رهندڙ سفير مير قبارو خان کان سنڌ جي حقيقت پڇيائين ته هن چيس ته ميان نور محمد سان لڙائي ڪرڻ تمام مشڪل ڳالھ آهي. سڀئي سنڌي تلوار هڻڻ ڄاڻن ۽ لڙائي جا ڳولائو آهن. ائين چئجي ته اصيل نانگ آهن. هنن ۾ هاٿي جهڙي قوت آهي. سندن جسم چيتي جهڙا آهن. سڀني جي هٿن ۾ گرز ۽ تلوارون آهن. هو ڪنهن به لشڪر کان نٿا ڊڄن. ڏاڍا بيباڪ آهن. جيڪڏهن انهن جو سالار جوش ۾ اچي ته جيڪر پهاڙ جي دل مان دونهون ڪڍي ڇڏي. نيٺ 1740ع ۾ نادر شاھ سنڌ تي ڪاھ ڪئي ۽ ميان صاحب جا ٽي پٽ يرغمال بڻائي ايران ۾ قيد ڪيا. 1750ع ايراني حملن کان بچاءُ لاءِ ميان جان محمد ڏاهري کان هڪ هزار ايڪڙ زمين خريد ڪري ”محمد آباد“ جو شهر ٻڌائي ان کي تخت گاھ بنايو. هتان چار سال سنڌ جي معاملن جا فيصلا ٿيندا رهيا، وري سال 1753ع ۾احمد شاھ ابدالي سنڌ تي ڪاھ ڪئي. ميان صاحب جيسلمير ڏانهن نڪري ويو ۽ اتي ئي سندس وفات ٿي. سندس وصيعت موجب سندس جنازو جيسلمير مان آڻي هت دفن ڪيو ويو. پوءِ هي شهر ڦٽي ويو ۽ تخت گاھ مان ڦري قبرستان بنجي ويو. ان وقت جي ٺهيل مسجد شريف ۽ مسافر خاني جا آثار اڃان تائين محفوظ آهن. ميان نور محمد جو مقبرو ميان غلام شاھ ڪلهوڙي 1765ع ڌاري ٺهرايو. ميان نور محمد جي قبي اندر سندس پوٽو ميان علي مردان ولد ميان محمد مراد پڻ مدفون آهن. ميان نور محمد جي مقبري جي ٻاهر اتر پاسي ميان فصل علي ولد ميان محمد خان جيڪو سندس ڀائيٽو ۽ ڏکڻ پاسي سندس پٽ ميان خداداد مدفون آهن. سندس مقبري جي سامهون سندس عهد جي مشهور وزيراعظم راڄر ليکو جو مقبرو آهي. راڄو ليکي ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ به زنده رهيو. جڏهن سن 1772ع ۾ ميان سرفراز خان تخت تي ويٺو ته هن پنهنجي ٻن جرنيلن ۾ مير بهرام خان ۽ سندس پٽ مير صوبدار خان کي سازش ڪري مارائي ڇڏيو، تنهن تي مير فتح علي خان جيڪو بلوچن جو چڱو مڙس هو ميان سرفراز تي ڪاھ ڪئي ۽ کيس ڀڄائي ڇڏيو. انهي ڪري ڪلهوڙن جا امير ڊڄي ويا ۽ سندن پاسو ڇڏي ميرن جو پاسو ورتائون. خود راڄو ليکي جيڪو خود ميان نور محمد جي وقت وزيراعظم هو اهو به ميرن جي پاسي ٿي ويو. پر وري جلدئي ميرن کي ڇڏي ڪلهوڙن جي مدد ڪئي ۽ حيدرآباد جو قلعو ورتائون، وري جڏهن مير بجار خان آيو تڏهن راڄو ليکي ڊپ مان بيمار ٿي پيو ڪي چون ٿا ته هن پاڻ کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو. ميان نور محمد واري قبرستان ۾ ٻيا به ڪيترائي مقبرا آهن. سندس احاطي ۾ ميان رشيد خان، ميان ٻائي خان ۽ ميان غلام علي ڪلهوڙي جا قبا آهن. ميان جي قبي جي سامهون خاص اميرن ۽ فقيرن جا مقبرا آهن. جن مان ٻن ڀائرن آڍي خان ۽ ٻڍي خان فقيرن جون مزارون آهن. اهي ٻئي ذات جا زرداري هئا. جيڪي ميان عبدالغني جي دور ۾ اهم عهدن تي هئا. انهن کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي قبرون فقيرن ۽ مجاورن جون آهن جن مان سلطان خان، ٻارو خان به شامل آهن ـ
    اسان جي لغاري فقيرن جون قبرون ميان نور محمد جي مقبري جي بيروني دروازي جي سامهون اوڀر طرف آهن. هن وقت انهن جي چوڌاري کبڙن جون جهاڙيون آهن. جنهن ڪري اها خبر ڪانه ٿي پوي ته ڪيتريون آهن پر اسان کي پنهنجن وڏڙن کان معلوم ٿيو آهي ته اهي ڪافي تعداد ۾ ميان جي لغاري فقيرن جون آهن. انهن مان ڪن جا نالا ڏجن ٿا. موندر فقير، عيسن شهيد، سوڍل فقير، شادمن فقير، جڙيو فقير، علي بخش، زوجه جڙيو فقير، زوجه سوڍل فقير، زوجه حاصل فقير ۽ ٻيون نامعلوم قبرون موجود آهن ـ


    شادمن فقير ۽ سندس پويان

    جيئن اڳ ۾ لکيو ويو آهي ته هن لغاري قبيلي مان سوڍل فقير چاڪر ڪوٽ مان لڏي شهر لغاري بجراڻي آيو ۽ ميوو خان چاڪر ڪوٽ ئي رهجي ويو هو. سوڍل فقير جو پٽ شادمن فقير جنهن کي وڏو فقير به ڪري ڪوٺيندا هئا اهو سيلاني فقير هو. سندس گذر سفر پنهنجي چاڪر ڪوٽ ۾ ڇڏيل زمين تي هو ۽ پاڻ “سُرندو” هٿ ۾کڻي گشت ڪندو هو. انهي ڪري ماڻهو کيس پئسا يا جنس وغيره ڏيندا هئا. اڳين زماني ۾ سرندي وڃائڻ سان ماڻهو مان جن ڪڍندا هئا. جنهن جو مظاهرو اڄ ڪلھ گاجي شاھ جي ميلي ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته شادمن فقير به سرندو وڃائي ماڻهن مان جن ڪڍندو هجي. فقير وٽ ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ هڪ “داريو” (اوطاق) هوندو هو. جتي پري کان ماڻهو اچي ساڻس ڪچهري ڪندا هئا. داريئي هلائڻ ۾ سندس ڳوٺ وارن لغارين جي به ڪافي مدد هوندي هئي. شادمن فقير کي ٻه پٽ ڄاوا جن مان هڪ جو نالو صاحب ۽ ٻئي جو نالو عيسن هو. اهي ٻئي پٽ کيس ڏاڏي پوٽي زال مان هئا. انهي حساب سان ٿي سگهي ٿو ته اها ميوو فقير جي ڌي هجي. انهي مائي جي انتقال کان پوءِ کيس داريئي هلائڻ جي سخت تڪليف ٿيندي هئي. جنهن ڪري هي لاڙ ضلع ٿرپارڪر هليو ويو. شادمن فقير کنڊر لغاري يعني هاڻوڪي واگهريجي تعلقو جيمس آباد ۾ آيو. اتي سندس ڏي وٺ ۽ پنهنجائپ ته اڳي ئي گهڻي هئي جنهن ڪري جمعو ولد لاکي لغاري کي پنهنجي ڌي جو سنڱ ڏنو جتان کيس سوڍل فقير ٻيون ۽ مقصودو فقير نالي پٽ ڄاوا ۽ هڪ ڌي به ڄايس جيڪا شهر واگهريجي نهال خان لغاري کي پرڻائي ڏني. شادمن فقير کان پوءِ سندس چارئي پٽ گهڻو وقت لغاري بجراڻي ۾ رهيا. هن فقير گهراڻي وارن سان ٻين لغارين جون مٽي مائٽيون به ٿيڻ لڳيون. جهڙوڪ: مقصودي فقير جي شادي فضل جي ڌي، بلوچ خان جي ڀيڻ سان، سوڍل فقير ٻيون جي شادي سعيد خان وڏي جي ڌي يا گلشير وڏي جي ڀيڻ سان اهڙي طرح مراد ولد صاحب جي شادي باگاڻين سان ٿي. ميوو جيڪو ميوو اول جو پوٽو هو ۽ ميان داد جو پٽ هو ان جي شادي ڪمال خان ميراڻي جي ڌي يا ميرڻ ۽ عبدالله جي ڀيڻ سان ٿي. مقصودي فقير کي چار پٽ هئا. حاصل فقير، دودو فقير، ماڻڪ ۽ سلطان فقير ٿيا. ان کان علاوه ٽي نياڻيون ٿيون. ان مان هڪ بخش علي ولد گلشير، ٻي مٺل ولد ميرڻ ۽ ٽين ڏتل خان ولد ميوو خان فقير کي پرڻائي ويئي. اهڙي طرح ڏي وٺ سان ٻئي لغاري قبيلا يعني مڱڻاڻي ۽ مراداڻي يا فقير پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا ـ
    سال 1914ع ڌاري درياھ ۾ ٻوڏ اچڻ سبب يا ٿي سگهي ٿو ته لغارين سان ٿوري اڻبڻت سبب هنن فقيرن مان مقصودو فقير ۽ سوڍل فقير سندن اولاد سميت جيمس آباد ضلع ٿرپارڪر ڏانهن لڏي ويا. اهي سمورا تقريبن ڏيڍ مهينو شهر جيمس آباد ۾ زمين وٺڻ جي خيال سان ويٺا رهيا، ياد رهي ته جيئن اڳ ۾ لکيو ويو آهي ته شادمن فقير جي ٻي شادي کنڊر لغاري تعلقو جيمس آباد مان ٿيل هئي. انهي حساب سان اتي جا لغاري سندن مائٽ ٿي ويا. يعني سوڍل فقير ۽ مقصود فقير جا ناناڻا اتي ئي رهائش پذير هئا. ان کان سواءِ شادمن فقير جي به اوڏانهن ڄاڻ سڃاڻ ڏيٺ ويٺ گهڻي هئي. اهو ئي سبب هو جنهن ڪري مقصودي فقير ۽ سوڍل فقير اوڏانهن جو رخ ڪيو. آخرڪار واگهريجي جي هڪ زميندار کين هڪ واھ جي پڇڙي ۾ ڪجھ زمين ڏني ۽ اتي گهرجوڙيائون. بئراج ٺهڻ کان پوءِ دودو فقير ولد مقصودو فقير 2700 ايڪڙ زمين خريد ڪئي جتي هينئر سندس ڳوٺ ٻڌل آهي. ماڻڪ فقير ولد مقصودو فقير پيءُ جي انتقال کان پوءِ گهڻو وقت اتي رهي نه سگهيو ۽ واپس ڳوٺ لغاري بجراڻي لڏي آيو ۽ زمين جيڪا هنن کي سرڪار وٽان ڪچي ۾ يڪساله تي مليل هئي اُها زمين سنڀالڻ لڳو. هن پنهنجي گهر جي ڀرسان تيل ڪڍڻ وارو گهاڻو لڳايو، ڪجھ سالن کان پوءِ درياھ جي اٿل سبب يا ڪنهن ٻئي سبب آخر ۾ هن ڳوٺ دودي خان جي اوڀر طرف سعيد خان جي ڳوٺ جي ڀرسان پنهنجي زمين ورتي ۽ ڳوٺ لغاري بجراڻي ڇڏي آيو. سندس گهر جيڪو اٽڪل ايڪڙ کن ايراضي ۾ هو جنهن ۾ هڪ هُڙي به هئي پنهنجي سُهري قادر بخش ولد بهادر (پليو) کي ڏيئي ڇڏي. اهڙي طرح ٻين فقيرن يعني صاحب ۽ سوڍل به ڳوٺ ڇڏي اتي اچي آباد ٿيا. سوڍل ۽ صاحب ڪجھ وقت کانپوءِ لغاري بجراڻي آيا پر پوءِ سوڍل فقير وري آيو. انهيءَ کان پوءِ سندن اولاد ۾ ڳوٺ ايندو رهيو ۽ جيڪا زمين هنن کي يڪساله گرانٽ ۾ هر سال ملندي هئي اها آباد ڪندا هئا. آهسته آهسته تعلق جيمس آباد ۾ مستقل طور آباد ٿي ويا. هنن فقيرن جا ڪيترائي وڏا ميان نور محمد جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن. جنهن جو اڳ ۾ ئي ذڪر ڪيو ويو آهي. فقط ميوو فقير شاهپورجهانيان جي “محمود شاھ” واري قبرستان ۾ دفن آهي ـ


    ميوو فقير ۽ ان جا پويان

    لغارين جو هڪ ٻيو وڏو قبيلو جنهن جو وڏو علي مراد فقير يا ٿي سگهي ٿو موندر نالي هو. کيس ٽي پٽ هئا. جن مان هڪ جو نالو سوڍل ٻئي جو ميوو ۽ ٽيون عيسن هو. سوڍل فقير ته اڳ ئي ڳوٺ لغاري بجراڻي لڏي آيو هو ۽ هن سان گڏ عيسن به هو. جيئن اڳي چيو ويو آهي ته عيسن پاڙيوارن زميندارن هٿان شهيد ٿي ويو . باقي ميوو اتي ئي ڪاڇي ۾ رهجي ويو. ميوو خان کي هڪ پٽ هو جنهن جو نالو ميان داد هو. ميان داد کي ٻه پٽ ٿيا جن مان هڪ جو نالو ميوو ۽ ٻئي جو نبي بخش هئا. ميوو خان جي شادي ڪمال خان لغاري جي ڌي ۽ ميرڻ خان ۽ عبدالله خان جي ڀيڻ سان ٿي، ميوو خان کي هڪ پٽ ڄائو جنهن جو اصل نالو ميان داد رکيو ويو، پر پيار مان کيس “ڏتل” ڪوٺڻ لڳا. ان زماني ۾ هن جا هم عصر عزيز ڳوٺ ڇڏي جيمس آباد ڏانهن هليا ويا هئا. سندس شادي مقصودي فقير جي نياڻي سان ٿي. جنهن مان کيس ٽي پٽ ڄاوا، جن مان هڪ پٽ ننڍي عمر ۾ ئي فوت ٿي ويو هو. پٽن جا نالا، ميوو خان (منهنجو والد) خان محمد ۽ حسين علي هئا ـ
    ڏتل ڪاڇي ۾ رهندو هو. پر ٻيا لغاري شهر لغاري بجراڻي ۾ رهندا هئا ۽ ڪي لڏي جيمس آباد ڏانهن هليا ويا هئا. ڏتل خان جو شهر لغاري بجراڻي ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ هو. ڏتل خان وٽ سواري لاءِ هڪ ڍڳو هوندو هو جنهن تي رلي وجهي چاڪر ڪوٽ کان ڳوٺ لغاري بجراڻي ايندو ويندو هو. هن ڳوٺ ۾ سندس ٻيا مائٽ مقصودو فقير ۽ سوڍل فقير پڻ هوندا هئا. ڏتل جي شادي مقصودي جي ڌي سان ٿي ويئي. ڏتل خان کي اباڻي ورثي مان اٽڪل 60 جريب يعني 30 ايڪڙ زمين ورثي ۾ مليل هئي ۽ سندس رهائش پڻ چاڪر ڪوٽ ۾ هوندي هئي. دراصل اسان جي سڀني لغارين کي ڪاڇي ۾ ڪافي زمين هوندي هئي پر پاڙي جي وڏن زميندارن انگريزن جي صاحبي جي وقت ۾ غريب لغارين جي زمين تي ناجائز قبضو ڪندا رهيا ۽ ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي ڪافي زمين ڦٻائي ويا، نه ته جيڪر مڱڻاڻي ۽ مراداڻي واھ تي صرف مڱڻاڻي ۽ مراداڻي قبيلي وارن جون زمينون هيون. اها زمين نئين گاج جي منهن کان وٺي بچاءُ بند تائين پکڙيل هئي. بحرحال مراداڻي واھ واري زمين آهسته آهسته گهٽ ٿيندي ويئي تان جو ڏتل خان کي صرف 60 جريب وڃي بچيا. ڏتل خان جا ويجها مائٽ، عزيز ۽ ٻيا لغاري لڏي ڳوٺ لغاري بجراڻي پهچي ويا هئا ۽ اتي ئي سرڪاري پيل زمين تي آباد ٿي ويا ۽ ڏتل خان پاڻ کي اڪيلو سمجهڻ لڳو. تنهن کان سواءِ برسات جي گهٽ پوڻ سبب آبادي به گهٽ ٿيڻ لڳي. تنهنڪري پنهنجي ناناڻن يعني پنهنجي مامن ميرڻ خان ۽ عبدالله خان جي چوڻ تي ڳوٺ لغاري بجراڻي لڏي آيو. ان وقت سندس وڏي پٽ ميوو خان جي عمر صرف 12 سال هئي ـ
    هنن فقيرن جي باري ۾ ڪافي روايتون مشهور آهن. هي فقيري ۾ ايڏو ته اڳتي وڌيل هئا جو ٻين ذاتين وارن ماڻهن سان اٿ ويھ به گهٽ ڪندا هئا. وڏو ڊگهو پهراڻ، مٿي تي پٽڪو ٻڌاندا هئا. مٿي جا وار به گهڻو ڪري وڏا هوندا هئن. ڏاڙهي به ڊگهي، پاڻ سان گڏ سُرندو هوندو هئن. جيڪو وڄائي ماڻهن مان “جن” ڪڍندا هئا. هڪ فقير جي متعلق مشهور آهي ته ڪنهن ڪم سان درياھ پار ڪري رهيو هو. پاڻ سان گڏ ڪجھ ماني به کنيائين ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ “وٽو” پڻ، جڏهن ٻيڙي رواني ٿي ته هن پنهنجي چادر جي پلاند ۾ ٻڌل ماني کاڌي ۽ درياھ مان پاڻي جو وٽو ڀري پيئڻ لڳو. جڏهن هن پاڻي پي بس ڪئي ته ڀرسان ويٺل هڪ مسافر چيس ته فقير اهو وٽو مون کي ڏي ته آءُ به درياھ مان پاڻي ڀري پيان، ڏاڍي اڃ لڳي اٿم، ان تي فقير وٽي کي چادر ۾ ٻڌندي وراڻيو ته “بابا آءُ ٻاليشاهي آهيان، مهنجي وٽي مان ڪيئن پاڻي پيئندي”. مسافر ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ ٻُڪ ڀري درياھ مان پاڻي پيتائين، ڪي فقير بلڪل الڳ ٿلڳ رهندا هئا. ڪنهن ٻي ذات جنهن کي هو هلڪي ذات سمجهندا هئا تنهن کان پرهيز ڪندا هئا. انهن ذاتين ۾ ماڇي، ٻاليشاهي، ميربحر ۽ ٻيون غير مسلم ذاتيون آهن، گهر ۾ جيڪڏهن شڪ پوندن ته فلاڻي شيءِ مان ڪنهن ڪانو يا ٻلي وغيره ڪجھ کاڌو يا پيتو آهي ته اهو هاري ڇڏيندا هئا. جيڪڏهن ڪا قيمتي شيءَ جيئن ته کير يا گيھ گهڻي مقدار ۾ هوندي هئي ته اها بازار ۾ وڃي ڪنهن هندو کي ڏيندا هئا ۽ کانئس قيمت وٺندا هئا ـ


    مذهبي رسمون

    ڳوٺ ۾ ٽي مشهور مسجدون هونديون هيون، هڪ مسجد فقيرن واري پاڙي ۾ انتهائي اتر طرف، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُها اصل ۾ جمعي ڪوري جي خالي ڪيل جاءِ ۾ جوڙائي ويئي هئي. سندس بنياد حاجي علي محمد ولد بخش علي لغاري وڌو. ان ۾ گهڻو ڪري فقيرن جو پاڙو، سهراباڻي ۽ ميراڻي نماز پڙهڻ ايندا هئا. ٻي مسجد مهراباڻي پاڙي ۾ سندن پاڙي جي اولھ طرف ڍوري جي ڪپ تي هوندي هئي. اتي مهراباڻي ۽ ٻيا سندن پاڙيوارا نماز پڙهڻ ايندا هئا. ٽئين مسجد بجراڻي پاڙي ۾ شهر جي ڏکڻ طرف هوندي هئي. ان ۾ بجراڻي پاڙي جا ماڻهو، هُليا، ڪاسائي، لانگاھ، ميراثي نماز ادا ڪندا هئا. مسجدون آباد هونديون هيون. انهن ۾ فجر جي آذان واضح طور تي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. اوائل ۾ جمعي جي نماز صرف ٻن مسجدن ۾ پڙهي ويندي هئي جتي شهر جا سڀ نمازي ڪٺا ٿيندا هئا. اهل تشيعه فرقي رکندڙ نمازي ڳوٺ جي اتر واري مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪندا هئا ۽ ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ رهندڙ جن مان گهڻو ڪري سُني فرقي وارا هئا، اُهي اتي جمع نماز ادا ڪندا هئا. جيتوڻيڪ لغاري بجراڻي ڳوٺ جي آخري ڏينهن ۾ جمع نماز کان سواءِ مسجدن ۾ نماز ضرور پڙهي ويندي هئي. هاڻي الاجي ڪهڙي سبب ڪري نوجوان طبقو مذهب کان دور ٿيندو ٿو وڃي. اهو رڳو لغاري نه پر جتي ڪٿي ائين آهي. جيئن ته مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته لغارين جو هڪ قبيلو جيڪو فقيرن جي نالي سان هو اهو ڪاڇي مان آخر ۾ لڏي آيو. فقير مراداڻي قبيلي مان هئا. جيڪي ميان نصير محمد کان وٺي ڪلهوڙن جا مريد هئا، کين ميان والي فقير چوندا هئا. ڪلهوڙن جا ڪيترائي بزرگ ٿي گذريا آهن. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. اهي مذهب اثنا عشري رکندڙ هئا. جنهن ڪري اسان جي لغاري فقيرن پڻ اهو مذهب اختيار ڪيو آهي. هو حضرت علي عليه السلام جا عقيدت مند هوندا هئا ۽ کيس رسول الله صه جو صحيح جانشين ڄاڻندا هئا. انهن فقيرن ۾ حاصل فقير ولد مقصودو فقير ڪجھ علم وارو هو، جنهن جي تقريرن ۽ تدبيرن ڪري لغاري بجراڻي جا گهڻا ماڻهو شيعا ٿي ويا هئا ۽ امام حسين عليه السلام جي عزاداري ڪرڻ لڳا. ان کان علاوه سيد لعل محمد شاھ وارا به شيعا اثنا عشري هئا. جنهن جو اثر ڳوٺ تي گهڻو هو. جنهن ڪري مختلف پاڙا جهڙوڪ: مهراباڻي، سهراباڻي، باگاڻي ۽ ڪجھ حصو بجراڻين جو شيعه ٿي ويا. فقير گهراڻي ته هنن کان اڳ مذهب اماميه اختيار ڪيو هو. محرم جي مهيني ۾ پهريان ڏھ ئي ڏينهن مجلسون برپا ٿينديون هيون. پهرين تاريخ کان وٺي به بتدريج آهسته آهسته ڏهين تائين رات سڄي جاڳي گذاري ويندي هئي، جنهن ۾ مجلس کان سواءِ ماتم ۽ نماز عاشورا پڻ پڙهي ويندي هئي. ڏهين جي ڏينهن هڪ ماتمي تعزيه برداري جلوس ڳوٺ خدا بخش لغاري کان نڪرندو هو جيڪو شهر جي چوڌاري مختلف امام بارگاهن کان گشت ڪندو شام جو ٽپهري جو واپس ڳوٺ خدابخش ۾ختم ٿيندو هو ۽ اتي مجلس “شام غريبان” پڙهي آخري سلام پڙهيا ويندا هئا ۽ ماتم ڪيو ويندو هو. ڏهين جي ڏينهن شام جو گهڻو ڪري سڀني امام بارگاهن ۾ هر ڪنهن جي حيثيت آهر نذر نياز ٿيندو هو. اهڙي طرح ڏهين جي ڏينهن جي پڄاڻي ٿيندي هئي. يارهين تاريخ صبح جو هڪ ماتمي جلوس لغاري بجراڻي مان بُگائن سيدن ڏانهن به ويندو هو. جنهن جي پذيرائي سيد باقر شاھ بگائي ڪندو هو. اتي مجلس ۽ ماتم ٿيندو هو ۽ نياز تقسيم ڪيو ويندو هو. جڏهن مجلسن جو ذڪر آيو آهي ته ڪن مشهور ذاڪرن جو احوال نه ڏيڻ انهن سان بي انصافي ٿيندي، اسان جي يادگيري ۾ مرحوم الھ رکيو مهراباڻي هڪ سٺو ذاڪر ٿي گذريو، ان سان گڏ کيس سُر جهلائڻ لاءِ صحبت علي ۽ علي بخش قيصراڻي ٻئي ڀائر هوندا هئا. مرحوم الله رکيو نيڪ سيرت ۽ سادو انسان هو. مجلسون ڪرائڻ جو تمام گهڻو شوقين هو. ديندار شخص هو نه ڪنهن سان دشمني نه عداوت، ساڻس ٻئي سُر جهلائڻ وارا به مٺي آواز جا مالڪ هئا. هر هفتي جي جمع رات يا جڏهن رات جو مجلس جو پروگرام ٿيندو هو ته سيد لعل محمد شاھ جي پڙ تي اڳواٽ اعلان لاءِ مغرب جي نماز کان پوءِ صحبت علي ۽ علي بخش گڏجي وڏي آواز سان صلوات سڳوري پڙهندا هئا. سندن وڏو آواز سڄي ڳوٺ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو هو. پوءِ سومهڻي مهل ڳوٺ جا ماڻهو مجلس ٻڌڻ لاءِ لعل محمد شاھ جي پڙ ۾ پهچي ويندا هئا. مرحوم غلام عباس فقير پڻ سٺي مجلس پڙهندو هو. سندس درد ڀريو آواز ماڻهن کي رئاري ڇڏيندو هو. هو گهڻو ڪري مرثين جا ڪتاب کڻي پڙهندو هو. سندس رڪارڊ ٿيل مجلسون اڄ به ماستر الله بچائي وٽ محفوظ آهن. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ذاڪر ۽ مقرر هئا. جيڪي ڪتابن مان مجلس پڙهندا هئا. جن مان محمد اسماعيل لانگاھ، ٻڍو خان ۽ دين محمد قابل ذڪر آهن .
    ڳوٺ ۾ مقرر ٿيل عيدگاھ ڪونه هوندو هو، تنهنڪري عيد جي نماز ڪنهن صاف پٽ تي پڙهي ويندي هئي. عيد نماز لاءِ صبح جو اٺين وڳي ڌاري دهل وڃڻ شروع ٿيندو هو اهو هڪڙي قسم جو اعلان هو ته نماز لاءِ گڏ ٿجي. نماز لاءِ مختلف ٽولا خوبصورت لباس ۽ خوشبو سان ٽٻٽار ٿي گهرن کان ٻاهر نڪرندا هئا. کل خوشي ڀوڳ چرچو عام جام هوندو هو. نمازي عارضي مقرر ٿيل عيد گاھ ۾ گڏ ٿي باقي رهيلن جو انتظار ڪندا هئا. جيسين سمورن پاڙن جا ماڻهو نه پهچندا هئا، تيسين نماز شروع ڪونه ڪندا هئا. اوائلي وقت ۾ عيد جي نماز سيد حسن علي شاھ ولد سيد مست علي شاھ جيڪو اصل ڪورائن جو ويٺل هو اهو نماز پڙهائيندو هو. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ شيعه فرقو رکندڙ هو ۽ لغاري به ڪافي تعداد ۾ شيعه ٿي ويا هئا. حسن علي شاھ کان علاوه سندس پٽ لعل محمد شاھ به نماز پڙهائيندو هو. اسان جي يادگيري ۾ خانڻ فقير ۽ پوءِ حاجي خان نماز پڙهائيندا هئا. نمازين جو گهٽ ۾ گهٽ چار صفون ٻڌجي وينديون هيون. سيارو هجي توڙي اونهارو وڏي اطمينان سان نماز ادا ڪئي ويندي هئي. نماز کان پوءِ خطبو سڀڪو ويهي ٻڌندو هو. عيد تي سيد جو ذڪر نه ڪجي ته اها انهن سان ڏاڍائي ٿيندي. نماز کان پوءِ گهر وڃي سين تي مارڪو ٿيندو هو. هر هڪ گهر ۾ سيون ته ضرور جوڙيون وينديون هيون. ان زماني ۾ سين جوڙڻ جي مشين عام جام ڪونه هوندي هئي ۽ نه وري اڄڪلھ وانگر ٺهيل جڙيل سيون ملنديون هيون. هر گهر ۾ واري سان پاڙي جون عورتون گڏ ويهي، پارڙا اونڌا ڪري انهن جي مٿان هٿن سان سيون جوڙينديون هيون. صبح کان شام تائين سندن خوب ڪچهري ٿيندي هئي ۽ گهر لاءِ ٻن ٽن ويلن جون سيون تيار ٿي وينديون هيون. دراصل انهن سين جي کائڻ ۾ جيڪا شيرين هوندي هئي سا اڄڪلھ جي مشين جي ٺاهيل سين ۾ ڪٿي آهي. اهي سيون سادي پاڻي ۾ اٻاري، پاڻي هاري، اٻاريل سين ۾ سچو گيھ يا مکڻ وجهڻ ۾ ايندو هو. جنهن جي مٿان کنڊ يا مٺائي ٻُرڪي کائبي هئي. هاڻي انهي کاڌي کائڻ لاءِ دل سڪي رهي آهي. نڪي آهن اُهي هٿ جون ٺهيل سيون ۽ نڪي سچا گيھ، وري جڏهن عيد قرباني ايندي هئي ته نماز کان پوءِ هرڪو وقت آهر قرباني ڪندو هو. گهڻو ڪري هڪ جانور ۾ ست ڄڻا ڀائيوار هوندا هئا. قرباني جو گوشت تيار ڪري انهي جا ننڍا ننڍا حصا ٺاهيندا هئا، جن کي “واٽا“ ڪري چوندا هئا. اهو واٽو هر هڪ شادي شده جوڙي جي حساب سان ڏنو ويندو هو. جيڪڏهن ڪنهن گهر جا ڀاتي گهڻا هوندا هئا ته ان کي ٻه يا ٽي واٽا به ملندا هئا. اهڙي طرح ورهاست ٿيندي هئي جو ڳوٺ ۾ ڪو به گهر رهجي ڪونه ويندو هو. عيد بعد ايندڙ رات گهڻو ڪري هر ڪنهن جي گهر ۾ قرباني جو گوشت ضرور پچندو هو. هر ڪنهن عيد جي شام جو نوجوان ڇوڪرن جا ٽولا شهر مورو گهمڻ ضروري سمجهندا هئا. مورو شهر ڳوٺ لغاري بجراڻي جي ويجهو يعني تقريبا 5 يا 6 ميلن تي هو. موري ۾ ملاکڙو، ڪٻٽي راند يا رڇ جي ويڙھ ضرور ٿيندي هئي ۽ شهر ۾ ميلي جو سامان ٿي ويندو هو. اڄ به موري شهر ۾ عيد جي ڏينهن کان وٺي ٽن ڏينهن تائين رڇ ۽ ڪُتن جي ويڙھ ڪرائي ويندي آهي، جيئن مٿي محرم جي مهيني ۾ مجلس ۽ ماتم جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان جي لاءِ وڌيڪ ائين به هو ته مردن جي لاءِ ٺهيل پڙ کان علاوه هر هڪ پاڙي ۾ عورتن جو پڙ به ٿيندو هو. جتي روزانو رات جو امام حسين عليه السلام جو ذڪر ۽ مرثيه وغيره پڙهنديون هيون. اتي به عورتن پاران نياز نذر وغيره تقسيم ڪيو ويندو هو ـ
    هن ڳوٺ ۾ هندن جو ڪردار به بنا مذهبي تعصب، بلڪ ڀائيچاري وارو هوندو هو. جڏهن عيد برات ٿيندي هئي ته هندو برادري جا ماڻهو به ان ۾ شريڪ ٿيندا هئا. محرم جي ڏهين تاريخ جڏهن تعزيه جو جلوس نڪرندو هو ته ٻين مسلمانن وانگر هندو به پنهنجا ننڍا ننڍا ٻار کڻي تعزيه جي هيٺيان لنگهندا هئا. محرم جي ڏهين جيئن مسلمان نياز ڪندا هئا. تيئن هندو پڻ محرم جي ڏينهن شام جو چڻا رڌي ورهائيندا هئا. پنهنجي ٻولي ۾ ان کي “سِيسَا ” چوندا هئا. ڪڏهن به جلوس تي ٺٺولي يا ڪا ٻي بدتميزي جو مظاهرو ڪونه ڪندا هئا. عيد جي موقعي تي ڪافي گهماگهمي ٿيندي هئي. هندن جا وري پنهنجا پنهنجا وڏا ڏينهن هوندا هئا. جيئن ڏياري جو ڏينهن، دسهڙي جو ڏينهن وغيره، ڏياري جي موقعي تي هندن جي گهرن ۾ چراغان ڪيو ويندو هو. ان زماني ۾ بجلي ته ڪونه هوندي هئي تنهنڪري هندو پنهنجي گهرن جي اندر توڙي ٻاهر دروازي، درين ۽ جاين جي ڪانس تي ٺڪر جا ڏيا ٻاريندا هئا، جيڪي هر گهر ۾ سَون جي تعداد ۾ هوندا هئا. ڳوٺ جا شرارتي مسلمان ٻار جيئن ڪو در جي ٻاهران ڏيئو ٻرندو ڏسن تيئن اهو وسائي تيل هاري خالي ڏيئو کڻي ڊوڙ پائي ڀڃي ويندا هئا ۽ واڻيا ڏسندا رهجي ويندا هئا ۽ گهٽ وڌ ڳالهائيندا، ساڳي جاءِ تي ٻيو ڏيئو ٻاريندا هئا پر ڪڏهن به ڪنهن هندو هن بدتميزي جو برو نه منائيندا هئا ۽ نه وري وڏن کي ٻارن جي اهڙي حرڪت جي شڪايت ڪندا هئا. اهو به هڪ خوشي جو حصو هو. جنهن ۾ هڪ ڌُر ڏيا ٻاريندي هئي ۽ ٻي وسائيندي هئي. ٻئي ڌريون انهي ۾ خوش هيون. انهي سبب ڪري ڪابه دشمني وغيره پيدا ڪونه ٿيندي هئي. هندن جا ٻيا به ڪيترائي خوشي جا ڏڻ هوندا هئا. هڪ وڏي ٽري يا ڪاٺ وغيره جو ٺهيل چوڪنڊو برتن ٺاهي ان کي چوڌاري شفاف پنن يا شيشن سان بند ڪندا هئا. پوءِ ان ۾ مٺائي، مصري، ڏونگهيون، چانورن يا ٻئي اناج جا داڻا وجهي ٻاهران رنگ دار ڪاغذن جي جهالر ٻڌندا هئا. پوءِ ان جو جلوس سڄي بازار ۾ گهمايو ويندو هو. آخر ۾ ان کي ڦيري درياھ بادشاھ جي حوالي ڪيو ويندو هو. ياد رهي ته اهو ڏڻ هميشه گرمي جي موسم ۾ ٿيندو هو ۽ جڏهن پاڻي ڍنڍن ڍورن ۾ ڀرجي ايندو هو. ڳوٺ ۾ هندن ۽ مسلمانن ۾ ڪڏهن به مذهبي جهيڙو يا فساد ڪونه ٿيو، ٻئي قومون هڪ ٻئي جون مددگار ۽ کير کنڊ هئا ـ


    معاشي زندگي

    اسان جي ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو هوندا هئا، پهريون قسم انهن ماڻهن جو هئو جن جو گذران پوکي راهي تي ٿيندو هو. ٻيو طبقو واپاري هئو جي گهڻو ڪري سڀ هندو هوندي هئي. جيتوڻيڪ ڪجھ هندو کيتي باڙي به ڪندا هئا، مثال طور آوت مل، مورج مل، ڀيرومل ۽ ٻيا. هي بازار جي ڏکڻ طرف بجراڻي پاڙي جي ڀرسان رهندا هئا. ٽيون طبقو هُنر مند جهڙوڪ: ڊکڻ، ڪوري، موچي، ڌوٻي ۽ حجم وغيره. پهرين طبقي ۾ اُها برادري هئي، جيڪا شروع ۾ اچي اتي آباد ٿي هئي. کين ڪهڙي به طريقي سان زمين ملي تنهن جو ذڪر پهريان ڪيو ويو آهي. ڪچي جون زمينون جيڪي وڏي جهنگل جي صورت ۾ هيون انهن مان جهنگ ڪڍي آبادي جي لائق بڻايو ويو. انهن مان بجر خان، مڱڻ خان، ميرڻ ۽ باگو خان قبل ذڪر آهن. انهن کان پوءِ سندن اولاد ڪچي واري زمين پاڻ ۾ ورهائي ۽ آباد ڪندا هئا. گهڻو ڪري سڀڪو پنهنجي زمين جي ٽڪر تي پاڻ آبادي ڪندو هو. زميندار به پاڻ ته هاري به پاڻ، زمين ۾ گهڻو ڪري درياھ جي اٿل سبب صرف ربع جو فصل ٿيندو هو. جهڙوڪ ڪڻڪ، چڻا، مٽر، سرنهن، ڄانڀو وغيره. ڪجھ آبادي خريف جي فصل جي به ٿيندي هئي. جڏهن گرمي جي موسم ۾ درياھ چڙهندو هو ته ڍنڍون ڍورا پاڻي سان ڀرجي ويندا هئا. انهن ڍنڍن ۽ ڍورن تي نار چاڙهي جوئر ۽ ٻاجهري جي آبادي ٿيندي هئي. ماضي قريب ۾ کوٽايل واھ جيڪو درياھ کان نڪري ڳوٺ جي اولھ کان ٿيندو عرض محمد جي ڳوٺ جي اولھ طرف درياھ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اهو ڍورو قدرتي ٺهيل هو. شايد ڪنهن زماني ۾ اتان درياھ وهندو هو ۽ پوءِ اتان ڇڏي ويو. ٻيو ڍورو جنهن کي واهڙ چيو ويندو هو، اهو ڳوٺ کان ميل کن اوڀر طرف هو، اهو واهڙ به ڳوٺ ڪورائين کان ٿورو ڏکڻ طرف درياھ مان نڪرندو هو پوءِ لغارين جي اوڀر کان ٿيندو ساڳي عرض محمد جي ڳوٺ جي اوڀر ۾ درياھ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن جا نشان اڄ به ظاهر آهن. هي واهڙ به ڪڏهن درياھ جي سينٽر يا وچ هو. انهي واهڙ کان وٺي اولھ ۾ درياھ جو پار دادو ضلع جي حد تائين اها ديھ خيروديرو سڏبي هئي. هن ايراضي ۾ زمين جا مالڪ صرف لغاري هئا، پوءِ انهن مان ڪجھ زمين پاڙيوارا زميندار قبضو ڪري ويا. ڪجھ زمين هندن خريد ڪئي. جيڪڏهن ڍورن جي ڪن حصن ۾ کاٽي جي ضرورت پئي ته لغارين گڏجي ان جي کاٽي پي ڪئي. اسان جي يادگيري ۾ جيڪڏهن اهو ڍورو ڪنهن هنڌان لٽجي ٿي ويو ته ان جي کاٽي ونگار وسيلي ڪندا هئا. هرڪو پنهنجي زمين جي ڀرسان واري ٽڪر جي کاٽي جو ذميوار هوندو هو. سڀني کان وڌيڪ سرگرم گاجي خان ولد دلاور خان لغاري هوندو هو، جنهن جي زمين انهي ڍوري جي ڪناري تي هئي. کاٽي جي وقت هو سڀني آباگارن کي اڳيان ڪري گهربل کاٽي ڪرائي پاڻي وهائي ايندو هو، پوءِ ڍورن جي ڪپ تي نار چاڙهي زمين آباد ڪندا هئا. جڏهن درياھ ۾ چاڙھ ايندو هو ته مذڪوره ڍوري ۾ جون مهيني ڌاري پاڻي اچي ويندو هو، پوءِ ڍوري جي ٻنهي پاسي ڪيترائي نار وهندا هئا. ان وقت نار جو رينگٽ، ڏاندن کي ٻڌل چڙا ۽ ٽليون وڻندڙ موسيقي جو رو پ ڌاري مست ڪري ڇڏيندا هئا. رات جي آخري پهر ڳاڌي تي ويٺل ڳوٺاڻو انهي موسيقي جي ڌُن ۾ پاڻ به شاھ صاحب جا بيت جهونگاريندو هو. ان وقت اسان جي ڳوٺ ۾ ڪنهن به ڌارئي جو ڊپ ڊاءُ ڪونه هو. هر ڪو پنهنجي پوکي تي مست، شاڪر ۽ صابر هوندو هو. انهي موسم ۾ ٻار به انهن ڍورن ۽ ڍنڍن ۾ ترندا ۽ تڙڳندا نظر ايندا هئا. کين ڍورن ۾ وهنجڻ جي ڪابه جهل پل ڪونه هوندي هئي. ننڍو هجي توڙي وڏو کيس ترڻ ايندو هو. جيئن ننڍي ٻار کي پير کڻڻ ۽ هلڻ سيکاريو ويندو آهي تيئن اسان جي ڳوٺ وارا ننڍي ٻار کي ترڻ به سيکاريندا هئا. ڇاڪاڻ ته ڪچو هئڻ ڪري هر سال ٻوڏ جو پاڻي ڍنڍن ڍورن ۽ کڏن ۾ ڀرجي ويندو هو. جنهن ڪري تيراڪ کان سواءِ ڳوٺ ۾ هلڻ چلڻ به مشڪل سان ٿيندو هو. آگسٽ ۽ سيپٽمبر ڌاري جوئر ۽ ٻاجهر آنڀو ڪري ويندي هئي، جنهن لاءِ جهار تڙڻ به هڪ مسئلو هوندو هو. انهيءَ جي تڙڻ لاءِ وڏا وڏا پيها ٺاهيا ويندا هئا. جنهن تي چڙهي فصل تان جهار هڪليندا هئا. ان وقت هر پاسي کانڀاڻين جا ٺڪاءُ ۽ هارين جا بي سُرا آواز به دل کي زندگي جو پيغام ڏيندا هئا. ڪيڏي نه ڀرپور زندگي هئي. ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ وارن جون، لاباري جي وقت ۾ عورتون مٿي تي کارا کنيون پنهنجي مردن سان گڏ لاباري تي وينديون هيون ۽ ڪانن مان سنگ علحيده ڪري گڏ ڪنديون هيون ۽ مرد وري ڪانن جا ننڍا ننڍا گڏا ٺاهي هڪ هنڌ گڏ ڪندا هئا. جنهن جي ڍير کي ڪانن جي وُن چئبو آهي. شام جو عورتون پنهنجا کارا سنگن سان ڀري واپس موٽنديون هيون، هاري کي پنهنجي محنت جو ڦل ڏسي کيس ڪيڏي نه خوشي ٿيندي هوندي. لغاري بجراڻي ڳوٺ جي سڀني باشندن کي گهڻو ڪري ڪچي جي زمين ضرور هوندي هئي ۽ اُها پنهنجي پاڻ آباد ڪندا هئا ۽ هاري زميندار جو گهڻو چڪر ڪونه هوندو هو.جيڪا زمين ڪچي کان ٻاهر پڪي ايراضي ۾ هوندي هئي ان جو زميندار هارين سان نهايت ڀائپي وارو سلوڪ ڪندو هو. روايتي زميندار وانگر ائين ڪڏهن به نه ٿيو ته ڪو زميندار ڪنهن هاري تي ناجائز ڪم جو بار وجهي. هن ڳوٺ ۾ رهندڙ سڀ لغاري هڪ ٻئي سان ڪنهن نه ڪنهن هنڌ مٽي مائٽي ۾ به ڳنڊيل هئا. جنهن ڪري زميندار هجي يا هاري ڪنهن کي ڪنهن تي فوقيت ڪانه هوندي هئي.
    لغاري بجراڻي جي پوک جو ذڪر جيڪڏهن گدرن جي فصل کان سواءِ ڪبو ته اڌورو آهي ڇاڪاڻ ته ڳوٺ جي آس پاس لغارين جا پوکيل گدرا گهڻو مشهور هوندا هئا ۽ هن وقت به آهن پر ان وقت جي ڳالھ ٻي هئي. گدرن جي واڙي پوکڻ جا شوقين حيدر بخش ولد بهادر، قادر بخش ولد بهادر، محبوب علي ۽ نظر حسين ولد احمد فقير ۽ ٻيا به ڪيترائي لغاري هئا. اُهي واڙي پوکڻ ۽ سار سنڀال لهڻ ۾ خاص حيثيت رکندا هئا. گدرن جون واڙيون گهڻو ڪري درياھ جي ڀرسان سندس ڇڏيل پيٽ ۾ ٿينديون آهن. جيڪڏهن زمين تي پيل لٽ جي مٿان واري گهڻي انداز يعني هڪ ٻن فٽن تائين هوندي آهي ته ان ۾ ٻي ڪا پوک ٿي نه سگهندي آهي. گدرن لاءِ ان ۾ کڏا هڻي ان جو ترو پاڻي جي سيڪ تي بهاري ان ۾ ٻج پوکيندا هئا ۽ پوءِ ٿوري گهڻي لٽ واري مٽي بج جي مٿان هڪ ٻه انچ کن وجهندا هئا. اٺن يا ڏهن ڏينهن کان پوءِ سَلو نڪرندو آهي ۽ آهسته کڏن مان ٻاهر نڪري وڏو ٿي زمين تي ٽڙي ويندو آهي ۽ گل جهلي پوءِ ان ۾ گدرا ٿيندا آهن. گدرن جي پوکڻ جي موسم سياري اچڻ کان ٿورو اڳ آهي. جيڪڏهن سياري جي موسم جو سخت پارو نه پيو ته مارچ مهيني ڌاري گل ڪڍندو آهي ۽ اپريل ۾ گدرا ڏيڻ شروع ڪندو آهي. پر جيڪڏهن گهڻي سيءُ ۽ پاري سبب ڪي سلا سڙي ويا ته به وري پوکي سگهبا آهن. کڏن وارن سَلن کي سياري ۾ بچائڻ سولو آهي. ڇاڪاڻ ته کڏي جي مٿان ڪک پن يا سَر ڪانهن جو ڍڪ ڏيئي ننڍڙي سلي کي بچائي سگهجي ٿو. جتي سيڪ مٿي هوندو آهي اتي هڪ ٻه هر ڪاهي ان ۾ ناڙي رستي به گدرا پوکيا ويندا آهن. پر انهن کي سياري جي پاري کان بچائڻ مشڪل آهي. واڙي جي گڏ ڪرڻ به تمام ضرور آهي ته خاص ڪري ناڙي سان پوکيل گدرن ۾ ڇاڪاڻ ته ان ۾ گدري جو ٻوٽو زمين جي هيٺين سطح تي هوندو آهي ۽ ڀرسان غير ضروري گاھ به ڄمي ويندو آهي. جيئن اهو گاھ زمين مان نمي نه کڻي وڃي. جڏهن ٻوٽا وڏا ٿي هڪ ٻئي ۾ گڏجي ويندا آهن ته ڦر جهلڻ شروع ڪندا آهن. انهن ڦرن کي به گدڙن، مِرن يا ٻين جهنگلي جانورن کان بچائڻ به تمام ضروري هوندو آهي. انهيءَ لاءِ واڙي واري پوکيل زمين تي هڪ ننڍي اوطاق يا جهوپڙي پڻ ٺاهي ويندي آهي جيئن واڙي پوکيندڙ رات ڏينهن ان جي رکوالي ڪري سگهن. گدرا پچڻ تي هر روز شام جو گدرا ڪڍيا ويندا هئا. سج لٿي کان اڳ واڙي مان سمورا پڪل گدرا ڪڍي هڪ هنڌ ڍير ڪندا هئا. جيئن واپارين جا اُٺ راتو رات کڻي صبح جو ڪنهن مارڪيٽ تي پهچائين. ڳوٺ لغاري بجراڻي جي مارڪيٽ موري شهر يا دادو ۾ هوندي هئي. گدرن جا واپاري سمورين واڙين مان گدرا گڏ ڪري ٻورين ۾ وجهي اُٺ قطاري سومهڻي ڌاري موري يا دادو جي شهر روانا ٿيندا هئا. رات جو اُٺن کي ٻڌل ڇير جتن جون جهونگارون ۽ بيت اهو اعلان ڪندا هئا ته هي گدرن جي موسم آهي ۽ گدرا مارڪيٽ ڏانهن وڃي رهيا آهن. ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ انهي موسم جي خاص اهميت هوندي هئي. گدرا ته هينئر به ٿين پيا پر تقريبن 50 سال اڳ وارا گدرا مٺا، رسدار ۽ ڳر وارا هوندا هئا. سانجهي جو پٽيل گدرو جڏهن صبح جو سويل کائبو هو ته ڏاڍو ٿڌو ۽ مٺو هوندو هو ۽ وات جي واڇن جي ٻنهي پاسي پاڻي پيو ٽمندو هو. هينئر به جيڪڏهن انهن گدرن جو تصور ٿو ڪجي ته وات پاڻي ٿيڻ لڳي ٿو. ڳوٺ جو ڪوبه ماڻهو ڪنهن جي واڙي ۾ ويندو هو ته ان کي گدرن کائڻ جي ڪابه جهل پل نه هوندي هئي ڀلي کائي ڍوءَ ڪري ۽ ٻه ٽي گدرا گهر ڏانهن به کڻي وڃي سگهيو پئي. مٿي ذڪر ڪيل لغارين جون واڙيون 100 جريبن ۾ هونديون هيون. واڙي جي وچ ۾ هڪ سٺي لانڍي به ٺهيل هوندي هئي. جتي ڏينهن رات چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. کاڌي پيتي جو سامان لانڍي ۾ موجود هوندو هو. واڙيون گهڻو ڪري درياھ جي وارياسي ڪنارن تي هونديون هيون. درياھ جي ڀرسان هئڻ ڪري اتي مڇي به جام ملندي هئي. ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کان اڳ پلا جام هوندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن مڇي يا پلي جي ماري کي 5 يا 10 سير گدرا ڏيندا هئا ته هو جوڙي پلن يا مڇين جي لانڍي ۾ ڇڏي ويندو هو. مطلب ته ڪنهن به واڙي ۾ وڃي رات رهي اچڻ هڪ سٺي تفريح هوندي هئي. رات جو به راڳ روپ ۽ ٻي تفريح جو ڪافي سامان هوندو هو. جنهن ڪچهري ۾ نظر حسين ولد احمد وفير هجي اتي کل ڀوڳ ۽ نظر جا گفتا رنگ لائي ڇڏيندا هئا. گدرن سان گڏ ميها، ڇانهيون ۽ ونگا به جام ٿيندا هئا. اهو خريف ۽ ربيع جو وچ وارو فصل انتهائي فائدي وارو ۽ نفح بخش هوندو هو. ربيع جي موسم ته هن ڳوٺ ۾ عجيب موسم هوندي هئي. مٽر، چڻا، ڄانڀو، سرنھ وغيره پوکي ويندي هئي. ان کان سواءِ بوسي ڪڻڪ پڻ ناڙي رستي پوکڻ جو رواج هو. فيبروري ۽ مارچ جي مهيني ۾ جڏهن موسم بهار پنهنجي اوج تي هوندي هئي ان وقت ربيع جي فصل جي خوشبو، جهنگلي ٻوٽن ۽ وڻن جي مهڪ مست ڪري ڇڏيندي هئي. هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ هوندي هئي. شام جي وقت جڏهن گهر کان ٻاهر نڪري اولھ طرف رخ ڪبو هو ته ڏسڻ ايندو هو ته ڪو ماڻهو ڪاٺين جي ڀري کنيو پنهنجي مال سميت ڳوٺ پيو اچي. سرنهن جي ساڳ يا مٽرن، چڻن جي “پلي” پٽڻ جي ڪنهن کي جهل پل نه هوندي هئي. تنهن ڪري ساڳ پٽي رات جي ڳنڌڻ جو سٺو بندوبست ٿي ويندو هو. هونءُ به رات جو جوئر يا ٻاجهري جي ماني سان ساڳ کائي مٿان کير جو وٽو پي هر ڪو ڏڪار ڏيندو ڀر واري اوطاق ۾ ايندو هو. ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ سواءِ هندو آبادي جي ٻين ماڻهن جا گهر ڪچا هوندا هئا. يعني اوڏڪيون، ڀتيون ۽ مٿائين ڪانهن يا سرن جا ڇپر هوندا هئا. انهن جو سبب ڪجھ غربت ۽ ڪجھ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ هوندو هو. گهڻي ٻوڏ سبب ڪنڌي وارن گهرن کي ڪوبه خطرو ڪونه هوندو هو. پر ڀتين کي بچائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون هيون. ٻوڏ وقت جڏهن ٻوڏ جو پاڻي گهرن جي ڀتين کي ٽڪرائيندو هو ته ان وقت اڱڻ کوٽي اتان مٽي ڪڍي ڀتين کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ڀراءُ ڏيئڻو پوندو هو. هندن جا گهر گهڻو ڪري وچ شهر ۽ مٿاهين واري هنڌ تي هوندا هئا. تنهنڪري کين معمولي ٻوڏ جو خطرو ڪونه هوندو هو. ڳوٺ وارا ٻوڏ جو مقابلو وڏي جوانمردي سان ڪندا هئا. ڳوٺ کي چوڌاري پاڻي گهيري ويندو هو پر سندن منهن مان خوشي پيئي ٻهڪندي هئي. چوڻي آهي ته “ٻڏي جا ٻيڻا” ٻوڏ کان پوءِ وڌ کان وڌ پوک ٿيندي هئي. ٻوڏ ۾ ڪجھ نقصان خريف جي فصل کي ٿيندو هو پر ربيع جو وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻا اها قرباني ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار هوندو هئا. وڏي ٻوڏ ۾ شهر لغاري بجراڻي جي چوڌاري پاڻي ڦري ويندو هو. ڪن ڪن گهٽين ۾ به پاڻي اچي ويندو هو ۽ گهر گهر کان الڳ ٿي ويندو هو جنهن ڪري سندن اچڻ وڃڻ ٻيڙين کان سواءِ ڪو به ذريعو ڪونه هوندو هو. تانگهي پاڻي ۾ ور کڻي هڪ ٻئي جي گهر اچڻو وڃڻو پوندو هو. ڳوٺ جا مير بحر ٻيڙيون ڪاهي ڳوٺ جي ڀرسان بيهاريندا هئا. روزانو هڪ يا ٻه چڪر ٻيڙيون ماڻهن ۽ سامان وغيره کڻي گچيرو ۽ بند تائين وينديون هيون. جيئن ڳوٺاڻا گچيرو يا موري مان ڪم ڪار لاهي وري موٽي ٻيڙي تي چڙهي ڳوٺ پهچي سگهن. ديھ خيروديرو جي اوڀر واري دنگ مان هڪ واهڙ به هوندو هو. جيڪو اڃان تائين سُڪل حالت ۾ موجود آهي. ان واهڙ ۾ ٻوڏ جو پاڻي سڀ کان اول ايندو هو. اُهو واهڙ شهر ڪورائين کان اولھ ـ ڏکڻ طرف کان درياھ منجها نڪري واپس عرض محمد جي ڳوٺ جي سامهون درياھ منجھ ڇوڙ ڪندو هو. ان واهڙ جي ٻنهي ڪنارن تي اونهاري جي موسم ۾ جڏهن واهڙ وهي ايندو هو تڏهن نار چاڙهيندا هئا ۽ خريف جو فصل جهڙوڪ: جوئر، ٻاجهري وغيره پوکيندا هئا. انهي واهڙ جي ڪناري تي ڪن هندن جون زمينون به هيون. جن مان ڪجھ پنهنجي زمين پاڻ آباد ڪندا هئا ۽ ڪجھ ڳوٺ وارن هارين کي هارپ تي ڏيندا هئا ـ
    جيئن جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن تيئن هر ڪا شي پنهنجي اصلوڪي ماڳ تان اڳتي وڌندي يا پوئتي هٽندي پيئي اچي. 1947ع ۾ پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ هندن لڏپلاڻ ڪئي. ڳوٺ لغاري بجراڻي جا سمورا هندو هندستان هليا ويا. سندن رهڻ وارين جاين ۽ دڪانن تي پاڙيسري مسلمان قبضو ڪندا ويا. دڪان ۽ بازارون ڦٽي ويون ۽ شهري آبادي کي وڏو ڌڪ لڳو. انهي حد دوران ڪجھ ٻيون به ذاتيون ۽ قبيلا آهسته آهسته لڏڻ لڳا. جهڙوڪ لانگاھ، ڪاسائي، هُليا ۽ ڪوري وغيره. ڪن بئراج علائقي ۾ زمين کنئيءَ ۽ ڪي وري ڌنڌي خاطر گچيرو پراڻو يا مورو ۾ لڏي آيا ۽ اتي آباد ٿي ويا. مطلب ته 1947ع کان شهر لغاري بجراڻي جو زوال شروع ٿيو. ڳوٺ جا وڏا جيڪي محنتي جفاڪش ۽ ايماندار هئا سي هي جهان ڇڏي ويا ۽ وڃي ملڪ عدم وسايو. نئين ٽهي وارا محنت گهٽ ڪرڻ وارا آرام پسند ۽ ٺلهي وڏائي رکندڙ هئا سي پنهنجي ٺٺ ٺانگر ۾ پورا هئا. جنهن ڪري اهي واھ جيڪي هر سال ٿوري گهڻي کاٽي ڪري وهايا ويندا هئا سي آهسته آهسته لٽجڻ لڳا. ڪنهن به انهي ڏانهن توجھ ڪونه ڏنو. نتيجي ۾ 20 کان 25 سالن کانپوءِ انهن ڍورن ۽ واهڙ تي نارن جو رينگٽ گهٽجڻ لڳو. جيتوڻيڪ انهي وچ ۾ زمين تي کوهن جو تعداد وڌيو ۽ نارن جي جاءِ ٽيوب ويل ۽ مشين والاري وئي پر اڳين محنت گهٽجي وئي ۽ خريف جو فصل پڻ گهٽجڻ لڳو. تنهن هوندي به ربيع جو فصل ٻوڏ کان پوءِ سٺو ٿيندو هو ۽ ماڻهن جو گذر سفر آساني سان ٿيندو هو. آخرڪار درياھ بادشاھ کي اسان جي اعمالن تي ناراضگي ٿي يا کيس مٿان کان حڪم ٿيو، کيس پنهنجا چار پنج سو سال پراڻا ماڳ ياد آيا. پهريائين هڪ وڏو واهڙ جنهن کي مقامي طرح ڍنڍ ڪوٺيو ويندو هو ۽ ڳوٺ جي اولھ طرف ميل کن پنڌ تي هو ان کي پائي وڏو ويڪرو ڪيو ۽ ٻئي سال انهي واهڙ ۾ درياھ ڪاهي پيو ۽ اهو واهڙ ڍنڍ کان ڦري درياھ ٿي ويو ۽ اصلوڪو درياھ لٽجڻ لڳو. تاريخن هن درياھ کي پورالي ندي ڪوٺيو آهي. هن هميشه کان پنهنجا ماڳ مٽايا آهن. ڪڏهن شهدادپور ڀرسان سهڻي ۽ ميهار جي قبرن جي وچان وهندي هئي. ڪڏهن موهن جو دڙو، ڪڏهن ٺٽي شهر جي ڀرسان ڀنڀور سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي ۽ ڪڏهن کاري ڇاڻ ۾، خير!! انهي واهڙ يا ڍنڍ سان به ڪافي يادگيريون وابسته آهن. انهي ڍنڍ جي ٻنهي ڪنارن تي ڳوٺ جي لغارين جون زمينون هيون ۽ ڍنڍ ۾ گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن کڏ يا هيٺاهين جڳھ تي پاڻي ضرور هوندو هو. سياري توڙي اونهاري ۾ ڌنار پنهنجو مال ڪاهي ڍنڍ ٽپائي ٻئي ڪناري ڏانهن چرڻ لاءِ ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ سڄو ڏينهن ڍنڍ جي ڪپ تي رانديون ڪندا هئا. هي ڍنڍ ڳوٺ جي ٻارن توڙي نوجوانن جي لاءِ وڏي تفريح گاھ بنجي ويئي هئي، اها ڍنڍ درياھ جي چاڙھ دوران وهي ايندي هئي. جنهن ڪري گرمين ۾ تقريبن هر روز منجهند جو ڳوٺ جا ڇوڪرا ٽوليون ڪري ڍنڍ ۾ وهنجڻ ويندا هئا ۽ سڄو ڏينهن راند روند ڪري شام جو گهر موٽندا هئا. ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو جو رات جي وقت چانڊوڪين ۾ ٻلهاڙو يا ڪٻٽي راند ڪرڻ کان پوءِ ڍنڍ تان وهنجي واپس گهر ويندا هئا. ڍنڍ جي ڪپ تي بيٺل وڏن وڏن وڻن تان هيٺ پاڻي ۾ ٽپ ڏيندا هئا. جيئن اڄ ڪلھ وڏن شهرن ۾ ٺهيل تلائن ۾ اوچي ٺهيل مينار تان هيٺ پاڻي ۾ ٽپ ڏيندا آهن. ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو ڳوٺ جا ڇوڪرا ڍنڍ جي منهن کان پاڻي ۾ گهري لهوارا ٿيندا هئا ۽ ميل کن ائين ترندا تڙڳندا ڪنهن نه ڪنهن ڪاٺي يا ڪانهه جي موڙي جي سهاري ترندا ايندا هئا. هر ڪنهن ماڻهو جو ننڍپڻ جو دور هوندو آهي ۽ وڏو هوندو ۽ وڏي هوندي اهو درو سُهانو لڳندو آهي پر منهنجي مشاهدي موجب اسان جي ننڍپڻ وارو زمانو جنهن ۾ اهو سڀ ڪجھ ٿيندو هو اهڙو دور وري ڪڏهن به اسان جي ڳوٺ ۾ نه آيو. جنهن سال درياھ ڍنڍ ۾ ڪاهي پيو ان کان پوءِ ننڍن ڇوڪرن جو اهو وڏو تفريح گاھ ختم ٿي ويو ۽ درياھ آهسته آهسته ڳوٺ ڏانهن وڌڻ لڳو، ٻن ٽن سالن جي عرصي ۾ احمداڻي لغارين جو اصلي ڳوٺ پاتائين ۽ احمداڻي لڏي اچي واهڙ جي ڪپ تي ويٺا، پوءِ الهندي طرف کان پار ڀٽر پنهور کان درياھ بادشاھ سڌو اوڀر طرف رخ ڪيو. سال 1973ع ۾ ايڏي ٻوڏ ڪيائين جو لغاري بجراڻي جو سڄو شهر پاڻي هيٺ اچي ويو. سال 1973ع ۾ جيترو نقصان ڳوٺ جو ٿيو اوترو ڪڏهن به نه ٿيو. ماڻهن ٻار ٻچا گهڻو ڪري پڪي تي اماڻي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ پنهنجي ٻڏل سامان جي نگراني لاءِ پيها ٺاهي انهن تي ويٺل هوندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت هئي، هُو پاڪستان جو وزيراعظم هو. 1975ع جي ٻوڏ جي دوران جڏهن شهر لغاري بجراڻي چوڌاري ٻوڏ جي پاڻي ۾ گهيريل هوندو هو ته پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي هيلي ڪاپٽر ذريعي کاڌي جو سامان ڪيرايو ويندو هو، جيئن تيئن ڪري اهو سال به گذري ويو وري ٻي ٻوڏ سن 1976ع ۾ آئي جنهن رهيو کهيو شهر به غرق ڪري ڇڏيو پر ڳوٺ جا باهمت باشندا ٻوڏ کان پوءِ وري به خوش، ٻوڏ لهڻ کان پوءِ اتي سٺي آبادي ٿيندي هئي، چوندا آهن ته ”ٻوڏ جا ٻيڻا“ اهڙي طرح زندگي روان دوان هئي، انهن وڏين ٻوڏن جو سبب صرف اهو هو جو درياھ جو رخ اولھ کان اوڀر ٿي ويو. اولھ طرف پار ”ڀٽر پنهور“ کان موٽ کائي اوڀر طرف اسان جي ڳوٺ جي سامهون اچي ويو. درياھ جي رخ تبديل ٿيڻ سبب 1974ع کان وٺي لڳاتار درياھ ڳوٺ کي ويجهو ٿيندو ويو. پهريائين حاجي علي محمد وارو ڍورو، مير وارو ڍورو ۽ پوءِ پاسي وارا گهر پائڻ لڳو. انهن گهرن ۾ ماستر ميوو خان ۽ فقير خان محمد جو گهر، نئون ٺهيل اسڪول ۽ اوڏن واري کڏ به پائي ويو ۽ ٻئي سال وري شهر جي وچ بازار وارو دنگ ڪيائين. ائين ئي ٻن ٽن سالن ۾ سڄو شهر لغاري بجراڻي، نور شاھ جو قبرستان، خدا بخش جو ڳوٺ پائي اچي گڻب تي دنگ ڪيائين. اسان جي ڳوٺ وارا جن جو ڌنڌو آبادي کان علاوه واپار ۽ نوڪريون هئا سي لڏي اچي موري شهر ۾ پلاٽ جايون وٺي آباد ٿيا. باقي رهيل مارو، هاري ۽ ننڍا زميندار جن جو ڌنڌو صرف آبادي تي هو اُهي اتي رهجي ويا. هرڪو پنهنجي پنهنجي سهوليت آهر پنهنجي پنهنجي زمين تي اچي گهر جوڙيا ـ


    سماجي زندگي

    ڳوٺ لغاري بجراڻي جنهن جو نالو لغاري بجراڻي جو ميلاپ آهي. انهي جو مطلب ته اهو ڳوٺ لغارين جي بجراڻي قبيلي جو ٻڌايل آهي. بجراڻين ۾ ٻيا به سڀ پاڙا لغارين جا اچي وڃن ٿا. دراصل اها هڪ ذات هڪ قبيلو ۽ هڪ ڏاڏي جا اولاد آهن. ڪن محققن جو چوڻ آهي اهي سڀ مقصودي لغاري جا اولاد آهن. جن مان چاڪر ۽ مُراد ٿيا، پر اها تصديق شده حقيقت آهي ته هي سڀئي پاڻ ۾ اهڙي طرح ڳنڍيل آهن جو سندن سڃاڻپ به هڪ ٻئي کان علحيده ڪين آهي. هو پاڻ ۾ مٽي مائٽي ۽ ڀائپي واري رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. سندن اٿڻ، ويهڻ، شادي غمي هڪ ٻئي جي شرڪت کانسواءِ نامڪمل آهي. جيئن مٿي واضح طور تي لکي آيا آهيون ته هر ڪنهن عيد نماز مهل، صفون ٺاهڻ مهل جيڪو ڪو اڃان نماز تي نه پهتل هوندو هو ته ان جو شدت سان انتظار ڪيو ويندو هو. جيئن هو پهچندو هو ته پوءِ نماز شروع ڪندا هئا. بلڪل اهڙي طرح سان شادي، مرادي جي موقعي تي هر ڪنهن جي شرڪت ضروري هوندي هئي ٻي دنيا وانگر رُساڻا پرچاڻا به هوندا هئا، هتي به ڪنهن شادي جي وقت ائين ٿيندو هو ته سڀ چڱا چڱا گڏ ٿيندا هئا. يعني هر هڪ پاڙي جا پير مرد گڏجي تاريخ مقرر ڪندا هئا. ڳوٺ ۾ سڏ ڏيڻ جو رواج ائين هوندو هو ته گهوٽ طرف واري ڌر کان هڪڙو ماڻهو ڪنهن ميراثي مڱڻهار کي ساڻ ڪري هر هڪ پاڙي ويندو هو ۽ سندن اوطاق تي وڃي فرد فرد سڀني کي رات ۽ ڏينهن جي کاڌي جي دعوت ۽ نڪاح جو سڏ الڳ الڳ ڏيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن به فرد کي گهوٽ وارن طرفان ڪا شڪايت يا رنجش هوندي هئي ته اهو پنهنجو نقطو اٿاريندو هو. سندس رنجش روڪڻ لاءِ گهوٽ وارن طرفان ٻه ٽي چڱا مڙس اچي کيس پرچائيندا هئا ۽ رنجش جو پاءُ پلاند ڏيندا هئا ڪهڙي به طرح کيس راضي ڪندا هئا ٻي حالت ۾ ان رٺل همراھ پاران سندس ڀائر يا ٻيا عزيز به شادي نه کائيندا هئا. اها ڳالھ گهوٽ وارن کي ڪڏهن به پسند نه هئي. هي سڀ ڳالهيون ماضي جون آهن. شادي جي تاريخ گهڻو ڪري ائين مقرر ڪئي ويندي هئي جيئن اهي ڏينهن چانڊوڪين وارا هجن ۽ فصل کڻڻ بعد هجي. شادي واري رات کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو اڳ گهوٽ وارن جي اوطاق تي خوشين جون محفلون ۽ مجلسون ٿينديون هيون. ان کان علاوه ڏونڪي هڻڻ جو بندوبست به هوندو هو. ڏونڪي هئڻ لاءِ هڪ عدد مڱڻهار دهل کڻي وچ تي بيهندو هو ان جي چوڌاري دهل جي دهن ۾ ڏونڪي باز ناچ ڪندا هئا. ڏونڪا ٺڙڪائيندا جهمريون پائيندا ڦرندا ويندا هئا. ڏونڪي ماهر ان زماني ۾ ميرڻ خان ميراثي، غلام علي بجراڻي خاص سمجهيا ويندا هئا. ڏونڪن کان پوءِ آڌي رات تائين محفل گرم رهندي هئي. جنهن ۾ کل، ڀوڳ، بيت، ڳجهارتون ۽ ٽوٽڪا وغيره ٿيندا هئا. ننڍن ننڍن ڇوڪرن جا ميڙاڪ انهن کان علاوه ٿيندا هئا، جي پڻ ڏسڻ جي لائق هوندا هئا، شايد شادي واري رات کي “ڦنڊرليڪ” واري رات ڪري چوندا هئا. اول هڪ عدد ڪڪڙ ڪهي شروعات ڪندا هئا. ان کان پوءِ ٻيا جانور جهڙوڪ ڍڳو، پاڏو يا ٻڪرو ذبح ڪندا هئا، ضرورت آهر هڪ يا ٻه جانور يا ان کان وڌيڪ جانور ذبح ٿيندا هئا. شادي ۾ ذبح ٿيل جانور کي ڦنڊر چوندا هئا. انهي حوالي سان ان رات کي ڦنڊر ليڪ جي رات چوندا هئا. ان رات رواجي محفل ختم ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل آڌي رات مهل ڦنڊر ذبح ڪندا هئا. باقي رات ان جي گوشت جا ٽڪر ٽڪر ڪري ديڳين ۾ وجهندا هئا. ديڳيون رڌڻ يعني ٻوڙ يا چانور رڌڻ ڳوٺ جا حجم ڪندا هئا. جيڪي اطلاع ملڻ تي هڪ ڏينهن اڳ پهچي ويندا هئا. پاڻي جي بندوبست لاءِ ڳوٺ جا ملاح ذميوار هوندا هئا. جن کي اڳواٽ ئي ٻڌايو ويندو هو. اڄ ڪلھ قناطون ۽ شاميانه لڳائڻ جو رواج آهي پر ماضي ۾ ڇنو يا منهن ٺاهيندا هئا. اهو ڇنو هڪ کلئي ميدان تي تقريبن هڪ جريب جي ايراضي تي مشتمل هوندو هو. اهو سڀ ڪم ڳوٺ وارا ملي ڪري شادي کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ تيار ڪري ڇڏيندا هئا. ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن مزور يا ڪمي ڪا سبي جي ڪابه ضرورت ڪانه پوندي هئي. هر هڪ پاڙي مان ٻه ٽي ماڻهو رضاڪارانه وڏي خوشي سان گهوٽ وارن جي ڪم ۾ جنبي ويندا هئا. هنن کي اهو فخر ٿيندو هو جو کين پنهنجو سمجهي هن ڪم لاءِ منتخب ڪيو ويو آهي. صبح ٿيڻ تائين ڪافي ديڳون گوشت جون ۽ چانورن جي پلاءُ جون تيار ٿي وينديون هيون، نڪاح پڙهڻ جو وقت اڪثر ڪري صبح جي پهرين پهر ۾ هوندو هو. البت طوهر ڪرڻ جو وقت شام جو هوندو هو. نڪاح ڳوٺ جو مُلو يا ٻيو ڪو مولوي يا عالم پڙهندو هو. اسان جي يادگيري ۾ اهو ڪم حاجي خان ولد عبدالله خان لغاري ڪندو هو. ان کان اڳ خانڻ فقير يا ڳوٺ ۾ رهندڙ سيد به نڪاح پڙهندا هئا. نڪاح کان پوءِ گهوٽ کي گهوڙي تي چاڙهي سرڪس گهمائڻ به ضروري سمجهيو ويندو هو. اڳيان نچڻ ڳائڻ وارا پٺيان گهوڙي تي گهوٽ جلوس سميت ڪنوار جي گهر روانه ٿيندا هئا. ٻارن جو رونشو ڏسڻ لاءِ پتاشا يا کارڪون پڻ جلوس جي اڳيان اڇلايون وينديون هيون. ڪي شوقين پئسا سِڪن جي صورت ۾ کُليا ڪرائي اُهي جلوس جي اڳيان ڇٽيندا هئا. جيئن اڳيان ٻارن جي پئسن کڻڻ جي ويڙھ ڏسن. گهوٽ ڪنواريتن جي گهر روانو ڪري واپس اچي سڀ ڇني تي ڪٺا ٿيندا هئا ۽ پوءِ ماني کارائڻ جو دور هلندو هو. پهريائين ٻاهرين مهمانن کي کارايو ويندو هو ۽ پوءِ راڄ جا ماڻهو، ڇني ۾ کٽون وڇايل هونديون هيون ۽ هر هڪ کٽ تي ٻه چار ڄڻا گڏجي ويهي کائيندا هئا. ماني ٺڪر جي ننڍن ننڍ پاٽوڙن ۾ ڏني ويندي هئي. اُهي پاٽوڙا سَون جي تعداد ۾ نزديڪ واري ڳوٺ جا ڪنڀر ڏيئي ويندا هئا. گوشت ڏيڻ لاءِ الڳ ماڻهو، پاڻي پيارڻ لاءِ الڳ، هر حال ۾ پنهنجي راڄ ۽ ڀائرن کي کارائي خوش ڪيو ويندو هو. کاڌي کائڻ کانپوءِ راڄ وارا ماڻهو ڪنهن وڏي ٿالھ يا پاٽ ۾ گهر لاءِ ماني وٺندا هئا. ماني هميشه پنهنجي مرضي مطابق کڻندا هئا. جيسين ماني وٺندڙ بس نه چوي يا پاٽ ڀرجي نه وڃي تيسين پل وارو ڍڪڻ ڀري ماني ڏيندو رهندو، اهو صرف ان ڪري لکجي ٿو ته ان وقت اسان جي ڳوٺ وارن ۾ زندهه دلي ۽ ڪشاده دلي جو اندازو ڪري سگهجي. شادي وارن کي مَنَهن يا پَوو ايترو ڪونه ملندو هو جو سندس ڀت جو خرچ نڪري سگهي. اڄ ڪلھ پارٽين جو رواج آهي جنهن ۾ گهڻو ڪري سمورو پارٽي جو خرچ منافعي سميت نڪريو اچي. حجم ۽ مڱڻهار جي الڳ الڳ گهور ٿيندي هئي. تن کي به ڪافي ڪجھ ملي ويندو هو. حجم کي چيڙائڻ جو پڻ رواج هو. حجم جڏهن ڪنهن ٻار جي طوهر ڪندا هئا ته ان ٻار کي سيکاريو ويندو هو ته جيڏي مهل حجم پاڪي سان طوهر ڪري بس ڪري ته طوهر ٿيندڙ ٻار حجم کي چماٽ وهائي ڪڍي، چماٽ جهلڻ سبب حجم ڪاوڙجي پوڻ جي اداڪاري ڪندو، ان کي پرچائڻ لاءِ وڌيڪ پئسا يا ڇيلو ٻڪرو ڏيڻو پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شادي ۾ راڳ روپ جو بندوبست به ڪيو ويندو هو. اتي مختلف ڳائڻ وارن کان علاوه آسي پاسي وارا ناچو ڇوڪرن جا ٽولا به ايندا هئا، انهن سان گڏ سندن مائٽ ڪي باجي وارا ڪي ڍولڪ وارا به هوندا هئا. ڇوڪرن کي ساڙهي پارائي زنانو روپ ڏيئي نچايو ۽ ڳارايو ويندو هو. شوقين مٿائن پئسا گهوريندا هئا، هر شادي جي محفل وڏي جوش خروش سان ملهائي ويندي هئي .
    ڳوٺ جي قبرستان ۾ نور شاھ سيد جو مقبرو ٺهيل هو. جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن ميلو به لڳايو ويندو هو. جنهن ۾ ملاکڙي جو بندوبست به ڪيو ويندو هو. 1947ع کان اڳ اسان جي يادگيري ۾ ٻه ٽي ميلا لڳا هئا ۽ پوءِ به شايد ٻه ٽي دفعا لڳو هو. پر ماضي قريب ۾ ڪوبه ميلو نه لڳو. ڳوٺ لغاري بجراڻي جي ڀرسان ڳوٺ گچيرو پراڻو ۾ هندن جي وقت ۾ شِوِ مهاراج جو ميلو لڳندو هو. اهو ميلو اتي جا هندو ڪرائيندا هئا. ميلي ۾ ڀڳت جو خاص انتظام ڪيو ويندو هو. وڏا وڏا ناميارا هندو ڀڳت هن ميلي ۾ ڳائي وڄائي ويا جن مان ڪنور ڀڳت، نارو ڀڳت، جاڙو ڀڳت پنهنجي ساٿين سميت قابل ذڪر آهن. هاڻي اُهي جايون ۽ بلڪل کنڊرات ۽ دڙا ٿي ويا آهن، چوندا آهن ته اوطاقون ڳوٺ جو سينگار هونديون آهن ۽ چلم يا حقو وري اوطاق جو سينگار آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ اوطاقون ۽ داريا جام هوندا هئا. اوائل ۾ شادمن فقير جو داريو هوندو هو جتي پري پري جا ماڻهو فقير سان ڪچهري ڪرڻ ايندا هئا. ان کان پوءِ اهو وداريو سندس پٽن، پوٽن کان ٿيندو سندس پڙ پوٽي غلام حسين فقير تائين هلندو آيو. پوءِ غلام حسين جي لڏي وڃڻ کانپوءِ اهو داريو ڦٽي ويو ۽ اتي جهنگ ٿي ويو. ماضي قريب ۾ هيٺ بيان ڪيل اوطاقون موجود هيون ۽ وسندڙ هيون پنهل خان جي اوطاق، قادر بخش جي اوطاق، صاحب فقير جو داريو، سليمان جي اوطاق، يار محمد جي اوطاق، مڱڻ خان جي اوطاق، حسن ۽ خانڻ سهراباڻي جي اوطاق، خدا بخش جي ڳوٺ واري اوطاق، مٺي فقير جو اوتارو، وچ بازار ۾ تاري مل هندو جي بيٺڪ، مٺي موچي جو گهر ۽ دڪان جنهن ۾ پڻ مارڪو ٿيندو هو. رات جو هر ڪو ماڻهو ساڳ يا دال سان ماني کائي مٿان کير جو وٽو پي ڏڪارون ڏيندو گهر مان نڪرندو هو سندس گهر جي ڀرسان ڪنهن اوطاق ۾ پوءِ اتي حُقي جي وزم لاءِ وڃي پاسو وٺندو هو، حقي جي چوڌاري ويٺل ماڻهو واري واري سان ڍُڙڪو ڀري وري نڙ ڀر واري کي ڏيندا هئا. ائين حقي جو نڙ پيو ڦرندو هو ۽ ڪچهري پئي ٿيندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن حقي جي نڙ کي عام رواجي وقت کان وڌيڪ وقت ورتو ته ان کي “پڪي ٽيشن” چوندا هئا. ڪي خاص ماڻهو پڪپو ٽيشنون هوندا هئا. يعني گهڻو وقت نڙ جهلي حقو ڇڪيندا هئا، ڪچهري جي دوران ڀر پاسي جون خبرون چارون، چرچا ڀوڳ، ٽوٽڪا، ڪهاڻيون وغيره مطلب ته محفل متل هوندي هئي. سياري جي موسم ۾ وچ ۾ باھ جو مچ به پيو ٻرندو هو. چوڌاري ڪچهري جا ڪوڏيا مچ جا مور پيا ٽڙندا ۽ ٽلندا هئا. انگريزن جو دور هو. شينهن ٻڪري گڏ کائيندا هئا. سستائي جو زمانو ماڻهو قنائت پسند ۽ سادا هئا. انهي ڪري اهو دور “سونهري دور” ڪري چئجي ته وڌاءُ ڪونهي، ڪن ڪن اوطاقن ۾ جيڪي گهرن کان ٿورو ڀرڀرو هونديون هيون ته اتي راڳ روپ جي محل به ٿيندي هئي. جتي پنهنجي شهر لغاري بجراڻي ڳوٺ جا ڳائڻ جا شوقين ڪافيون ٻڌائيندا هئا. ڪافي ٺاهڻ وارا به پاڻ ۽ ڳائڻ وارا به پاڻ، اسان جي ڳوٺ ۾ نظر حسين عرف نظر سٺو شاعر هو، سندس ڪلام پڪو ۽ طنزيه هوندو هو. ڪي صوفياڻه ۽ نصيحت ڀريا ڪلام به چيائين هو ويچارو پاڻ اڻ پڙهيل هو پر ڪافي ٺاهڻ تي عبور حاصل هوس ويٺي ويٺي ڪافي ٺاهي ويندو هو ۽ اتي جو اتي محفل ۾ ڳائي ٻڌائيندو هو . ڪيتريون ڪافيون قدرت جي رنگ ۽ سونهن بابت چيل اٿس، نظر حسين تمام خوش مزاج صاف گو ۽ حاضر جواب ماڻهو هو. نظر حسين جا هم عصر ياد حسين عرف يادو ۽ شيرل به حاضر جوابي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا. جتي انهن ٽنهي مان ڪوبه هڪ هوندو هو ته محفل گرم هوندي هئي ـ
    هندن جي وقت ۾ هندن جون الڳ بيٺڪون ۽ چوپاره هوندا هئا. جتي گهڻو ڪري رڳو هندو پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا هئا. انهن وٽ به چلم جو رواج عام هو. هنن جون چلمون تمام ڀليون ۽ عجيب هونديون هيون. چلم تمام وڏي ۽ ان سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ 6 فوٽ کن نڙ، نڙ جي چوڌاري سٺو ڪپڙو ويڙهيل ۽ موتي جڙيل، نڙ جي مٿان ڪپڙو اهڙي طرح ويڙهيل هوندو هو جو ڪٿان به ڦاٽي نڪرڻ جو انديشو نه هجي ڪپڙو انهي لاءِ ويڙهيو ويندو هو جو چلم جو نڙ هميشه ٿڌو رهي. نڙ جي مٿان وقت به وقت پاڻي ڏيندا ويندا هئا. جيئن چلم جي ڦوڪ هميشه ٿڌي رهي. چلم جي هيٺين حصي ۽ مٿئين حصي جي وچ ۾ بلور يا ڇڌا لڳل هوندا هئا. جيئن اڄڪلھ بيرنگ ڪم ڪن ٿا. چلم جو هيٺيون حصو هميشه جامد هوندو هو ۽ مٿئين حصي کي ڦيرائڻ لاءِ رڳو نڙ جو هلڪو اشارو ڏيڻو پوندو هو ته چلم جو مٿيون يعني نڙ وارو حصو ڦري ڇڪڻ واري جي طرف ٿي ويندو هو. چلم جي مٿئين حصي ۾ اڇي رنگ جا لاٽون جڙيل هوندا هئا. جيئن نڙ وسيلي کيس ڦيرائڻ ۾ سهولت ٿئي. سڀني هندن کان وڌيڪ پئسي ۽ پهچ وارو تارومل ۽ سندس ڀاءُ هريمل هوندا هئا. کين هڪ وڏو دڪان به هوندو هو جتي ڪپڙن سميت هر قسم جون گهرو استعمال جون شيون، کاڌي پيتي جو سامان وغيره هميشه موجود هوندو هو. وياج تي قرض به ڏيندا هئا. سندن زمينون ڳوٺ جي پڪي واري ايراضي ۾ هونديون هيون. ڳوٺ جا غريب هاري اڪثر ڪري هندن کان قرض کڻندا هئا پوءِ قرض تي وياج وڌندو ويندو هو تان جو نوبت اتي وڃي پهچندي هئي جو ويچارا غريب قرض ۾ زمين به گروي ڪري هندن کي ڏيندا هئا. ڪي گروي ٿيل زمين پئسا ادا ڪري واپس وٺندا هئا ته ڪي اها گروي ٿيل زمين وڪرو ڪري ڇڏيندا هئا ـ
    مردن کان علاوه عورتن جي زندگي پڻ وڏي گهماگهمي ۽ مصروفيت واري هوندي هئي. ان وقت جون عورتون نڊر، بهادر ۽ محنتي هونديون هيون. گهر جو ڪيترو به ڪم ڪار هجي ته ان کي وڏي سليقي سان ڪنديون هيون. جنڊ پيهڻ کان وٺي ڪتر هڻڻ، مال جي سار سنڀال ۽ ڏهائي وغيره سڀ پاڻ ڪنديون هيون. هو صبح جو اَسُر مهل اٿي جنڊ جوٽينديون هيون. هر هڪ گهر ۾ هڪ عدد جنڊ ته ضرور هوندو هو. پوءِ وڏي اَسُر مهل سڄي ڳوٺ ۾ جنڊ پيهڻ جو آواز ۽ پس منظر ۾ ڪڪڙن جون ٻانگون، پکين جي چيچاهٽ عجيب آواز پيدا ڪنديون هيون. اڃان جنڊ پيهڻ جو آواز مس جهيڻو ٿيندو هو ته الله هو الله هو سان ملندڙ جلندڙ آواز مَٽي ۽ مانڌاڻي جو ايندو هو. جو لَسي ولوڙڻ ۽ مکڻ ڪڍڻ واري مانڌاڻي جو ايندو هو. ماٽياڻي پنهنجي ننڍڙي ٻار کي هنج ۾ کنيون ٻنهي هٿن سان مانڌاڻي جون واڳون جهلي واري سان ڇڪينديون هيون ۽ سندن ننڍڙو ٻار جنهن جا ٻئي هٿ ماءُ جي ٿڻن سان گڏ مانڌاڻي جي واڳ ۾ هوندا هئا ۽ ساڳي طرح اڳتي پوئتي ٿيندا هئا. ڄڻ ته ٻار به پنهنجي ماءُ سان ان جي نقش قدم تي هلڻ ۽ ساڻس محبت ۽ شفقت جو اعتراف ڪندو هجي. ڪهڙو نه دلفريب نظارو انهي زندگي ۾ ڏسڻ ۾ ايندو هو. جتي نه صبح جي چانھ ۽ پاپا. بلڪ رات جي بچيل سڪل ماني ۽ ان سان گڏ ڌنورو يا مهي جي لپ ٻارن لاءِ وڌيڪ نعمت واري هوندي هئي. سج اڀرڻ کان پوءِ مرد ڪم ڪار سان هليا ويندا هئا ته عورتون پنهنجي گهر جي صفائي، وٿاڻن جي صفائي، ڇيڻو کڻي ڪنهن ڪنڌي يا ڀت يا ديوار تي ٿڦڻ جو ڪم ڪنديون هيون. ڇيڻو ٿڦي سڪائي گڏ ڪرڻ ان ڪري ضروري هوندو هو جيئن مردن تان ڪاٺيون ڪري اچڻ جو بار گهٽ ٿئي. ڳوٺ جون پڪيون پوڙهيون عورتون دلا مٿي تي رکي ڳوٺ جي اندر ٺهيل کوهن تان پاڻي ڀرينديون هيون. عورتون هڪ دلو مٿي تي ۽ هڪ ڪڇ تي کڻي ٽن چئن ڄڻن جو ٽولو ٺاهي نڪرنديون هيون. هر هڪ پاڙي ۾ هڪ عدد ننڍو کوھ ضرور هوندو هو. جنهن تان مخصوص وقت ۾ صرف عورتون پاڻي ڀرينديون هيون جيڪي پنهنجي عمر آهر برتن کڻي پاڻي ڀرڻ اينديون هيون. ان وقت نلڪن جو رواج ڪونه هو. جيڪڏهن ڪو مرد انهي وقت کوھ مان پاڻي ڀرڻ ايندو هو ته جيستائين سموريون عورتون پاڻي ڀري نڪري نه وڃن تيستائين هو انتظار ڪندو هو. اهڙي طرح جڏهن ڪو مرد پاڻي ڀرڻ لاءِ کوھ تي موجود هوندو هو ته عورتون ٿورو ڀرڀرو بيهي انتظار ڪنديون هيون. ڪڏهن به مردن ۽ عورتن کي کوھ جي گرد گڏ نه ڏٺو ويو . اهو هڪڙي قسم جو مخصوص عهدنامو هوندو هو جنهن تي ٻئي ڌريون رضاڪارانه عمل ڪنديون هيون. اهڙا ٻه ٽي کوھ مخصوص هوندا هئا. هڪ کوھ جيڪو بازار جي وچ ۾ هوندو هو اتي ڪابه عورت پاڻي ڀرڻ ڪونه ايندي هئي. ان کوھ جي ڀرسان هڪ وهنجڻ جي جاءِ به هوندي هئي جنهن جي چوڌاري پڪين سرن جي ٺهيل چارديواري ۽ هيٺ پڪين سرن جو فرش وڇايل به هوندو هو . هندن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ اها چارديواري ڊهي ويئي ۽ پڇاڙي ۾ فقط کوھ وڃي رهيو. هڪ کوھ جيڪو لعل محمد شاھ جي پڙ جي ڀرسان هو، ان کي به هڪ عدد وهنجڻ جي جاءِ هئي. اها به هندن جي وڃڻ کان پوءِ ڊهي ويئي. ان کوھ تي به عورتون ۽ مرد واري واري سان پاڻي ڀريندا هئا. انهن کان علاوه ٻيا به کوھ هوندا هئا، جيئن بجراڻين جي پاڙي ۾ يار محمد جي اوطاق جي ڀرسان، انهن کوهن مان صرف پيئڻ لاءِ پاڻي ڀريو ويندو هو. خدا بخش جي ڳوٺ وارا ماستر ميوو خان جي کوھ مان پاڻي ڀريندا هئا. اهو کوھ آبادي لاءِ پڻ ڪم ايندو هو. ان تي نار چڙهيل هوندو هو. ان کوھ تي بصر، ڀاڄيون ۽ ڪڻڪ جام ٿيندي هئي. هن ڳوٺ جون عورتون بهادر ۽ بي ڊپيون هونديون هيون ـ
    هڪڙو اهڙو سچو واقعو جيڪو مون پنهنجي اکين سان ڏٺو اهو هيئن آهي ته ٻوڏ جي وقت جهنگ جون نانگ بلائون پاڻي مان نڪري سُڪي تي گهرن جي ڪنڊ پاسي وڃي پناھ وٺنديون هيون، ڇاڪاڻ ته گهرن جي چوڌاري پاڻي ڦري ويندو هو. هڪ دفعي هڪ گهر ۾ هڪ چڱو موچارو نانگ گهڙي آيو. اهو هڪ عورت ڏسي ورتو هوءَ گهر مان ڏنڊو کڻي ان جي پويان پئي. نانگ هڪ ڪنڌي جي پاڙ ۾ گهڙي ويو. هن عورت ڪنڌي کي هڪ وڏي لٺ ذريعي ڪجھ کليو ڪيو ته ڏٺائين ته نانگ هڪ ڪاٺي تي اهڙي طريقي سان ور هنيون ويٺو هو. جو سندس اڳيون پاسو هڪ ڪاٺي ۾ ويڙهيل ۽ پويون حصو مٿي کليل. سندس گهر وارو گهر ۾ ڪونه هو . صرف ننڍا ٻار هئا. هن ٻارن کي موڪلي پنهنجي ڏير کي گهرايو ۽ نانگ ڏيکاريائين کيس چيائين ته مان نانگ جو پويون حصو هٿ ۾ قابو ڪري ڇڪيان ٿي ته نانگ جيئن اتان نڪري ته تون ان کي ڏنڊي سان مار. انهي عورت نانگ جي پوئين اڌ کي مضبوطي سان جهلي هٿ کي وڪڙ ڏيئي زور سان ڇڪيو نتيجي ۾ نانگ هٿن ۾ ويڙهجي نڪتو، جلدي ۾ ان عورت نانگ کي پٽ تي اڇلايو ۽ سندس ڏير ان نانگ کي ماري وڌو ـ
    ڪڻڪ جي لاباري جي موسم ۾ ڳاھ ڳاهڻ کان اڳواٽ هر هڪ هاري ڪڻڪ جا گڏا کڻي گهر ايندو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي ڪاهيل زمين نه هوندي هئي ته اهو انهي موسم ۾ لابارو ڪندو هو. جنهن مان کيس ڪڻڪ جي گڏن جي صورت ۾ ملندي هئي. اها گهر کڻي ايندو هو. پوءِ باقي ڪم عورتن جو هوندو هو. عورتون انهي مان سنگ الڳ ڪري ڪٽي صاف ڪري ان ڪڍنديون هيون. باقي گڏي جي بچيل حصي مان تيليون ڪڍي گڏ ڪنديون هيون. بعد ۾ انهن تيلين کي پاڻي ۾ پسائي نرم ڪري ان مان دٻڪيون يا پنڊيون ٺاهينديون هيون، جيڪا سندن گهر جي اضافي آمدني هوندي هئي. واندڪائي جي وقت ڳوٺ جا غريب ماڻهو سرن مان “ڍڍو” يا ڪانهن مان هٿيون پٽي کڻي ايندا هئا. جيڪي سندن عورتون پُسائي نرم ڪري، ڪٽي ان مان واڻ به ٺاهينديون هيون، جيڪو کٽن واڻڻ لاءِ سٺي اگھ ۾ وڪامندو هو. پنهنجي گهر جي ڀاتين جا ڪپڙا هٿن سان سبڻ يا ڀرت ڀرڻ ته روايتي طرح هر گهر ۾ هوندو هو. ڪپڙن سبڻ ۽ ڀرٿ ڀرڻ جون مشينون هاڻي عام جام آهن پر اڳ ۾ ٻهراڙي ۾ ورلي ڪنهن وٽ مشين هوندي هئي. نه ته سڄو ڪم هٿ سان ڪيو ويندو هو. اڄ ڪلھ ته ٻهراڙي ۾ هٿ جو ڪيل ڪم جهڙوڪ: گهگا، گج ۽ ٻيا ڀرت ڀريل زنانا ڪپڙا شهرن ۾ به عام جام پاتا وڃن ٿا. ان کان علاوه اعلي کان اعلي قسم جون رليون پڻ هن ڳوٺ ۾ ٺاهيون وينديون هيون. مطلب ته ڳوٺ جون عورتون ڪنهن طرح سان محنت ۾ مردن کان گهٽ ڪونه هونديون هيون. ڪلهوڪلهي ۾ ملائي زندگي جو مشڪل سفر پنهنجي مرد سان گڏ طئي ڪنديون هيون. قدرت طرفان جن کي جهڙي صورت هوندي هئي ان کي سٺي سيرت ۾ بدلائي ڇڏينديون هيون. نڪو ان وقت شهرن وانگر سرخي، پائوڊر لڳائڻ جو رواج ۽ نه ريشم پٽ اوڍڻ جي ضرورت، بس!! سندن زندگي جو مقصد صرف وفاداري خدمت ۽ پنهنجي مرد لاءِ عزت، محبت ۽ اولاد لاءِ پيار ـ


    رانديون رونديون

    ڳوٺ لغاري بجراڻي ٻهراڙي جو ڳوٺ جنهن ۾ نڪو ناٽڪ، نڪو ٿئيٽر يا سئنيما ۽ نه ٻيو ڪو وندر جو سامان هو. صرف ڳوٺاڻن جي زندھ دلي هئي جنهن سڄي ڳوٺ جي ماڻهن کي زندھ رهڻ جو حوصلو ڏنو. شام جو ڳوٺاڻا ڪم ڪار تان موٽي مال متاع گهر ڀيڙو ڪري ٻاهر نڪري پوندا هئا. پوءِ ڳوٺ جا نوجوان ۽ ڇوڪرا ڪنهن نه ڪنهن راند ۾ مشغول هوندا هئا. هونءَ ڪنهن راند جي به موسم هوندي آهي. اونهاري جي شامن ۾ ٻلهاڙو، ڪٻٽي، ڊگهي ڪوڏي ڪوڏي، باڊي باڊي وغيره انهن مان ڪي رانديون اونهاري توڙي سياري ۾ کيڏيون وينديون هيون. سياري جي موسم ۾ مچ تي مارڪو يا ڪچهري ٿيندي هئي. جيڪا اوطاقن کانسواءِ ميدان تي به نوجوان ڇوڪرن جي الڳ ٽهي هوندي هئي. جيڪي وڏن کان پري ميدان تي مارڪو ڪندا هئا. ڳوٺ ۾ سڀ کان قديم راند ٻلهاڙو هئي. ٻلهاڙي ۾ ٻه ٽوليون رانديگرن جون هونديون هيون پوءِ ٽاس يا ڪنهن ٻئي طريقي سان هڪ ٽولو گول جي اندر ۽ هڪ ٻاهر، اندريون ٽولو گڏجي هڪ ٻئي کي پٺ ڏيئي بيهندا هئا ۽ سندن سامهون مقابلي ۾ ٻاهريون ٽولو هوندو هو. ٻاهران هڪ وڏو گول دائري جي شڪل ۾ ليڪو ڪڍيو ويندو هو ۽ پوءِ راند شروع ٿيندي هئي. هاڻي ٻاهرين ٽولي مان ڪوبه هڪ يا ان کان وڌيڪ اندرين ٽولي جي ڀرسان اچي ڪنهن کي کاپائي (هٿ لائي) ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو. جيڪڏهن اندرين رانديگرن مان ڪنهن کي ٻاهرين ڌر مان ڪنهن جو هٿ لڳي ويو ته ان کي جهلڻ لاءِ سڀ جا سڀ اندريان رانديگر وڃي ڪڙڪندا. جيڪڏهن پڪڙجي پيو ته اهو آئوٽ ٿي ويندو. پر جيڪڏهن گوهيون ڇلانگون ڏيئي سڀني کان پاڻ ڇڏائي ٻاهرين ليڪي کان ٽپي ويو ته پوءِ اندريون رانديگر جنهن کي سڀ کان پهريائين هٿ لڳو هوندو اهو آئوٽ ٿي وڃي ويهي رهندو. ائين به ٿيندو هو جو ڪنهن سٺي ٻاهرين رانديگر پنهنجي مقابلي واري اندرين رانديگر کي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته اندريون رانديگر کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندو هو ان تي ٻاهريون رانديگر کيس سيني تي تريون هڻي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ پوئين پيرين تريون هڻندو، ليڪي کان ٻاهر پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هو. انهي دوران جيڪڏهن ٻاهرين پاسي جو ٻيو ڪوبه رانديگر ليڪي جي اندر جهلجي پيو ته اهو آئوٽ ٿي ويندو هو. مطلب اندرين کي هٿ لائڻ کان پوءِ سمورا ٻاهريان رانديگر ڀڄي ليڪو پار ڪندا هئا. مون اها پنهنجي ننڍي هوندي راند ڏٺي ۽ کيڏي جڏهن ان وقت جا نوجوان جهڙوڪ حسن علي فقير، ڳهڻو خان فقير، غلام عباس مواڙ، نواز علي، بجر خان ، غلام علي ۽ علي مردان ٿي گذريا آهن. حسن علي ۽ علي مردان جي ترين کان هر ڪو پاسو ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته انهي جي تري ۾ ايتري ته قوت هوندي هئي جو مد مقابل تري سهي ڪونه سگهندو هو. ڳهڻو خان کي ڪوبه جهلي ڪونه سگهندو هو. سندس ننڍي قد ۽ ترڪڻي بدن کيس انهي راند جو ماهر بڻائي ڇڏيو. مطلب ته اهي سڀ ٽاپ جا رانديگر هئا. انهي کان پوءِ ٻي ٽهي جنهن ۾ منهنجي عمر وارا نوجوان حصو وٺندا هئا. هن ٽهي ۾ مُصنف کان علاوه ڪاظم علي مهراباڻي، ڪلب علي ،نظر حسين، تاج محمد تاجو، محمد قاسم قابل ذڪر آهن. سياري جي موسم ۾ اڃان شام مس ٿيندي هئي ته ڳوٺ جا سڀ ننڍا وڏا نور شاھ جي قبرستان جي ڀرسان راند جي ميدان ۾ اچي گڏ ٿيندا هئا. ڪن جون جهوليون جوئر جي ڦلن سان ڀريل هونديون هيون ۽ راند ڏسڻ سان گڏ کائڻ ۾ مشغول هوندا هئا. ٻلهاڙو راند ٽپهري کان وٺي سج لٿي کان ڪئي ويندي هئي ـ
    ان کان علاوه ٻي راند جيڪا چانڊوڪين ۾ کيڏي ويندي هئي ان جو نالو هو “باڊي باڊي” اها راند هڪ ميدان ۾ نه پر تقريبا سڄي ڳوٺ سان واسطو رکندي هئي. ان ۾ به ٻه ٽوليون ٿينديون هيون. ان راند ڪرڻ جو طريقو اهو هوندو هو ته ٻنهي پارٽين جا رانديگر هڪ ٻئي جي سامهون ٿي وهندا هئا پوءِ هڪ وچ وارو يا رئفري ڪنهن پکي جو سوچي ٻنهي پارٽين کي اشاري سان چوندو هو ته هيڏو هيڏو پاڻ، هيڏيون هيڏيون ٽنگون، هيڏو هيڏو پڇ، هيڏي هيڏي چُهنب ۽ هيڏا هيڏا پر، اها پرولي ٻنهي ڌُرين جا سڀئي ڇوڪرا واري واري سان اهڙي قسم جي پکي جو نالو وٺندا هئا. جيڪڏهن مذڪوره پکي جو نالو اچي ويو ته رئفري چوندو نه ته چڙهي چيلھ ڀڳي يعني ڳجهارت ڀڄي پيئي پوءِ “باڊي باڊي” چوندا پنهنجي ٽولي جي ڇوڪرن کي ڪنهن به هڪ کي ڪٿي نه ڪٿي لڪائڻ لاءِ وٺي ويندا هئا. لڪڻ واري جاءِ گهڻو ڪري ٻوٽن جي جهڳٽي جي اوٽ يا ڪنهن ديوار جي اوٽ يا ڪنهن وڻ جي اوٽ هوندي هئي. انهي وچ ۾ رئفري ۽ ٻي پارٽي هڪ ٻئي جي صلاح سان ڳوٺ جي ڪنهن پڌري وڻ جو سوچيندا هئا، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو جي قد کان وڏو هجي. اهو وڻ ڀلي ڪنهن جي گهر اندر هجي يا ٻاهر پر هوندو ڳوٺ جي ايراضي اندر، جڏهن پهرين پارٽي وارا ڇوڪرا ڪنهن نه ڪنهن پنهنجي پارٽي جي ڇوڪر کي لڪائي موٽندا ته پري کان “باڊي باڊي” چوندا ڊوڙندا ايندا، هاڻي ويٺل پارٽي مان گهڻا ڇوڪرا ان لڪل ڇوڪري کي ڳولڻ ويندا. جنهن لاءِ کين صرف ان طرف ڏانهن اشارو ڪيو ويندو. جيڏانهن اهو ڇوڪرو لڪل هوندو. هاڻي ٻي پارٽي جا باقي ٻه ٽي ڇوڪرا رئفري سان گڏ پهرين پارٽي وارن کي ان طرف اشارو ڏيندا جيڏانهن اهو وڻ هوندو ۽ پڇندا ته اهو وڻ ڪهڙو ۽ ڪٿي آهي. جيڪڏهن پهرين پارٽي وارا اهو وڻ ڳولي ويا ۽ صحيح ٻڌايائون ته وڏي واڪي “باڊي باڊي” پڪاريندا يعني انهن راند کٽي انهي آواز تي لڪل ڇوڪرو پنهنجي پارٽي وارن جو “باڊي باڊي” جو آواز ٻڌي نڪري ايندو، جيڪڏهن پهرين پارٽي وارا انهي وڻ کي ڳولڻ ۽ نالي وٺڻ ۾ ناڪام ٿيا ۽ انهن گهڻو وقت ورتو ته ان دوران ٻي پارٽي وارا ڇوڪرو ڳولي ويا ته ٻي پارٽي جي جيت ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڇوڪرو نه ڳولي سگهيا ۽ موٽي آيا ته پهرين پارٽي جي جيت ٿيندي. اهڙي طرح راند پوري ٿيندي هئي. انهي راند ڪندي ڪندي ڪڏهن صبح ٿي ويندو هو. هڪ دفعي جي ڳالھ آهي ته انهي راند هلندي پهرين پارٽي وارن هڪ ڇوڪري کي لڪائڻ لاءِ هڪ اوطاق ۾ وٺي ويا جيڪا خالي هئي ان اوطاق ۾ ڪجھ ديڳون به رکيل هيون جيڪي صبح ٿيڻ تي خيرات لاءِ گڏ ڪيل هيون. پهرين پارٽي وارن هڪ ڇوڪري کي وهاري مٿانئس ديڳ اونڌي ڪري لڪائي ڇڏيو ۽ پاڻ باڊي باڊي چوندا هليا ويا. جڏهن هي واپس پهتا ته ڪجھ دير کان پوءِ ڪنهن سبب جي ڪري ڇوڪرن راند بس ڪئي ۽ کين اهو به وسري ويو ته ڪو ڇوڪرو ديڳ هيٺان لڪائي آيا آهيون. ديڳ هيٺان پيل ڇوڪري کي به ڪجھ دير کان پوءِ اتي ئي ننڊ اچي ويئي. صبح جو اَسُر مهل خيرات ڪرڻ وارا کڻي ديڳ اٿلائين ته ان مان جيئرو جاڳندو ڇوڪر نڪري آيو ـ
    ٻي هڪ راند جنهن جو نالو ڊگهي ڪوڏي ڪوڏي هوندي هئي. اها به رات جو چانڊوڪين ۾ کيڏي ويندي هئي. ان ۾ به ٻه پارٽيون هونديون هيون. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ليڪو هوندو هو. جيئن ٻئي پاسا الڳ هجن. ليڪن جي وچم ۾ خالي جڳھ ڇڏيندا هئا. جيڪو ڄڻ ته دروازو هوندو هو. پوءِ هڪ ٽولو ليڪي جي هڪ پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي هوندو هو. ٽاس ڪرڻ کان پوءِ جنهن ٽاس کٽي اهو اول حملو ڪندو. يعني انهي پارٽي جو هڪ رانديگر “ڪوڏي ڪوڏي” چوندو ٻئي پاسي جي ڪنهن رانديگر کي هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ساڳئي وقت “ڪوڏي ڪوڏي” به بنا ساھ کڻڻ جي ڏاڍيان چوندو رهندو ۽ ٻئي پاسي جي رانديگر کي هٿ لائي آئوٽ ڪري واپس ليڪي جي درميان ڇڏيل دروازي مان لنگهي پنهنجي پاسي ڏانهن ايندو، پر جيڪڏهن مخالف ڌر جي ڪنهن رانديگر کيس پنهنجي حد اندر پڪڙي وڌو ته هو آئوٽ ٿي ويندو. انهي راند ۾ رانديگر اهو سٺو ليکيو ويندو هو جنهن جي ساهي وڏي هجي ۽ کيس ايترو وقت ملي جو مخالف ڌر مان ڪنهن هڪ يا ٻن رانديگرن کي هٿ لائي وري ساڳي ساهي ۾ ڪوڏي ڪوڏي چوندو پنهنجي حد ۾ پهچي وڃي. اسان جي ٽهي ۾ مرحوم مدد علي ميراڻي يڪ ساهي ڪيترن ئي مخالف ڌر وارن کي آئوٽ ڪندو هو. باقي مرحوم حَسني پارا ليڪو ٽپي ٻه ٽي قدم هلي موٽي ايندا هئا. يا مخالف ڌر کين ساهي کڻڻ ڪري پنهنجي حد اندر پڪڙي قابو ڪندا هئا. اها راند گهڻو وقت تائين هلندي رهي تان جو اڄ ڪلھ واري “ڪٻٽي ڪٻٽي” راند هن جي جاءِ والاري ۽ ڊگهي ڪوڏي ڪوڏي جو دور ختم ٿيو. گرمين ۾ منجهند جو وقت آرام جو هوندو آهي پر اسان جي ڳوٺ لغاري بجراڻي جا ٻار يا ته پاڻي جي ڍورن ۾ وهنجندا ترندا نظر ايندا يا وري ڀرسان ننڍن وڻن جي هيٺيان “ڏاڪ چُم” راند ڪندي نظر ايندا هئا. “اٽي ڏڪر” مشهور راند به گهڻو ڪري منجهند جو کيڏي ويندي هئي جنهن ۾ آڳ وٺڻ وارا ڇانو ۾ هوندا ۽ آڳ ڏيڻ وارا اُس ۾ هوندا هئا. اسان جي تر ۾ اڄ ڪلھ واري ڪٻٽي پهريائين موري جي شهر ۾ کيڏي ويئي جتي ان وقت جا مشهور رانديگر جهڙوڪ محمد هاشم ملنگ، محمد هاشم ميمڻ پنڊول ۽ ٻيا هوندا هئا. اها راند پنجاب کان سنڌ لاءِ ان وقت جي پنجابي رانديگر آندي ان کان متاثر ٿي اها راند نظر حسين ولد غلام حسين ۽ مون ڳوٺ ۾ رائج ڪئي. هن راند جي مقبوليت کانپوءِ ٻلهاڙو راند جو زوال شروع ٿيو ۽ آخري وقت ۾ اها راند بلڪل بند ٿي ويئي. انهن کان علاوه سياري جي موسم ۾ صبح جو بلورن جي راند، بهار جي موسم ۾ لغڙ اڏائڻ، ونجھ وٽي يا ٻاري راند به ٿيندي هئي ـ
    درياھ جو چاڙھ ٿيندو هو ته ڳوٺ جي چوڌاري پاڻي ڦري ويندو هو ۽ شهر کان ٻاهر نڪرڻ جا سڀ رستا ٻوڏ سبب بند ٿي ويندا هئا ته ڳوٺ وارا ڪوبه ڪم ڪار ڪري ڪونه سگهندا هئا. سڄو ڏينهن اوطاقن ۾ پتن يا تاش راند مثلا چوباز يا ڇھ باز ڪندا هئا. ڳوٺ جي اندر تاش ذريعي جُوا ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آئي. هر هڪ اوطاق ۾ هڪ يا ٻه ٽولا رانديگرن جا ضرور هوندا هئا. ڪي ملازم پيشه سفيد پوش نوجوان والي بال پڻ ڪندا هئا. اها راند شام جي وقت ۾ ٿيندي هئي. اسان جي ڳوٺ ۾ بال راند ڪافي وقت تائين هلي، ڪڏهن ڪڏهن ڀر وارن ڳوٺن سان مئچون به ٿينديون هيون. مطلب ته سڄو ڳوٺ زندھ دلي ۽ سادگي جو نمونو هو. ڪٿي رات جو اوطاقن ۾ ڪچهريون، ڪٿي ميدانن ۾ نوجوانن جون رانديون، ڪٿي اوتارن ۾ موالي ۽ ڪٿي راڳ جون محفلون، هڪ حيرت انگيز دور هو جو گذري ويو. هاڻي ڪهڙي دانهن ڏجي درياھ جي آهي ته مٺو مهراڻ آهي ته سون جي ندي آهي. ڪچي واسين جو ان داتا ۽ پالڻهار پر جيئن شهر لغاري بجراڻي کي پائي هضم ڪري ويو تيئن اتي جي ڳوٺاڻن جون محفلون، ڳوٺاڻن جون اوطاقون ۽ داريا به هميشه لاءِ ختم ٿي ويا. درياھ بادشاھ جي مزاج بدلجڻ ڪري اتي جي ڳوٺاڻن جا مزاج به بدلجي ويا آهن. ڪڻو ڪڻو ٿي ويا آهيون. اڳ هڪ ٻئي کان سواءِ ڪانه سرندي هئي ۽ اڄ هڪ ٻئي کي ڏسي به منهن ڦيرايو ٿا وڃون. ڪٿي اهو وقت هو جو ڳوٺ جو سڀ مال متاع رات جي وقت ۾ گرمي جي موسم ۾ قبرستان جي ڀرسان شهر جي سامهون “علودي خان” واري زمين جي نمبر ۾ وهندو هو. جنهن جي رکوالي صرف الله جي حوالي هئي. مجال آهي جو لغاري جو مال ڪو چور يا ڌاڙيل رات جو چوري ڪري ڪاهي وڃي لغارين جو وڏو رُعب ۽ دٻدٻو هو ـ
    هڪ دفعي جي ڳالھ آهي ته دادو مان ڪي پوليس وارا چوري ٿيل سائيڪل جي ڳولا ۾ نڪتا ۽ ڳوٺ جي سامهون پتڻ تان درياھ پار ڪري اچي ڳوٺ لغاري بجراڻي پهتا. اتي کين ڏينهن تپي ويو ۽ بازار ۾ تاري مل هندو جي پراڻي بيٺڪ جنهن ۾ ان وقت اوطاق هئي اتي اچي لٿا. کين ملائشيا جا ڪپڙا ۽ ڪلهن تي رائفلون هيون. ڪن ماڻهن وٺي شهر ۾ هُلايو ته ڌاڙيل اچي ويا آهن ۽ فلاڻي اوطاق تي ويٺا آهن. اها چوٻول ڪجھ انهن پوليس وارن کي به پئجي ويئي. جن روئشي خاطر اهڙو نمونو ڪيو جو ڄڻ هو واقعي ڌاڙيل آهن. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ڳوٺ جي هر گهٽي ۽ لنگھ تي ٽي ٽي چار چار ڄڻا بندوقن سان ليس ڪرائي وهاريا ويا. جيڪڏهن هو جلدي ۾ نڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته يقينا ڳوٺ وارن جي بندوقن جو شڪار ٿي وڃن پر الله ڪيو ائين نه ٿيو. ڳوٺ جي اترين پاڙي مان غلام عباس خان هڪ ٻيو ماڻهو ساڻ ڪري اوڏانهن ويو. هو پڙهيل ۽ سمجھو ماڻهو هو ۽ قاعدي قانون جو واقف هو. هن انهن کان سڄا حال احوال ورتا ته ڪيئن آيا آهيو ۽ ڪير آهيو ۽ کين لغارين جي ناقه بندي بابت ٻڌايو. انهن تي پوليس وارا ڊڄي ويا ۽ سندن جمعدار چيو ته اسين سائيڪل جي چوري جي ڳولا لاءِ نڪتا آهيون ۽ ڏينهن گرم هئڻ سبب هتي ترسيا آهيون. جيڪڏهن اوهان کي اعتبار نٿو اچي هي سڀ رائفلون پاڻ وٽ رکو ۽ گهيرو ٽوڙيو. انهيءَ کان پوءِ مس مس وڃي ڳوٺ ٺريو. واپسي ۾ پوليس وارن پنهنجي اکين سان بندوقن وارا ماڻهو مورچن ۽ گهٽين مان نڪرندي ڏٺا ۽ امن ٿي ويو. هينئر به ماڻهو ساڳيا يا سندن اولاد آهي پر ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن. سج لٿي کان پوءِ ڳوٺ جو ڪو مال ته ٺهيو پر ماڻهو پاڻ به گهر کان ٻاهر ڪونه ٿو نڪري، ڪاڏي ويون رانديون ڪاڏي ويون ڪچهريون، ڪو گهر ڪاٿي ڪو گهر ڪاٿي. هڪ ٻئي جو آواز به ٻڌي ڪونه ٿا سگهون. هڪ ٻئي جي ڏک سور جي ڪابه خبر ڪانهي. هر هڪ پاڙو ٽن چئن گهرن تي مشتمل هڪ وڏي جهنگ ۾ گهيرل. اونداهي ۾ غرق، چوڌاري موت جو نظارو، شڪاري ڏينهن جوگهاٽن ٻيلن ۾ رات جو نڪرن ٻاهر، شل نه ڪو ڳوٺاڻو کين نظر اچي. الله پيو رکي ..، وڌيڪ ڪڇڻ به ڏوھ لکڻ به ڏوھ ... ـ


    جهانگيڙن جي جُهونگار

    ڳوٺ لغاري بجراڻي ڪچي اندر درياھ جي نزديڪ اڏيل هو. اهڙي طرح جو اولھ واري پاسي جنهن طرف درياھ هوندو هو اهو گهڻو ڪري جهنگ هوندو هو. شهر ۾ يا پاسن ۾ گهڻا ٻٻر جا وڻ هوندا هئا، انهي ڪري جيڪڏهن ڳوٺ کان اولھ طرف ڏسبو هو ته جهنگ ئي جهنگ ڏسڻ ۾ ايندو هو. ڳوٺ کان اولھ طرف درياھ يا ڍنڍ جي ڪناري تائين هر سال ٻوڏ تي آبادي ٿيندي هئي ۽ اتي لين ۽ ٻٻرن جا وڻ جام هوندا هئا. ڳوٺ وارن جو واسطو ڪم ڪار سڀ جهنگ ۾ هوندا هئا. ائين کڻي چئجي ته هو جهنگ جا رهاڪو يا جهانگيئڙا هئا. جهنگ جون ٻوليون، جهنگ جو ماحول، جهنگ ۾ ڪي مينهون چاريندڙ نظر ايندا ته ڪي رڍون ٻڪريون چاريندا ۽ ڪي ڍڳا چاريندا نظر ايندا. انهي کان سواءِ ٻني ٻارو به جهنگ ۾ ئي هوندو هو. سڀ ڪو پنهنجي ڌُن ۾ مست، ڪو پنهنجي مال ۾ مست، ڪو پنهنجي حال ۾ مست، سڄو ڏينهن ڪجھ نه ڪجھ پيا جهونگاريندا هئا. جيڪڏهن ڪو انسان اهڙي ماحول ۾ جهنگ ۾ اڪيلو هوندو ته لازمي ڪجھ نه ڪجھ پيو جهونگاريندو، انهي ۾ سُر واري يا بي سُري هئڻ جو ڪو به شرط ڪونهي، ڌنارن جون ڪي ڪي ٻوليون ته بنھ انوکيون ۽ عجيب هونديون هيون. ڪيئي سال اڳ جيڪڏهن ڪو ڌنار ڪنهن ٻئي کان مال چاريندي اوجهل ٿي ويندو هو ته اهُو ڌنار ڪنهن اوچي وڻ تي چڙهي هيٺيان ٻول چوندو هو ـ

    ٻولو الله ٻولو، ٻولو سائين ٻولو
    ٻولو مرشد ٻولو، ٻولو مرشد ٻولو
    ٻولو سائين ٻولو، ٻولو الله ٻولو

    اهو آواز ٻڌندي ئي ٻيو ڌنار ساڳئي مٿين ٻولي ۾ ساڳيو جواب ڏيندو. پوءِ خبر پئجي ويندي ته اهو آواز ڪٿان آيو ۽ پوءِ اهي ٻئي ملي ويندا هئا. جيڪڏهن ٻيا به ڪي ڌنار انهي جوءِ ۾ هوندا هئا ته اُهي به ورندي ڏيندا هئا، يعني ٻولو ٻولو الله ٻولو پوءِ سمورو جهنگ الله ٻولو سائين ٻولو جي آوازن سان گونجي ويندو هو ۽ آسي پاسي جا سمورا ڌنار هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ اهڙي طرح سندن ڪچهري مچي ويندي هئي. انهن ئي ڌنارن ۽ جهانگيئڙن وٽ هڪ ٻي به جهونگار انهي مطلب ۽ طريقي واري ٻڌڻ ۾ ايندي هئي، اهڙي ورندي جيڪڏهن ڪنهن ڀرواري ڌنار ٻڌي ته اهو به اهڙي جهونگار جو جواب ڏيندو هو. وقت گذرڻ کان پوءِ اها جهونگار جوئر يا ٻاجهري جي پيهي تي جهار هڪليندڙ پڻ ڳائيندو هو. اهو به هڪڙو دور هو جو گذري ويو. خبر ناهي اهو اڳ به هو يا نه ڪڏهن شروع ٿيو. اها اکين ڏٺي ۽ ڪنن ٻڌي حقيقت آهي. رات جو مارڪي تي جڏهن ڪي شوقين مزاج نوجوان گڏ ٿيندا هئا ته ڳائيندا به هئا. اهي بيت يا ڪافين کان علاوه به ڪجھ وايون جن مان لولي ۽ ڇلڙو مشهور هئا اُهي به ڳائيندا هئا. لولي ۽ ڇلڙو ٻئي سرائڪي زبان ۾ هونديون هيون. جيئن ته هتي جا ڳوٺاڻا سڀ لغاري هوندا هئا. گيت جي ڳائڻ جو انداز مٺو ۽ اثر انداز هوندو هو جو بُت مان سريرون نڪري وينديون هيون. انهن گيتن ۽ لولين کان علاوه ڪنور ڀڳت جو هي گيت مقبول هو. “نالي ڌڻي جي ٻيڙو تار منهنجو”. ننڍن ننڍن ٻارن جون وري پنهنجون پنهنجون ٻوليون ۽ رانديون هونديون هيون. چانڊوڪين وارن راتين ۾ ڳوٺ جا ڇوڪرا هڪ هنڌ گڏ تي راند ڪندا هئا. هڪ ٻئي کي سڏڻ جو طريقو به عجيب هوندو هو. ٻه ڄڻا گڏ ٿي ڪورس جي انداز ۾ هن طرح ڳائيندا هئا ـ

    اڪ جي ڪاٺي
    نم جو پايو
    راند جو سايو
    ڊوڙي اچي ڊڳڙ کائو
    موٽي وڃي مکڻ کائو

    انهي ڪورس ٻڌڻ کان پوءِ ڪنهن به ڇوڪري کي گهر ۾ آرام ڪونه ايندو هو ۽ يڪدم ڊوڙي وڃي راند جي ميدان ۾ ٻين ساٿين سان شامل ٿيندو هو. پاڙي جون نينگريون گڏ ٿي پنهنجي الڳ راند رچائينديون هيون. “لڪ لڪوٽي” ڪرڻ وقت پهريائين ڪير اکيون بند ڪري ۽ ٻيون لڪي وڃن انهي لاءِ سڀئي ڇوڪريون پنهنجون مُٺيون زمين تي رکي ويهنديون هيون ۽ هڪ ڇوڪري واري سان هر هڪ مُٺ تي آڱر سان ٺونگو به هڻندي ۽ چوندي هئي ارچڪ مرچڪ، ڌاما ڌرچڪ، آڳ پٽيهر، نانگڻ جوڳڻ، کارا کُٽي، ٻُٽي ڇٽي. جنهن جي مُٺ جي مٿان “ڇٽي” جو لفظ پڪاريو ويندو هو ته اُها ڇوڪري آزاد ۽ وري ٻين ڇوڪرين تي اهو دهرايو ويندو هو. جيڪا نينگر آخر ۾ بچي ويندي هئي. ان تي آڳ اچي ويندي هئي. ان کان علاوه چار يا وڌيڪ نينگريون گڏ ٿي هٿ ۾ هٿ ڏيئي هڪ دائرو ٺاهينديون هيون پوءِ نچڻ واري انداز ۾ گول ڦرنديون هيون ۽ هيٺيان ٻول چونديون هيون ـ

    چيڪلي پايون
    پير گسايون
    پيرن منجھ ڪڙي اي
    لعل سُناري جڙي اي
    ڪيو!ـ
    ڪيوي دي ڌياڻي
    ڇوڙ ڳئي پاڻي
    پاڻي وچ ڦوٽي
    جيون ميڏي پيڪي
    پيڪي گهر ويندي هان
    ڪينهان ڪم ڪريندي هان
    ٿالهي وٽي منجهيندي هان

    عورتن جا گيت ۽ لاڏا اُهي ئي عام جام ساڳيائي هئا. جيڪي اڄ ڪلھ ڳايا پيا وڃن، البت ڳائڻ جو انداز اڄ ڪلھ ڊسڪو ٿي ويو آهي. اڳي جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ لاڏا ٿيندا هئا ته گهر وارن کي خوشي ۽ مُسرت ٿيندي هئي. هاڻي گهر جي ٻاهر وارن کي لاڏن ٻڌڻ جو شوق ٿئي ٿو ـ


    قربن جون ڪچهريون

    هاڻي الاجي ڪهڙو واءُ وريو آهي جو هن دور ۾ ڀاءُ ڀيڻ جو ويري بنجي ويو آهي، ڪير به ڪنهن جي ڪاڻ ڪونه ٿو ڪڍي. هر ڪو پنهنجي ڪرت ۽ پورهئي ۾ غرق آهي. تاهم سرسري طور هڪ ٻئي سان تعاون آهي. ڪنهن سان به ڪنهن جي عداوت ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. ها ائين ضرور آهي جو ٻه ٿانو جيڪڏهن کٽ تي هوندا ته ٺڙڪندا ضرور . هڪ دفعو ڪچي جي زمين تان تڪرار ٿيو جنهن تي جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ ڪهاڙين ۽ تلوارن جو آزادانه استعمال ٿيو. هن جو تفصيل وار ذڪر پوين صفحن ۾ ڪيو ويو آهي. اڳ ڪچهريون، قربن، محبت، احساس شڪر ۽ ايمان سنجيده هو. ايتري قدر جو ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ موسمي لحاظ کان مختلف طريقا گذر سفر ۽ روح راحت ڏيڻ واسطي هوندا هئا، جيئن ئي سرءُ جي موسم ايندي ۽ سر ڪانهه نسرندو، ڪونجون، تلورون، نير نگ ۽ ڊگوش به روس ڇڏي اچي درياھ جي ڪنڌي وسائيندا هئا ۽ ڪچي واسي به چيٽي جو ٻج زمينن ۾ ڇٽيندا هئا. هر ڪنهن کي ٻج، ڏاند، ناڙي ڪرڻ جي ڪرت هوندي، سانجهي جو جوڌا جوان پنهنجي سڄي ڏينهن جا اوکا پوکا لاهي اچي ميدان تي پهچندا هئا، سڄو شهر مڙي اچي بيهندو هو، بدن تان پيراهن پري ڪري، سندرا چيلھ سان ڪشي ڪانچن جا ور کڻي، هڪ ٻئي سان جُنبي ويندا هئا، ڪي ڪٻٽي ته ڪي ٻلهاڙو پيا ڪندا هئا. ٻار ۽ ننڍا جوانڙا جدا جدا ڪي ٻيا ونجھ وٽي ڪندا، ڪي اٽي ڏڪر ۽ اک ٻوٽ پيا کيڏندا. ڪن جي هٿن ۾ ڪوڏيون هونديون. ڪي وري وڏن جون ملهون ڏسي پيا هڪ ٻئي کي ٻَکُ وجهيو جانٺا هڻندا. غروب ٿيڻ کان پوءِ هر ڪو کائي پي اچي اوطاق ڀيڙو ٿيندو هو. سياري ۾ وچ ۾ مچ ٻيو ٻرندو هو ۽ چوڌاري ڪانڀا ڪڍيو مڙس ائين ويٺا هوندا ڄڻ ببر شينهن ويٺا آهن. اکين مان پيا اُلا نڪرندن. انهن کي ڏسي شايد ٻهراڙي جي ماين سهرو ٺاهيوـ
    اکيون ادل جون ٻرن مشالا، ڳاني جو جوڙ بنايو ـ
    سنجهي جو ڏور جا بيت شروع يا ڏيندا هڪ ٻئي کي ڳجهارتون، اچي اچي پيئي پوندي، سڄي ڪچهري چڪر ۾ هوندي هر ڪو پيو ڀڃڻ جي ڪندو، مثال: ڪاٺ جي، جهنگ جي، گهر جي، ڪنڌي جي، اهڙا پيا پاها ڏيندا، ڳجهارت ڏيندڙ ور ور ڪيو پيو چوندو ”هل ادا هل“ جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن جو پاهو لڳي ويو ته واڪو ڪري چوندو ”اجها آئي… ويئي يار ويئي..“ يعني ڳجهارت ڀڄي پئي، انهيءَ ڪچهري ۾ ٽهڪڙو پئجي ويندو، پوءِ ڪندو ڳجهارت ڏيندڙ ڳجهارت جي تشريح، اهڙي طرح واري واري سان ڪلام، ڪافيون، ڏوهيڙا، ڏور، بيت، آکاڻيون، داستان، قصا، ڳالهيون، ٽوٽڪا، مزاحيه چرچا وغيره پيا هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا ۽ پنهنجي دل مان سڀئي اوٽار ۽ غبار لاهي ڇڏيندا هئا. جيڪي زندگي جي ڪشاڪش ۾ ۽ جيڪي سندن دلين ۽ دماغ تي چڙهندا هئا، مطلب ته اهڙو رنگ رچي ويندو هو جو ڪچهري کٽڻ کي نه ايندي هئي. ڪنهن جوانڙي کي ننڊ جي اوجهارڪي آئي ته اتي ئي باھ جي وٽ ۾ ڪرونڊڙو ٿي پوتڙو مٿان پائي پاسيرو ٿي پوندو. اوجهارڪي مان اک کُلندس ته اتان ئي پيو ڪندو “ واھ يار واھ” گهڻو ڪري سياري ۾ اوطاقن تي ”چلم“ به ٺهيل هوندي هئي، پاڻي جو مٽ، ٺڪر جو ٽڀو يا ڪُپي هوندي، ٻه چار کٽون هونديون، باھ جي چوڌاري ڪاٺ جون صندليون، منجيون ۽ پلال جا پيڙها به پيا هوندا هئا. هر ڪو سلام ڪري اهڙي صُحبت ۽ پنهنجائي سان ڪانڀ ڪڍي اچي وهندو ڄڻ ته پنهنجي وٿاڻ تي ويٺو آهي. وزم به پيو هلندو ۽ زماني جون ڳالهيون، ڏاندن جي گوءِ جا قصا، مڙسن جي مردانگي جا داستان مال، رزق، پوک، گاھ پٺي يا بٽين وغيره جا گفتا به پيا هلندا هئا، پري جو ڪو واٽهڙو يا مسافر لڙي ايندو هو ته ”جي آئين ڀلي آئين” پئجي ويندي هئي، هر ڪو پيو کيڪاريندو هوس ۽ پيو آجيان ڪندو، دال روٽي هوندي سابه آڻي اڳيان رکندس پوءِ ڪندس ”جي ادا“ يعني پڇندس حال احوال، وري جڏهن سيارو ويو ۽ ايندو بهار پوءِ ته ڪچي واسين لاءِ به بهاري ٿيو وڃي. هاري پنهنجي پوکيل ثمر سيڙهيندا يعني مٽرن ۾ ڦريون، چڻن ۾ ڍارون ۽ ڦوٽا، ڪڻڪون آنڀن ۾، سرنهن ۾ لابارا، سونف ڌاڻو، نيسر کي هوندو. گدرن ۽ ڇانهين جون وليون ، ڇٽ ۽ نير هڻنديون، مال متاع، پکي پکڻ، جانور انسان بلڪ ڪچي ۾ هر ساهواري شي ۾ نئون روح ڦوڪجي ويندو. وهڙيون ڍارون چري وهربيون، ٽهاڻين ۾ به وهر هوندو، سانَ ٽڙاڏون هڻندا وتندا. اڇڙا تتر چاڙهيڪا ڇڏيندا. ڌنارن جون تڙن تي منڊليون هونديون، چڻن مٽرن جون ڏڌڙيون ڪندا رهندا. ٻيرن ۾ ڳاڙها ٻير هوندا. صبح سانجهي مال ۾ پيل چڙن ۽ ڊگرين ۾ “الله هو، الله هو” جون تنواريون هونديون. سوين مزا لکين لطف، پري پري کان دوست ڪهي اچي ڪچي جو سير ڪندا هئا ۽ لطف اندوز ٿيندا هئا. ڍنڍن ڍورن ۾ به مڇي جو شڪار جام ٿيندو هو. خفتي کنيو قهري ڪان ڪلهن تي وتندا ٻيٽن تي تلورون ماريندا. ڪيئي رنگي جا رنگ ڪيترا لکي ڪيترا لکجن. ديسي دوست گهڻو ڪري سياري ۾ شڪار تي لهن، جهنگ ڪنائبو ته جاڙيون پيون ڇڏينديون هيون، شل ڪچي جي واسين جا ويڙها وسن، سندن اوطاقون آباد هجن. سندن وسنديون وسن ۽ شال هر ڏينهن جيڪي سياري ۽ بهار ۾ مزا ماڻين ـ
    اسان جون مائون، ڀينرون، خدا شال سندن اوکو واءِ نه لڳي صبح کان ويندي لڙي منجهند تائين تر جي به واندڪائي ڪانه ملندي هين. گهر ڌياڻيون جو ٿيون. پنهنجي وٿاڻن جون راڻيون ۽ وارثياڻيون جو ٿيون. بيگمون ته هيون شوخ جو صبح کان گهر ٻين جي حوالي ڪري ٻار آيائن جي هنج ۾ هڻي پاڻ وتن روا ڳچي ۾ وجهيو شهر چاکوڙينديون ۽ شاپنگ ڪنديون. اسان جي مائن، ڀينرن کي اسر ڏيئي اٿڻو پوندو هو ڪلمو پڙهي، خدا رسول جو نالو ڳنهي، کڻنديون هٿ ۾ ٻهاري يا ويهي هلائينديون جنڊ. ڪي وري کير جون چاڏيون ولوڙينديون ۽ مينهن ڀٽارين جو کير ڏهي ان ۾ سباڻ وجهنديون، اهي اوکا پوکا لاهي چُلھ تي وهنديون، نيرن پچائينديون. ٻارن کي کارائينديون ۽ کين وري منجهند جي ماني تائين مٿي کنهڻ جي واندڪائي به نه ملندن. ٿانو ٿپا به ڌوئيندون، لٽا ڪپڙا به ڌوئينديون ۽ لاڙوين منجهند کان پوءِ وڃي انهي ڪاروبار مان وانديون ٿينديون. اهو وقت ويندي لاڙوين ٽپهري تائين هلندو هون. جڏهن هو پاڙيوارين سيهلين جي گهرن جو چڪر هڻنديون هيون ۽ گهڙي ساعت ويهي ساھ پٽينديون هيون. پاڻ ۾ چار چونڪ ڳالهين جا ڪنديون ۽ هڪ ٻئي جي وارن کي ويريون به ڏينديون. انهي وقت هڪ طرف جيڪڏهن اهو مشغولو هوندو ته ٻئي طرف ڪي مايون رات لاءِ چانور پيون سوئينديون، ڪن جي اڳيان اکري ۾ ڪڻڪ يا ساريون پيل هونديون، جن کي پيون مُهري سان ڇڙنيديون يا ڇڄن ۾ پيون ڇنڊينديون، ڪن جا اوکا پولا لٿل هوندا ته اُهي پيون ڀرت ڀرينديون يا ويٺيون رليون يا ٽوپيون ٽوپينديون، اسان جي عورت وٽ ور وڏي اهميت رکي ٿي. عورت جي سموري زندگي جو مرڪز سندس سهاڳ ٿئي ٿو. ان جي ئي سندس فڪر ۽ خيال گهمي ٿو. غرض ڪهڙا مثال ڏيئي ڪهڙا ڏجن. شل سندن ور ۽ گهر پيڪا ۽ اباڻا، ابل ۽ ادل وسن ۽ جيئن. بهار ختم ٿيندو ته پهريائين ماٽي لڙهن سان هاڙ جي آمد شروع ٿيندي، چيٽي پوکون پچي تيار ٿينديون ۽ انهن ۾ لابارا شروع ٿيندا. ديرا، ٺيهڙا، ڳاھ ڳاهڻ، ٻياني ٽيانگ ۽ گاگڙئي (ڇڄ) سان وائرون ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ ان جي راھ ڪئي ويندي هئي. ٽوين ۽ پاٽين سان ڪاسا ۽ خرار ماپبا هئا. زميندارن جا کنڌا پڻ ڏنا ويندا هئا، پيراڻه ٽويا، ڀاڻيئي، حجم، ڪنڀر، ڊکڻ ۽ لوهار جا ٽويا به انهي راھ مان ڪڍيا ويندا هئا. جڏهن ڪچي جا ماڻهو چيٽي جو فصل کڻي، بٽين بڙن جا حساب ڪتاب ڪري آجا ٿيندا هئا. اهو هوندو هونَ محض واندڪائي جو وقت، پوءِ ڪي ماڻهو واهڙن تي يا ڍنڍن تي نار يا هُرلا چاڙهڻ جون تياريون ڪندا ۽ پڙهوڏا کوٽيندا. جيڪي اڳي جا کوٽيل هوندا هئا ته انهن کي به صاف ڪري وڌيڪ کاٽي ڏيندا هئا. پوءِ اڏيندا هئا منجھ ۽ پوءِ ڊکڻ ۽ هاري ڪاٺوڙا نار چاڙهي ۽ ڪَتي جو فصل، جوئر، ٻاجهري، تر، گوار ڪاهڻ جا سانڀاها ڪندا هئا، اهڙن نارن تي ٺهيل منجھ به ڪچهري جون خاص جايون هونديون هيون، باقي ٻيا ماڻهو پرھ ڦٽي ڏيئي اٿندا ۽ کڻندا هئا. پاڻ سان ڏاٽو ۽ ڪهاڙي سڌو رخ جهنگ ڏانهن، ڪو پنڃر ڪپيندو، ڪي لهيون ڪپيندا ۽ ڪي سَرَ ڪپيندا. ڪي وري ٻيلن مان وَرا يا داسا ڪپيندا هئا. ڪي وري سڄو ڏينهن پيا اوطاقن تي کٽون ڀڃيندا هئا يا بازار ۾ مختلف دڪانن تي ويٺا ڪچهريون ۽ مزاحيه ڀوڳ ڪندا هئا. مٺي فقير جو اوتارو ڪچهري لاءِ مشهور هوندو هو. مٺو فقير فقراءُ طبيعت رکندڙ هو. نظر يادو ۽ جوسي چرچائي هئا. ڳوٺ ۾ استاد ميوو خان، بخشو فقير، علودو خان، سمندر خان، گاجي خان، مڱڻ خان، احمد فقير، حيدر فقير، پنهل خان، جيوڻ خان وغيره نيڪ مرد هئا ته سگهڙ ۽ سمجهو به هئا. يار ويسي ڪچهري جا مور، هڏ ڏوکي هڪ ٻئي توڙي ڳوٺاڻن لاءِ اندر جي ٿانون ۾ احساس رکندڙ هئا. سدائين سندن چهري ۾ شادابي ۽ شگفتگي بکندي هئي. ائين سمجهبو هو ته مذڪوره ماڻهو سڄي ڪنڌي جا رکوالا آهن. شال رب سائين سندن ڪارڪردگين مان راضي رهي. بهشتي بنائين. جيئن ته هاڙ جي مند ماٽي لڙهن چڙهڻ سان شروع ٿيندي هئي تيئن پاتڻي يا نائکا پنهنجن ڍونڍين، ههڙن، بتيلن، ساکرو ۽ لاڙي ٻيڙين کي مھ ڏيندا هئا ۽ اڪثر پرين ڪپر پاڻن وارا يا آبادي ڪرڻ وارا سيڻهن کي رڱيندا هئا. اسان جي ڳوٺ ۾ درياھ تي خيروديرو پتڻ هوندو هو. ڏکڻ ۾ صفن پتڻ ۽ اتر ۾ لليا پتڻ هوندو هو. ليڪن پتڻ جا مورثي حقدار نائکو مُوسو ۽ نائکو قادر بخش ملاح هئا. پتڻ تي سندن ٻيڙيون پتڻ ڪنديون هيون. نائکي موسي جي ٻيڙي جو نالو کڻي بس ڪجي. سبحان الله سکر کان ڪراچي تائين ڪنهن به تڙ يا پتڻ تي ايڏي وڏي خوبصورت ٻيڙي ٻي ڪانه ٻڌبي هئي ۽ نه ڪنهن ڏٺي. جهڙو جنسي جهاز سڄي ساري جريب کن ۾ ويڪري ڊگهي تقريبن 200 وال ڊگهي ڪلمي، سو کن وال ڊگهي کوهي ۾ ٻڌل آڳل پاڇل ايتري ته ويڪري ۽ ڊگهي جو سوين ماڻهو آساني سان ويٺا هجن. ٻيڙي جو ترو صرف جانورن لاءِ ٺهيل، ٻيڙي جا ڪڇا پاڻي جي سطح کان مڙس کن مٿي هوندا هئا. آڳل ۽ پاڇل ۾ ٻه ٻه ڪوٺيون ٺهيل، جهڙا جنسي بنگلا ٺهيل، دامن، مرڪ، ويڻا، کوها، ناتاريون، پڳھ، منجنون، ونجھ، سڙھ، ڪلميون کوها، ساڪا، ساکرو نموني جي شاھ ڪاريگرن جي ٺهيل ٻيڙي هر وقت تيار، ويهارو کن مڙس ٻيڙي هلائيندا هئا، ڪوهين سڙھ ڏسڻ ۾ ايندو هو. درياھ ۾ اوڀاري هجي يا لهواري، درياھ ۾ ساندارو ڏيڻ کان پوءِ ائين ڇڇڪا ڪندي هلي جيئن ريل گاڏي پئي وڃي. ان کان علاو سنڌو ۾ سوين ڍونڍيون ۽ بتيلا ههڙا، ساکرو، لاڙي ٻيڙين جون ڪلميون پري کان ڏسڻ ۾ اينديون هيون. سدائين سنڌو جي سيني تي ترنديون وتن، مڇي مارينديون ۾ گهمنديون وتن. ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ درياھ جي تڙن ۽ پتڻن تي شهر ٻڌا پيا آهن ـ


    شڪاريات

    وري جيڪڏهن انهي ٻيڙي تي شڪاري خفتي قهري ڪان ۽ دوناليون کڻي شڪار واسطي سواري ڪري ٻيلن ۾ لهن ته لطف ئي نرالا، پنجاھ کان سو مڙس تائين ٻيڙي ۾ سوار نر گلو گڏ. سڄي رات ٻيڙي جي آڳل پاڇل ۽ منجڻون به پيون کلنديون ۽ نچنديون هيون، وري جي ڦاڙها مرن ته ديڳيون پيون چڙهنديون هيون. هر قسم جا ماڻهو ٻيڙي ۾ سوار، بيتائي، شاعر، سگهڙ، ڀوڳائي، ڪهاڻيڪار، توبچي، تاڙا، واٺا، پنجوڙون ڪتا وغيره. علودو خان شھ توبچي ٻڌبو هو. نظر فقير به شھ واٺو هو ۽ ساڳئي وقت هڪ سٺو شاعر به هو. خصوصي طور تي ڪلام چوندو هو. کيس جا ڪلام اڪثر علي بخش عرف (همام دسته) کي ياد هوندا هئا ۽ هو ڪچهري ۾ نظر جا ڪلام چوندو هو. شڪار جو ذڪر اچي ويو آهي ته ڪجھ شڪار بابت تفصيل سان لکجي. سنڌو درياھ جي ڪنڌي اڪثر ٻيلن، ٻيٽن، ڪيٽي ۽ جاگيرن جي صورت ۾ هوندي آهي، مذڪوره هنڌن جا سينگار سونن سڱن جي تاج وارا ڦاڙها هوندا آهن. ان کان علاوه پکي جن ۾ تتر، تلور ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ مڇي به جام هوندي آهي. پرديسي پکي جهڙوڪ: نيرنگ، آڙي، ڊرگوش، ڪرڙو ۽ لنگهو وغيره هوندا آهن. شڪاري ڪيترن ئي مختلف طريقن سان جانورن ۽ پکين جو شڪار ڪندا آهن. انهن سڀني جو شڪار ڪچي واسين لاءِ هڪ لازمي امر آهي. ڪچي ۾ اڪثر هڪ فصل چيٽ جو ٿئي. اڄ ڪلھ سائنسي دور آهي، تنهنڪري اڪثر علائقن ۾ ٽيوب ويل لڳي چڪا آهن، نه ته اڳي ته ڪچي جا جهانگيئڙا صرف حضرت خواجه خضر ڏانهن اڃايل اکڙين سان نهاريندا هئا ته شل ڪا مهر جي ٻوڏ ٿئي ته هيئن خطي ۾ سُڪار ٿئي. ماڻهو توڙي مال آباديون ڪري خوش ٿين. اهڙي طرح ڪچي وارن جي زندگي جا ڏينهن پيا گذرندا هئا. ڦاڙهو ۽ ان جي مادي کي ڦاڙهي چئجي ٿو، ڦاڙهي ٻارنهن مهينن ۾ هڪ ڦر ڏيندي آهي. ڦاڙهي کي چار ٿڻ ٿين ٿا. تتر ٻن قسمن جا ٿين هڪڙا ڪارڙا ٻيا اڇڙا، ڪارڙي تتر جي مادي کي “ڪٻي” به چيو وڃي ته تتري به چيو ويندو آهي. گهڻو ڪري سال ۾ ٽي طُور ڪري هڪڙو مٽرن جي لڙهن ۾ ٻيو ڪڻڪ جي لاباري ۽ ديرن ۾ ۽ ٽيو سرءُ ۾. اڇڙو تتر به طُور ڪري هڪڙو مٽرن جي لوڙهڻ وقت ۽ ٻيو ڪڻڪن جي ديرن ۾. تلور پرديسي پکي آهي. ميرانجهڙي اڇي رنگ جي تلور وزن ۾ هڪ کان ٻن سيرن تائين. آڪٽوبر ۾ روس سائبيريا ڇڏي سنڌ جي اندرين علائقن ۾ ولرن جي صورت ۾ اچي چڳڻ ۽ چرڻ جي خيال کان اڪثر درياهي ٻيٽن تي لهن ۽ چرن. تلور جو کاڄ ٻيٽن جو گاھ هوندو آهي. تلور جي گجُي، دم، وڏي کنگھ ۽ ٻاراڻي علاج لاءِ بطور دوا به ڪم اچي ٿي. تلور پکي آنا ۽ ٻچا پنهنجي اصلوڪي ماڳ يعني ٿڌن ملڪن ۾ ڪن. توڙي ٻيا پرديسي پکي ائين پنهنجي نسل جو واڌارو ڪن. البت سنڌ ۾ فقط چرڻ ۽ چڳڻ واسطي پنهنجو ماڳ ڇڏي آڪٽوبر ۽ نومبر جي مهيني ۾ هتي سنڌو وادي ۾ پهچندا آهن. پوءِ مارچ ۽ اپريل ڌاري واپس وري وڃن ٿا ۽ وڃي ويامن ۽ وڌن. اهي ئي پکي هئا جن جي شڪار ۽ انگريزن جي رسائي خاطر جي ايم سيد، سر شاهنواز ڀٽو ۽ نواب غيبي خان جهڙن عظيم انسانن پنهنجي اصولن جا سودا ڪري انگريزن کان شڪار ڪرائڻ جي عيوض جاگيرون ورتيون. ايتري قدر رسايون ڪيون جو انگريزن جي گهوڙن، اٺن ۽ گڏهن کي به مصرين جا مٺا پاڻي پياريائون ـ
    ڪچي ۾ شڪار ڪيترن ئي قسمن سان ڪيو ويندو آهي. جنهن مان ڪجھ نموني طور شڪار بابت احوال پيش ڪجن ٿا. جيئن ئي ماٽي لڙها چڙهندا ۽ لهندا هئا يعني مارچ ۽ اپريل جي مهيني ۾ ويندي ساوڻين تائين اهو مامرو پيو هلندو آهي. ساوڻين جي شروع ۾ بهشتي ميوو ڪچي ۾ گدرا ۽ ڇانهيون لهن. صبح سانجهي واڙين تي سوين ماڻهو گڏ، هر ڪنهن وات ۾ گدرو يا ڇانهين هوندي هئي. هنيو مُڪ گدري يا ڇانهين کي ڀڃي پيا کائيندا هئا ۽ واڇن کان پيو رس وهندو. ڪونجڙا (گدرن جا واپاري) به سانجهي جو واڙين تي ايندا ۽ گدرا ۽ ڇانهيون خري ڪري، واهڻن ٻهراڙين خصوصي طور پڪي تي کپائڻ ويندا هئا. ڪچي واسي به گدرن جي موسم ۾ پري پري کان سنگتين کي دعوتون ڏيئي اچي گدرا ۽ ڇانهيون کارائيندا ۽ سانوڻين جي آمد جا نظارا به ڏيکاريندا ۽ گهمائيندا هئا. شڪار به موسم آهر ڪيا ويندا هئا، جيئن ته اونهاري ۾ گهڻو ڪري ٻيڙين تي چڙهي لهوارا ٿي مذڪوره جهنگن ۾ تڙ جو شڪار ڪندا هئا. واضح رهي ته لغارين جي ڪيٽي کان ڏکڻ ۾ وڏيري دوست محمد ۽ مٺل خان ٻگهيي جي ڪيٽي آهي، انهي کان ڏکڻ ۾ خيروديرو ٻيلو ۽ ان کان ڏکڻ ۾ سيٺر جي ڪيٽي ۽ ان سان دنگ ۾ ان کان ڏکڻ ۾ گلڻ ڄام ڏاهري جي ڪيٽي ۽ ان کان پوءِ دنگ ۾ نواب ولي محمد خان لغاري تاجپور وارن جي جاگير آهي. موسمي لحاظ کان ڪچي ۾ شڪار ڪرڻ ۽ روح کي راحت ڏيڻ واسطي ڪيئي طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن. جيئن ته اونهاري ۾ تڙ جو شڪار، ٽاري يا چيڄ جو شڪار، پياڪي جو شڪار ۽ سياري ۾ تڙ جو شڪار، اوسر جو شڪار ٻولي جو شڪار وغيره. جيئن ئي ڍورا ڍنڍون ۽ واهڙ وهندا هئا، هيٺاهين تي ڇرون ٿي وينديون هيون. پاڻي زمين تي ريلائيندو وتندو هو تيئن ئي خفتين (شڪار جي شوقينن) ۾ شوق شڪار پيدا ٿيندو هو. هڪ ٻئي کي ڄاڻ ڏئي ويندا هئا. مقرر ڏينهن تي هرڪو اوکا پوکا لاهي، بندوقون، پنجوڙون، کاڌي پيتي جو سامان، رليون گودڙيون، ان کان سواءِ ڪتا جن ۾ ڳولو، ٻاهو، واٺو قسمن جا ڪُتا به اچي سهڙندا هئا ۽ ناکئي موسي جي ٻيڙي تي اچي چڙهندا هئا. سڀ گڏ ٿي ۽ ٻيڙي جو پڳھ ڇوڙي لهوارا ٿيندا هئا. مذڪوره ڪيٽين ۽ ٻيلن کان اڳ اولھ ۾ درياھ شاھ وهندڙ آهي پوءِ ته ٻيڙي به لهواري هلي. درياھ جي ڪپر سان يا ڪنهن سائو واهڙ سان ڪنهن پاڻ جي سهاري هلي ناتاري کوڙي جهنگ جي گودرن ۾ بهاريندا هئا. يڪدم خفتي لهي جهنگن کي ڦري پيرا کُرا جانورن جا ڏسي واپس همراهن ڏي ايندا. پوءِ ٻڌندا مُهاڙي ۽ شروع ڪندا تڙ. جهنگن تي به خفتين جا مختلف نالا رکيل هوندا آهن. چوندا ته پهريائين “سونچو” تڙينداسين پوِ “نڪي” پوءِ “ڪامهين” تڙبي، تنهن کان پوءِ تڙبي “ڪچي” ۽ ڇت تي اهڙي نومني صلاحون ڪري لهندا ٻيڙي تان ۽ وڃي جهليندا چوڪڙين ۽ مهاڙين جا پها. يعني هڪ طرف کان پنجوڙون ٻڌبيون ۽ ٻيو پاسو يعني “ٻُٽ” ۽ “ليٽ” جهليندا. بندوقن وارا توبچي ۽ مٿان تاڙا ڪندا “الله توهار” ۽ ڇڏيندا جهنگ ۾ ڪتا ۽ ڪندا هو ڪرون، ڳولائو ڪتا، جانورن جا پير کڻي نوسيندا وڃي جانور جي ٿم تي پهچندا ۽ جانور کي ڪڍندا ٿم مان، باهُو ڪتا جانورن جي پويان رڙندا ۽ چهڪاريندا ايندا، واٺا ڪتا جانورن جي پويان جهنگ ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪندا. جانور به ڪتن ۽ ماڻهن جي هوڪرن کان لڪندا ڊوڙندا انهي جهنگ مان ڀڄڻ جي ڪندا. جئين ئي پهن مان ڪنڌ ڪڍندا تيئن ئي کڏڙن ۾ لڪل توبچي ٺڪاءُ ڪرائيندا جانور کي بندوق. تاڙن ۾ هوڪرا پئجي ويندا. جانور کي به بندوق لڳندي ئي جانور ويڙهجي سيڙهجي ڪري پوندا ۽ توبچي اٿي انهي کي تڪبير وجهندو. پر جيڪڏهن يارنهن آڱريو مرون وڃي پنجوڙن ۾ پوندو ته واٺن جا به ويس لٿل هوندا ۽ هڪل ڪري وڃي مرون کي ڀاڪر هڻي وٺندا ۽ يڪدم مٽون ڪڍي قابو ڪري پنجوڙ مان ڪڍي چارئي ٽنگون ٻڌي پيٽي هڻي ڪنهن سل ۾ وجهي ڇڏيندا. جيسين وڃي مهاڙي تڙ جي ختم ٿئي. تاڙا به هوڪرون ڪندا، هڪ ٻئي کي سنڀاليندا، گودرن ۾ داسا هڻندا، اڳتي وڌندا هلندا. اهڙي نموني جي ڪو توبچي جانور مان بندوق گُسي پوندي ته اهو جانور ڀڄڻ ۾ڪامياب ٿي ويندو. پر جي ڪو بندوق لڳڻ سان ڦٽجي پوندو ته انکي به يڪدم ڳولا ۽ واٺا ڪتا وٺي جهليندا. چوڌاري ٽاڄا پيا پوندا. نيٺ مهاڙي به تڙجي ايندي ۽ هرڪو اچي پهي تي بيهندو، مئل ڦاڙها به توبچي کڻائي اچي همراهن وٽ پهچندا. پوءِ جمعدار شڪار وارو سلن ۾ ڦاڙها کڻائي وڃي ٻيڙي ٿيندو. جتي ڦاڙهو کليو ويندو ۽ رڌڻ لاءِ بندوبست ڪيو ويندو. خفتي به هڪ ٻه يا ٽي مهاڙيون تڙي اچي ٻيڙي ڀيڙا ٿيندا ۽ ڪندا مانجهاندي جو بندوبست، ڦاڙها رڌي پچائي کائي پي وري لڙي منجهند جو لهندا ٻيڙي تان ۽ ساڳئي نموني وري به تڙيندا مهاڙيون، سانجهي تائين جيڪي ڦاڙها مرندا ته اهي به کڻي اچي ٻيڙي تي پهچندا ۽ لڙي آڌي تائين رڌ پچاءُ جو مامرو پيو هلندو ۽ ڪي ڪچهريون پيا ڪندا، ڪي سڀاڻي شڪار جون مهاڙيون پيا سوچيندا. ڪي پيا درياھ يا ڍنڍ ۾ وهجندا، ڪي ٻيٽن تي پيا ڊوڙندا ۽ رانديون ڪندا. سڄي رات کل خوشيءَ جو مامرو پيو هلندو. ٻيڙي تي راڄ هوندا ڏور، بيت ڪهاڻيون، قصا به پيا هلندا هئا. اوڀر اڀري ويندو ڪچهريون کٽڻ ۾ نه اينديون. وري صبح جو مهاڙيون ۽ ڦاڙها. ان زماني ۾ شڪار جا اڳواڻ علودو خان، استاد غلام شبير، ڳهڻو خان، نظر، غلام مصطفي ۽ غلام نقي وغيره هوندا هئا. لغاري اڪثر شاھ توبچي هوندا هئا، ڪيٽين ۽ ٻيلن ۾ دودن لغاري جا ڀاڻ وريام جتوئي جا ڀاڻ، پنهون چانڊيي جا ڀاڻ، نواب جتوئي جا ڀاڻ، ڏاهرين جا ڀاڻ، هاليپوٽن جا ڀاڻ وغيره مشهور هوندا هئا. مذڪوره ڀاڻن تان ڏڌن ۽ کيرن جا باڳيا آڻبا هئا ۽ چاڻا آڻبا هئا. انهن جي عيوض ۾ ڦاڙهن جا گوشت ڏبا هئا. خفتي به خوش ته ڀاڻن وارو به خوش، وڏا مزا هوندا هئا. پنج اٺ ڏينهن ڦاڙهن جي شڪار جو مامرو هلندو هو پوءِ جڏهن ڏکڻ يا اوڀر جو واءَ ورندو هو ته نائکا به سڙهن جا ساڪا ٽوڙي پڳھ ڇوڙي ۽ هلائيندا هئا ٻيڙي کي اوڀارو. سوايو داءُ هوندو ته ٻن چئن پهرن ۾ ٻيڙي ڇڇڪا ڪري اچي ڳوٺ پهچندي هئي پر جي ماٺو واءِ هوندو هو ته نائکا به ٻيڙي کي ڦٽڪا هڻائيندا رسا ڇڪائيندا ۽ ساندرا ڏيندا هلندا هئا. آڌي رات ڌاري اچي ڳوٺ پهچيو هو. ڦاڙهن جون کلون ۽ منجيون يعني سنڱ اڳواڻ شڪاري وٽ رکيا ويندا هئا ته جيئن ضرورت وقت هر ڪنهن کي ڪم اچن، اهو ٿيو گويا سانوڻين جو شڪار ـ

    سانوڻين ۾ گهدم جو شڪار:
    جڏهڻ گهڻي ٻوڏ ٿيندي هئي ته سڄو ڪچي جو علائقو پاڻي پاڻي ٿي ويندو هو. ڪٿي ڪٿي مٿاهين واريون جايون ٻيٽن جي صورت ۾ ٿي وينديون هيون. اهڙي طرح جهنگ به ڪٿي ٻڏل هوندو هو ڪٿي سُڪي. ان وقت شڪاري خفتي گهوم جي شڪار جا سانباها ڪندا هئا. يعني هڪ بتيلو يا هُهُڙو ڪاهي جنهن ۾ چند ديسي دوست گڏجي کاڌي پيتي جو سامان به کڻندا ۽ قهري ڪان به ڪلهن ۾ وجهندا. هڏانهن ههڙي واري کان به مختلف رڇ ٻيڙي ۾ کڻائيندا. جنهن ۾ نڙا، سنبوهي، گهاتو رڇ، ڪڙهي ۽ پاکا ۽ ڪيترا نڙ به هوندا، ان کان علاوه ٻيڙي لاءِ سڙھ، اڏيون باھ ٻارڻ لاءِ، مٽي جو ٺهيل “قل” به ساڻ کڻندا، جيئن ئي پنجن اٺن ڄڻن تي مشتمل دوست شڪاري ٻيڙي ۾ سوار ٿي پڳھ ڇوڙيندا. ٻيڙي لهواري هلي ڪنهن ڪپر سان بيهاريندا ۽ خفتي لهندا پاڻي ۾، پاڻي ڪٿي پني، ڪٿي گوڏو، ڪٿي سٿر ڪٿي چيلھ، ڪٿي بُبي جيترو، ڪٿي ڳچي جيترو، ڪٿي وري ڪي ڍوريون تار به اچيو وڃن. هرڪو خفتي ڪلهي ۾ بندوق، ڳچي ۾ ڏور ٻڌل چاقو ٻه چار ايس جي ڪارتوس ڪنهن پوتڙي جي پلاند ۾ ٻڌل، پير اگهاڙا پٺا اگهاڙا پوءِ لهندا پاڻي ۾ ۽ ڳوليندا ٻيٽ ۽ انهن تي رهندڙ ڦاڙها. هر ڪنهن توبچي جو پنهنجو پنهنجو مُنهن هوندو. پاڻي ۾ به ڪٿي لٽ ته ڪٿي چيڪو ڪٿي لوڙ ته ڪٿي واري هوندي. آهستگي سان پير پير ۾ ڏيئي کڙڪ ماريندا تمام هوشياري سان. ڦاڙهو ڪنهن ٽٻي تي ڳولي لهندا. ڦاڙهو به جيئن ته کڙڪو ٻڌندو تيئن “جهول” ۾ ڪاهي پوندو. توبچي به کڙڪو ڪنائي جتان جهنگ ۾ ڦاڙهي جو ڏيل ڏسندو تيئن ئي ٺڪاءُ ڪندو ڦاڙهي کي بندوق. بندوق لڳڻ سان ڦاڙهو پٽ تي يا پاڻي ۾ ڪري پوندو ۽ توبچي به وڃي تڪبير وجهندس. پوءِ لوڙهي پاڻي ۾ کڻي وڃي ٻيڙي تي رسندو. ناکئو به رڇ ڪلهي تي کڻي ماٺو ۽ ڪارو پاڻي ڏسي لاهيندا نڙا. پهوکن کان پوءِ نائکو رڇ سنڀالڻ ويندو. پويان رڇ سنڀالي موٽندو ته “قهه” ۾ مورکا ڪرڙا ۽ ٿيلهيون لڙڪايو ايندو. پوءِ ڪندا هئا کائڻ پيڻ جا سانڀاها. اهڙي طرح ٻه چار ڏينهن اهو گهوم جي شڪار جو مامرو هلندو. انهي وچ ۾ خفتي هڪ ٻه گهمرو لعل شهباز قلندر جي زيارت واسطي به ٻيڙي کي ساندارا ڏيئي سيوهڻ سامهون پهچندا هئا. پوءِ جيئن ئي ڏکڻ جو واءِ لڳندو ٻيڙي به اوڀاري ڌڪي اچي ڳوٺ ڀيڙو ٿيندا هئا ـ

    سياري ۾ تڙ جو شڪار:
    سياري ۾ تڙ جو شڪار گهڻو ڪري ڳوٺ جي ويجهي جوءِ ۾ ڪيو ويندو هو. پر جيڪڏهن ڀر پور جوءِ مٽبي هئي ته به لغاري جوانڙا خفتي ڪونه مڙندا هئا. پنج اٺ ڪوهي واري منزل تي شڪار تي ويندا هئا. کاڌي پيتي جو سامان اُٺن تي کڻندا هئا، باقي خفتي سڀ پنڌ ڪندا. هر ڪنهن وٽ اجرڪ، پوتڙو، چادر، توبچين وٽ دوناليون ڪلهن تي، ڪُتا پنجوڙون سڀ ساڻ، گهڻو ڪري ديسي دوست گڏ پر جيڪڏهن ڪو مهمان شڪاري هلندو ته سمجهبو هو ته هن جي عمر شڪار ڪندي گذرندي، لڪندا ڊوڙندا ڀوڳ ڪندا سوچيل جوءِ ڏانهن پيا هلندا. سياري جي موسم به عجيب ٿئي، پر صرف ڪچي واسين لاءِ، ڇاڪاڻ ته چيٽي فصل ڪاهيو ڪچي واسي ٻنا جهليو وتندا واندا گهمندا، مال اڪثر چڻن مٽرن جي ڍارن ۾ هوندو، سڄو ڪچو سائو هوندو، ائين پيو محسوس ٿيندو ڄڻ ته خدائي زمين سائي رنگ جي چادر ويڙهيو ويٺي آهي. سرنهن جي ڦولار مٽرن جي گل ٻاٽي، چڻن ۾ اڇا گل ڪڻڪون ڍڍي ۾ سونف ۽ ڌاڻو نيسر ۾ هوندو واڙي يعني گدرن جا ٻوٽا به ناڙي واري اوڙ کان نروار ٻوٽي جي صورت ۾ هوندا. ويندي ويندي اگر سانجهي جو وقت هوندو ته تترن تي به ٺڪا ٺوڪي ٿيندي هلندي. تتر به سانجهي جي وقت پوکن ۾ سٿ سٿيو پيو هوندو. توبچي ۽ تاڙا چَها هڻندا هلندا. تتر اڏامندا ۽ اچي اچي پئجي ويندا. بگڙا ڀڙڪا ڏيو پيا اٿندا ته ڪارڙا تتر زمين تان ئي ذيل منجهان لاٽ ڪري آسمان ڏانهن ويندا. اڃا سڌا ئي مس ٿيندا ڊزڊزڪا ٿيندا. جاڙيون پيون جٽينديون. تترن جا بج اتي ئي آسماني فضا ۾هوندا باقي ويڙهجي سيڙهجي ڦھ اچي پٽ تي ڪندا. ولر پيا اٿندا ۽ ٺا ٺا هوندي. ڦلا پيا ڀڄندا، غلام مصطفي، غلام نقي ۽ الھ بچايو جي چوڻ موجب سندن ٽهي ۾ پاڻ کان علاوه صاحب مهري وارو، شھ توبچي چئجن. جنهن کي هڻندا هلن اُهي رومال ٿيو اچن. غلام مصطفي کي گسڻ ڄڻ ته ڏانءُ ئي ڪونه ايندو آهي. اسان غلام مصطفي جهڙو توبچي نه ڏٺو نه ٻڌو. هن جو شڪار محتاج چئجي ته هرج نه ٿيندو. جنهن شڪار تي هلي، سرسي غلام مصطفي جي عمر سڄي شڪار ڪندي گذري اٿس، سٺ ورهين جي لڳ ڀڳ آهي. درياھ بادشاھ جي پائڪ کان پوءِ شاهپورجهانيان لڏي وڃي ويٺو ۽ اڃان تائين اتي ئي رهائش پذير آهي. هرڻ جو شڪار ڪيائين، گڊ ماريائين، سرھ ماريائين، ڦاڙها ڳڻڻ کان گهڻا ماريائين، مرون جو شڪار، تترن، پکين، تلورن بلڪ اهڙو شڪاري ۽ توبچي ماءُ ٻچو وري نه ٿيندو. غلام نقي ۽ سندس ساٿي گهڻي وقت کان ساٿ رهيا. غلام نقي خان لغاري طبيعت ۽ مزاج جو رحمدل انسان، سڄي زندگي شڪارن ۾ گذريس. بهترين توبچين ۾ ڳڻيو ويندو هو. پر هينئر فوت ٿي ويو آهي. سندس جوڙ جا شڪاري گهڻا ته هي جهان ڇڏي ويا پر ڪي زندھ آهن. هن وقت اسان جي ٽهي جو شڪار جاري ۽ ساري آهي. استاد بهاول خان ڪتن جو شوقين جن ۾ ڳولا، راڙا، باها، ڌٻڙيا ۽ واٺا. لوڌ جو ڌڻي محمد بخش ولد الهڏتو، خانڻ ولد يار محمد، محمد بخش ۽ خانڻ ڏاتاڻي، علي خان ولد احمد خان وغيره. (هن وقت مٿين دوستن مان ڪي هي جهان ڇڏي ويا آهن.) ذڪر پئي هليو سياري ۾ تڙ جي شڪار جو. سي ڪي شڪاري اُٺن تي ڪي پيرين پاوا جوءِ ۾ پهچي هلي ڪنهن وسيهن ۾ لڏو لاهيندا. پر جي ڪو پاڻي جو دُٻو هٿ اچي ويو ته گهڻو ڪري دُٻي جي ڪپر تي، ليون، لاڻا، ٻٻر ڏسي، ڪهاڙين سان، ويهڻ ماني پچائڻ، ٻي رڌ پچاءِ ۽ ڪچهري لاءِ جهنگ ڪڍي اڇ ڪري. واري واري سان هر ڪو پيو باھ ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون آڻيندو ته ڪي ٻيا دٻي تان پاڻي آڻيندا ۽ ڪي رڌ پچاءُ کي لڳي ويندا. سانجهي وارا ماريل تتر به پيا ڇلبا ۽ چڙهندا، پنجاھ کان سو مڙسن تائين نر گلو گڏ، خوشيون ڀوڳ کلڪارا، جهنگ جَر پيو کلندو. رڌ پچاءُ جا اوکا پوکا لاهي ماني ٽڪي کائي پوءِ وچ تي ٻرندو مچ، سڀ خفتي مچ کي ڦريا ويٺا هوندا. خانڻ، محمد بخش، علي بخش، نظر. لوٽي نسوروئي ڀوڳ ٺهيل آهن. سڄي رات ڪچهرين ۾ گذرندي. صبح ٿيڻ سان ماني ٽڪي پچائي کائي، پوءِ تڙ بيون مهاڙيون ۽ ماربا ڦاڙها، پر جيڪڏهن ڪو اوثر هٿ اچي ويو يعني جانور (مرون) انهي جا پير کُر ڏسي پوءِ ڪبو اوثر جو مامرو شروع. سڄو ڏينهن مهاڙيون تڙبيون، سانجهي جو جڏهن ڦاڙها کڻائي “مڏي” تي پهچبو ٻه چار خفتي جيڪي نئين پراڻي پير کي به سڃاڻين ۽ کڻن جوءِ به سوچيندا ۽ اچي خفتين کي احوال ڏيندا. وڏو اسُر ٿيندو توبچي وڃي ليٽ ۽ ٻٽ تي کڏڻا ٺاهي لڪي وهندا. پنجوڙون نُڪي کان ٻڌجي وينديون، اتر وڃي ٻه چار باهيون ٻاريندا. جيئن ئي جانور پهرين اسر جو جڏهن گودرن ۽ پوکن مان چرڳ چري چارئي ڪکيون سنيون ڪري اچي جهنگ ۾ پوندا. خفتي به چوڌاري ڪڙو چاڙهي ويندا. گهٽ گهيڙ سڀ وٺجي ويندا. جڏهن دنگن، پهن ۾ اک سوجهرو ٿيندو ته ان وقت تاڙن ۽ ڪتن بڇڻ وارن جي ٿيندي ”الله توهار“، بس پوءِ ته جهنگ جهر ٻوڙا، ڪانهن، سرن لين ۽ ڪنڍين ۾ لٺيون هڻندا هڪلون ڪندا، جانور کي گاريون ڏيندا، توبچين ۽ واٺن کي هوشيار ڪندا ڇيڙا تاڙا ۽ ڪُتا ئي اڳتي وڌندا هلندا، سڄي جهنگ ۾ هُل هنگامون ٿي ويندو. بڇ وارا هڪ ٻئي جا نالا کڻي پيا پڪاريندا، “وٿي نه ڪيو ڙي وٿي نه ڪجو، جانور نڪري ويندا“. جيئن ئي هڪل سوڙهي ٿيندي ايندي تيئن جانور پريشان ٿي ڀڄڻ شروع ڪندا سڌا اچي دنگن، پهن مان ڪنڌ ڪڍندا. جهنگ ويڪر مطابق کڏڻا هوندا آهن. هٿن ۾ ٻارنهن بور جون دُناليون، ايس جي ڪارتوس سان ڀريل هونديون، نر ڦاڙها هڪ ٻئي پٺيان سهڻن سڱن جا تاج مٿي تي رکيو سڌو اچي قهري ڪانن ۾ پوندا. دنگ يا پهي مان ڪنڌ ڪڍيو ناهي ۽ ڊسڪو ٿيو ناهي. ٺا ٺا سڄي جهنگ ۾ پڙلاءُ پئجي ويندو. ٺڪاءُ جي انداز مان خفتي معلوم ڪيو وڃن ته بندوق جانور کي لڳي يا گٿي، جيئن جيئن هڪل سوڙهي ٿيندي ويندي تيئن تيئن جانورن جا ڌڌڪا هوندا. ڪتن جون چهڪارون هونديون، هيڏانهن ٺڪاءُ، هوڏانهن ٺڪاءُ واٺن جون هڪلون، مرن جا رنباھ، باها، ڳولا، واٺا سڀ ڪتا پيا ڊوڙندا سهڪندا. گهڻو ڪري ڪو يارنهن آڱرين وارو جانور وٺندا، مطلب ته نيرن مهل تائين اوسر جو شڪار مس مس وڃي پورو ٿيندو. سل ۾ جانور کڻي هر ڪو توبچي کڏڻي تان اٿندو، جهنگ کان ٻاهر ايندو ۽ ڏسندو ته تاڙ ۽ بڇ وارا به سيءُ ۾ ڪرونڊڙا ٿيا ماڪ ۾ سارا پُسياهڙ ڪندا اچي ڪنهن “ڪُهڙ ” کي باھ ڏيندا ۽ سيڪ وٺندا. ڪنهن کي ڦاٽل رلي ڪلهن تي ڪنهن کي فوجي جو ڪو نيلامي ڪوٽ بت تي، ڪنهن کي پوتڙو يا اجرڪ هيٺ تي البت سڀني کي گوڏيون ڪي ننڍيون ته ڪي وڏيون، ڪنهن جي پير ۾ پراڻي کٿل جُتي هوندي ورنه عام طرح سڀني جا پير اگهاڙا جن جي کل تتي ٿڌي ۾ گهمي گهمي جنسي ڪاٺ ٿي ويل. نه ٻاٻرو ڪنڊو و اثر ڪري نه نانگ جو ڏنگ، جهڙو هڏو. نيٺ آخر سڀئي خفتي اچي گڏبا، ٻه چار ڦاڙها به مئل هوندا. جيڪڏهن پنجوڙن وارن مرون ورتو انهي کي به پنجوڙن مان ٻڌي ٻاهر ڪڍي آجو ڪري اڇ تي کڻائي ايندا ۽ پوءِ ڪندا الڙ ۽ بڇيندا ڪُتا. ڦاڙها کڻائي هلي پنهنجي منڊلي تي پهچندا ۽ رڌ پچاءُ جو ڪم شروع ڪندا ـ

    اوسر جو شڪار ۽ تڙ جو شڪار:
    اونهاري يا سياري ۾ مهاڙيون تڙجن. اهڙي طرح هفتي کن تائين جهنگ ۾ رهي ڪندا اوسر جو شڪار پوءِ واپس ڳوٺ ايندا هئا ـ

    صبح ڇيڄ ۽ ٽاري جو شڪار:
    ڦاڙها ڪڻڪون ۽ مٽر چرڻ واسطي رات جو پوکن ۾ ايندا آهن. خفتي ٻن چئن ڏينهن جو ڇيڄ ڏسي پير کُرجاچي کڏڻو خبرداري سان ڪنهن ٻوڙي ۾ ٺاهيندو ۽ سج لهڻ سان کڏڻي ۾ اچي وهندو. ڦاڙها به گودرون ڇڏي پوکن ۾ چرڻ ايندا. جيئن ئي ڪنڌ هيٺ ڪري گاھ کائيندا تيئن ئي توبچي ٺڪاءُ ڪندو ڦاڙهي کي بندوق. بندوق لڳڻ سان ڦاڙهو ڪري پوندو ۽ خفتي اتي ئي ان کي تڪبير وجهندو. ڦاڙهو جانور نظر جو تيز ۽ ڪنن جو سَرلو ٿيندو آهي. سياڻو ۽ ڊڄڻو جانور آهي. سياري ۾ جبلن کان ڌنار ٻيلن ۾ مال ڪاهي لهن. ٻيلي کاتي جي سرڪار کان بطور ٺيڪي تي ٻٻر جي ٽاري وٺن ۽ ڌنار ٽاري وڍي مال کي چارين. رات جو بچيل سچيل ٽاري ڦاڙها چرندا آهن. توبچي به جانور جا پير کُر ڏسي تازو لٿل ٽاري ڀرسان کڏڻو ٺاهي لڪي ويهندو. جيئن ئي ڦاڙي کي ٽاري چرندو ڏسندو تيئن ئي توبچي خبرداري سان ڦاڙهي کي بندوق هڻي ماريندو آهي. اهو گويا ڇيڄ ۽ ٽاري جو شڪار چئجي ٿو ـ

    پياڪي جو شڪار:
    ڪنهن ڍنڍ، دُٻي يا درياھ جي ڪنهن گهيڙ تان جانور پاڻي پيئندڙ هوندو، خفتي به پير کُر نوان پراڻا ڏسي، کڏڻو ٺاهي لڪي وهندو. جيئن ئي جانور پاڻي پيئڻ لاءِ ايندو، تيئن ئي توبچي ٺڪاءُ ڪرائيندو بندوق. اهڙي نموني پياڪي جا شڪار ڪيا ويندا آهن ـ

    ٻولي جو شڪار:
    ڦاڙهو ذيلون هڻندو آهي. اُها گويا ان جي ٻولي چئجي. ولي محمد راهو دولتپور کان ڏکڻ جو ويٺل آهي. لغارين سان شڪار تي دوستي ٿي ويس. مالوند هو، تنهن ڪري سڄي عمر ٻيلن ۽ جاگيرن ۾ ڀاڻ ٺاهي. مال وهاريندو، چاريندو ۽ رهندو هو. ڪنڌي جو مڙس ماڻهو، شڪار جو خفتي لغارين جي دوستي کان پوءِ ٿيو. ڦاڙهي جي ٻولي يعني ذيل وات سان ڪندو هو، ميل کن جي پنڌ تي موجود ڦاڙهو ڊوڙي ٻولي واري هنڌ پهچندو، لڪل توبچي کيس بندوق هڻي ماريندو. خانڻ ٻلال به اسان شڪارين جي دوستي ۾ خفتي ٿيو. پهرين جوڙ جو واٺو چئجي، پيري ۾ شڪار ڪندو اچي. خبر ناهي هينئر زنده آهي يا نه. جابلو دوستن ۾ حاجي مير خان جمالي، ماستر رحم علي کوسو، سِرائي عبدالقادر رند، يار علي ٿهيم اڪثر لغارين ۾ اچي ڦاڙهن جو شڪار ۽ ڪچهريون ڪندا هئا ۽ هتان ڪچي واسي جبل جي شڪار تي مذڪوره دوستن وٽ ايندا ويندا هئا. ميرپورخاص مان رئيس قمبر علي خان، سوڍل خان، امير علي ۽ بندھ علي ڦاڙهن جو شڪار ڪرڻ ڪچي ۾ ايندا هئا. خصوصي طور شڪاري شڪار تي وڃي زندگي وڌائيندا هئا. پر هينئر اهڙو ڪو واءُ وريو آهي جو ڪيڏانهن ويا شڪار ته ڪيڏانهن ويون ڪچهريون، ڪيڏانهن ويا اُهي پتڻ ته ڪيڏانهن ويون ٻيڙيون، ڪيڏانهن ويون اُهي اوطاقون ته ڪيڏانهن ويون اُهي قرب واريون ڪچهريون. درياھ شاھ ڳوٺ لغاري بجراڻي کي پاتو ته ڄڻ هر شيءِ ختم ٿي وئي. قرب ۽ همدردي ختم ٿي وئي ـ
    اوطاقون، اوتارا ۽ داريا سڀ درياھ کڻي ويو. ان کان علاوه ڪيترا پراڻا خفتي، ڪچهري جا مور ۽ پريا مڙس هي جهان ڇڏي ويا. اچي جو اڄ ڪلھ جا ڇوڪرا ساماڻا آهن سو کنيو بندوقون ۽ رائفلون وتن ڪچي واسين بلڪ سنڌين کي ڦريندا، لُٽيندا ۽ ماريندا. وري مٿان جو سرڪار نامدار اچي، تن جا پادر به غريبن مٿان، مڙئي ڪچي واسي، ڌاڙيلن ۽ پوليس لاءِ استحصال جو طبقو آهن سو پيا مارين. نه ڪو ڌڻي نه سائين نه حڪومت. ڪچي واسي وڃن ته ڪيڏانهن، جيئن ته ڪهڙي سهاري، جيئن ڳوٺ درياھ جي پائڻ سبب ختم ٿيو ۽ ڪڻو ڪڻي کان ڌار ٿيو آهي. هينئر زندگي جي سلسلي جون سڀ ڪڙيون ٽٽي ويون. هر شيءِ فنا آهي. فنا جو ننڍڙو ڏيک اسان جو شهر لغاري بجراڻي ٿي ويو ـ


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927501
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760892
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ