پنهنجي پاران
اين قافله عُمر، عجب مي گزرد!
جنهن جو مطلب آهي ته:
“منھنجي زندگيءَ جو هي قافلو عجب نموني هلي ٿو”
زندگيءَ جو هيءُ قافلو جھڙي تيزي سان پنھنجي ابدي زندگيءَ ڏانھن وٺي پيو وڃي، هِڪ گهڙيءَ لاءِ فِڪر ۽ ڳڻتي به پيدا ڪري ٿو. پر پوءِ به خالقِ ڪائنات جي پيدا ڪيل هِن حُسناڪين سان ڀرپور دُنيا ۾ لُطف اندوز ضرور ٿيندا آهيون، رب پاڪ طرفان انسان کي عطا ڪيل جِبِلَتن (Instinects) منجهان ياد رکڻ به هِڪ خداداد صلاحيت آهي، اِها صلاحيت انسان کي نيڪي ۽ بدي جو فرق سمجهائي ٿي ۽ حياتي کي دُرست دڳ تي هلائڻ ۾ مدد ڪري ٿي۽ وري وقت جي غمن گوندرن سان مھاڏو اٽڪائڻ جي سگهه به پيدا ڪري ٿي، چوندا آهن ته:
”تخليق جي حياتي تخليق ڪار کان وڌيڪ هوندي آهي“
تخليق داخلي فرياد آهي ۽ اندر جي اُساٽ کي ٻاهر ڪڍي ظاهر ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي مونکي ڪِتاب لکڻ جي صلاح ڪافي ساٿياڻين طرفان ورهين کان مِلندي رهي، جيتوڻيڪ مان نوڪريءَ دوران ڪاليج مئگزين ”نواءِ سروش“ جي سنڌي ڀاڱي جي چار ڀيرا ايڊيٽر به رهي چُڪي آهيان، پر پوءِ ريٽائرمينٽ بعد ڪتاب لِکڻ لاءِ سنجيدگي سان سوچيم ۽ عمل ڪيم چئن سِيارن (سردي) جي راتين ۾ خاموشي ۽ ماٺار ۾ لِکڻ جو اهو عمل آسان محسوس ٿيو. ڇاڪاڻ ته گرمين جي موسم ۾ هوا ڏيندڙ پکَن (پنکن) جي آواز ۽ ڪاغذن جي اُڏامڻ سان ڪم ۾ رُخنو پوندو هو. رب پاڪ جو شڪر آهي ته ڪم اختتام تي پھتو. هاڻي پنھنجي پاران ڪجهه اکر لِکان پئي، پنھنجي حياتي جي حدن مان گذريل وقت جا نشان يادگيرين جي ڦرهي تان پڙهي سگهان ٿي حالانڪه وڌندڙ عمِر ۽ ويسر جو واءُ اُنھن کي ڊاهي به ڇڏيندو آهي. پر رب پاڪ جي مھرباني سان ماضي جا چِٽا نقش منھنجي دِل تي اُڪريل آهن، بقول شيخ اياز:
پُراڻي پيار جا پاڇا اکين آڏو ڦِريا آهن،
قِصا ڪنھن يادگيري جا وري مقدر بڻيا آهن.
اُهي ڳوڙها اُهي مُرڪون، اُهي سپنا،
اُهي وِساريل ورق ماضي جا وري دِل تي تريا آهن.
مون وَٽ پنھنجي حياتيءَ جي ڪا به ڊائري لِکيل نه آهي، مون پنھنجي ياد داشت کي هِڪ تسلسل ۾ آڻي پاڻ کي هڪ هلندڙ گهُمندڙ شِڪلِ ڏِني آهي، دُنيا ۾ اچڻ کان وٺي تاحال جا نفسياتي مونجهارا داخليءَ خارجي ويڙهه، سوچڻ جو انداز محسوس ڪرڻ جو طريقو جذباتي ڪيفيتون سڀ پڙهندڙ آڏو رکيون آهن.
مان ڪا وڏي اديب يا سياسي ليڊر نه آهيان جو پاڻ سان مِلندڙن جا پردا وائکا ڪري سگهان، ها بلڪه مون پنھنجي سادي سودي زندگيءَ جا سڀ پردا هٽائي پنھنجي آتم ڪٿا لکي آهي. هِن ڪِتاب ۾ ڪوشش ڪئي اٿم ته جيڪو به انسان يا عمارت سامھون آئي انھيءَ جي باري ۾ معلومات ضرور ڏِني اٿم.
آئون ٿورائتي آهيان پنھنجي وَرَ سائين ڏِنو نوهڙي جي جنھن ڇپائي جي مرحلي ۾ منھنجي گهڻي مدد ڪئي ۽ پبليشر سان مسلسل رابطي ۾ رهيو. اُميد ته هيءُ ڪِتاب آبرو ماڻيندو، بقول شمشيرالحيدري:
ارادن کي مِلندو عمل جو سھارو،
چڱيون ٿينديون گڏجي گُذارڻ جو ڳالھيون.
پروفيسر نورالصباح قاضي
ميرپورخاص