باب چوٿون: زندگيءَ جي ڪارونھوار ۾ ساٿ ڏيندڙ انسان
هاڻي تنين کي ڪن ڌيءَ ڪاڪ نهاريان.
هر انسان پنهنجي انفراديت سبب ٻين کان الڳ حيثيت رکي ٿو انهيءَ جي شخصيت جا ڪي مثبت پهلو ڪي منفي پهلو ٻين اڳيان اچي هڪ معيار قائم ڪن ٿا ته انهن منجهان ڪهڙا پهلو عمل ڪرڻ جهڙا آهن ۽ مثالي آهن اسان جي گهر ۾ امان جي مدد لاءِ مختلف عورتون اينديون رهيون انهن جي ڀيٽ اڄ جي نوڪرياڻين سان ڪيان ٿي ته مونکي اُهي سڀ اورچ نظر اچن ٿيون ۽ پنهنجي ڪمن ڪارين سان ڪميٽيڊ بيٺل آهن يا وري اِهو به ٿي سگهي ٿو ته، ”ماضي سدائين پيارو لڳندو آهي.“
مائي ڌاڻو نظاماڻي
انهن عورتن ۾ مونکي مائي ڌاڻو نظاماڻي جو ڪردار وڌيڪ ارڏو ۽ شانائتو لڳي ٿو هيءَ عورت منهنجي پيدائش کان گهڻو وقت اڳ حُرُ تحريڪ دوران سانگهڙ ۾ بابا سان واقف ٿئي هئي سنڌ ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي گوريلا جنگ سورهيه بادشاهه جي متوالن وڙهي هُئي مردن سان گڏ حُرُ عورتن به آزادي جي هن جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو انهيءَ زماني ۾ جنگ عظيم ٻئي عروج تي هئي هٽلر انگريزن کي شڪست ڏيندو مصر ۽ ايران تائين اچي پهتو هو ٻئي طرف اتحادي جاپان ۽ برما جي محاذ تي جنگ ڪري رهيا هئا. اهڙين حالتن انگريزن کي گهڻي غصي ۾ آڻي ڇڏيو هو سنڌ جا ڳوٺن جا ڳوٺ باهه لڳائي ساڙيا ويا هُئا عورتن، مردن ۽ ٻارن کي مختلف ڪيپمن (لوڙهن) ۾ بند ڪيو ويو هو جتي هي آزاد قوم جا متوالا غلام ٺاهيا ويا هُئا پير صاحب سورهيه بادشاهه جي شهادت کان پوءِ اهيا جنگ جاي رهي اهيا آخري جنگ هئي جيڪا انگريزن خلاف هندوستان ۾ لڙي وئي هُئي پيٽ گذر لاءِ روزگار ڪرڻ جي اجازت هئي شام جو جلد واپس پهچي حاضري لڳرائي وري قيد ڪيا ويندا هُئا مائي ڌاڻو هڪڙي لوڙهي ۾ سندس مڙس ڏاڙهون ٻئي لوڙهي ۽ پٽ ڦاروو وري ٽئين لوڙهي ۾ قيد ٿيل هُئا بابا هن کي صبح ۽ ڏينهن جي وقت امان سان گڏ رهڻ ۽ ڪم ڪار ۾ مدد لاءِ چيو هو سو سڄو ڏينهن امان سان گڏ رهي شام جو جلدي ڪيمپ پهچڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. امان کي ڀاڄائي چوندي هئي دل جي صاف ۽ بهادر عورت هئي مون جڏهن امان کان سندن نالا ٻڌا ته مونکي سنڌي نماڻن جي نالن تي حيرت ٿئي ٿي ته، اُهي “فروٽن جا نالا به کين ايترو پسند هئا يا رب پاڪ جا شڪر گذار هئا”
“توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندئو..!؟”
هنن اُهي نالا کڻي انسانن تي رکيا هُئا پوءِ اهيا ڪاري رات هنن مٿان ختم ٿي هنن آزادي ماڻي لوڙها ختم ٿيا بابا به پوءِ ميرپورخاص اچي ويو پر هتي به اسانجي گهر سال ۾ هڪ دفعو يا ٻه ڀيرا ضرور ايندي هئي هڪ ٻه ڏينهن ٽِڪي رهي هلي ويندي هئي ۽ چوندي هئي ته: “ادا هي اولاد اُتي هجي ها ته مان هنن کي راند ڪرايان هان۔۔!”
رات جو جلد ماني کائي ذڪر ڪرڻ ويهندي هئي بلڪل خاموش ٿي ويندي هئي ۽ پوري عاجزي انڪساري سان ذڪر ڪندي هئي.
اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ هن کي پنهنجي گهر ۾ ايندي گهڻو ڏٺو. آخري ڀيرو صدر ايوب جي خلاف هلندڙ تحريڪ دوران آئي هئي، شهر ۾ هڙتال هئي ۽ ڪافي رُڪاوٽن بعد پهتي هئي. انهيءَ کان پوءِ اسان بوا ڌاڻو ڪونه ڏٺي، بابا جڏهن هِن جي خبرگيري ڪئي ته پتو پيو ته گذاري وئي آهي. امان ٻُڌائيندي هئي ته 1955ع دوران جڏهن پير صاحب جي گادي بحال ٿي ۽ سندس تاج پوشي جي ڊاڪومينٽري ٺاهي وئي، اِها فلم سينيما گهر ۾ ٻين فلمن کان اڳ ڏيکاري ويندي هئي، سو بوا ڌاڻو به اِها خبر ٻُڌي ميرپورخاص پهتي هئي ۽ هُن ۽ اَمان فردوس سينيما ۾ اِها ڊاڪو مينٽري ڏٺي هئي، ۽ بوا ڌاڻو اِهو منظر ڏِسي ڏاڍي جذباتي ٿي وئي هئي، گڏ آندل سِڪا اُڇلائڻ شروع ڪيا هُئائين، امان هِن کي خاموش ٿي ويهڻ جو چيو ۽ چيائينس ته خاموش ٿي ڏِسُ پر پوءِ سمورا سِڪا اُڇلائي خاموش ٿي ويهي رهي، گهر اچي بابا کي ٻڌايائين ته: ادا “ڀاڄائي مونکي سِڪن اُڇلائڻ کان منع ڪيو، پر مان به سڀ اُڇلائي پوءِ ماٺ ڪري ويهي رهيس. ماڻهون مونکي ڇا ڪندا، اسين ڪي ڊڄڻ وارا ٿورئي آهيون، اسان انگريزن کي رُڪَ جا چڻا چٻارائي ڇڏيا. هي ميرپورخاص جا ماڻهون وري ڪهڙي باغ جي موري آهن!!!؟”
بابا کيس چيو: “شاباش ادي تون وڏي مجاهد عورت آهين”
پوءِ بوا ڌاڻو ڏاڍي خوش ٿي هئي. گهر ۾ منهنجي پيدائش وقت گلاب نالي ڇوڪرو هيو جنهن جو ذڪر مان پنهنجي جنم ڏينهن واري احوال ۾ ڪري آئي آهيان.
مائي بادلي
ٽيون ڪِردار جيڪو منهنجي ننڍپڻ ۾ ٿورو ياد اٿم سان مائي بادلي آهي جنهن جا ڪچهه سروپا مونکي ياد آهن. قدآور رنگ سانورو ۽ وچولي عمر جي هِيءَ عورت جيڪا مونکي ۽ بابا کي مامون جي هوٽل وٽ ملي هئي جيڪا ڀائي فرقي وارن جي هوٽل هُئي ۽ اسٽيشن روڊ تي هئي هيءَ پنهنجي وڃايل مڙس بادل جي ڳولا ۾ هئي جيڪو ورهاڱي وقت مارجي ويو هو يا ڪٿي گم ٿي ويو پر مائي بادلي کي اِهو آسرو هو ته بادل جيئرو آهي ۽ هڪ ڏينهن اچي کيس ملندو انهيءَ وڇوڙي جي صدمي ۾ ورتل هئي پوءِ بابا وٽ آفيس ۾ به ايندي هئي بابا هن جي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مدد ڪندو هو بابا وري هن کي هڪ ڏينهن گهر موڪلي ڏنو ته اسان جي گهر ويهي رهه توکي کاڌو ڪپڙو ملندو رهندو پر هن مفت ۾ ويهي کائڻ کان گهر ۾ ڪجهه ڪم ڪري ڏيڻ کي ترجيح ڏني ۽ پوءِ ڪجهه ڪلاڪ ڪم ڪار ڪري هلي ويندي هئي پر پوءِ اسان جي سڄي خاندان ۾ اچڻ وڃڻ لڳي هئي هرڪو هن کي سڃاڻندو هو.
“هُوءَ اڪثر سياري جي مند ۾ بادل کي گهڻو ياد ڪندي هئي ۽ چوندي هئي ته اهي سياري جون ڀاڄيون بادل دل سان کائيندو هو.”
منهنجو نانو علي نواز کيس دلاسا ڏيندو هو ته بادل توکي ضرور ملندو هن جي دل مان وري ڪجهه ٻيون دعائون نڪرنديون هونديون اِهو منهنجي ذاتي خيال آهي.
سر نِسريا پانڌ، اُتر لڳا آءُ پرين!
مون ته ڪارڻ ڪانڌ، سئو سئو سُکائون ڪيون.
شاهه جو اِهو بيت مونکي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ سياري جي اِها مُند وڇڙي ويلن جي ميلاپ جي مند آهي ۽ بادلي به انهيءَ ورتا ۾ ورتل هئي. هن جي دل جيون ساٿي جي وڇوڙي ۾ چُور چُور هئي، امر جليل ڪٿي لکيو آهي ته:
“دل پٿر جو تاج محل ته نه آهي جو جٽاءُ ڪري، دل ديوانن جي وستي آهي، بيگانن جي بستي آهي، آباد آهي ته سرَءُ جي سانت ۾ به بهار ڀائنجي، پر جي هڪ وار اُجڙي ته تصور جا شهر ويران ڪريو ڇڏي”
بادلي لاءِ مان اِهو چونديس ته اِهو هڪ مُتلاشي ڪِردار آهي جنهن جي تلاش جو ڪو انت ڪونهي، پوءِ خبر نه آهي ته کيس بادل مِليو يا نه مِليو، الائي پاڻ به گُذاري وئي يا ڪيڏانهن هلي وئي، مون پنهنجي وڏپڻ ۾ هُن کي ڪونه ڏٺو.
امان جي
منهنجي ڀيڻ ممتاز جي ننڍپڻ ۾ انهيءَ کي کيڏائڻ ۽ گهر جي ٿانوَن وغيره ڌوئڻ لاءِ ‘امان جي’ عورت رکيل هئي جيڪا هن کي کڻي ٻاهران گُهمائي ڦرائي ايندي هئي. ممتاز به هن جي اچڻ شرط روئڻ شروع ڪندي هئي ته: “مونکي کڻ ۽ ٻاهران گُهمائي اچ!”
ورهاڱي کان پوءِ ڏهن پندرهن سالن تائين کوکرو پار جي سرحد کان ميرپورخاص لڏي ايندڙ اهڙا ڪِردار گهڻا نظر ايندا هُئا، جن کي هن ورهاڱي ڏک ڏنا هُئا ۽ ڏتڙجي مسڪين ٿي محنت مزدوري ڪرڻ لڳا هُئا، پوءِ آهستي آهستي محنت ڪندي معاشي طور مضبوط ٿي ويا. هاڻي ته هنن منجهان ڪو آسرو ڪونهي هن عورت ”امان جي“ جو موت حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي ريلوي ڪراسنگ دوران ٿيو هو. سندس نونهن ڪافي عرصي کان پوءِ اچي ٻڌايو هُوءَ انڊيا جو پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ وئي هئي ۽ حادثي جو شڪار ٿي وئي.
اڄڪلهه ته اهڙن ماڻهن کي گهر ۾ رکڻ وڏو ڏچو آهي، پر انهيءَ وقت اُنهن مان ڪو خطرو نه هو. اسان هنن کي ڇانوَرو ڏنو ته هنن به اسان جو مانَ رکيو ڇو جو اڄ ڪلهه وارو نفسا نفسي جو دؤر نه هو.
ڪستوري
هي عورت به اسان وٽ گهڻو عرصو رَهي ورهاڱي وقت سرحدي ضلعي ٿرپارڪر پهتي هئي ۽ اسان جي گهر سيالڪوٽ جي پنجابين معرفت پهتي هئي، هُوءَ موڊي قسم جي عورت هئي ڪڏهن ڪڏهن ته حد درجي چريائپ واريون حرڪتون ڪندي هئي بابا کيس خستوري چوندو هو هُن جو چوڻ هو ته: ”خستوري خوشبو جو نالو آهي.“
پر جڏهن ڪجهه عرصو اڳ مون هندوستان جي مهان ليڊر موهن داس گانڌي جي آتم ڪٿا گانڌي مالها پڙهي ته هن جڳ مشهور ليڊر جي زال جو نالو ‘ڪستور ٻائي’ هو.
پوءِ الائجي هن جو اصل نالو ڪستوري هو يا خستوري اُها خبر الله پاڪ کي هئي ڪستوري اسان جي گهر کان علاوه گهٽيءَ جي گهرن ۾ گهمندي وتندي هئي هر ڪنهن جي گهر وڃي پنهنجون هٿ ٺوڪيون بيماريون ٻڌائيندي هئي ۽ ذهن ۾ جيڪي خيال ۽ وسوسا پيدا ٿيندا هُئس تن کي حقيقت جو روپ ڏيندي ڳالهيون ڪندي هئي.
”ڪو چوندو هو ته چري آهي ڪو وري چوندو هو ته نشو ٿي ڪري چري ته ٿي سگهي ٿي باقي نشو واپرائيندي اسان هن کي ڪونه ڏٺو خيالي محل ٺاهڻ ۽ پهه پڄائڻ واري کي چريو سمجهيو ويندو آهي پر منهنجي خيال ۾ خيالي محل اڏڻ وارا سڀ ماڻهون چريا ڪونه هوندا آهن پر انهن مان پڙهيل ڳڙهيل تخليق ڪار به ٿي ويندا آهن انگريز شاعر ڪالرج پنهنجي تصوراتي سگهه وسيلي ‘زناڊو’ جو خيالي شهر ٺاهيو ۽ اهو نظم “قبلائي خان” دنيا جي ادب ۾ شاهڪار سمجهيو وڃي ٿو.“
هي ڪستوري ويچاري ته اڻ پڙهيل هئي اهڙا اوچا خيال ته نه ٺاهي سگهي ها باقي منهنجي ڀيڻ ممتاز کي ڏاڍو پيار ڪندي هئي ۽ کيس ممتاز راڻي! ممتاز راڻي!
چئي سڏ ڪندي هئي معنيٰ ته ممتاز نالي واري راڻي جنهن جي مٿان ’تاج محل‘ ٺهيو سا هن کي ڄاڻ هئي ميرپورخاص ۾ گرمين جي مند ۾ مٽي گهڻي اڏامندي ته چوندي هئي مٽي ڪڍي ڪڍي.
”میرے پگ میں درد ہوا ہے“
پنهنجي ذاتي زندگي بابت ٻڌائيندي هئي ته منهنجي مڙس مونکي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي ٻئي زال ڪئي اٿس مون کي ٻن ڌيرن جو اولاد آهي جيڪي شادي شدهه آهن ۽ ملتان جي ڀرسان شُجاع آباد ۾ رهن ٿيون ڇهه ڇهه مهينا ڪم ڇڏي هلي ويندي هئي وري اچي منٿون ڪري گهرن ۾ ڪم ڪار وٺندي هئي بابا جي حاجي سڳوري هُوئڻ جو فائدو اسان جي گهر کي اِهو پهتو ته امان کي ”حاجڻ مائي“ انور کي ”بڙا حاجي صاحب“ ۽ مشتاق کي ”ڇوٽا حاجي صاحب“ چوندي هئي باقي اسان ٻنهي ڀينرن کي بابا جي انهيءَ حج مان ڪوبه ڪريڊٽ نه ڏنائين.
اهڙا سادا ڪردار خاص طور تي ڪستوري جو نالو ٻڌندي يا ياد ڪندي سندس ڪيل حرڪتون ياد ڪندي کل نڪرندي ويندي آهي.
حليمه جي ماءُ
حليمه جي ماءُ به اسان وٽ 1960 کان وٺي 1980 تائين پورهيت رهي ڪڏهن ڪم ڪندي هئي، ڪڏهن ڪم ڇڏي ويندي هئي. پوءِ وري ميرپورخاص جي سنڌي گهراڻن مثلاّ يعقوب عاربي وارا، دادو جا ميمڻ جيڪي گهڻو ڪري موجوده نور شاهه ڪالوني ۽ کار پاڙو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بلڊنگ وارو علائقو اُتي آباد هُئا، تن جي گهرن ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي. ڪو پَلي ذات جو زميندار هو جنهن جو نالو ذهن تان ميسارجي ويو آهي، جنهن جي زال کي پلياڻي چوندي هئي. هڪ پروفيسر هاليپوٽو جنهن جي زال کي هالي پوٽياڻي چوندي هئي جنهن جو پٽ اکين جو ماهر ڊاڪٽر هو تن جي گهرن ۾ ويندي هئي غلام محمد ميمڻ دادو وارو قدسيه ميمڻ جو والد تن وٽ ڪم ڪندي هئي اردو گهراڻن مان اسماء باطن وارن وٽ ڪم ڪندي هئي باطن صاحب انهيءَ وقت شاهه لطيف ڪاليج ۾ پروفيسر هو هيءَ اصل راجستان هندوستان جي هئي ۽ ٻڌائيندي هئي ته ذات جي هندو اوڏ هُيس ۽ پوءِ مسلمان ٿي ويس هن جو اوڏ ذات سان واسطو لکندي مونکي شاهه لطيف جو هي بيت ياد پيو اچي.
اوڏڻ اوري آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو،
ته لهي تو مٿان مٽيءَ سندو مامرو.
شروع ۾ ته سندس ڌيءَ حليمه ساڻس گڏ هوندي هُئي، پوءِ انهي جي شادي ٿيڻ بعد ڏوهٽي ’منوڙي‘ پاڻ سان گڏ وٺي ايندي هئي. ايئن ويچاري پئي ”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا“ جي مصداق حياتي گذاريندي هئي.
الائي ڇو اسان کيس حليمه جي ماءُ چوندا هُئاسين، شايد انهيءَ ڪري ته هن پنهنجو اصل نالو ڪڏهن ڪونه ٻڌايو هو. هڪ عدد ڪتو پاليل هُئس جيڪو سندس پويان پويان گڏ هلندو ايندو هُئس ۽ اچي در جي ٻاهران ويهي رهندو هو.
مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي ديواني هئي، اسان جي گهر پهچي سڀ کان پهرين ڏوهٽي منوڙي کي چوندي هئي ته ڇوڪري اخبار کڻ ۽ مونکي پڙهي ٻڌاءِ.! انهيءَ زماني ۾ اسان جي گهر ۾ ’روزنامه هلال پاڪستان‘ ۽ اردو اخبار ’مساوات‘ اينديون هيون ڇوڪري مَنوڙي منٽن ۾ اخبار پڙهي چَٽِ ڪري ويندي هئي، پاڻ وري هر خبر تي چوندي هئي: ”ها بَرو بَر اينج (ايئن) ته ٿيندو.“
پوءِ سستايون ٿينديون، انب، پَلا چانور وٺنداسين ۽ کائينداسين پر افسوس هن پوڙهي ويچاري جو اِهو خواب ڪڏهن ساڀيان نه ٿي سگهيو ۽ اهڙيون ڪيئين خواهشون رکندي هُوءَ قبر ڀيڙي ٿي وئي.
پياري چوهاڻ
هن عورت جو تصور ڪندي هڪ مسڪرائيندڙ چهرو هشاش بشاش شخصيت سامهون اچي ٿي مٿو ڳاڙهو مينديءَ سان رڱيل هي عورت گربي جي سُٽڻ ۽ ڀرت واري گَجَ جو چولو پائيندي هئي سندس مادري ٻولي سرائڪي هُئي هتي پنهنجي مائٽن وٽ اچي ٽڪندي هئي ٻه ٽي مهينا گهرن ۾ ڪم ڪري پوءِ ڳوٺ وڃڻ لاءِ موڪل وٺڻ جو انداز هي هُيس: ”سڀاڻي جوڳي مِٽَ نه ڪنهن جا!“
وري جڏهن ڳوٺان اچي حاصر ٿيندي هئي ۽ پيشاني تي سلوٽ وارو نمونو ٺاهي چوندي هئي. ”حاضر جناب“
ڪم ڪار ڏاڍو سُٺو ڪندي هئي، ايماندار ۽ محنتي هئي ۽ ڪثرتي بدن هجڻ سبب توانائي رکندي هئي ۽ گهر جا سمورا ڪم ڪار ۽ ڪپڙا وغيره ڌوئي ڏئي ويندي هئي.
پوڙهي شڪوري
هي غريب آباد جي علائقي ۾ رهندڙ هڪ وڏي عمر جي عورت هئي. انڊيا مان لڏي آيل مهاجر هئي هيءَ، اڳ منهنجي مامي جي گهر ڪم ڪندي هئي، اُنهن جي معرفت پهتي هئي، ڏاڍي ايماندار ۽ احساس رکندڙ عورت هئي. ممتاز جي شادي دوران گهر مان هڪ عدد ديڳڙي گم ٿي وئي هئي ورهين جا ورهه پئي انهيءَ ديڳڙي جو ذڪر ڪندي هئي.
“وہ بھگونا کیوں گُم ہو گیا ”
وري چوندي هئي ته: ”بھگونا کالی عورتیں (شيدياڻيون) چوری کر کہ گئی ہیں“ امان چوندي هئي..! ”ڇڏ کڻي ديڳڙيون ٻيون گهڻيون پيون آهن.“
مون کي ته هن کي انهيءَ ايڏي عمر ۾ ڪم ڪندي قياس ايندو، هو پر چوندي هئي ته: ”چارپائی پر بیٹھنا مجھے نہیں آتا، میں نہیں بیٹھوں کام ضرور کروں“
مطلب ته شاهه جي هن بيت تي پوري لهندي هئي.
ڏکي تو ڏڪار، توڙي وسَن مينهڙا،
صاحب هٿ سُڪار، تو وٽ آهن هٿڙا.
کنڊٻائي
هي ڪردار هنن نوڪرياڻين واري فلم جو منفي ڪردار هئي پهرين نمبر جي ڪوڙي، ڪم چور ۽ گلاخور عورت هئي انهيءَ کان علاوه بليڪ ميلر پڻ هئي پر اهيا گهڻو وقت پوءِ جي سرونٽ هئي جڏهن اهي رجحان معاشري ۾ رائج ٿي ويا هُئا ۽ هن به انهن عادتن تي سختي سان عمل ڪيو.
نیچاں دی آشناسی کولوں فیض کسی نہ پایا،
کیکر تے انگور چڑھایا ہر گُچا زخمایا.
مون انهن عورتن جو ذڪر انهي سبب ڪيو آهي ته انهن سڀني جي فطرت پنهنجي هئي ڪنهن ۾ ڪا ڪوتاهي هئي ته انهيءَ ڪمي کي وري سندس ڪا ٻئي خوبي پوري ڪندي هئي اهيائي فطرت اسان سڀني جي آهي انهن کان به اسان گهڻو ڪجهه سکيو.
يار محمد عرف يارو خان
يارو خان اصل ۾ ٻروچ هو ۽ بابا کيس بيلداري ۾ ڪنهن شخص جي موڪل تي وڃڻ کان پوءِ ڪچي نوڪري ۾ رکايو هو. بنهه سادو سودو ۽ اٻوجهه انسان هو، شادي ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هُيس ۽ هن جي ڳوٺ وارا هن جي سادگي مان فائدو وٺي کيس ڦُريندا رهندا هُئا، ڳوٺ ۾ جيڪا ڇوڪري گذاري ويندي هئي کيس چوندا هُئا ته: “اهيا تنهنجي مَڱِ هُئي هاڻي هن لاءِ خيرات جي ماني ڪَرِ!!!”
ويچارو هِتان هُتان ڪري جان ڇڏائيندو هو ۽ اهڙيون ڳالهيون اچي بابا سان ڪندو هو، بابا کيس چوندو هو ته: ”اڙي! چريا اِهي تنهنجا عزيز ۽ ڳوٺ وارا توکي ڦُرين کائين پيا ۽ ڇوڪري جيڪا گذاري وئي سان تنهنجي مَڱ ڪانه هئي.“
پر سادو انسان يارو اِها ڳالهه نه سمجهندو هو، ٻڌل فراقي قافين جون سِٽون پيو ورجائيندو هو ۽ جهونگاريندو هو.
”عشق سارا اتفاقي هوندا ڪم نهين اختياري دا!“
آخرڪار هن مسڪين کي ڦُري کائي پيرسني ۾ زال ڏنائونس جنهن منجهان هن کي اولاد به ٿيو پوءِ به بابا وٽ بابا جي حياتي ۾ ايندو رهندو هو. هن کي بابا جي وفات جي خبر مهيني کن کان پوءِ پئي، هن کي ڏاڍو ڪو ڏک رسيو هو، سو بس جي اڏي کان وٺي اسان جي گهر جي پوئين در تائين روئيندو ۽ پار ڪندو پهتو. پاڙي وارن ڏٺو ته گهٽيءَ جي مُهڙ تي پهچي هن جتي به پيرن مان لاهي هٿن ۾ جهلي اچي دڙ کڙڪايائين اندر ويهي زور زور سان پارَ ڪڍي روئڻ شروع ڪيائين.
امان چيو!
هن کي روڪيو اهڙا پار ڪڍي نه روئي گناهه آهي، پوءِ پاڻي وغيره پياري هن کي ماٺ ڪرايوسين. چيائين پارَ ڪڍي روئڻ ته اسان جي رِيت آهي، مونکي قاضي صاحب جي وفات جو ٻُڌي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي، مونکي ڏاڍو ڀائيندو هو، الله کيس جنت ۾ جايون ڏئي.
مونکي ته اهڙن سادن ۽ اٻوجهه ماڻهن جو سوچي انهن لاءِ قدر قيمت وڌيو وڃي، جيڪي ورهين اڳ جي ڏِنل عزت ۽ پيار ڪڏهن وِساري نه سگهيا ۽ اُنهن عزت ڏيندڙن لاءِ پيار ۽ عقيدت جو جذبو رکندا هئا، جيڪو اڄ جي ماڻهن ۾ اڻ لڀ آهي.
اسان درويش ديوانه، اسان وٽ مڌ مئخانه،
اسان جو عشق صوفي آ، اسان وٽ نياز نوڙت آ.
خدام الدين رسالي وارو
منهنجي ننڍپڻ ۾ مونکي عربي چوغو پاتل، پير ۾ چَپَلَ، سائيڪل تي ويٺل، سانوري رنگ جو هلڪو ڦُلڪو مرد نظر ٿو اچي، جيڪو اڪثر جمع جي ڏينهن شام جو چار پنج وڳي دروازي تي اچي ڪال بيل وڄائيندو هو ۽ هڪ عدد رسالو جيڪو سنهو ۽ ڊگهائي ۾ هوندو هو، سو گهران در تي آيل فرد جي حوالي ڪري هليو ويندو هو، ڪنهن سان اکر به نه ڳالهائيندو هو، هيءَ هڪ ديني رسالو هو، تن ڏينهن ۾ لاهور مان نِڪرندو هو، ڇاڪاڻ ته ون يونٽ هُئڻ سبب لاهور اولهه پاڪستان جي گادي جو هنڌ هو. مونکي ياد نٿو پوي ته هي رسالو هفتيوار هو يا ماهوار، هن رسالي ۾ ديني مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ انهن جي حل بابت معلومات سان گڏو گڏ انهيءَ جو فرسٽ پيج ايڊيٽوريل ڏاڍو دلچسپ هوندو هو، جيڪو سياست ۽ خاص طور پنجاب جي سماجي ماحول تي هڪ ڀرپور تنقيد هوندي هئي. رسالي آڻيندڙ شخص جو نالو ته الائجي ڇا هو؟ پر اسين کيس ڊگهي چوغي وارو چوندا هُئاسين. منهنجو بابا جيڪو اڪثر هن ماڻهون لاءِ اِهي لفظ ٻڌندو هو تنهن هڪ ڏينهن چيو ته: ”هاڻي مان به ڊگهو چوغو ٺهريان ٿو ۽ جمعي نماز تي پائي ويندس.“
شوق جو ڪو مُلهه ناهي اِهو عربي لباس بابا ٺهرايو ۽ اڪثر جمع نماز تي پائي ويندو هو. منهنجو بابا جيڪو اڳ ئي خوش لباس هو، تنهن کي هي ڏاڍو ٺهندو هو، پر منهنجي ڀاءُ مشتاق کي اِها ڳالهه نه وڻندي هئي، ۽ بابا کي چوندو هو ته: ”ڇوڪرا! چون ٿا!“ تمہارا با لمبی قمیص کیوں پھینتا ہے۔۔؟
شايد ڪي ٻار انهيءَ تي کِلندا به هُجن، بابا ڪافي عرصي تائين جمعي نماز تي اِهو چوغو پائيندو رهيو، پر پوءِ اِهو شوق ڇڏائي ويسُ. هِن کي انگريزي لباس به ڌاڍو ٺهندو هو ۽ خاص طور ‘نِيڪ ٽاءِ’ گڏ ڪرڻ جو گهڻو شوق هُيس انهن مان ڪجهه اڄ به مون وٽ محفوظ آهن.
هِري رام واري
هي ڪِردار منهنجي اوائلي ٻاروتڻ کان وٺي ميرپورخاص جي گهٽين ۾ گُهمندو ڦِرندو نظر آيو. ڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي اصليت ۽ بُڻ بڻياد ڪونه ٻُڌايائين. هي هڪ عجيب حُليو رکندڙ عورت هئي، هٿ ۾ چوئنري نما هڪ وڏي لوٽي هوندي هُئس، جنهن ۾ پاڻي پيل هوندو هو، اُها چوئنري سندس چيلهه تي رکيل هوندي هُئي، ڪنهن جي ذاتي نوڪرياڻي ڪانه هئي، گهٽين ۾ رُلندي ڦِرندي نظر ايندي هئي، هڪ عادت جيڪا هن ۾ تمام خراب هئي سا ته: ”جيڪو به ڌاڳو يا ڪپڙو نظر ايندو هُئس، سو جسم جي ڪنهن نه ڪنهن حصي تي ٻڌي ڇڏيندي هئي، سندس پير، هٿ ڄنگهون سڀ ڌاڳن ۽ ڪپڙن جي ليڙن سان سَٿيل هوندا هئا.“
مُنهن مان هر وقت هِري رام چوندي هئي، نالو ته الائجي ڇا هُئس سڀ ماڻهون کيس ”هِري رام واري“ چوندا هُئا. گهڻو ڪري ريلوي اسٽيشن تي ريل جي دٻن ۽ انجڻ کي پاڻي جا ڇنڊا هڻندي هئي، جيتري قدر منهنجي ذاتي راءِ ۽ سوچ آهي ته:
هي ڪِردار به ورهاڱي جو ستايل ڪردار هو جيڪو ايئن بتال ٿي هٿن ۽ پيرن تي مَڻ ڪپڙن ۽ ڌاڳن جا ٻڌي پئي ٿاٻا کائيندي هئي. ”حويلي“ جيڪا لال پاڙي ۾ هئي تنهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پئي هوندي هئي انهن ڌاڳن ٻڌڻ ۽ جسم تي هوا نه لڳڻ سبب جسم تي زخم ٿي پوندا هُئس. ڪيئن ڀيرا سيٺ موهن داس وارن کيس اسپتال ڀيڙو ڪيو علاج ڪرايو چڱي ڀلي ٿي وري ساڳي ڪار شروع ڪندي هئي پوءِ الائي انهيءَ ۾ ڪهڙي منطق هُئس 1965ع جي جنگ دوران ۽ خاتمي کان پوءِ مشڪوڪ ماڻهن خلاف وٺ پَڪَڙ شروع ٿي هن کي به جاسوس سمجهي جيل ڀيڙو ڪيو ويو پر هن جي جاسوس هجڻ جو ڪو ثبوت نه مليو آزاد ماڻي وري ”ساڳيا ڏينهن ساڳيون راتيون!!!“
پوءِ به ڪافي عرصو گهٽين ۾ رُلندي رهندي هئي. هن کي ماضي جي ڪنهن ڏکائيندڙ واقعي يا حادثي جنهن مان بچي نڪتي هئي، تنهن بتال ڪيو هو، يا وري اڃان ڪا ٻي ماجرا هئا.
هندوستان جي مشهور ليکڪا ”ساز اگر وال“ پنهنجي ماءُ سنڌڄائي تي جيڪو ڪتاب لکيو هو. ”سنڌ: گُم ٿي ويل ڌرتي جون ڪهاڻيون“
تنهن ۾ ’ساز اگر وال‘ پنهنجي ماءُ واتان بيان ڪيل هجرت جي دربدري ۽ درد ڀري لڏپلاڻ ۽ هن ورهاڱي جي اثرات کي انساني نفسيات تي لازمي رد عمل ٻڌايو آهي.
تڏهن ته ڪنهن ڏاهي چيو آهي:
انسان کے کسی روپ کے تحقیر نہ کرنا،
پھر تا ہے زمانے میں خدا کئی روپ بدل کے۔
ننڍپڻ جون ساروڻيون ۽ زندگي جي هن آخري اسٽيج تي ماضي بعيد جون ڳالهيون، وري وري سڏ ڪري مونکي هِن ڪٿا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ريجهائي رهيون آهن. ننڍي هوندي سياري جي مهينن ۾ ايس، ايل، ڊي S L D فيڪٽري ڏانهن ڪپهه ٽاڻڻ لاءِ ويندڙ اُٺن تي پيل ڦُٽين جا ٻوڙا ۽ اُٺن جي ڳچين ۾ پيل چَڙن جا آواز، سياري جي چانڊوڪين راتين ۽ ماٺار ۾ هڪ عجيب قسم جي جلترنگ پيدا ڪندا هُئا. انهيءَ ماحول ۾ مان پنهنجي امان ۽ بابا ۽ ننڍن ڀائرن، ڀيڻ جي ڀرسان سُتل هوندي هُيس، اُها سِڪَ ۽ سنڀارون ياد ڪندي نيڻ آلا ٿي وڃن ٿا. سوچيندي آهيان ته ٻاروتڻ ۾ شايد مونکي ايترو گهڻو پيار مِليو هو ۽ منهنجي مائٽن وٽ منهنجي هر فرمائش کي، هر خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ هاڪار ئي هاڪار هئي، انڪار نه هو، پيار هو يا پاٻوهَه هئي. منهنجي ابتدائي رشتن ۾ پُڦي صاحب خاتون جو رشتو به اهم رهيو، جيڪا اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀيڻ سان بي انتها پيار ڪندي هئي، هن جي شادي دادو جي صديقي قاضين ۾ ٿيل هئي، کيس هڪ ڌيءَ ۽ پُٽ جو اولاد هو، جيڪو بابا جي صاحب اولاد ٿيڻ وقت صاحب اولاد هو. هر سال هِتي جڏهن گرمين جون موڪلون ٿينديون ته گهمڻ ايندي هئي، هُوءَ اِها موسم پاڻ پسند ڪندي هئي دادو جي لڱ ساڙيندڙ گرمين کان بچڻ لاءِ هتي ايندي هئي.
”ڀينر هن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونهون“
تمام گهڻي سُگهڙ ۽ ملوڪ مهانڊي واري هئي، هيءَ پُڦي هر وقت مُسڪرائيندي رهندي هئي. جڏهن به ميرپورخاص ايندي هئي ته اسين ڏاڍا خوش ٿيندا هئاسون، هُوءَ ڪپڙي جون گُڏيون ڏاڍيون خوبصورت ٺاهيندي هئي، ۽ اسانکي ڏيندي هُئي، انهن گُڏين جا هٿ ۽ پير ڳاڙهي ڪپڙي سان جوڙيندي هئي. مان چوندي هئي مانس ته: ”مونکي زيورن واري گُڏي ٺاهي ڏي“ هُو ويچاري موتي ۽ سونهري ستارا هٿ ڪري انهيءَ مان نٿ، ٽڪا، هار ٺاهي گُڏي کي پارائي ڏيندي هئي. پاڻ گهڻو ڪونه ڳالهائيندي هئي، ڇاڪاڻ ته منهنجي ٻاروتڻ واري دور کان هن جا ڪن ٻوڙا ٿيڻ شروع ٿيا هُئا، انهيءَ سبب اسان ٻارن جي گوڙ ۽ گفتگو کي ڪونه ٻڌي سگهندي هئي، پاڻ کي هر وقت صاف سٿرو رکندي هئي، صوم صلات جي پابند هئي، ڏندن کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ انهن تي مساڳ لڳائيندي هئي، اُهو به هن تي ڏاڍو ٺهندو هو، مُساڳ ياد آيو اٿم ته محسن ڪڪڙائي جو هي شعر به لکنديس.
جيڪو اڄ هن هنيو مُساڳ هُيو،
منهنجي غزل جو ڄڻ مُهاڳ هُيو.
پُڦيءَ سان گڏ سندس ڌيءُ ادي حيات خاتون به ايندي هئي، سُهڻي نڪ نقشي واري هيءَ ادي حيات خاتون اسان کي ڏاڍي وڻندي هئي، هِڪ ته پيار ڪرڻ ۽ سُٺي سڀاءُ واري هئي، هُر وقت منهن تي مُرڪ هوندي هُئسِ ۽ وري ٻارن سان گڏ ٻار ٿي ويندي هئي، جيتوڻيڪ پاڻ هڪ پُٽ عبدالجبار (خليل) جي ماءُ هئي، کيس ٻاراڻيون آکاڻيون وڏي تعداد ۾ ياد هيون، جن ۾ بادشاهن شهزادن، جنن، پرين ۽ ديوَن جون ڪهاڻيون ڏاڍي سُٺي انداز ۾ ٻُڌائيندي هئي. اسان کي رات ٿيڻ جو ڏاڍو اوسيئڙو هوندو هو، هن جي آکاڻين جنهن کي اسين غيرادبي ٻولي ۾ ‘ڳالهه’ چوندا هئاسين، تن ۾ منظرنگاري هوندي هئي، سسپينس ۽ ڊائلاگ به هوندا هئا، ته وري صوتي اثرات به ڏيندي هئي. اسان کي اُهي ڪهاڻيون ڏاڍيون وڻنديون هيون، پوءِ ته اهڙا انهن آکاڻين ٻُڌڻ جا عادي ٿي وياسين جو ڏينهن ڏِٺي به هن کان آکاڻي ٻُڌڻ جي فرمائش ڪرڻ لڳاسين پاڻ چوندي هئي ته:
“پٽ ڏينهن جي وقت آکاڻي کڻنديس ته توهانجو مامون واٽ ڀلجي پوندو”
اهيا ڳالهه شايد مائٽن يا وڏڙن کان ٻڌي هُئائين پر پوءِ امان جي چوڻ تي ڏينهن جي وقت به ڪهاڻيون ٻُڌائيندي هئي. پوءِ پاڙي جا ٻار به اچي ڪٺا ٿيندا هُئا، جن ۾ ريحانه قاضي ۽ فرزانه کيس چونديون ئي “آکاڻي واري ادي!” هيون.
هن سٻاجهڙي عورت کي اڌڙوٽ عمر ۾ پنهنجي اڪيلي پُٽ خليل جي موت جو صدمو برداشت ڪرڻو پيو، جيڪو انڊس هاءِ وي تي سندس موٽر سائيڪل جو ٽرالر سان ٽڪر جي نتيجي ۾ ٿيو هو، جنهن حادثي ۾ خليل گذاري ويو هو، انهيءَ دائمي صدمي اديءَ کي بلڪل جهوري وڌو، پر پوءِ گهڻو عرصو جيءَ نه سگهي.
”مٽي ان خمير، اصل هئي ايتري“!
ننڍپڻ ۾ مون ۾ تجسس ۽ هر ڳالهه جي باري ۾ کوٽ کوٽان گهڻي هوندي هئي، ڪا به نئين شيءِ ڏِسي امان کان انهيءَ بابت سوالن مٿان سوال ڪندي هُيس، جڏهن مشتاق ننڍڙو هو ۽ هن لاءِ گرائپ واٽر جيڪو وڊورس ڪمپني جو هوندو هو، سو هر وقت گهر ۾ موجود هوندو هو، انهيءَ جي بوتل مٿان هڪ صحت مند ٻار ٻنهي هٿن سان ٻه نانگ جهليو ويٺو هوندو هو، شايد اڄ ڪلهه به انهي شڪلين وارو گِرائپ واٽر آهي، منهنجي نظر انهيءَ وقت به باريڪ بين هئي ۽ مان امان کان پُڇيو ته امان هي ٻار نانگ کي ڇو جهلي ويٺو آهي؟
امان جواب ڏنو ته: “انهيءَ دوا پيئڻ سان ٻار ايترو طاقتور ٿيندو جو هڪ ئي وقت ٻه ٻه نانگ جهلي ويندو”
امان مونکي اِهو جواب پنهنجي سمجهه مطابق ڏنو هو، پر مان ته انهيءَ تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ سوچي رهي هُئس، سو قدرت الله جي. هفتي کن کان پوءِ هڪ نانگ ڏيکارڻ وارو جوڳي فقير مُرلي وڄائي سين هڻي رهيو هو، ڪجهه پاڙي جا ٻار به نانگ ڏيکارڻ جي فرمائش ڪري رهيا هُئا، سو جڏهن جوڳي فقير پنڊاري مان نانگ ڪڍيو ته مان ڊوڙ پائي گهر ۾ اچي مشتاق کي ڪڇ ۾ کنيو ته هن جي هٿ سان نانگ ٿي پڪڙ ڪرايان، اتفاق سان امان مونکي چولَي جي پويان ڇڪي اندر ڪيو ۽ چيو ته ڇوڪري ڇو کنيو اٿئي ڀاءُ کي؟ مون کيس سڄي ماجرا ٻُڌائي ۽ چيو ته امان هاڻي مشتاق گرائپ واٽر پئي طاقت وارو ٿي ويو آهي، نانگ کي سسي وٽان جهلي وٺندو.
امان اِهو ٻُڌي ڪاوَڙ ۾ ڳاڙهي ٿئي وئي، ٻه زوردار چماٽون وهائي ڪڍيائين ۽ چيائين ته:
“صفا ڪا چري آهين ڇوڪري! ڀاءُ کي نانگ ڏنگي وجهي ها ته پوءِ ڪٿان آڻي ڏيون ها توکي اهڙو ڀاءُ جنهن کي سڄو ڏينهن منهنجو مٺڙو، منهنجو ڀورل منهنجو شهزادو چوندي وتين”
امان جا اهي لفظ ٻُڌي مون جنهن ڪجهه وقت اڳ موچڙا کاڌا هئا، سا پڻ موچڙن جي ڏک ۾ سڏڪي روئي پيئي هُيس، اُن کان پوءِ به جڏهن اهو تصور ڪندي آهيان ته لڱ ڪانڊارجي ويندا اٿم ته شال رب پاڪ منهنجي ڀورل کي سدائين حفظ و امان ۾ رکي.
بابا پوءِ مشتاق جي ٿوري وڏي ٿيڻ تي آمريڪا مان پاڪستان ايندڙ ريسلر زيبسڪو جنهن جو مقابلو لوڪل پهلوانن جيڪي ريسلنگ کان بلڪل ناواقف هئا ڪرايو هو، ۽ هن کي هارايو ويو، پر هي ريسلر پنهنجي ملڪ ۽ نالي سبب هتي ڏاڍو مشهور ٿيو. تنهن کان متاثر ٿي اِهو نالو کڻي مشتاق مٿان رکيائين انهيءَ جا اخبارن ۾ آيل فوٽو ڏيکاريائينس سو منهنجو سنهڙو سيپڪڙو پر چُست چالاڪ هي ڀاءُ، سڄو ڏينهن پيو مُڪا ۽ ٺونشا ڏيکاريندو هو، اسين کيس اهي حرڪتون ڪندي ڏاڍا خوش ٿيندا هُئاسين ته ڏسو ڏسو زيبسڪو ڇا ٿيو پيو ڪري...!؟
اسان جي ننڍپڻ ۾ موڪلن ۾ مٽن مائٽڻ وٽ اچڻ وڃڻ رهندو هو منهنجي مامي مرحوم امان الله قريشي جي نوڪري جڏهن جهڏي ۾ هئي ته اُتي به اسين گهڻا ويندا هُئاسين، ريل جڏهن شهر ۾ داخل ٿيندي هئي ته کاٻي هٿ وارو پاسو جهڏو گودام چوارائيندو هو، جتي ڪڻڪ جا گودام، ايريگيشن ڪالوني ۽ انهيءَ ۾ ايريگيشن ملازمن جا بنگلا ۽ گهر هئا. منهنجي مامي جو گهر به انگريزن جي دؤر جو ٺهرايل هڪ، سٺو بنگلو هو جيڪو چئني پاسي گهاٽن وڻن سان گهيريل هو. ورانڊو وڏو ۽ جافري نما هو چئني پاسي ساوَڪ هئي ريلوي لائين جو پريون پاسو جهڏو شهر چوارائيندو هو. هن ايريگيشن بنگلن جي ڀرسان گدامڙي جا وڻ ڏاڍا سُٺا تراش خراش وارا هئا. هڪ انسپيڪشن بنگلو پڻ هتي هو، جِتي هڪ ملازم جنهن کي ٿلهو شيخ چوندا هئا، سو هر وقت ڇنڊ فوڪ ۽ صفائي ڪندو نظر ايندو هو. اسين وري جيڪي اُتي ورانڊي ۾ رکيل هڪ عدد ڪاري رنگ جي ٽيليفون استعمال ڪرڻ مطلب ڪنهن نه ڪنهن ماڻهون سان ‘هيلو’ ڪري ڳالهائڻ تي ڏاڍي خوشي محسوس ڪندا هُئاسين. انهيءَ وقت ٽيلي فون ايترو عام جام نه هو اها به اسان جهڙن لاءِ تفريح جو سامان لڳندو هو ۽ اِهو “هيلو هيلو” چوَڻ ڏاڍو سٺو لڳندو هو ۽ سمجهندا هُئاسين ته هيلو هيلو ڪو ماڻهون اندر موجود آهي ۽ هاڻي جڏهن وڏا ٿياسين ته خبر پئي ته ٽيلي فون جي ايجاد ڪندڙ گراهم بيل پهريون اکر ‘هيلو’ چيو هو، سو سندس محبوبه مارگريٽ هيلو جو نالو هو، تڏهن ته اڄ ڪلهه جا نيڪ ۽ سدورا مسلمان فون کڻڻ تي هيلو بجاءِ “اسلام عليڪم” چوندا آهن. ها بلڪل سُٺي سوچ آهي سلامتي موڪلڻ سُٺي ڳالهه آهي، هروڀرو پرائي مائي جو نالو يا ذات جو ڪهڙو ڪم!
جهڏي ۾ تن ڏينهن بجلي ڪانه هئي گهرن ۾ لالٽين ٻاري ويندي هئي ۽ وري سرڪاري گهرن ۾ گئس جا گولا (پيٽرو ميڪس) ٻاريا ويندا هئا انهن جي روشني گهرن کي روشن ڪري ڇڏيندي هُئي ماما جو پٽ عبدالغني انهن ڏينهن ننڍو هو سو ڇا ڪندو هو جو گهر جي استعمال جون ننڍيون شيون وارن جي ڦڻي، ڪريم ۽ پائوڊر جون دٻيون، هوا ڪرڻ جون وڃڻيون وغيره کڻي وڃي ٻاهر وهندڙ واٽر ڪورس ۾ اڇلائي ايندو هو کائنس کان ننڍو ڀاءُ نعيم الله (پپو) وري سند باد سيلاني جي ڪردار “شيخ البصر” وانگر جنهن جي ڪَڇَ ۾ چڙهندو هو وري لهڻ جو نالو نه وٺندو هو جهڏي کان علاوه مامي جي نوڪرين وارن شهر ۾ ‘فضل ڀنڀرو’، کپرو، کڏڙو اسان گهمڻ ويندا هُئاسين ۽ اتي وڏن ڪشادن اڱڻڻن ۾ سمهڻ جو ته مزو ئي الڳ هو هي اڄ ڪلهه وانگر دروازا دريون گِرلون وغيره بند ڪري سُمهڻ وارو گُهٽَ ٻوسٽ“ وارو ماحول نه هو هاڻي ته عدم تحفظ جي احساس ماڻهن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن اسين پنهنجي ماسيءَ جي گهر جيمس آباد پڻ گهمڻ ويندا هئاسين هتي به ميرپورخاص مان ٽرين وسيلي ويندا هُئاسين انهيءَ وقت ميرپورخاص کان جيمس آباد ويندي فقط ٻه اسٽيشنون جمڙائو ۽ جهلوري (چوراسي) ايندي هئي هن روٽ تي انهيءَ وقت ٽي اَپِ ۽ ٽي ڊائون ريل گاڏيون هلنديون هيون جيڪي پسينجر ٽرينون هونديون هيون هي هڪ وڏي آمدني واري اسٽيشن هوندي هئي هن علائقي ۾ واحد ڦٽي جو ڪارخانو هو تنهن ڪري ڪپهه ۽ ٻيون جنسون مال گاڏين ذريعي موڪليون وينديون هيون هڪ ريلوي لائين حُڪم الدين ڪاٽن فيڪٽري اندر به ويندي هئي ماسيءَ جو گهر ريلوي اسٽيشن جي سامهون واري روڊ تي هو هتي جي ٽائون ڪميٽي ڏاڍي سرگرم هوندي هُئي شهر صفائي سٿرائي، پاڻي جي فراهمي ۾ خود ڪفيل هو ۽ ماڻهون به پاڻ ۾ ميٺ محبت وارا هئا هن شهر کي 1981ع ۾ ڪوٽ غلام محمد نالو ڏنو ويو. انهيءَ کان علاوه ننڍي هوندي بابا جي سئوٽ قاضي نظر محمد وٽ کوکروپار ويندا هُئاسين جيڪو سفر پڻ ريل رستي ٿيندو هو ريل صبح جو سوير ميرپورخاص مان روانه ٿيندي هئي ڪيترن جاين تي اسٽاپ ڪندي هڪ ڏيڍ بجي کوکرو پار پهچندي هئي لهڻ شرط اسان لاءِ هلڻ ڏکيو ٿيندو هو انهيءَ ڪري ته اسان کي وارِيءَ تي هلڻ مشڪل لڳندو هو ۽ بوٽ هيٺ زمين ۾ هلي ويندا هُئا مائٽ ريڙهي ريڙهي گهر تائين پهچائيندا هُئا يا وري چاچا نظر محمد جنهن جو اُتي ڪاروبار هو (دڪان هُئا) سي نوڪر جهلي اچي گهر تائين پهچائيندا هُئا چاچا جي ننڍي ڌي جي شادي ۾ به هڪ ڀيرو ويا هئاسين پر انهيءَ ڀيري ڪستوري جيڪا گهرو ملازم هئي ۽ ماما جي فيملي ۾ سجاول نالي نوڪر گڏ هو تڏهن مان ڪجهه سمجهه ڀري هُيس ۽ چاچا جي ننڍي پٽ اختر مونکي پاڪستان ۽ هندوستان جو بارڊر به پري کان ڏيکاريو هو جتي ٻنهي پاسي فوجي بيٺل هئا ۽ خاردار تارون لڳل هيون جيڪو منهنجي ذهن ۾ بارڊر لاءِ تصور هو سو اُتي نه هو بهرحال اسان انهيءَ شادي ۾ ڏاڍو لطف اندور ٿيا هُئاسين ۽ سڄي رات گئس گولن جي روشني ۾ مقامي فنڪارن راڳ ٿي ڳايو تان جو صبح ٿي ويو.
“ڪستوري پڻ هن ريگستان ۾ اهڙو ڪاڄ ڏسي پهريان ته حيران ٿي وئي هئي پر پوءِ تاڙيون وڄائي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي خوشي جو اظهار ڪيو هُئائين”
ننڍي هوندي بابا اسانکي شام جي وقت اڪثر گهمائڻ ڦرائڻ لاءِ ميرپورخاص شهر ۾ وٺي ويندو هو اسان جي فرمائش ريلوي اسٽيشن گهمڻ جي هوندي هئي اُتي هڪ ڪيفي (هوٽل) به هوندي هئي جتي ‘پٽاٽي چاپ’ ڊش اسان کي وڻندي هئي ڪجهه گول ٽيبلون ڪرسين سميت رکيل هونديون هيون باقي گهڻي رش ڪانه هوندي هئي ڪي ٿورا ماڻهون هن سانت ڀريل ماحول ۾ موجود هوندا هُئا ميرپورخاص جا ريلوي پليٽ فارم تمام ڪشادا ۽ وڏا هوندا هُئا برانچ لائين جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ وڏي لائين جي لحاظ کان ساهيوال کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو پليٽ فارم هو.
(30 فوٽ ڪشادو ۽ 2275 فوٽ ڊگهو) هي پليٽ فارم ۽ ريلوي اسٽيشن سنڌ جي واپار توڙي ريلوي نظام جي مُکُ جنگشن هئي جيڪا هاڻي خاص نه رهي آهي هاڻي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪاريل جي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ٿر ايڪسپريس ڪراچي کان رش جي ٻڪر ٻوساٽ ۾ جمع ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات جو هندوستان وچڻ لاءِ ڪُوڪُون ڪندي لنگهندي پنهنجي وجود جو احساس ڏياريندي آهي.
مونکي بابا ننڍي هوندي اسٽيشن روڊ تي موجود “مامون جي” هوٽل جنهن کي ڀائي فرقي وارن کوليو هو اُتي وٺي ويندو هو جنهن ۾ ننڍيون گول ٽيبلون ۽ انهن جي چوڌاري ڪرسيون رکيل هونديون هيون صفائي سڙائي بهترين هوندي هئي اُتي شاهه ايران ۽ سندس اڳوڻي راڻي ثريا اسفند ياري جو هڪ وڏو فوٽو لڳل هوندو هو مان بابا کي چوندي هيس ته بابا انهن فوٽو جي ڀر واري ٽيبل تي ويهنداسين انهيءَ وقت ننڍڙو تاج پاتل اهيا راڻي مونکي ڏاڍي وڻندي هئي اِهو فوٽو اڄ ڪلهه به نيٽ تي ايندڙ سندس تصويرن ۾ موجود آهي هن راڻي کي پوءِ شاهه ايران تخت جو وارث پيدا نه ڪرڻ جي پاداش ۾ طلاق ڏئي ڇڏي هئي چون ٿا ته کيس هن عورت سان سچي محبت هئي.
”جيڪڏهن محبت سچي هئي ته پاڻ به ايڊورڊ اٺون ٿي ڏيکاري ها ۽ تخت تاج ڇڏي وڃي ها“ سندس انهي فوٽو کي پنهنجي تصور ۾ آڻي راڻي ثريا لاءِ اردو جو هي شعر لکڻو ٿو پوي:
راج سنگھاسن ہے میرا، یا سولی پر چڑھی ہوئی ہوں،
آدھی ریت سے باہر ھوں٬ آدھی ریت میں گڑی ہوئی ہوں.
ڪراچي ۾ اوسيئر جي ڪورس دوران اُتي پڻ بابا پنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي وندر جاري رکي هئي اُهي قصه هو رات جو سمهڻ مهل ٻڌائيندو هو اسان جيڪي سمجهندار هُئاسين سي بابا جون ڳالهيون غور سان ٻڌندا هُئاسين بابا ڪنهن زماني فلمون ڏسڻ جو به شوقين هو هن ته گونگيون فلمون به ڏٺيون هيون پر جڏهن ننڍي کنڊ جي پهرين ٽاڪي فلم “عالم آرا” ڪراچي جي سينيمائن ۾ رليز ٿي ته پاڻ ڪيترا ڀيرا اُها آخري شو ۾ ڏٺائين جيڪو شو سومهڻي جي نماز کان پوءِ ٿيندو هو هُو ان فلم جي هيروئين جو نالو زبيده ٻڌائيندو يعني بابا پنهنجون ساروڻيون اسان سان شيئر ڪندو هو.
محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن اڻ توريو اگهايو.
مان ۽ انور ته ڪجهه سمجهدار هُئاسين ممتاز جنهن جي خارجه پاليسي سٺي هئي سا نه سمجهڻ باوجود به خاموش رهندي هئي يعني “چئيوان” هئي باقي مشتاق جيڪو گهڻي حد تائين شرارتي هو ۽ ذهين پڻ هو سو چوندو هو: “بابا اڄ آکاڻي سُٺي ٻُڌائي آهي”
اتي ويٺل ممتاز کي چونڊڻيون پائڻ، هٿن پيرن جي مدد سان پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ اِهي سندس مشعلا هُئا امان چوندي هُيس اچي منهنجي ڀر ۾ سمهي رهه! پر جواب ڏيندو هو.
“بابا کي پيرن ۾ سور آهي انهيءَ کي زورَ ٿو ڏيان ته ٿَڪُ لهي وڃينس”
بابا جي ڪراچي جي دوستن ۾ ڪيترائي هندو، پارسي ۽ عيسائي هُئا بابا ٻين مذهبن جي ڌرمي ڪتابن جو مطالعو ڪيو هو ڪراچي جي رهائش جو هڪ قصو اڪثر ٻڌائيندو هو ته کيس عيسائين جي عبادت گاهن ڏسڻ جو شوق هوندو هو هُوُ آچر ڏينهن موڪل هُئڻ سبب پنهنجي رهائش گاهه ويجهو گِرجا ۾ “سنڊي سروسز” ڏسڻ ويندو هو اُتي هڪ عيسائي عورت مِسِ ‘ڪَجَنِ’ به پابندي سان ايندي هئي تنهن هڪ ڏينهن واپسي تي بابا کان نالو وغيره پڇيو هو، ڪراچي ۾ رهڻ جو مقصد پڇيو هو سڀ معلومات وٺي هڪ ڏينهن بابا کي چيائين.
“مان تنهنجي شخصيت، روشن خيالي ۽ اسانجي مذهب سان محبت رکڻ ڪري گهڻو متاثر ٿي آهيان. ڇا تون اسلام ڇڏي عيسائي ٺهي مون سان شادي ڪندين!!!؟”
بابا اِهو ٻُڌي حيرت ۾ پئجي ويو ته: “هن عورت مِسِ ڪَجَنِ ڪجهه ملاقاتن ۾ ايترا پروگرام ٺاهي ورتا آهن”
سو هڪ آچر تي مِسِ ڪَجَنِ جڏهن هن کي چرچ ۾ ملي ته بابا کيس جواب ڏنو:
“اَلَحَمدُالله مان مسلمان آهيان ۽ هڪ ديندار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو آهيان مان ڪيئن عيسائي ٿيندس، اُهو به توسان شادي ڪرڻ لاءِ، مان پنهنجي خاندان مان ڳوٺ مان شادي ڪندسُ اڃان ته وقت پيو آهي”
بابا ٻڌايو ته پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن ملندي هئي پر اهڙي قسم جي ڪابه ڳالهه ڪانه ڪيائين بابا پوءِ واپس ٿرپارڪر آيو ۽ اچي نوڪري جوائن ڪيائين.
بابا ڪراچي جي ساهتي ڪلب جو به اڪثر ذڪر ڪندو هو بابا جو اباڻو ضلعو نواب شاهه انهيءَ وقت ساهتي پرڳڻو چوارائيندو هو انهيءَ وقت ڪراچي ۾ ڪجهه ننڍا ڪلب هئا جتي رهائش ۽ کاڌي جو انتظام هوندو هو ساهتي ڪلب ۾ ساهتي (نواب شاهه) ضلعي جا ڪامورا رهندا هئا ڪجهه بابا جهڙا ڪراچي ۾ رهندڙ شاگرد ڪڏهن ڏينهن جو ۽ ڪڏهن رات جو ماني کائيندا هُئا وري ٻڌائيندو هو ته ٻي جنگ عظيم لڳڻ وقت هتي کاڌو ٽيڻ قيمت تي ملڻ لڳو هو چانهن جو هڪ ڪوپ ٽِڪي مان وڌي ٽي پئسا ٿي ويو هو بابا سهڻين جاين ڏسڻ جو به شوقين هو اڪثر موهو ٽا پيلس جو ذڪر ڪندو هو ته مارواڙ هندوستان جي مشهور صغت ڪار شِو رتن چند رتن اِهو موهو ٽا پيلس مشهور ڪاريگر آغا مير حسين کان جوڌپور جي گلابي پٿر ۽ ڪراچي جي گِذري واري علائقي جي گهري ڦڪي رنگ جي پٿر مان اِهو جڳ مشهور موهٽا محل ٺهرايو هو جيڪو هاڻي سرڪاري ملڪيت ۾ آهي جنهن ۾ سماجي ثقافتي ۽ لوڪ موسيقي جا پروگرام ٿيندا آهن.
سنڌ جي شهرن کان علاوه بابا هندوستان جي ڏورانهن علائقن ڏانهن به گهمڻ ويو هو جتي دهلي آگرو، جمنا ندي، فتح پور سيڪري جو ذڪر اڪثر ڪندو هو پاڻ ٻڌائيندو هو ته انهيءَ گڏيل هندوستان مان ڪجهه ماڻهون اڳي ڪراچي آيا هُئا انهن سان منهنجي دوستي ٿئي وئي هئي انهن جي هندوستاني مائٽن وٽ وڃي ٽڪيو هُئس انهن مونکي ڏاڍي عزت ڏني انهن مان ڪنهن هڪ اڌ جو نالو مونکي ياد آهي جنهن جو ذڪر بابا گهڻو ڪندو فتح پور سيڪري ۾ دائود مرزا، دهلي ۾ بختيار شاهه جو گهراڻو ۽ وري آگري ۾ ثقلين جعفري وارا هُن سان گهڻا گهرا هُئا شروع جواني ۾ بابا ڏانهن خط وعيره موڪليندا هُئا پوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد اِهو سلسلو آهستي آهستي گهٽ ٿي آخرڪار بند ٿي ويو.
اجمير شريف جي ديگ جو ذڪر اڪثر ڪندو هو ته حليم جي اهيا ديگ تمام وڏي هوندي هئي جنهن ۾ ڏاڪڻين وسلي هيٺ لهندا هُئا ۽ وڏين بالٽين ۽ ڏولن ۾ کاڌو کڻي ٻاهر نڪندا هُئا سڀ زائرين جيڪو اناج کين پسند هو سو انهي ديگ ۾ وجهرائيندا هُئا ثقافتي ۽ تاريخي ورثا ڀلي کڻي ڪهڙي به قوم جا هجن ڪهڙي ملڪ جا هجن سڄي دنيا جا گڏيل اثاثه سمجها ويندا آهن تاج محل جيڪو بادشاهه شاهجهان جو ٺهرايل آهي تنهن کي پڻ دنيا انهيءَ نظر سان ڏسي ٿي.
فرانزڪافڪا جو قول آهي:
هر اُهو ماڻهون جيڪو سونهن کي ڏسڻ جي صلاحيت رکي ٿو سو ڪڏهن پوڙهو نٿو ٿئي.
تڏهن ته انگريز شاعر چيو آهي: ”سونهن سچ آهي، سچ سونهن آهي“.
هڪ سونهن واري شي دائمي خوشي جو باعث آهي سو بابا کي به تاج محل ڏاڍو وڻيو هو آگري جي بازار مان سنگ مرمر جي هڪ ننڍي دٻلي نما پيتي جنهن کي اڄ ڪلهه جي زبان ۾ جيولري باڪس چئي سگهجي ٿو وٺي آيو هو جنهن جي مٿان پڻ تاج محل جو فوٽو اُڪريل هو.
اسان جي گهر ۾ انهيءَ وقت انهيءَ زماني مطابق وندر جو سامان موجود هو ريڊيو جيڪو بيٽري تي هلندو هو پوءِ لائٽ تي ٿي ويو لوهه جي لَمبُوتِري پيتيءَ ۾ ڪمپني طرفان مليل هو جيڪو بابا پيتي مان ڪڍرائي ڪاٺ جي اسٽينڊ تي رکايو هو اِهو به بابا جي جواني جو هو ۽ اسان انهيءَ کي هلائي هلائي خراب ڪري ڇڏيو هو هلندي هلندي بيهي رهندو هو بلڪل ‘ميوٽ’ ٿي ويندو هو انهيءَ کي هٿن سان ٺونگا هڻي اسٽارٽ ڪندا هُئاسين وري خاموش ٿي ويندو هو ڪا ‘اينڊريا’ ڪمپني هئي تنهن جو “ميڊ اِن انگلينڊ” هو امان جي، گهر ۾ ڪپڙا سبڻ واري مشين به جيڪا “سنگر” ڪمپني جي هئي سا به انگلينڊ جي آهي ۽ اڃان تائين منهنجي گهر ۾ محفوظ آهي جنهن جو مٿيون ڍَڪُ ڪاٺ جو هو بعد ۾ اڏوهي کائي وئي هئي پوءِ مون اڄ ڪلهه جي دور وارو لوهه جي چادر وارو ڍَڪُ لڳايو ٿي مانس ريڊيو شڪل شبيهه جو سُهڻو هو بعد ۾ ٽرانسسٽر ريڊيو آيا هڪ گراما فون (فونو) بابا جي ڦوهه جواني جو موجود هو جيڪو چاٻيءَ سان اسٽارٽ ٿيندو هو مٿيون حصو کولبو هو ته اندر هڪ ڳاڙهي رنگ جي ٽڪري تي فونِي جي اصل شڪل ڀرسان هڪ ڪتو ويٺل نظر ايندو هو مٿان وري “هز ماسِٽرَسِ وائيس” لکيل نظر ايندو هو چون ٿا ته اهيا هڪ ريڪارڊنگ ڪمپني هئي جنهن اوائلي دور جا ريڪارڊ ڀريا هُئا اسان وٽ “سورت ياسين” سڳوري ۽ سُورت رحمان” جا ريڪارڊ موجود هُئا انهيءَ کان علاوه ٻيا ريڪارڊ “جيوڻي ٻائي”، سونا خان بلوچ ڀڳت ڪنور رام ماسٽر چندر جا موجود هُئا” جيڪي سنڌي ۾ هُئا هي ريڪارڊ پٿر جا هُئا ڪي گسي ويا هُئا هلندي هلندي چيچاٽ ڪري بيهي رهندا هُئا يا وري وڄڻ شروع ٿيندا هُئا ميران ٻائي جو هڪ ڀَڄن
‘‘میں تو پریم دیوانی میرا درد نا جانے کوئی’’
به موجود هو آواز ته الائي ڪهڙي ڳائڻي جو هو پر پوءِ اِهو لتا پڻ ڳايو هو هڪ پراڻي سنڌي ريڪارڊ ۾ گانو هو.
“مشتاق کي مارڻ ويٺين”
منهنو ڀاءُ انور ننڍي مشتاق کي چيڙائڻ لاءِ اِهو ريڪارڊ وڄائيندو هو جيڪو چيچاٽ ڪري بند ٿي ويندو هو مشتاق انهيءَ وقت ننڍو هو مطلب ڪونه سمجهي سگهندو هو چوندو هو ته.
“بابا الائي ڇو منهنجو نالو ريڪارڊ ۾ وجهرايو آهي!!!؟”
باقي ڪي ريڪارڊ جيڪي تمام پراڻا هُئا پر بلڪل صحيح سلامت هُئا مير علي نواز ناز جي شاعري جا ريڪارڊ پڻ هُئا.
“تنهنجي رمز سُهڻا مان ڇا سمجهان آسان به آ دشوار به آ!!!”
امان جيڪا ورهين کان اِهو فونو ڏسندي ۽ ٻڌندي آئي هئي سا چوندي هئي: “انهيءَ جي سوئي بدلايو ته سٺو آواز ڏيندو!!!”
اسان سوئي بدلائي انهيءَ کي توانائي ڏيندا هُئاسِين بابا وٽ ڪنهن زماني ۾ گراما فون ڪمپني طرفان ريڪارڊ ڪيل سڀ کان پهرين گائڻي گوهر جان جو ريڪارڊ موجود هو جيڪو گوهر جان بادشاهه جارج (پنجون) جي اڳيان سندس تاج پوشي جي موقعي تي هڪ ٻئي ڳائڻي جانڪي ٻائي سان دوگانو ڳايو هو جنهن جا ٻول هُئا.
‘‘یہ جلسہ تاج پوشی مبارک ہو٬ مبارک ہو’’
جنهن کي ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ هن کي سو گنيو انعام ۾ ڏنيون هُئائين هي ريڪارڊ پٿر جو ٺهيل هو انهيءَ ڪري ٻن حصن ۾ ٽٽل هو بابا ٻڌائيندو هو ته جيمس آباد ۾ نوڪري دوران جهلوري (چوراسي) جا ڪي زميندار وٽائنس کڻي ويا هُئا ۽ ٽٽل شڪل ۾ واپس آيو هو اسان جڏهن ٿورا وڏا ٿياسين ته پلاسٽڪ جا ننڍڙا ريڪارڊ آيا ۽ اسان وٽ “شهرو فيروز” فلم جا سڀ ريڪارڊ موجود هُئا جلدي ٽي وي اچي وئي ته ريڊيو ۽ فوني جو شوق گهٽجي ويو پر مونکي هاڻي افسوس ٿو ٿئي ته بابا جي جواني جا اِهي شوق جيڪي ريڊيو، فونو گرامان فون رڪارڊ جي شڪل ۾ ۾ هُئا اسان انهن کي حفاظت ۾ رکي نه سگهياسين ڪو ڪيڏانهن ويو ڪو پاڙي وارن وٽ پهتو ڪو گهر ۾ اجايو اضافي گند ڪچرو سمجهي اڇلايو ويو هاءِ افسوس انهن مان ڪابه شيءِ موجود نه آهي.
ماڻهن جي گهرن ۾ تفريح جو سبب پوءِ ٽيلي ويزن ٿي آئي جنهن ۾ اردو سان گڏ سنڌي ڊراما به اعليٰ درجي جا پيش ڪيا ويندا هُئا مون سڀ کان پهرين بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي تي 1970 ڌاري پنهنجي مامي جي گهر ۾ مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” کي ڊرامي جي شڪل ۾ ڏٺو هو جنهن کي شمشير الحيدري ڊرامي جو روپ ڏنو پوءِ ته ڪيترائي ڊراما اچڻ شروع ٿيا تڏهن پي ٽي وي تي سنڌي ڊرامي جو وقت فقط پندرهن منٽ شام جي ڇهين بجي هو پوءِ اُهو 25 منٽ کان وڌي 50 منٽ تي پهتو پي ٽي وي تان ناٽڪ رنگ ڊرامي جو سڄو هفتو انتظار ڪندا هُئاسين پوءِ آچر جي شام جو گهر وارن سان گڏ ويهي ناٽڪ رنگ جون سِڪُون لاهيندا هُئاسين وقت جا سٺا ليکڪ ۽ افسانه نگار اُهي ڊراما لکندا هُئا عبدالقادر جوڻيجو جو سنڌي ڊرامو “راڻي جي ڪهاڻي” اردو ۾ “ديوارين” جي نالي سان ٽيلي ڪاسٽ ٿيو هو پي ٽي وي تان علي بابا جو لکيل سولو پلي “دنگي منجهه درياهه” ڏاڍو شوق سان ڏسندا هُئاسين جنهن ۾ زرينه بلوچ ۽ نورمحمد لاشاري جي ٻولي ۽ گفتگو ڏاڍي وڻندي هئي انهيءَ وقت غزاله رفيق هڪ سٺي ۽ من موهڻي فن ڪاره هئي سندس هڪ اردو ڊرامو “پَتِ جَهڙِ ڪي بعد” اڃان تائين ياد اٿم هيءَ فن ڪار شروع ۾ بِي اَي غزالا جي نالي سان گلوڪاره هئي جيڪا بعد ۾ غزالا رفيق ٿي ڊرامن ۾ آئي شايد 1976ع جي هڪ شام هئي جڏهن جيئن شام جو سنڌي ڊرامي ۽ پروگرام لاءِ ٽي وي اسٽارٽ ڪئي وئي ته يڪدم اسڪرين تي شاهه جو هي بيت ڪلام جي صورت ۾ الاپجي پيو.
“اچي لالڻ لَٽِ مِيان مُئي جو لُوڙهه لَڪُنِ ۾”
پوءِ پٺيان خبر آئي ته غزاله رفيق گذاري وئي آهي ڏاڍو افسوس ٿيو ڪجهه دير تائين سندس ڪم ڪيل ڊرامن جون جهلڪيون آيون ۽ پوءِ سنڌي پروگرام ختم ٿي ويو ۽ اسين هڪ تشنگي واري ڪيفيت ۾ رهجي وياسين انهيءَ کان علاوه اردو ناول شمع تي ٺهيل ڊرامو اردو ۾ ايندو هو سو به ڏاڍي شوق سان ڏسندا هُئاسين جنهن جا ڪجهه ڪردار “حليمه بيگم” ۽ “نانا ڪي جان قمرو” اڃان به اکين اڳيان ڦرن پيا انهيءَ کان سواءِ ڊرامو “انڪل عرفي” جنهن جو آخري سين اسانکي ورهين تائين ياد رهيو ڇا ته اداڪاري هئي؟ ڇا ته ڊائلاگ هُئا؟ ڪجهه به وسرڻ جوڳو نه آهي لاهور ٽي وي سينٽر جو ڊرامو وارث پڻ هڪ شاهڪار ڊرامو هو جنهن ۾ سرمائيداري ۽ زمينداري نظام جي ڀرپور عڪاسي ٿيل هئي اطهر شاهه خان جو ڪردار مسٽر جيدي پڻ هڪ بهترين مزاحيه پروگرام هو جمشيد انصاري جو تڪيه ڪلام “چقو هي ميري پاس” ڏاڍو وڻندو هو نيلام گهر جيڪو طارق عزيز پيش ڪندو ۽ وڏا وڏا انعام ڏيندو سو دنيا جهان جي معلومات سان ڀريل هوندو هو ڪمپئر ۽ براڊ ڪاسٽر عبيدالله بيگ جو معلوماتي پروگرام “ڪسوٽي” به هڪ معلوماتي پروگرام هوندو هو پڙهيل طبقو انهيءَ کي گهڻو پسند ڪندو هو مان پاڻ انهيءَ کي ڏسڻ لاءِ شد مد سان انتظار ڪندي هُيس ٽيلي ٿيٽر ۾ هڪ ڊرامو “انار ڪلي” نشر ٿيو هو جنهن ۾ زيبا بختيار شروعاتي ڪم ڪيو هو هن جي من موهڻي شڪل ماڻهن تي سڪوت طاري ڪري ڇڏيو ۽ هُو پنڊ پهڻ ٿي ڊرامو ڏسي رهيا هُئا صبح جو آفيسن، اسڪولن ۽ ڪاليج جي اسٽاف رومن ۾ انهيءَ ڊرامي جي واکاڻ هئي اِهي ڊراما دِل تي اٿر ڪندڙ هُئا هاڻي ويجهي ماضي ۾ هڪ ڊرامو “تماشه” جيڪو ثانيه سعيد ۽ خيام سرحدي جو هو تنهن ته مونکي روئاڙي ڇڏيو هو سڄي ڪهاڻي هڪ ڀولڙي جو تماشو ڏيکاريندڙ فقير، سندس زال ۽ پٽ جي چوڌاري ڦري گهمي اهڙو جذباتي ماحول پيدا ڪيو هو اِهو ڊرامو ڏسڻ کان پوءِ مان ڪافي دير تائين روئيندي رهي هُئيس منهنجي گهر واري سائين ڏنو صاحب چيو هو ته: “اهڙا ڊراما ڇو ڏسندين آهين؟ جو پوءِ رُوئي پنهنجي طبيعت خراب ڪندين آهين”
اشفاق احمد صاحب جو “ايڪ محبت سو افساني” ۾ ڏنل ڊرامو “قرت العين” به لاجواب ڊرامو هو جنهن جي آخري سِين ۾ نوين تاجڪ نالي واري ۽ خوبصورت اکين واري هِن ڇوڪري جي سُهڻين اکين مان نِڪرندڙ ڳوڙهن ڏسندڙن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو هو.
تنهنجي اکڙين ۾ مون ڏٺي آهي
شاهه جي بيتن جهڙي گهرائي.
(پروفيسر محمد علي پٺاڻ)
منهنجي امان سچ ڳالهائڻ وري منهن تي سچ چوڻ واري عورت هئي ٻين وانگر چالاڪيون ۽ حرفتون ڪونه ڄاڻندي هئي امان منهنجي جي انهين خوبين مان ڪي قدر مون ۾ وراثت ۾ آيون آهن تنهنڪري اڪثر ماڻهون جيڪي زبان جي چاپلوسي ۽ چاشني تي هريل هوندا آهن سي مونکي ذرو برابر به سُٺو نه سمجهندا آهن مان ته هاڻي به مهر خادم جو هيءُ شعر چوندس.
سچ چئون ٿا، ڪوٽ اندر به،
بند نه ٿي آ، بات اسان جي،
سور به سهبا، سچ به چئبو،
تن ۾ اهيائي تات اسانجي.
سو مون ذڪر ٿي ڪيو امان جو، جيڪا اباڻي ڳوٺ خانواهڻ جي ملان اسڪول مان چار درجا سنڌي پڙهيل هئي ۽ اتان ئي قران پاڪ جي ديني تعليم ورتي هُئائين بابا جي روشن خيالي هُن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪري ڇڏي هئي هن کي ڪٿي اچڻ وڃڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي ڪابه پابندي ڪانه هئي کاڌو رڌڻ پچائڻ جي ماهر هئي ٻيو ته رب پاڪ هن جي هٿ ۾ شيريني گهڻي رکي هئي جيمس آباد ۾ رهائش دوران هندوستان مان لڏي آيل عورتن کي ڏسي پاڻ پنهنجي انداز جا ڪوفته ڪباب تيار ڪري وٺندي هئي سنڌي کاڌن ۾ سِيئل پَلو ۽ پلي جو پلاءُ وغيره مذيدار ٺاهيندي هئي منهنجون ماساتيون اڃان تائين امان جي کاڌي جي واکاڻ ڪنديون آهن امان پنهنجي مدرسي ۾ ذهين ۽ محنتي شاگردياڻي هئي امان ڪجهه وڌيڪ ڪتاب ۽ انگريزي ايلفا بيٽ بابا کان سِکي، اخبار پابندي سان پڙهندي هئي اردو اخبار ۾ به دلچسپي وٺندي هئي اخبار ۾ ايندڙ اهم واقعن جا فوٽو ڪٽنگ ڪري رکندي هئي 1962ع دوران آمريڪا ۾ صدر ڪينڊي جي قتل کان پوءِ سندس خاندان سان گڏ فوٽو آخري رسمن جا فوٽو جيڪولين ڪيئنڊي جو ٻارن سان گڏ وائٽ هائوس ڇڏڻ جو منظر هن وٽ فوٽن ۾ محفوظ هُئا انهيءَ کان علاوه اردن جي شهزادي، شهزادي حسن جنهن جي شادي پاڪستاني ڇوڪري ثروت سان ٿئي هُئي سڄي جنگ اخبارن فوٽن سان ڀرجي آئي هُئي امان به سڄي جا سڄي اخبار سنڀالي رکي ڇڏي هوئي انهيءَ کان علاوه رئيس امروهي جا ڪالم ابن انشا جا ڪالم اگر جنگ اخبار ملي ويندي هُيس ته ضرور پڙهندي هئي سنڌي ۾ “اديون” رسالو جيڪو انهي وقت خديجه دائود پوٽو ڪڍندي هئي سو پڻ دلچسپي سان پڙهندي هئي پوءِ جي دور ۾ صبح جو ناشتو تيار ڪري بابا ۽ اسانکي کارائي روانو ڪري “هلال پاڪستان” ۽ اردو اخبار “مساوات” سموري پڙهي پوءِ منجهند جي ماني تيار ڪندي هئي تنهن ڪري ڪڏهن انهيءَ ۾ دير به ٿي ويندي هُئس
1970ع ڌاري ذوالفقار علي ڀٽو کي ووٽ ڏيڻ لاءِ آتي هئي ۽ پوءِ پاڙي مان چاچي سليمان جي گهر واري ۽ حاجي بلاوَل جي گهر واري سان گڏ وڃي صبح ساڻ ووٽ ڏئي آئي هُئي ۽ “ڏاڍي فاتحانه انداز ۾ گهر ۾ داخل ٿي هئي.”
ميرپورخاص ۾ انهن ڏينهن ۾ سينيما جا مالڪ اڱاري ۽ اربع جي ڏينهن زنانه ميٽني شو هلائيندا هُئا، جنهن جي سِيٽنگ ”پھلے آؤ پھلے پائو“ جي بُنياد تي ٿيندي هئي. جڏهن پڪچر هائوس جا هيٺ مٿي جا پورشن ڀرجي ويندا هُئا ته پوءِ فلم اسٽارٽ ڪري ڇڏيندا هُئا. اهو به عورتن جو پاڻ ۾ رابطو رکڻ جو ذريعو هو، هِتان جو ماحول تمام صاف سُٿرو ۽ فضيلت وارو هو، هن سانت ڀرئي ماحول ۾ ڪنهن کي به پنهنجي نياڻين کي گڏ وٺي اچڻ ۾ عار محسوس ڪونه ٿيندو هو، بلڪهِ هي عورتون ڏينهن ڏِٺي جو تفريح پوري ڪري اچي گهر ڀيڙيون ٿينديون هيون. اهڙا شو عورتن جي فلاحي ادارن اپوا ۽ خواتين ليگ طرفان به ڪرايا ويندا هُئا ۽ انهيءَ جي آمدني عورتن جي فلاح تي استعمال ٿيندي هُئي. عورتن لاءِ هڪ پارڪ سينٽ ٽريضا اسپتال ويجهو ٺهيل هو، جنهن ۾ پڻ ٻارن جي لاءِ جُهولا ۽ چوڏيل جڙيل هئا، جيڪو پڻ جمع جي شام جو عورتن لاءِ 3 کان 5 وڳي تائين کوليو ويندو هو. امان سان گڏ اسين پڻ هتي ايندا هُئاسين، اسان جي ته ڄڻ عيد ٿي ويندي هئي. اُتي ساوَڪ، گُل، ٻوٽا ۽ پينگها ڏسي ۽ تِرڪيڻيون ڏِسي ۽ استعمال ڪري ڏاڍا خوش ٿيندا هُئاسين.
هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ اُتان لنگهڻ ٿيو ته ڏٺم “باغ اڃان به خوبصورت لڳو پيو هو، مختلف جانوَرن ۽ ڊائنوسار جا رنگين اسڪلپچر (مجسمه) ٺاهرائي هنڌ هنڌ فِٽ ڪيا ويا آهن، باقي باغ ڪڏهن کُلي ٿو ڪابه خبر نه آهي، ٻاهران اسٽيٽ لائيف جي بلڊنگ وٽان ڏِسجي ته صاف نظر اچي ٿو.
منهنجي امان لامحدود واسطه ۽ دوستين جو وڏو حلقو رکندڙ نه هئي، پُراڻي وقت کان جيڪي سندس ساٿياڻيون هيون انهن سان نڀائيندي ايندي هئي، باقي گهڻي ڊيگهه ڪنهن سان ڪونه ڪندي هئي، منهنجو ذاتي خيال به اهو آهي ته: “انسان کي سج وانگر شفيق، درياهه وانگر سخي ۽ زمين وانگر نرم ٿيڻ گهرجي، پر ماڻهن سان گهڻو ڪلوز ٿيڻ جو نقصان اِهو آهي ته اسين پاڻ يا اڳلو ماڻهو توَقعات گهڻي رکندا آهيون ۽ اُهي آسرا ۽ اُميدون پوريون نه ٿيڻ ٿي دوستيون اوچتو ٽُـٽي پوَنديون آهن” پوءِ انسان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي فيض صاحب جو هي شعر به ٻُڌي سگهندو آهي.
آئی تو یوں کے جیسے ہمیشہ سے تھے مہربان،
بھولے تو یوں کے گویا کبھی آشنا نہ تھے.
اڳئين زماني ۾ ريلوي اسٽيشنون پُڻ انساني آمدرفت کان علاوه اُنهن جي جذبات، احساسات ۽ مائٽن وَٽ جلد پهچڻ جو جذبو رکنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن اُنهن جا ويٽنگ روم ورهين کان وڇڙيلن جي مُلاقات جو سبب بڻجندا هُئا، جهڙي طرح آرٽ مووي ”اجازت“ سڄي جا سڄي هڪ ويٽنگ روم ۾ ويٺل ماضي ۾ پيار ڪندڙ هڪ جوڙي جي گُفتگو ۽ اندروني جذبات وري لاحاصل جي لوچ تي فلمائي وئي هئي، بنا ناچ ۽ گانن واري اِها فلم سنجيده طبقي ۾ گهڻي پَسند ڪئي وئي هئي، مون کي پڻ اِها فِلم ڏاڍي وڻي هئي.
13 اپريل 1993ع ۾ ڊويزنل هيڊ ڪواٽر جو درجو ماڻيندڙ ميرپورخاص ويجهي ماضي جي هڪ اهم جنگشن رهي. هتي 8 آگسٽ 1892ع ۾ حيدرآباد کان جوڌپور وايا ميرپورخاص ريل هلائي وئي، ڪڏهن سوڙهي پٽڙي ڪڏهن چوڙي پٽڙي، اِهو چڪر هلندو رهيو پر 1967ع ۾ ميرپورخاص حيدرآباد پٽڙي کي براڊ گيج ۾ تبديل ڪيو ويو. جيڪو احسان اسان ميرپورخاص وارن تي ريلوي جي وفاقي وزير محمد خان جوڻيجو جو آهي، اسان ميرپورخاص وارن کي سوئي گئس جي فراهمي به جوڻيجو صاحب جي وزارت عظمه جي دؤر ۾ ٿي. هيءُ صاحب مرحوم اگر وزيراعظم نه ٺهي ها ته ميرپورخاص واسي اڃان تائين سوئي گئس کان محروم هجن ها، جڏهن ڪا نئين شئي ايجاد ٿيندي آهي يا وري ڪا نئين ريل هلندي آهي ته انهيءَ کي ڏِسڻ جو تجسس وڌي ويندو آهي. اسان به بابا کي فرمائش ڪئي ته اسانکي انهيءَ ريل ۾ حيدرآباد گُهمائي اَچو ۽ پوءِ اسين هڪ آچر تي حيدرآباد ڏانهن روانا ٿياسين، اُتي ننڍين ننڍين اسٽيشن تي گاڏي بيهندي ٿي وئي، جڏهن نصرپور اسٽيشن آئي ته بابا چيو هي ڏسو.
“توهانجي رخسانه قاضي وارن جو ڏاڏاڻو ڳوٺ اٿو...!”
پوءِ جڏهن ڦُليلي وٽان ريل لنگهي ۽ حيدرآباد جا منگهه، جيڪي اُوچا ڳاٽ ڪيو پنهنجي حيدرآباد هُجڻ جو اعلان ڪري رهيا هُئا، سي تصوَر ۾ پسي اڄ به “هڪ پر مُسرت حُسناڪي ۽ ڦُليلي جي ڇولين جي معنيٰ خير آواز ۾ گُم ٿي وڃان ٿي ته ڇا ته هئي حيدرآباد ۽ هاڻي هتي ڇا آهي گندگي جا ڍير، ٽُٽل روڊ چوريون ۽ بدمعاشيون ٻئي ڪابه سچائي نه رهي آهي، الائي زمانو خراب ٿي ويو آهي يا ماڻهو!؟”
ڪراچي ۾ ننڍي هوندي جو سير اڃان ياد اٿم جيڪو پُڻ امن ۽ سلامتي وارو هو، هاڻي ته اهڙو ماحول ٿيو آهي جو دِل چوندي آهي ته هِتان جلدي جلدي نِڪري وڃجي ۽ پنهنجي شهر ۽ گهر جو رُخ ڪجي.
1968ع جو زمانو هو جڏهن اسين پنهنجي عزيز سيف الدين قريشي کي جيڪو پنهنجي فيملي سميت حج تي وڃي رهيو هو، تنهن کي الوداع چوڻ لاءِ ڪراچي ويا هُئاسين، انهيءَ وقت اسان جي وڏي چاچي به انهيءَ گروپ ۾ شامل هئي، سفينه حجاج کي بلڪل ويجهو کان ڏِٺوسين انهيءَ زماني ۾ وڏا وڏا ماڻهون به بحري جهازن ۾ سعودي عرب حج ڪرڻ لاءِ ويندا هُئا، هشام ماڻهن جا بندرگاهه تي گڏ ٿيل هُئا، هنن حاجي سڳورن کي ٽن ڏينهن لاءِ حاجي ڪيمپ ۾ ترسايو ويندو هو، اسان به هنن حاجي سڳورن کي روانو ڪري امان ۽ بابا سان گڏ ڪياماڙي، بندر روڊ، گانڌي گارڊن سڀ ڏِٺا هُئاسين، پر اِهو سئر ڪراچي جي مرحوم ٽرام ذريعي ڪيو هيوسين، انهيءَ زماني ۾ ڪراچي جي ٽراموي جي نظام جو مرڪز صدر جي ايڊولجي ڊنشا ڊسپينسري هئي، اُتان ٽرامن لاءِ مختلف رستا نِڪرندا هُئا، جيڪي پٽڙين جي شڪل ۾ هوندا هُئا، جيڪي گانڌي گارڊن، بولٽن مارڪيٽ، ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تائين ويندا هُئا، هن ٽرام ۾ ڊرائيور لاءِ الڳ سيٽ ڪانه هوندي هئي بلڪه هُو انهيءَ جي اڳين حصي ۾ بيهي هڪ هٿ سان گهنٽي وڄائيندو هو ۽ ٻئي هٿ سان پٽڙي تي ايندڙ کي هٽائڻ لاءِ هٿ سان اشارا ڪندو هو هن ٽرام کي ڪوبه دروازو ڪونه هوندو هو، ٻاهران ماڻهون اندر ويٺلن کي ڏِسي سگهندا هُئا، بابا ٻُڌائيندو هو ته سندس شاگردي واري دؤر ۾ شاگردن لاءِ گُلابي رنگ جو پاس ڪارڊ جاري ٿيندو هو، جيڪو ”شاگرد رعايتي ڪارڊ“ سڏبو هو، انگريزن طرفان سنڌ جي راڄ ڌاني ڪراچي کي ڏنل اِها سُٺي سواري به 1975ع ۾ بند ڪئي وئي. هاڻي اُهي ماڻهون ”جيڪي منجهه جهان“ آهن، تِن جي ذهن ۾ اِها آرام ده ۽ سستي سواري اڄ به موجود آهي، باقي ته هاڻي ڪراچي ۾ جنهن رستي تي ڪار ۾ چڙهي گُهمو ڦِرو اُتي روڊ جام لڳا پيا آهن ۽ هشام گاڏين جا گڏ ٿيا پيا آهن.
سڄي حياتي اسان اهڙين شين جي تمنا ڪندا آهيون جيڪي مهانگيون هونديون آهن، پر سچائي اِها آهي ته محبت، خوشي کِل ۽ سُٺا تعلقات اسانکي خوش ۽ مطمئن ڪندا آهن، اُهي سڀ مُفت ۾ مِلندا آهن. اسان جڏهن چاڪي پاڙي مان واپس غريب آباد پُهتاسين ۽ مان ڇهين ڪلاس جو امتحان ڏيڻ واري هُيس ته انهن ڏينهن اسان جي گهٽي ۾ هڪ نئين فيملي جو اضافو ٿيو اهيا فيملي رخسانه قاضي وارن جي هئي اڳ هنن جو گهر کري ڪواٽرز ۾ هو پوءِ هي اسان جي پاڙي ۾ اچي رهيون چار ڀينرن ۽ هڪ ماءُ تي مشتمل هي خاندان پوءِ اسان سان ويجهو ٿي ويو سندن والد ڪجهه سال اڳ گذاري ويو هو وڏن ڀيڻ آپا زينب انهيءَ سال ميٽرڪ پاس ڪئي هئي ۽ رخسانه هاءِ اسڪول ۾ منهنجي ڪلاس فيلو هئي ريحانه (مرحومه) پرائمري ۾ پڙهندي هئي ۽ ننڍي فرزانه کي ٿورو عرصو پوءِ اپوا اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو هو اپوا اسڪول انهيءَ وقت هڪ سٺو پرائيوٽ اسڪول هو جنهن جي هيڊ مسٽريس مسز غني نالي ڪرسچن عورت هئي جيڪا مسٽر غني کي جيڪو اڳ مسلمان هو تنهن کي عيسائي بڻائي ساڻس شادي ڪئي هُئائين هن جوڙي وٽ ٻه عدد سانڍيل ٻار ڇوڪرو ۽ ڇوڪري هوندا هُئا جن مان روٿ غني (ڇوڪري) پوءِ مختلف اسڪولن ۾ ٽيچر ٿي رهي ۽ پوءِ مڙس سميت ڪيئنڊا ملڪ شفٽ ٿي وئي هي عورت مسز غني هڪ بهترين انتظامي صلاحيتون رکندڙ عورت هئي ۽ هن ‘اپوا’ اسڪول کي سٺي ترقي ڏياري سينٽ مائيڪل اسڪول جي برابر آڻي بيهاريائين.
ماسي رخسانه جي ماءُ جنهن جو اصل نالو عائشه هو تنهن جو تعلق لاڙ سان هو سندس ٻولي سادي ۽ مٺڙي هئي ڪٿي پراڻي سنڌي رسالي ۾ مون پڙهيو هو سٽ ياد اٿم.
“امڙ جي لولي هنبوشي، لاڙ جي ٻولي هنبوشي!”
هيءَ ماسيءَ رخسانه جي ماءُ منهنجي نظر ۾ هڪ مضبوط ڪِردار هئي، هِن کي ڏِسي مان چوندي هُيس ته واقعي عورت کي الله پاڪ ڪيڏو نه مضبوط اعصابن وارو تخليق ڪيو آهي. هُوءَ مرد جي سهاري کان سواءِ به ڪڏهن هيڻي نٿي ٿئي، گهر جون ذميواريون اولاد جي تعليم تربيت پنهنجي محدود وسيلن بلڪه نه هُئڻ جهڙن وسيلن سان به ڪيو وڃي. هن پنهنجي چئني ڌيئرن کي اعليٰ تعليم ڏياري، هُوءَ مونکي ڪيترن موقعن تي هڪ برجستي مرد کان به وڌيڪ طاقتور محسوس ٿي. هن ڪڏهن هڪ ناتوان مظلوم ۽ مايوس عورت وارو روپ ڪنهن جي اڳيان ظاهر نه ڪيو، آپا زينب کي جلدي “اپوا” پرائيويٽ ۾ نوڪري ملي وئي ۽ ايئن هنن لاءِ زندگي جو ڪارو ونهوار هلائڻ ڪجهه سولو ٿي ويو. رُخسانه مون سان گڏ گرلس هاءِ اسڪول ۾ پڙهندي هُئي، نڪا ٽيوشن نڪا وري ڪا ٻي مدد، هميشه پنهنجي مدد پاڻ سان سُٺن مارڪُن سان پاس ٿيندي آئي، ۽ پوءِ هن به گهر جون معاشي ذميواريون سنڀاليون، هيءَ خوش لِباس ۽ نفاست پسند هُئي، صفائي سُٿرائي سندس شخصيت جو حصو هيون چوندا آهن.
“نفاست ۽ سمارٽ نيس اڳي ئي روح ۾ رچيل هُجي ته پوءِ شخصيت مان به انهيءَ جا رنگ پيا جهلڪندا آهن”
آپا زينب پرائيوٽ ابن رشد (شام جي شفٽ) واري ۾ پڙهندي هئي ڪاليج جي هڪ ايڪ ٽو شاگردياڻي به هُئي فنگشن ۽ ڊرامن ۾ حصا وٺندي هُئي، قدآور، خوبصورت نقشن واري هي آپا، ابن رشد جي لوڪل بورڊ هال ۾ ٿيندڙ ڊرامن ۾ به ڪيترا ڪردار ڪيا، سڀني کان ننڍي ڀيڻ فرزانه قاضي نيرن اکين واري هئي ۽ تمام ايڪٽوَ هوندي هئي، هر ڪنهن سان همدردي جو جذبو موجود هوندو هُئس، تِکو تِکو ڳالهائيندي هئي، هن نواب شاهه ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪئي، راندين جي مقابلي ۾ ننڍي هوندي کان حِصو وٺندي هئي ۽ مقابلا کٽي ايندي هئي، هاڻي ماشاالله ماهر ڊاڪٽر آهي شادي شده، اولاد واري خوش خرم زندگي گذاري رهي آهي. ماسي رخسانه جي ماءُ جيڪا عورتن لاءِ هڪ رول ماڊل هُئي سا ڪجهه عرصو اڳ گذاري وئي آهي، سندس لاءِ اياز جو هي بيت مناسب رهندو.
“طوفانن ۾ ڪڏندي ڪشتي ساحل کي حيران ڪري وئي”
ريحانه قاضي جواني ۾ ئي گذاري وئي کيس هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي، هي پُڻ تمام محنتي سڄو ڏينهن گهر جا ڪم ڪار ڪرڻ، پڙهائي ۾ يونيورسٽي جي سٺي شاگردياڻي پڻ هئي. اسان ٻنهي گهراڻن جو هِڪٻئي وَٽ گهڻو اچڻ وڃڻ هو ۽ هِڪٻئي سان گهڻا مانوس ٿي ويا هُئاسين، پر ڪڏهن ڪڏهن تلخي به ٿي پوندي هُئي پر پوءِ:
“تو سان جهيڙا تو سان ميڙا”
واري مثال سڀ ڪجهه وساري کير کنڊ ٿي ويندا هُئاسين. مون محسوس ڪيو آهي ته اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ انسانن ۾ ايتريون نفرتون، ويساهه گهاتيون نه هُيون ۽ نه وري دلين ۾ ساڙ ۽ حسد جا خزانه گڏ ڪري رکندا هُئاسين، هر ڳالهه “آئي وئي” ٿي ويندي هئي، هاڻي ته نفرتون ۽ رقابتون سانڍي ماڻهون ٻين کي نقصان ڏيڻ لاءِ آتا هوندا آهن. منهنجي امان هڪ چوڻي اڪثر ورجائيندي هُئي.
“شيخي کان شو ڀلي، جو ترت ڏيئي جواب”
پر اڄ ڪلهه ته “منهن تي هڪڙي، اندر ۾ ٻي” هيپو ڪريسي ۽ ڊپلوميسي جو راڄ آهي ۽ ڪامياب به اُهو آهي جيڪو انهن ٻن غليظ اصولن تي عمل پيرا آهي.
اسان جي گهر سان لڳو لڳ چاچا صاحب (موسيٰ خان انڙ) جو گهر هو سو هُن وڪڻڻ جو ارادو ڪيو، ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڳوٺ وڃڻ جو ارادو هُيس، اڳ جي ماڻهن جي رواداري ته ڏِسو وڪڻڻ کان اڳ بابا کي چيائين ته:
“اگر توهان اِهو خريد ڪرڻ جي توفيق رکو ٿا ته پوءِ اِهو پهريون حق توهانجو آهي نه ته مان ٻيا ماڻهو ڏِسان ٿو”
اِهو اٺ سئو فوٽن جو ننڍو ٻن ڪمرن وارو گهر هو، جيڪو ڪجهه سوچ ويچار کان پوءِ بابا خريد ڪيو چاچا صاحب جي وڃڻ کان پوءِ بابا انهيءَ جي نئين سِرِ مرمت ڪرائي ۽ پوءِ ته اِهو ننڍڙو خوبصورت گهر ٿي پيو. مان سوچيان ٿي ته اُهي اڳئين وقت جا پاڙيسري ڪيترا نه اورچ هُئا. پر هاڻي ته:
“پاڙي ناهي پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري”
اِهو 1970ع وارو زمانو هو بابا انهيءَ گهر مٿان وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر انور جي نالي جي پٿر جي تختي لڳرائي، انور انهيءَ وقت شايد نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. جلدي پوءِ انهيءَ زماني ۾ اوڀر پاڪستان ڌار ڪرائڻ لاءِ جنگ لڳي، سڄو ٿرپارڪر ضلعو ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان متاثر ٿيا ۽ سرحدي علاقي ۾ رهندڙ ڏتڙجي ويا ۽ هندوستاني فوج اُهي علائقا قبضي هيٺ ڪيا. اُنهن ڏينهن ۾ عمرڪوٽ کان آيل هڪ هندو فيملي رهڻ لاءِ بابا کان اِها جاءِ گُهري جيڪا امان جي سفارش سان روپ چند جي سيڻن کي مسواڙ تي مِلي، هُو ٻه سال کن رهيا سندن هڪ پُٽ راجا جنهن جو نالو هو سو گاڏين جو مڪينڪ هو، سو پوءِ اتي رهندو هو پر پوءِ بعد ۾ دبئي هليو ويو ۽ انهيءَ کان پوءِ انهيءَ گهر ۾ ڏيپلي سان تعلق رکندڙ هيڊ منشي حبيب الله ميمڻ اچي رهيو، ڪجهه عرصو رهڻ بعد اُهي به هليا ويا ۽ پوءِ امان اِهو گهر منهنجي ماسي عنايت خاتون جيڪا ڇوڪِرَن جي تعليم لاءِ هتي آئي هئي، تنهن کي ڏِنائين، منهنجي ماسي عنايت خاتون منهنجي امان جي ننڍي ڀيڻ هئي ۽ امان، ماسي عنايت جون ننڍپڻ جون ٻاراڻيون ڳالهيون دلچسپ انداز ۾ ٻُڌائيندي هئي. ماسي جي شادي جيمس آباد ۾ محمد فاضل ولد نظام الدين سان ٿيل هئي، هن مرحوم محمد فاضل جو لوهه جو چڱو خاصو ڪاروبار هو پر ويچارو جواني ۾ ئي گذاري ويو، ماسي کي محمد فاضل مان ٽن ٻارن جو اولاد هو، هن ماسيءَ ويچاري ستن مهينن جي عمر ۾ ماءُ وڃائي پوءِ شادي جي ڇهين سال پنهنجو وَرُ وڃايو هو. پوءِ جيمس آباد ۾ پنهنجي ڏير عبدالحئي قريشي سان گڏ رهي هئي، پر هاڻي ڇوڪرن جي تعليم لاءِ هِتي ميرپورخاص لڏي آئي هُئي ۽ وري هِتي ئي رهي ۽ سن 2012ع ڌاري گذاري وئي منهنجي ماسي عقل ۾ اڪابر، سمجهدار، صابرين ۽ توڪل واري عورت هئي ماسيءَ کي مون وڏن وڏن صدمن کي صبر سان سهندي ڏٺو هو.
“جنهن ۾ سندس وڏي پٽ محمد منور جو اوچتو ڦوهه جواني ۾ هارٽ اٽيڪ ۾ موت، تڏهن به ماسي برداشت جو دامن هٿان نه ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ پاڻ سڄي اندران ڀَڄي ڀُري پئي هئي. مون کيس پارَ ڪڍندي روئيندي ڪڏهن ڪونه ڏِٺو مشهور مفڪر ‘ڪوپر’ جو قول آهي:
“ننڍا سور واويلا ڪندا آهن وڏا سور ۽ صدما خاموش رهندا آهن”
سندس لاءِ شاهه جو هي شعر لکنديس:
جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.
ماسي ميرپورخاص اچڻ کان پوءِ واپس جيمس آباد ڪونه وئي، کيس زماني جي لاهن چاڙهن ۽ نوجوان پُٽ جنهن جي شادي کي فقط ٽي مهينا ٿيا هُئا، تنهن جو اوچتو موت ۽ ڪجهه غير مُتَوقَعَ مالي پريشانين، هن کي جهوري وِڌو هو، پر پوءِ به هِيءَ صابر عورت انهن حالتن سان مهاڏو اٽڪائيندي آئي، پاڻ توَڪل جي اعليٰ مثال هئي.
نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ،
اهڙا جن اُهڃاڻ، آئون نه جيئندي اُن ريءَ.
پاڙي جي ذڪر ۾ مون پنهنجي سڳي ماسي جو ذڪر ڏنو ننڍپڻ کان يعني پرائمري کان وٺي ڪاليج تائين منهنجون اُهي ساٿياڻيون ۽ انهن جا پاڙي ۾ گهر به پيارا لڳندا هُئا انهن منجهان هڪ رضيه، پري يعني چاچا سليمان ميمڻ جو هو هُو اسان وٽ اينديون وينديون هُيون اسين هنن جي گهر ويندا هُئاسين انهيءَ وقت به سندن گهر هِن پاڙي جو سڀ کان سُٺو گهر هو سندن ماءُ مَلوڪ مهانڊي واري ڌيمي لهجي ۽ پياري انداز ۾ ڳالهائيندڙ عورت هُئي مون هن کي سدائين صاف سٿرو ۽ سٺي لباس ۾ ڏٺو منهنجي پرائمري تعليم دوران سندن ڏاڏي به حيات هئي انهيءَ جا سروپا به ڪي قدر ياد اٿم سندس والد چاچا سليمان جو تعلق انهيءَ وقت جي ضلعي دادو جي ڳوٺ مانجهند سان هو هيءَ ماسي ڇَتُلُ (سبحان خاتون) مون سدائين پرسڪون ۽ هشاش بشاش ڏٺي ڪڏهن به ڪنهن سان جهيڙو ڪندي يا اٽڪندي مون کيس ڪونه ڏٺو ڏاڍو پيار ڪندڙ، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ عورت هُئي رب پاڪ دنيا ۾ ڪيترا نه سٻاجهڙا ماڻهون خلقيا آهن جيڪي دنيا مان ته پنهنجو وارو وڄائي ويا پر منهنجي لبن تي هي لفظ اچي بيٺا آهن جيڪي شاهه سائين جا آهن.
“هُن تاري هُن هنڌ، هُتِ منهنجا سپرين،
سڄن ماکيءَ مُڌُ، ڪَئوڙا ٿين نه ڪڏهن.
هاڻي ته مونکي هن علائقي ۾ اهڙا گهر نظر اچن ٿا جن جون وڏڙيون سڀ گذاري ويون آهن جهڙو ڪر:
“ڏونگر سُڃو ڏوٿين رِيءُ“
ٿي پيو آهي.
پاڙي ۾ هڪ گهر فاطمه بخاري وارن جو به هو، جن جو والد مرحوم پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ هو، سندس نالو عبدالحئي شاهه هو، جيڪو اڌڙوٽ عمر ۾ گذاري ويو هو سندس گهر واري سادي سودي عورت الله جي رضا ۽ وري مڙس جي رضا تي راضي رهڻ واري عورت هُئي. هيءَ انتهائي رواداري واري پٺاڻ عورت هُئي، پاڙي ۾ ڏک سُک ۾ شريڪ ٿيڻ واري هئي، پيءُ جي وفات بعد هن گهر جي سڄي ذميواري سندس ڌيءَ پروفيسر فاطمه بخاري تي هئي، هي پاڻ ۾ پنج ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ ناصر هُئا، هڪ سندن ماسات زيب باجي به هنن سان گڏ رهندي هئي، فاطمه بخاري جيڪا ڪيميسٽري جي استاد هئي، تنهن جهونجهار جوان وانگر گهر جي ذميداري کنئين ۽ هڪ ڀاءُ ۽ ٻه ڀينرون ڊاڪٽر ڪيائين انهن جي تعليمي خرچ کي پورو ڪرڻ لاءِ ٽيوشن ڪلاس هلائيندي هئي، نوجوان ڪردارن ۾ مونکي مس فاطمه بخاري محنت، عظمت ۽ قرباني جو هڪ جيئرو جاڳندو ڪِردار نظر اچي ٿي. سندس ماءُ گذاري وئي آهي، پاڻ حيات آهي رب پاڪ کيس وڏي حياتي ڏي. اهڙا اڏول ڪِردار مونکي ميرپورخاص ۾ گهٽ نظر آيا جيڪي پنهنجي سرڪاري ڊيوٽي سان به ڪميٽڊ هجن ۽ انساني نفسيات کي سمجهڻ وارا به هُجن.
همت ۽ محنت جو اهڃاڻ توکي چوان،
داد فاطمه تنهنجي همت کي ڏيان.
اسان جي هن پاڙي ۾ جڏهن ليبر آفيس (مير الله داد) وارو بنگلو ڊاٺو ويو ته اُتي پهريون گهر منهنجي ڪلاس فيلو شهناز جو ٺهيو، هي شهناز تعليمي زندگي ۾ ابن رشد ۾ اچي منهنجي ڪلاس فيلو ٿي هئي، سندس هڪ ڀاءُ بابر ڊاڪٽر هو، سندس ماءُ ڏاڍي قربائتي، سمجهدار ۽ دُعائون ڏيندڙ عورت هئي، ڇوڪرين سان گڏ ڇوڪري ٿي اُنهن جي نفسيات سمجهي انهيءَ مطابق رهاڻ ڪندي هئي، مونکي اولاد ٿيڻ لاءِ ڏاڍيون دعائون ڪندي هُئي، سندس ڌيءَ شهناز بعد ۾ هن ابن رشد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهي. شهناز جي ماءُ لاءِ هي شعر دِل تي تري آيو آهي.
“رَتيءَ جي رهاڻ جِيءُ اڙيم جتن سين.”
هڪ ٻيو اردو ڳالهائيندڙ گهراڻو پاڙي ۾ آباد هو، جن ۾ سهيلا بخاري، شهلا بخاري فرحت بخاري وغيره شامل هيون، جا پاڙي جي ماڻهن ۾ سٺا راهه رسم هُئا. مان جڏهن ابن رشد ۾ آيس ته سهيلا مون سان گهڻي ويجهي ٿي، هي سُٺا خانداني ماڻهون هئا، سندس اصل ڳوٺ سامارو هو جتي ٻُڌو اٿم ته سندن زمين به هئي پر پوءِ ماضي بعيد جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ هن خاندان آمريڪا لڏپلاڻ شروع ڪئي جن مان گهڻا تڻا اوڏانهن شفٽ ٿي ويا. ميڊم سهيلا به ريٽائرمينٽ کان پوءِ اوڏانهن وئي پر سندس گهر اڃان ميرپورخاص ۾ موجود آهي، سندس گهر وارو نديم شاهه هتي رهي ٿو، پاڻ به پنهنجي وطن ۽ سنڌ سان ناتو نڀائيندي اچي اڪثر پاڪستان ايندي آهي ۽ ميرپورخاص جي ماڻهن سان ميل ملاقات ڪندي رهندي آهي، چوندي آهي ته:
“اُتي آمريڪا ۾ ڀاڄيون صاف سُٿريون شوڪيسن ۾ سجايل هونديون آهن، پر مونکي سواد پنهنجي ميرپورخاص جي ڀاڄين مان وڌيڪ ايندو آهي”
“ڪاڪاڻا ڪونڍيرَ، ماکيان مٺا ڀائيان!”
اسان جي پٺين گهٽين ۾ نصرپور جي دائودپوٽن جا گهر هُئا، جن ۾ محمد علي دائودپوٽو، غلام محمد دائودپوٽو، شوڪت دائودپوٽو، غلام محمد دائودپوٽو جي گهر جون عورتون اينديون وينديون هيون جن ۾ بدرالدين دائودپوٽو ڪيمسٽري جو مشهور استاد هو، شوڪت دائودپوٽو جي گهر واري ۽ سندن ڌيئرون خورشيد، حميده ۽ مرحومه نورجهان ڏاڍيون ملنسار ۽ ٿورين نعمتن تي به رب جون شڪرگذار رهڻ واريون عورتون هيون. ننڍن وڏن موقعن تي پاڙي جي ڪاڄ ۾ ضرور شرڪت ڪنديون هيون، خورشيد ۽ حميده هن وقت گورنمينٽ جاب ۾ آهن پر سندن والد ۽ والده گذاري ويا آهن.
پروين موسيٰ وارن جو گهراڻو 70 واري ڏهاڪي ۾ اسان جي پاڙي ۾ اُڄڻن جي گهٽين ۾ اچي آباد ٿيو هو، انهن جي گهر مان رخسانه قاضي وارن سان گڏ وئي هُيسِ انهن ڏينهن سندن وڏي ڀيڻ نسرين بخار ۾ مبتلا هئي، گهر ۾ ٻيا ڪيترائي ننڍڙا ڀائر ۽ ڀينرون موجود هُئا پوءِ ڪجهه عرصي بعد سندن شادي دوران هنن وڏو بنگلو سيٽلائٽ ٽائون ۾ ورتو، اُتي شادي جو پروگرام رٿيل هو، جنهن ۾ اسان سڀني پاڙيوارن کي شرڪت جي دعوت هُئي، پر قدرت الله جي انهن شديد گرمين ۾ باران رحمت اچي وئي انهيءَ ڏينهن اهڙي شديد بارش پئي جو ميرپورخاص جا سڀ روڊ رستا پاڻي سان ٽمٽار ٿي ويا، اسان غريب آباد وارن مان گهڻا تڻا شريڪ ٿي نه سگهيا هُئاسين، ڇا ته وقت هو اوڙي پاڙي ۾ ميٺ محبت هئي، هڪ پنهنجائپ جو احساس هو، اُهي ماڻهون اڄ به مِلن ٿا ته منجهائن مُشڪ جي خوشبو اچي ٿي ۽ دِل تي فهميده شرف بلوچ جو هي شعر تريو اچي:
ڪا ياد ايئن دِل کي هر روز ٿي پئي گهائي،
ٽانڊن تي رکيون ڄَڻ ڪنهن چمپا جون ڪَليون آهن.
هرشهر جو ۽ هر پاڙي جي ماڻهن جو پنهنجو مزاج هوندو آهي مان اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال پوئتي جهاتي پايان ٿي ته مونکي ميرپورخاص جون عورتون، مردن کان وڌيڪ سوشل نظر اچن ٿيون، انهيءَ جو سبب هتي “اپوا” ۽ خواتين ليگ جو فعال هُئڻ سان گڏوگڏ ڪجهه گهٽ پڙهيل يا صرف ديني تعليم حاصل ڪيل عورتون به سوشل ڪمن ۾ اڳ ڀريون نظر اچن ٿيون. انهن ۾ ڪلام پاڪ جو درس ڏيندڙ عورتن ۾ “ناني ڪَئُوڙِي” جو به پنهنجو هڪ رُوپ هو. هُوءَ شڪارپور سان تعلق رکندڙ اُڄڻِ خاندان مان هُئي، ميرپورخاص جي سڀني سنڌي گهراڻن ۾ سندس اچڻ وڃڻ هو، هر ڪنهن کي دوا سُتي بابت مفت مشورا ڏيندي هئي، جتي نماز جو ٽائيم ٿيو اُتي انهيءَ گهر ۾ نماز پڙهي پوءِ اڳتي پنڌ ڇڪڻ سندس روز جو معمول هو. تهمينه مفتي وارا ڇاڪاڻ ته شڪارپور جا هُئا تن جي گهر گهڻو ايندي ويندي هئي، ٻئي اهم فعال شخصيت آپا ممتاز سومرو جي آهي جيڪا بقول سندس ته:
“مان اصل غريب آباد ميرپورخاص جي پيدائش آهيان”
مون ڪافي عرصو پوءِ 1977ع ڌاري ڏٺي جڏهن هن جي وڏي ڌيءُ ساجده مون وٽ شاگردياڻي ٿي آئي، انهيءَ جي معرفت اسان جو آپا ممتاز سان واسطو ٿيو. هي آپا ممتاز انهيءَ وقت آپا ممتاز بلوچ چوَرائيندي هُئي. آپا ممتاز انهيءَ وقت گَهٽِ پڙهيل هُئي، پر علم سان چاهه سبب اڳتي پڙهندي رهي ۽ ايم، اي ڪيائين پوءِ مليريا ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪيائين. هر گهر ۾ اچڻ وڃڻ هن کي سوشل بنائي ڇڏيو، هو شهر جي اسڪولي ۽ ڪاليجي فنگشن ۾ ضرور شرڪت ڪندي هُئي، عورتن جي فلاحي تنظيمن جي پڻ ميمبر هُئي، جتي پڄندو هُئس اُتي ماڻهن جي اخلاقي مدد ڪري وٺندي هُئي ڪنهن جي گلا غيبت ۾ ڪانه ايندي هئي تنهن ڪري هر گهر ۾ اچڻ جي جهڙوڪر هن کي ويزا مليل هُئي آپا حال حيات آهي ۽ ڪجهه بيمارين ۾ وڪوڙجڻ سبب اڳي جهڙي ايڪٽو نه رهي آهي ۽ گهر جي چوديواري اندر محدود ٿي وئي آهي.
سيٺ موهن داس جي فيملي ميرپورخاص جي شاهوڪار سيٺين منجهان هئي هي خاندان صوفياڻو مزاج رکندڙ تعصب کان بالاتر خاندان هو جيڪي جهوڪ شريف جي گادي جا پڪا مريد هُئا جن ۾ سيٺ موهن داس جي پٽ ڪرمچند جي ڌي هرديوي (نما) منهنجي ڪلاس فيلو رهي ۽ گڏو گڏ سندس وڏوي ڀاءُ ايشور داس جي ڌي تارا ٻائي به منهنجي ڪلاس فيلو هُئي هي گهراڻو ورهاڱي کان اڳ جو لال پاڙو گرلز هاءِ اسڪول جي ڀرسان آباد هو سندن رهائش گاهه واري حويلي محلو چوارائيندي هُئي اسان جي سيڪنڊري تعليم دوران هي گهراڻو اهيا حويلي ڇڏي سيٽلائيٽ ٽائون واري پوش علائقي ۾ هڪ بنگلي ۾ شفٽ ٿي ويا هُئا منهنجون ڪلاس فيلوز! هي ٻئي ڇوڪريون سڀاءُ جون ڏاڍيون سٺيون ۽ هر ڪنهن سان مُرڪي ملندڙ هيون هڪ ڀيرو ڏياري جي موقعي تي اسان ڪلاس فيلوز جي دعوت ڪئي هُئائون گهر ۾ ڏاڍو فضيلت وارو شانائتو ماحول هو گهر جي هرڪا وڏڙي اسان جي مٿي تي هٿ رکي کيڪاري پئي ۽ پيار ڪري پئي سڄو گهر ڏياٽين سان جهرمر ڪري پيو ۽ ڏاڍو سهڻو دلفريب لڳي پيو سيٺ موهن داس بابا جو. به سنگتي هو ٻيو درگاهه جهوڪ تي بابا پڻ ويندو هو انهيءَ ڪري اهيا قربت ۽ سنگت وڌيڪ مضبوط ٿي وئي هُئي سندن ٻنِين ۽ ملڪيت جا سمورا اسٽامپ بابا تيار ڪندو هو جهڙو ڪر هنن جو بابا تي ڪامل ڀروسو هو هرديوي ۽ تارا جي ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ جلد شادي ٿي وئي ٻڌو اٿم ته هر ديوي ڪراچي ۾ رهي ٿي ۽ تارا ٻائي باقي حياتي منيلا ۾ گذاري رخسانه قاضي جي شادي ۾ هرديوي سان ملاقات ٿي پوءِ مون ڪونه ڏٺي آهي.
ڪجهه يادگيريون جيڪي ڪٿا لکڻ وقت ذهن تان هَٽي ويون تن کي عنوان: ”اڄ نه پسان سي“ جي هن ذيلي عنوان ۾ ڏيڻ بهتر سمجهان ٿي.
منهنجو بابا سائين پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ “پيرو نوئيا” نالي هڪ نفسياتي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو هو جنهن ۾ ڪيترائي وهم وسوسا ۽ شڪ ظاهر ڪندو هو ٻيو اِهو به لکڻ وسري ويو اٿم کيس جواني کان وٺي مذهبي ڪتابن پڙهڻ جو گهڻو شوق هو مون کيس علي هجويري داتا گنج بخش جو ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ پڙهندي گهڻو ڏٺو پاڻ ٻڌائيندو هو ته اصل ۾ اِهو ڪتاب قديم شڪل ۾ فارسي ۾ هو پر بابا وٽ اردو ترجمي سان هو صوفي ازم ۽ تصوف تي ٻڌل هڪ ڪتاب “تذڪرت الاولياء” عطار آف نيشاپور ۽ انهيءَ کان علاوه عين الفقر حضرت سلطان باهو جو ڪتاب اردو ۾ اڪثر پڙهندو هو.