پاور ڇڏڻ ڏکي ڳالهه آهي پر ....
ڏهه سال کن ملاڪا ۾ نوڪريءَ دوران پڻ، مختلف ملڪن جي جهازران پروفيسرن سان گڏ، موڪلون گذارڻ لاءِ آئون هميشه ٽرنگانو يا ڪيلنتان وڃڻ پسند ڪندو هوس. سو هينئر جڏهن مير الهداد ٽالپر جو ٻڌم ته هو ٽرنگانو ۾ آهي ته دل ئي دل ۾ سوچيم ته هڪ وار ٽرنگانو جو چڪر هڻڻ لاءِ ملائيشيا ضرور ويندس ۽ مير صاحب کي چيم ته سائين توهان دعوت نه ڏيندائو تڏهن به توهان وٽ ته ضرور ايندس. ان کان علاوه مئرين اڪيڊمي (ALAM) جنهن ۾ مون 10 ڏهه سال کن نوڪري ڪئي ۽ جيڪا منهنجي ڏينهن ۾ 1981 ڌاري ملاڪا رياست ۾ کلي هئي، اها هاڻ 30 سالن ۾ وڌي يونيورسٽي ليول جي ٿيڻ تي، ان جو پرائمري ليول وارو حصو هاڻ ٽرنگانو ۾ کوليو ويو آهي. ان اسي واري ڏهي ۾ منهنجي ڏينهن ۾، اسان وٽ ڪم ڪندڙ نوجوان ڪلارڪ، ٽائپسٽ، ٽيليفون آپريٽر ڇوڪرا ڇوڪريون جن جون انهن ڏينهن ۾ وڏي شوق سان شاديون اٽينڊ ڪندا هئاسين ۽ فوٽا ڪڍندا هئاسين، سي هِن وقت اُتي ٽرنگانو جي نيول اڪيڊمي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ رٽائرمينٽ جي عمر (55 سالن) جي ويجهو اچي پهتا آهن. پئان فريده، پُئان روس مالا، پئان حاجا بصرا، پئان سيتي حوا جهڙيون ڪلارڪ ملئي ڇوڪريون جيڪي ان وقت چِڪ فريده، چِڪ روس مالا، چِڪ حوا سڏبيون هيون ۽ شام جي وقت اسان جي گهر پٺيان نيٽ بال اچي کيڏنديون هيون؛ انهن جا ٻار به هاڻ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ بئنڪر ٿي ويا آهن، بلڪه ڪي ته اسان وانگر ڏاڏيون نانيون به ٿي ويون آهن. هو پڻ هاڻ ٽرنگانو ۾ رهن ٿيون ۽ اڪثر اي ميل ذريعي خبر چار لکنديون رهن ٿيون. سندن اسي واري ڏهي جا فوٽو ڪڍي رکيا هئم ته اڳتي هلي سندن ٻارن کي ڏيکاريندس ته توهان جون ڏاڏيون نانيون جوانيءَ ۾ اجهو ههڙيون لڳنديون هيون.
هتي اهو لکندو هلان ته ٽرنگانو جيڪو انگريزي ۽ رومن ملئي ۾ Terengganu لکيو وڃي ٿو اهو جَوي ملئي ۾، يعني عربي اسٽائيل ملئي ۾ ”ترنغانو“ لکيو وڃي ٿو، جنهن جو سنڌي يا اردو ۾ صحيح اچار ترنغگانو ٿيندو جو اهو دراصل ٻن لفظن ترنغ (معنى ٻهڪندڙ يا روشن) ۽ گانو (معنى انڊلٺ) جو جوڙ آهي. اسان لاءِ بهتر آهي ته هن سفرنامي ۾ ”ترنگانو“ ئي لکون جيتوڻيڪ ترنغانو به صحيح رهندو.
ملئي جا ڪيترائي لفظ، ان قسم جا آهن جيئن ملائيشيا جي رياست Selangor جيڪا سلينگور به لکي وڃي ٿي ته سلنغور به. اهڙي طرح ملائيشيا ۾ هڪ لفظ Negara توهان کي تمام گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندو. نگارا يا نغارا معنى قومي (National) جيئن بئنڪ نگارا، مسجد نگارا، زو نگارا... وغيره.
ترنگانو ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان هڪ آهي. ملائيشيا جون ٻه رياستون سباح ۽ سرواڪ مشرقي ملائيشيا ۾ آهن يعني ايڏانهن برونائي پاسي بورنيو ٻيٽ تي آهن. باقي يارهن رياستون مغربي ملائيشيا ۾ آهن، جيڪو ٿائلنڊ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آهي. اسان جا ماڻهو گهڻو ڪري ملائيشيا جي هن حصي ۾ اچن ٿا، جتي ڪئالالمپور، جوهربارو، پينانگ ۽ ملاڪا جهڙا شهر آهن. هنن يارهن رياستن مان شروع کان نو رياستن جا مالڪ يا کڻي چئجي ته ”ڌڻي سائين“ سلطان رهيا آهن، باقي ٻه رياستون ملاڪا ۽ پينانگ انگريزن جي ڪنٽرول ۾ رهيون، بلڪه پينانگ ۽ سنگاپور ٻيٽ ته هن پاسي جي ٻين سوين ويران ۽ گهاٽي جهنگ سان ڀريل ٻيٽن وانگر هئا، جيڪي انگريزن ملئي سلطانن کان خريد ڪري develop ڪيا. بهرحال ٽرنگانو ملائيشيا جي سلطانن وارن نون رياستن مان هڪ رياست آهي. هنن نون رياستن جا نو سلطان واري وٽيءَ تي سڄي ملڪ ملائيشيا جا پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿين ٿا. اڄڪلهه جيڪو ملائيشيا جو بادشاهه سلطان ميان زين العابدين آهي اهو 1962ع ۾ هن رياست جي اڳوڻي سلطان محمود المڪتفي بلاه شاهه جي گهر ۾ سندس ٻي زال شريفا نانگ فاطمه کي ڄائو. پاڻ ملائيشيا جو 13 ڊسمبر 2006ع کان تيرهون نمبر بادشاهه آهي.
سلطان ميزان زين العابدين پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي رياست مان حاصل ڪرڻ بعد آسٽريليا مان انٽرنيشنل رليشن ۾ گرئجوئيشن ڪئي. ان کان علاوه انگلنڊ جي مشهور فوجي اڪيدمي ”رايل مليٽري اڪيڊمي سئنڊهرسٽ“ مان تعليم حاصل ڪئي. 1984ع ۾ کيس ليفٽيننٽ طور رايل ڪئولري ۾ مقرر ڪيو ويو. 1988ع ۾ سندس پيءُ جي وفات تي ٽرنگانو جو سلطان مقرر ٿيو. پاڻ ملائيشيا جي سلطانن ۾ سڀ کان ننڍي عمر جو سلطان مقرر ٿيو ۽ هاڻ 44 ورهين جي ڄمار ۾ هو ٽي نمبر تي ننڍي عمر جو بادشاهه ٿيو آهي. هن کان اڳ ڪيداح رياست جو سلطان تئانڪو عبدالحليم 43 سالن جو ۽ پرلس رياست جو سلطان تئانڪو سيد پترا 40 سالن جو هو ته بادشاهه ٿيا هئا.
هڪ ٻي ڳالهه ته اڄ جو بادشاهه سلطان ميزان زين العابدين پهريون بادشاهه آهي جيڪو ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد ڄائو. هن کان اڳ وارا بادشاهه ملائيشيا کي 1957ع ۾ خود مختياري ملڻ کان اڳ ڄاوا هئا. سلطان ميزان زين العابدين جي راڻي سلطانا نور زهره سان 1996ع ۾ شادي ٿي. ملائيشيا جي هيءَ ٻي راڻي آهي جيڪا هميشه حجاب سان مٿو ڍڪي هلي ٿي. کين چار ٻار آهن، ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئون: شهزادي نادره، شهزادو محمد اسماعيل، شهزادو محمد معيز ۽ شهزادي فاطمه زهره.
هونءَ چوندا آهن ته پاور خراب شيءِ آهي. اسان جي ملڪن ۾، خاص ڪري مسلمان ملڪن ۾ هڪ دفعو ڪنهن کي پاور ملي ٿو ته پوءِ مري جان ڇڏي ٿو پر هن پاسي ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي، گذريل اڌ صديءَ کان ڏسندو اچان ته نمونو ئي نرالو آهي. هيڏو طاقتور بادشاهه (Yang di Pertuan Agong) جنهن جي لفظي معنى بادشاهه سلامت کان به مٿي ٿي...“ هي جيڪو جهان پناهه ٺاهيو ويو آهي“، ۽ عوام هن کي خطاب ڪرڻ وقت “Ke Bawah Duli yang Maha Mulia” چوي ٿو يعني اسان هن عالي حضرت جي پيرن جي خاڪ آهيون (The dust under the feet of His exalted Highness) اهو ملڪ ۽ فوج جو طاقتوارو ماڻهو، پنج سالن جو مدو پورو ٿيڻ تي، چُپڙي ڪري پنهنجي ڳوٺ هليو وڃي ٿو.
مهاتر محمد، سابق وزيراعظم، چاهي ها ته عوام اڃان به کيس وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ووٽ پيو ڏئي ها پر هو مَتل ميلو ڇڏي گهر هليو ويو ته ڀلي هاڻ نوان ۽ نوجوان سياستدان ملڪ جو ڪاروبار هلائين. هن دفعي سندس ڳوٺ الور اسٽار وڃڻ بدران پُترا جايا ۾ ئي ساڻس ملاقات ٿي وئي. چاق نه هو. ظاهر آهي هو وڏي عمر جو ٿي ويو آهي. فوٽن ۾ لڳي ٿو ننڍو هجي پر هن وقت هو ستاسي سالن جو ٿيندو جو هو 1925 ۾ ڄائو آهي. هتي جا ماڻهو کيس ديوتا ڪري ٿا سمجھن پر پاڻ ائين مليو ڄڻ ڪڏهن وزيراعظم رهيو نه هو. پر ڳالهه اِها آهي ته هو جڏهن وزيراعظم هوندو هو تڏهن به هڪ عام ماڻهو وانگر لڳندو هو. عيد يا نئين سال وارن ڏينهن تي ته سندس گهر جا دروازا کليا پيا هوندا هئا. امير امراءُ، غريب غربو، هاري ناري هرهڪ ملندو رهيس ٿي. آئون سندس هر وقت فوٽو ڪڍندو هوس. هڪ دفعي گلوب سلڪ اسٽور جي سنڌي هندو مالڪ تان سري ڪِشوءَ جي مامي ”وڪيو مل لاکياڻي“ جي گهر هڪ فئملي ڊنر ۾ مهاتر سان گڏ ماني کائيندي مون پنهنجن ٻارن جو فوٽو ساڻس گڏ ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا کي دٻايم ته سيل ختم ٿي چڪا هئا. مون کان وڌيڪ پاڻ پريشان ٿي ويو. لاکياڻيءَ يڪدم پنهنجي ڊاڪٽر پٽ کي ڊوڙايو ته سيل وٺي آءُ ۽ مون هڪ بدران سندس ڪيترائي فوٽو ڪڍيا جن مان ڪجهه منهنجن ملائيشيا جي انهن سفرنامن ۾ آهن جيڪي مون 80ع واري ڏهي ۾ لکيا.
هڪ سنگاپور جو وڪيل وزيراعظم لي ڪئان يو هو جنهن چورن، ٺڳن ۽ دو نمبر مال وڪڻندڙن جي ملڪ سنگاپور کي ڪٿان جو ڪٿي پهچائي ڇڏيو. نه ته ستر وارو ڏهو اهو هو جو اتي جو ماڻهو پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي شرم محسوس ڪندو هو. ان ملڪ کي لي ڪئان يو اهڙو ڪري ڇڏيو جو اڄ سنگاپور جي پاسپورٽ رکندڙ کي آمريڪا جي ويزا جي به ضرورت ناهي. هو فقط ٽڪيٽ خريد ڪري آمريڪا، انگلنڊ جپان وڃي سگهي ٿو. آمريڪا وارا به سمجهن ٿا ته سنگاپور ايڏو خوشحال، ماڊرن ۽ سکيو ستابو ملڪ ٿي پيو آهي جو سندن ملڪ جو آمريڪن آمريڪا ڇڏي سنگاپور ۾ رهڻ کي ته خوش نصيبي سمجهي سگهي ٿو پر هڪ سنگاپوري آمريڪا ۾ ڇو رهي پوي. ان سنگاپور ملڪ جو وزيراعظم جنهن کي پڻ سندس عوام ديوتا ڪري پوڄي ٿو، ان وقت کان اڳ وزارت اعظمى ڇڏي ڏني. عوام پنهنجي محبوب ليڊر کي اڃان وزيراعظم ڏسڻ چاهيو ٿي پر هن کين سمجهايو ته هاڻ ڀلي ڪو ٻيو اچي، باقي منهنجيون صلاحون هر وقت حاضر رهنديون.
سو ملائيشيا ۾ به نه فقط عوام لاءِ پر بادشاهن لاءِ به قاعدا قانون ٺهيا پيا آهن، جن تي هو عمل ڪن ٿا. وقت پورو ٿيڻ تي ڦشري ڪرڻ بدران مانَ عزت سان لهيو وڃن. هتي اهو به قانون آهي ته جيڪو ملڪ جو بادشاهه ٿيندو اهو پنهنجي رياست جو، اهو عرصو سلطان نه رهندو. ان لاءِ هن کي پنهنجي پٽ کي مقرر ڪرڻو پوندو آهي. سو اڄڪلهه هن رياست ترنگانو جو هيڊ (جنهن کي ملئي زبان ۾ Pemangku Raja سڏين ٿا) بادشاهه ميزان زين العابدين جو وڏو پٽ شهزادو اسماعيل آهي، پر جيئن ته هو اڃان بالغ ناهي ۽ فقط اٺن سالن جو آهي سو هن رياست ترنگانو جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ ٽن ميمبرن جي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن جو سرپرست بادشاهه جو ننڍو ڀاءُ راجا تنڪو بدرالزمان آهي.
جيئن اسان وٽ سنڌ، پنجاب ۽ ٻين صوبن جا وزيراعلى آهن تيئن هتي ملائيشيا جي به هر رياست ۾ وزيراعلى آهي جيڪو مينتري بيسار سڏجي ٿو. ترنگانو جي وزيراعلى جي چونڊ هونءَ هن رياست جو سلطان ڪندو رهيو ٿي پر ملائيشيا ٿيڻ بعد (يعني ملايا ۽ سباح ۽ سرواڪ گڏجي هڪ ملڪ ملائيشيا ٿيڻ بعد) وزيراعلى اهو ٿئي ٿو جيڪو اسيمبلي جي اليڪشن ذريعي چونڊجي اچي. 80ع واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ رهندو هوس ته هن رياست جو وزيراعلى ”تان سري وان مختيار احمد“ هو. اڄڪلهه (مارچ 2008ع کان) داتڪ احمد سعيد آهي. پاڻ 1957ع ۾ ڄائو ۽ يونيورسٽي سائنس ملائيشيا (USM) جو گرئجوئيٽ آهي.
هن مضمون جي شروع ۾ پنهنجي ملاڪا جي آفيس جي ڪن ڇوڪرين جي نالن اڳيان چِڪ ۽ پوءِ پُئان لکيو اٿم. ملئي لفظ چِڪ (Cik) ڪنوارين ڇوڪرين لاءِ استعمال ٿئي ٿو جيئن انگريزي ۾ Miss چئون ٿا. پئان (Puan) شادي شده عورتن جي نالن اڳيان استعمال ٿئي ٿو جيئن انگريزي ۾ مسز ۽ اسان وٽ بيگم لکيو وڃي ٿو. مرد ڪنواري توڙي شادي شده لاءِ اِنچڪ Encik لکيو وڃي ٿو. البت پوڙهي مرد يا ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل مولوي يا عالم لاءِ تُئان (Tuan) لفظ استعمال ٿئي ٿو. هڪ دفعو وري لکندو هلان ته ملئي زبان ۾ ”C“ جو اکر چ لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ ملئي زبان ۾ ش جي اچار لاءِ “Sh” نه پر “Sy” لکيو وڃي ٿو. جيئن ملئي لفظ ”اشارا“ (پاڻ وارو ساڳيو اشارو لفظ) Isyara لکيو وڃي ٿو.