ايئرپورٽ تي گهاريل گهڙيون...
ملائيشيا وارن جو پنهنجي پاڙيسري ملڪ سنگاپور سان مقابلو هجڻ ڪري ملائيشيا وارا به سنگاپور وانگر هر شيءِ ۾ وقت جي پابندي کي اهميت ڏين ٿا. ان ڪري ملائيشيا وارن جا جهاز توڙي ريل گاڏيون وقت تي ڇٽن ٿيون ۽ مقرر ٽائيم ۾ اهو سفر پورو ڪري، مقرر وقت تي پهچن ٿيون. ڪئالالمپور هوائي اڏي کان ڪئالالمپور شهر جي مرڪزي اسٽيشن ”ڪي. ايل. سينٽرل“ 80 کن ڪلوميٽر آهي. هوائي جهاز جي مسافرن کي ايئرپورٽ کان ان KL سينٽرل اسٽيشن تي پهچائڻ لاءِ، ”KLIA ايڪسپريس“ ريل آهي، جيڪا سالن کان مقرر وقت، 28 منٽن اندر، ايئرپورٽ کان ڪي ايل سينٽرل اسٽيشن يا واپس ايئرپورٽ پهچائي ٿي. ان کان علاوه شهر ۾ هلندڙ اليڪٽرڪ ٽرامون، مونو ريل ۽ بسون مقرر وقت تي، هر اسٽيشن ۽ بس اسٽاپ تي پهچن ٿيون ۽ ترسڻ جو مقرر وقت پورو ٿيڻ تي روانيون ٿيو وڃن. پر ان ڏينهن يارو، جنهن ڏينهن مون کي ڪراچي مان ڪئالالمپور روانو ٿيڻو هو، شام ڌاري منهنجي ٽريول ايجنٽ جو فون آيو ته مون واري ملائيشيا جي اڏام ٻه ڪلاڪ ليٽ آهي يعني هاڻ ساڍي يارهين بدران رات جو ڏيڍ بجي ويندي. اهو ٻڌي يقين ئي نه پيو اچي. شام جو اٺين بجي ڌاري ايئرپورٽ فون ڪيم ته جيڪر اها خبر غلط هجي ته ان ئي وقت نڪري پوان. پر ايئرپورٽ وارن به ان جي تصديق ڪئي بلڪه ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ اڃان به وڌيڪ ليٽ آهي ۽ ڪراچي مان ٻي بجي نڪرندي. يعني 3 ڪلاڪ کن اڳ پهچڻ لاءِ گهران يارهين کان اڳ نڪران. ٻئي ڏينهن ڪراچي ۾ هڙتال جو اعلان هو. اهي ئي افواهه هئا ته رات کان ٽرئفڪ بند ڪرائي ويندي. آئون بئگ ۽ ٿيلهو کڻي نڪري پيس. دل ۾ چيم رستا بند ٿين يا نه ايئرپورٽ تي ته پهچي وڃان.
ايئرپورٽ يا هوائي جهاز ۾ گهڻو وقت ترسڻ تي ڪيترا ماڻهو بور ٿيندا آهن پر منهنجي لاءِ اهو بهترين وقت هوندو آهي. ايئرپورٽ تي سڪون ۽ ڪو ڊسٽرب ڪرڻ وارو نه هجڻ ڪري آئون ڪيتريون منجهيل ڳالهيون/يادگيريون سلجهائي، ڪاغذ تي ويٺو لکندو آهيان. ان ڪم لاءِ پنا، پين ۽ پيپر هولڊر هميشه گڏ رکندو آهيان. ڇهه مهينا فيلڊ ٽرپ ۾ ناروي ۽ سئيڊن جي اتراهن بندرگاهن ۾ هوائي جهاز رستي اچڻ وڃڻ دوران، خراب موسم ۾ ڪيترائي دفعا اڏامون 24 ڪلاڪ به delay ٿيون هونديون، پر مون کي هميشه خوشي ٿيندي هئي جو هوائي اڏي تي پنهنجو شوق پورو ڪرڻ جو موقعو ملندو هو، يعني ڪنهن پراڻي سفر جون ڳالهيون لکڻ لاءِ ماٺ مٺوڙو حاصل ٿيندو هو.
ڪراچيءَ ۾ ٻئي ڏينهن ٿيندڙ هڙتال جي ڊپ ۾ رستا ڪافي حد تائين سنسان هئا. گهر کان ايئرپورٽ اڌ ڪلاڪ اندر پهچي ويس پر ڪسٽمس، بورڊنگ ڪارڊ، اميگريشن جون منزلون پوريون ڪري انتظار گاهه تائين پهچڻ ۾ ڪافي ٽائيم لڳي ويو. جتي ڪٿي ڪافي ڊگهي قطار هئي. ڊيوٽي ڪندڙ عملو گهٽ هو يا سست هو. هڪ هنڌ انٽيليجنس وارا بيٺل هئا تن مون کي اشاري سان سڏيو ۽ بئگ کولڻ لاءِ چيو. آئون سمجهي ويس ته هي منهنجي ڏاڙهيءَ ڪري شڪيا آهن ته ڪو دهشتگرد آهيان.
هڪ دفعي ملائيشيا کان سنگاپور ٽوئرسٽ بس ۾ ويندي بارڊر تي پوليس منهنجي هٿ ۾ سائو پاڪستاني پاسپورٽ ڏسي کڻي روڪيو ته تنهنجي چيڪنگ ڪنداسين. انهن ۾ موجود هڪ ملئي آفيسر کان ملئي ۾ پڇيم ته خير ته آهي. ظاهر آهي مون سان گڏ چاليهه کن ٻين ملڪن جا مرد ۽ عورتون هيون انهن مان ته ڪنهن کي به نه روڪيائون. هي ته اهو ئي ڪم ٿيو ته ’ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻئي جو کولو ڳرو.‘ ملئي آفيسر آهستي چيو ”چِگو (ماستر صاحب)! تنهنجي ڏاڙهي ڏسي ڀليا آهن.“ سو انٽيليجنس وارن جو به ڪڏهن ڪڏهن عقل گاهه چرڻ وڃي ٿو. هاڻ ڏاڙهي ته ڪا اهڙي شيءِ آهي ڪا نه جنهن ۾ ڪو بندوق يا بم لڪائي هلي.
هڪ مولوي صاحب جي سائيڪل جي بريڪ خراب هجڻ ڪري هن جي سائيڪل وڃي ڪنهن عورت کي لڳي. عورت رڙ ڪري چيس ”شرم ڪر ماريا! هيڏي وڏي ڏاڙهي هوندي به سائيڪل کڻي هنئي اٿئي.“
سائيڪل کي سڌو ڪندي مولوي وراڻيس: ”مئڊم ڏاڙهي ڪا بريڪ ته نه آهي جنهن سان سائيڪل کي بيهاري سگهان؟“
سو اسان جا انٽيليجنس وارا به رڳو ڏاڙهيءَ کي ڏوهه ڏيو ويٺا آهن. پر ڇا ڪجي اسان جي ملڪ جي ڪجهه ملن مولوين جا ڪم به ته اهڙا آهن جنهن ڪري سڀني جو نالو بدنام ٿي ويو آهي. اسان جي بازارين ۾ ڪيترا واپاري خاص ڪري سونارا ۽ ڪپڙي جا دڪاندار فقط ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ ۽ ٺڳڻ لاءِ وڏي ڏاڙهي رکرائيندا يا زوريءَ پاڻ کي حاجي يا الحاج سڏرائيندا. جيتوڻيڪ سعودي عرب يا ملائيشيا پاسي هر مسلمان حج ڪري ٿو پر هو ته پاڻ کي حاجي سڏرائي اشتهار بازي نٿا ڪن. اهو وهنوار فقط اسان وٽ آهي.
ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان وٽ اهڙيون باحرمت شيون ۽ لقب به شڪ جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. ايتريقدر جو جڏهن سعودي عرب جي هڪ ڪسٽم آفيسر کي اهو چيم ته ”توهان گهٽ ۾ گهٽ اسانجي ملڪ جي حاجين سان ته سختي نه ڪريو“، ته هن وراڻيو ته ڇا ڪريون توهانجي ملڪ جا نه فقط حاجي مرد عورتون به چرس جي سمگلنگ ڪندي پڪڙيون ويون آهن.
بهرحال ڪراچي ايئرپورٽ تي انٽيليجنس جي آفيسر جي حڪم تي، بي دليءَ سان پنهنجي بئگ کوليم. بي دليءَ سان ان ڪري جو مون کي خبر هئي ته بئگ مان سامان ڪڍڻ بعد وري ساڳي سامان کي بئگ ۾ سموئڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. گهر ۾ ته هڪ هڪ شيءِ کي آرام سان سيٽ ڪري رکجي ٿو پر ههڙي چيڪنگ ۾ جتي تڪڙ لڳل رهي ٿي، جلدي ۾ سامان سيٽ ڪرڻ سولو ڪم ناهي. پر حق جي ڳالهه ڪبي ته هنن همراهن منهنجي بئگ نه فقط مٿي کڻائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي پر چيڪنگ بعد سامان سيٽ ڪري رکائڻ ۾ پڻ. ڪراچي جا ڪسٽم ۽ اميگريشن وارا هاڻ مڙيئي فضيلت سان ڳالهائين ٿا نه ته ڏهه سال کن اڳ تائين، ڪنهن مسافر سان سٺي طرح ڳالهائڻ جو اسان وٽ فئشن نه هو.
اميگريشن وقت هڪ نوجوان آفيسر اچي مليو. ”سائين توهان الطاف شيخ آهيو؟“ سندس قميص تي لڳل ٽئگ تي انگريزي ۾ قادري لکيل هو. ”توهان پڪ لاڙڪاڻي جا هوندائو يا حيدرآباد جا“ مون چيومانس.
”ڪيئن ٿا چئو؟“ هن پڇيو.
”بس يار آئون جيڪي ٽي قادري سڃاڻان ٿو اهي اتي جا آهن.سائين اياز قادري، ٻيو اسان جو پيٽارو جو ٽيچر پروفيسر مدد علي قادري ۽ ٽيون سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو محمد علي قادري.“مون کلندي ٻڌايومانس. هن ٻڌايو ته سائين مدد علي هن جو مائٽ آهي ۽ هو پاڻ به اديب آهي يا ادب جو شوق رکي ٿو ۽ هن ڪيترائي ڪتاب پڙهيا آهن. هن جي چهري مان صاف ظاهر پئي ٿيو ته هن کي مون سان ملي خوشي ٿي آهي. پنهنجن آفيسرن سان به منهنجي لاءِ وڏا لقب استعمال ڪري تعارف ڪرائڻ لڳو ۽ منهنجو جلدي جلدي پاسپورٽ ۽ بورڊنگ ڪارڊ چيڪ ڪرائي مون کي يڪدم آجو ڪرايائين. دل ۾ چيم ته ”ڪٿي ڪٿي“ اسان سنڌي اديبن جي به مڙيئي ”ڪجهه ڪجهه“ لئه ٿيو وڃي. وڏا انعام اڪرام کڻي نٿا ملن پر ههڙا قرب ۽ عزتون ته مليو وڃن! افسوس جو هڻ وٺ ۽ ٿڪ ۾ هن صاحب جو سڄو نالو نوٽ ڪري نه سگهيس.
بورڊنگ ڪارڊ تي گيٽ نمبر 25 لکيل هو جتي پهچي ايئرپورٽ جي عملي کان پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيم ته جواب مليو ته ”اڃان اڏام جي ئي پڪ ناهي ان ڪري اڃان ڪو Gate مقرر نه ٿيو آهي.“ بهرحال اڃان ڏهه ڪي مس ٿيا هئا. ٻي بجي تائين ته ڪو آسرو نه هو سو هڪ اهڙي هنڌ تي اچي ويٺس جتان دل چاهي ته سامهون ٽي وي به ڏسي سگهجي. في الحال پنا ۽ پين ڪڍي لکڻ ۾ لڳي ويس. رکي رکي ڪنهن کي فون ٿي ڪيم يا ايندڙ فون جو جواب ٿي ڏنم. ملائيشيا ۽ اسان جي وقت ۾ ٽن ڪلاڪن جو فرق هجڻ ڪري اهو اندازو لڳايم ته غلام علي سولنگي، جنهن کي اسان فقط ”علي“ جي نالي سان سڏيون ٿا، پڪ سمهي رهيو هوندو جو اتي رات جو ڏيڍ ٿي چڪو هوندو. ان ڪري فون ڪري هن کي پنهنجي اڏام جي delay جو ٻڌائڻ مناسب نه هو. سو ساڻس فون تي ڳالهائڻ بدران، ميسيج ڪيو ته فلائيٽ اڍائي ڪلاڪ ليٽ آهي. هو اڃان ڪو جاڳي رهيو هو سو يڪدم جواب موڪليائين ته مڙيئي خير آهي. هو منهنجو ڪئالالمپور (ڪي. ايل) سينٽرل اسٽيشن تي انتظار ڪندو.
ڪجه ڏينهن اڳ، عليءَ وٽ رهڻ جو پروگرام فائنل ڪرڻ کان پهرين هڪ دفعو مون وري به عليءَ کان بي تڪلف ٿي پڇيو هو ته ”علي جيڪڏهن منهنجي اچڻ ڪري تنهنجي روٽين ڊسٽرب ٿي ٿئي ته فرئنڪلي ٻڌاءِ.“ پر هن هر وقت وڏي دل سان چيو ٿي ته ”سائين مون وٽ چار پنج ڏينهن ته ڇا پر چار پنج سال به رهندائو ته به مون کي خوشي ٿيندي.“ بهرحال مون پنهنجو پاڻ کي هڪ دفعو وري به مطمئن ڪرڻ خاطر پنهنجي سفير دوست ظفر شيخ کي فون ڪيو. ظفر ۽ منهنجو هڪ ئي دور ۾ جپان ۾ ست اٺ سال ملڻ جلڻ رهيو، جڏهن هو ستر واري ڏهي ۾ فارين سروس Join ڪري، ٽوڪيو جي پاڪستان ايمبسي ۾ آيو هو. ان بعد اسان ڌار ڌار ملڪن ۾ رهياسين پر جڏهن ملائيشيا ۾ منهنجو رهڻ ٿيو ته مون هن کي ملائيشيا بدلي ڪرائي اچڻ يا ٺلهو گهمڻ لاءِ اچي مون وٽ رهڻ لاءِ ڏاڍو چيو ۽ هن کي به ملائيشيا ڏسڻ جو ايڏو شوق هوندو هو جو آئون ملائيشيا ڇڏي ويس ته به هو هر سال ملائيشيا گهمڻ جو پروگرام ٺاهيندو رهيو. هو جرمني، الجيريا ۽ آخر ۾ مصر ۽ سوڊان جو سفير ٿيو ۽ 60 سال جي عمر تي پهچي، رٽائرڊ ٿيڻ کي به اچي ٻه سال ٿيا اٿس. گذريل سال، ظفر ملائيشيا گهمڻ جو اوچتو پروگرام ٺاهيو ۽ مون کان پڇيائين ته ”ڪو سڃاڻو هجي ته ان کي پارت ڪر ته آئون ان سان وڃي ملان.“ مون کيس ٻڌايو ته علي اهڙو ماڻهو آهي جيڪو نه فقط سڄي ملائيشيا کان واقف آهي پر قاعدي قانون جو به ڄاڻو آهي. جڏهن ظفر موٽيو ته هو خوش هو. مون کي وري ٽائيم نه ملي سگهيو جو کانئس تفصيلي خبر چار وٺي سگهان پر هاڻ جڏهن منهنجو علي وٽ رهڻ جو پروگرام ٺهيو ته مون ظفر کي فون ڪري پنهنجي دل جو حال اوريو ته منهنجو هن وٽ رهڻ تڪليف ده ته ثابت نه ٿيندو؟
”يار ڪمال ٿو ڪرين“، ظفر چيو. ”منهنجي هن سان پهرين جي ڪا ڄاڻ سڃاڻ نه هئي، تنهنجي ريفرنس سان آئون هن وٽ 26 ڏينهن رهي آيس.“
ظفر ٻڌايو ته هن جو گهر هيٺ مٿي آهي. زال مڙس کان علاوه سندس ڀاءُ ۽ ڀاڻيجو به رهي ٿو. ”توکي الڳ ٿلڳ مٿين ٽن ڪمرن مان هڪ ڏئي ڇڏيندو، باقي هن وٽ ايئرڪنڊيشنر ناهي.“
”ان جي پرواهه ناهي“، مون چيومانس، ”اسان جهاز جي انجڻ روم جا عادي ڪراچيءَ ۾ به ايئرڪنڊيشنر استعمال نه ڪندا آهيون.“
”يار ڳالهه اها آهي ته مون کي ايئرڪنڊيشنر بنا ننڊ نه ايندي آهي خاص ڪري خط استوائي ملڪن ۾ جتي مينهن پوي ته ڪجهه ڪلاڪ ٿڌڪار نه ته وري ساڳي گرمي“، ظفر چيو، ”سو مون ته اهو سوچيو ته عليءَ وٽ هڪ رات ٽڪي پوءِ هوٽل ۾ وڃي رهندس پر سچ ته عليءَ جو خلوص ڏسي آئون باقي ڏينهن به ان وٽ رهي پيس.“