مهاڳ
دُنيا جي ٻين قومن ۽ ملڪن جا ماڻهو به انهن ڳڻتين ۽ مصيبتن کان بنهه آجا ڪونهن. ڪي ڪهڙي ۾، تاريخ پڙهي ڏسجي ٿي ته اڳين زمانن ۾ ماڻهو، قومون ۽ عوام اڄ کان اڃان به وڌيڪ مُصيبتن ۾ مُبتلا هئا.
ڪي ماڻهو چون ٿا ته اهو اسان جو مقدر آهي. اتفاق سان ڪنهن جو ڪو بخت وري پوي يا ڪنهن ڀلاري جي دُعا سان ڪا ڪرامت ٿي پوي ته ٻي ڳالهه آهي. نه ته انسان ويچاري جو مقدر ئي ڏک آهي. اهڙين دُعائن ۽ ڪرامتن جي برڪت سان ماڻهن تان مصيبت لهڻ ، سندسن بختن ورڻ جا سوين ، هزارين ، لکين قصا ڪهاڻيون مشهور آهن. ڪي ماڻهو دُعائن ۽ ڪرامتن بدران وري پنهنجي ذاتي ڪوششن تي ڀاڙين ٿا. هو پنهنجي محنت، اٽڪل، چالاڪي ۽ ڪن ڪن حالتن ۾ ته ٺڳي، دغا ، دوالاب، بي رحمي، ظلم يا دلاليءَ مان پنهنجي انفراديءَ ۽ ذاتي حالت بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پر ڪي ماڻهو بنهه عجيب و غريب ٿيندا آهن. اهي دعا توڙي محنت يا ٺڳي ۽ بدمعاشي ذريعي يا خانداني حالت بهتر بنائڻ کي ڪا اهميت ئي نه ڏيندا آهن. هو پنهنجن انفرادي،ذّاتي ۽ خانداني معاملن کي نظرانداز ڪري، اهڙين ڳالهين ۽ مسئلن بابت سوچيندا آهن ۽ انهن جا حل ڳوليندا آهن، جيڪي هڪڙي ماڻهو ، ٽولي، قبيلي يا قوم جا انفرادي مسئلا نه پر سمورن انسانن جا گڏيل ۽ دائمي مسئلا هوندا آهن. منجهائن ڪي ماڻهو ته مُرڳو اهڙين ڳالهين ۽ اهڙن مسئلن جا حل ڳوليندا آهن، جن جو سڌو ۽ فوري طرح واسطو سندن ذات، گهر، قبيلي، قوم يا ملڪ سان ته ٺهيو پر ان وقت ۽ انهن حالتن ۾ مجموعي طرح سموري انسان ذات سان ئي ڪونه هوندو آهي يا گهٽ ۾ گھٽ ان وقت نظر ڪونه ايندو آهي. اهڙي قسم جا ماڻهو هن قسم جا هوائي ۽ خفقاني سوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڌرتي چوڪنڊي آهي، مسطيل يا گول آهي ؟ چنڊ گهڻو پنڌ پري آهي ؟ سج بيٺو آهي يا هلي پيو؟ ڪائنات ڪڏهن پيدا ٿي ۽ ڇو وغيره.
ا هڙن ماڻهن کي سائنسدان چئبو آهي. جيئن ولين ۽ پيرن جي غير معمولي ڳالهين کي ڪرامتون سڏجي ٿو. تيئن سائنسدان جي کوجنائن کي به هڪڙي خاص ۽ محدود معنيٰ ۾ انساني ڪرامتون سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
پيرن ۽ ولين جي ڪرامتن جا قصا ۽ داستان تاريخ جي هر دور ۾ هر زماني ۾ مشهور رهيا آهن. سنڌ جا درويش جا ديس ته خدا جي فضل ۽ ڪرم سان هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر پاڙي ۾ پنهنجو پنهنجو الڳ ڪاني ڪرامت جو صاحب رکن ٿا. انهن برڪتن ۽ ڀلاين، ڪانين ۽ ڪرامتن جو ڀلارو قصو تمام ڊگهو ۽ اڻ کُٽ آهي. انهن ڪرامتن سان ٽڪر هڻڻ جي ڪوشش ڪير ڪري.
پر جيڪڏهن روحاني ۽ غيبي قوتن جي طاقت جي ڪرشمي کي هڪ طرف پاسيرو ڪري عقيدي ۽ مذهب جي ڳالهه کي پنهنجي جاءِ تي رکي، دُنيا تي نظر وجهجي ته پوءِ انصاف روءَ اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي ته سائنسدان جي عقل، عمل ۽ تجربي جي کوجنائن هن دُنيا ۾ جيڪي تبديليون آنديون آهن. سي ڪنهن به وليءَ، پير يا مذهبن وارن پنهنجي پنهنجي مذهب ۽ عقيدي جي پيرن، فقيرن ۽ ولين جي ڪاني ڪرامت بابت جيڪي دعوائون ڪيون آهن. سي سڀ جيڪڏهن سچيون ڪري مڃجن ته به ڪي ڪي سائنسي کوجنائون ايڏيون ته حيرت انگيز آهن ۽ انهن جو اثر انسان ذات تي ايڏو ته اُٿاهه پيو آهي جو ڪنهن هڪڙي رُشيِءَ، مُنيءَ، پادريءَ، وليءَ يا پير جي ڪنهن به هڪڙي ڪرامت ته ڇڏيو پر سڀني سڳورن جون سڀ ڪانيون ڪرامتون هڪڙي پاسي ته ڪنهن هڪڙي سائنسدان جي کوجنا ۽ اُن جو اثر ٻئي پاسي ! ڀلا ويچارته ڪريو ڪهڙي رُشيءَ، مُنيءَ، پير يا فقير جي ڪرامت ريڊيي ، ٽيليويزن، ٽيليفون، هوائي جهاز، ايڪسري، ڪونين ، پينسلين، چنڊ تي پهچڻ، سمنڊ جي تري مان تيل ڪڍڻ، ڪروڙن ميلن تان فوٽا ڪڍڻ، ستارن جي گردش جا صحيح انگ اکر ٻُڌائڻ، هزارين ميلن تي راڪيٽ صحيح نشاني تي ڦٽو ڪري سگھڻ جهڙا ڪم ڪري سگهي آهي؟ اڃا ته ڪونه ٻُڌو سُئو آهي، بنا ڪنهن تعويذ ڦيڻي جي، بنا ڪنهن ڏهي چاليهي ڪڍڻ، بنا ڪنهن اڇي يا ڪاري ڪڪڙ ڪهڻ جي، فقط هڪڙي بٽڻ دٻائڻ سان، ڪنهن پنجاهه يا سو سال اڳ مُئل ماڻهوءَ يا پنج هزار سال ميل پري ويٺل ماڻهوءَ جو آواز جڏهن کپي تڏهن ٻُڌرائي سگهي؛ يا مُرڳو سندس هوبهو تصوير اکين اڳيان آڻي بيهاري کيس هلرائي، چلرائي ، ڳالهرائي، ٻولرائي ڏيکاري جيئن ٽيليفون، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ سئنيما وارا ڪن ٿا. عيبدار ۽ گنهگار انسانن جي عقل جون هزارين، لکين ڪرامتون اهڙيون آهن، جن جهڙي ڪرامت ڪنهن پير فقير هٿان ٿيڻ جو ماڻهو سوچي به نٿو سگهي.
انساني عقل جي انهن ايجادن، ڪرامتن ۽ معجزن انسان کي هڪڙي ڪمزور، بي پهچ ۽ اکين هوندي انڌي جانور مان ڦيرائي زمينن ۽ آسمانن جو ۽ ذّري گهٽ فطرت جو مالڪ بنائي وڌو آهي. هي جو صوفي سڳورا چوندا آهن ته انسان خدا جو جلوو آهي . هم اوست “ سڀ پُنهون پاڻ آهي” . ڪونهي ٻيو ٻروچ ري، يا هي جو سچل سائين چيو آهي ته “الله الله ڇو ڪرين پاڻ ئي الله ڄاڻ” اُهي عقيدا جيڪڏهن سچا ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ جيتري به حد تائين ثابت ٿي سگهن ٿا ته اهي اڄ به ان حد تائين ڄڻ اسان جي اکين اڳيان ثابت پيا ٿين. اڄوڪو انسان ڄڻ ته سچ پچ پُنهون پاڻ ٿي پيو آهي.
اڄ مجموعي طور انسان کي جيڪا ڄاڻ آهي، وٽس جيڪو هُنر، فن ۽ تجربو آهي. منجهس جيڪي ڳولا، جاچ، تخليق، کوجنا ۽ ايجاد ڪرڻ جون صلاحيتون پيدا ٿي چُڪيون آهن، تن جي زور تي هو اڄوڪي انسان ذات جو هر هڪ مسئلو ۽ سڀ فوري مُشڪلاتون دور ڪري سگهي ٿو. اُنهن صلاحيتن جي هوندي، ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ جو هن ڌرتيءَ جي ٽڪري تي هڪڙو به ڏينهن بُکيو رهڻ، بيمار رهڻ، اجهي ۽ لٽي بنا رهڻ، خوف ۽ دهشت جو شڪار هجڻ، هرگز هرگز لازم ناهي. اڄ انساني ذهن جي برڪتن ۽ تخليقن سبب هيءَ ڌرتي پنهنجي هر پُٽ ۽ هر ڌيءَ ، هر ٻار ۽ هر ٻُڍي جي سمورين جائز گهرجن جي پورائي ڪري سگهي ٿي. اڄ انسان ذات اُن منزل تي پهچي وئي آهي، جتي صدين جون تمنائون ۽ هزارين سالن جا خواب پورا ٿي سگهن ٿا. شاعرن، اديبن، فيلسوفن ٻين سمورن نيڪ نيت انسانن، انسانن جي ڀلائي، بهبودي ۽ ترقيءَ جا جيڪي خيالي ٻيٽ ۽ تصوراتي جنتون پنهنجي ذهنن ۾ ٺاهيون هُيون، اهي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ حقيقت جو روپ اختيار ڪري سگهن ٿيون.
پر اڄ هن ڌرتيءَ تي هزارين سال جيئڻ ۽ مرڻ، مرڻ ۽ جيئڻ، پورهيا ڪرڻ ، سوچڻ، سمجهڻ، ڳولڻ، خلقڻ کانپوءِ به انسان ٿُلهي ليکي ڄڻ ته اُتي ئي آهي جتي هو هزارين سال اڳ هو. اڄ به ڌرتيءَ جي وڏي اڪثريت بُکي آهي، بيمار آهي، اڻ پڙهيل آهي، غلام آهي، وهمن، وسوسن، انديشن، تعصبن ۽ نفرتن جو شڪار آهي. اڄ به فطرت ۽ هن ڌرتيءَ جون نوانوي سيڪڙو قوتون، طاقتون ۽ وسيلا يا ته ڪنهن به ڪم ۾ نٿيون اچن يا ته اُنهن جو ڳچ حصو زيان ٿي وڃي ٿو. ڪن حالتن ۾ اُنهن قوتن، طاقتن ۽ وسيلن جو وڏو حصو اٽلو انسان ذات جي وڏي گهڻائيءَ خلاف استعمال ٿئي ٿو. انساني عقل جا بهترين ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڪرشما جهڙوڪ؛ ايٽمي طاقت جو راز هٿ اچڻ وغيره. جن تي انسان کي ناز هُئڻ گهرجي ۽ جيڪي انسان ذات جي ابدي ڇوٽڪاري ۽ نجات جا وسيلا ٿي سگهن ٿا ۽ صدين ۽ هزارين سالن جون ڪسرون پوريون ڪري سگهن ٿا. سي عام انسان لاءِ ڦري هيبت ناڪ ويري ۽ دُشمن ٺهي پيا آهن.
سيئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاڻان ! ڇو ؟ ڪي چون ٿا ته “مُصيبتون، ڏک ۽ ناڪاميون انسانن جو مقدر آهي. انسان کڻي ڇا به ڪري ته به پنهنجي اُنهي مقدر کان بچي نٿو سگهي. سُهڻي لطيف ماڻهن جي اُنهيءَ عقيدي کي هنن لفظن سان بيان ڪيو آهي؛
توڻي هلين تڪڙو، توڻي هلين وک، ته به لکئي منجهان لِکَ ذرو ضايع نه ٿئي !
ڪن جو چوڻ آهي ته “ درحقيقت انسان کي هن ڌرتيءَ تي خوش رهڻ جي ضرورت ئي ناهي. هيءِ ڌرتي ته ٿڪ ڀڃڻ جي جڳهه آهي. سراءِ ۽ مسافرخانو آهي. هتي خوش رهي ڇا ڪبو؟ خوش رهڻ جي منزل ته اڳتي آهي، جتي ابديت آهي، بقا آهي، فنا سان ڪهڙيون مائٽيون ۽ ڪهڙا لاڳاپا؟”
انسان ذات جي هاڻوڪي گڏيل بدقسمتي ۽ مصيبت جي سمجهاڻي کڻي ڪهڙي به ڏجي پر انسان ذات يا گهٽ ۾ گھٽ ان جي وڏي ۾ وڏي گهڻائي هوندي سوندي ويل ۽ عذاب ۾ آهي، انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ انسان ذات کي صدين کان ڪو ڳجهو ۽ دائمي مرض لڳل آهي. جنهن مان سندس جند ئي نٿي ڇُٽي. اُن موذي مرض جو ذڪر مون هڪڙي ٻئي ڪتاب* ۾ هن ريت ڪيو آهي:
سموري انسان ذات کي روز ازل کان وٺي هڪڙو موذي مرض لڳل آهي. جنهن سبب انسان ذات ڄڻ ڄائي ڄم کان لولي لنگڙي ۽ جڏي ٿي پيئي آهي.
عام انسانن جي حياتي زهر آهي. هو ڄڻ ته جيئري ئي مُئا پيا آهن. اهو مرض آهي، اهو بي انصافيءَ ۽ ظلم وارو سماجي چرخو جنهن ۾ خان کُٽن ۽ کوليرا کائين ٿا.
هر دور ۽ هر زماني ۾ هڪڙي پاسي لکين ڪروڙين انسان پورهيو ڪندا، اٰن اُپائيندا، کُٽندا، ڪمائيندا ۽ ٺاهيندا ۽ جوڙيندا رهيا آهن
• پڙهجو رسول بخش پليجي جو لکيل ڪتاب “لينن” جو پهريون باب
۽ ان هوندي به سدائين بُکيا، ڏُکيا، هيڻا، اٻوجهه، اڻ ڄاڻ، بي زبان، بيوس، ماريل، پيڙهيل، هيسيل ۽ ڊنل رهندا آيا آهن ته ٻئي پاسي ڪي اٽي ۾ لوڻ جيترا تمام ٿورڙا ماڻهو ٿين ٿا جي ڪروڙن ماڻهن جي کٽي ڪمائي، ظلم زبردستيءَ، ٺڳي ۽ دولاب سان کانئن کسيو وٺن ٿا. اُن مان هڪڙو پاڻ جاوا ڪن ٿا ۽ ٻيو پنهنجن ڇاڙتن کي پالين ۽ کارائين ٿا، ٽيو ڦڏن، فسادن ۽ جهيڙن جنگين ۾ زيان ڪري ڇڏين ٿا.
دور بدلجندا رهن ٿا. هڪڙي دور ۾ اهي گهڻي کاٽائو غلام آهن ۽ ٿورا ڦورو ۽ زيان خور سندن مالڪ ٻئي دور ۾ گهڻا هاري آهن ته ٿورڙا وڏيرا، زميندار، جاگيردار ۽ سردار. ٽئين دور ۾ گهڻا مزور ٿين ٿا ۽ ٿورڙا واپاري، مل مالڪ ۽ سرمائيدار پر ورهاست جو دستور هر دور ۾ ساڳيو رهندو آيو آهي. يعني زبردست گهڻائي کي پتيءَ ۾ بک، ڏک، بيماري، جهالت، ظلم، زبردستي، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ملي ٿو ۽ ٿورڙن کي مال ملڪيت، چڱڀلائي، عيش ، عشرت، علم، طاقت ۽ حڪومت ملن ٿيون. مطلب ته سواءِ ڪن تمام ٿورڙن داديگيرن ۽ ٺڳن جي ٻيا سڀ انسان جا بچڙا هر دور ۽ هر زماني ۾ ڏهاڳي ۽ ڏکويل رهيا آهن. اهو دستور هزاررين نسلن کان هليو اچي، وقت بدلبو رهي ٿو. هڪڙا آيا، ٻيا ويا، هڪڙيون حڪومتون ، سلطنتون ۽ تهذيبون ٺهيون ٻيون ڦٽيون. لکين پير ۽ فقير ساڌو ۽ صوفي ، عارف ۽ سالڪ، ولي ۽ قلندر، قطب ۽ غوث ، امام ۽ اوتار ، نبي ۽ رسول آيا، ملائڪ سڳورا ڀلارا نياپا کڻي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ پنهنجا نوراني پرڙا ڦڙڪائيندا رهيا، وقت بوقت رهبري ۽ هدايت جا نوان واهڙ وهي ٿي هليا. حقيقت ۽ معرفت جا نوان درياهه پلٽي ٿي پيا. ٿرن، برن، وادين ۽ جبلن ۾ آسماني وايون گونجڻ لڳيون. هر ڀيري چوطرف کيرون مُبارڪون هلي ٿي ويون ته “هاڻ دنيا جو چرخو اڳوڻي نموني نه هلندو، هاڻ ڦرلٽ جو نظام ختم ٿي ويندو” حقدارن کي حق ملندو، ڦورن ۽ ڌاڙيلن کي ظلم زبردستي ڪرڻ نه ڏني ويندي. پر ظلم جو دستور نه بدليو سو نه بدليو. وڏا وڏا عاشق، شاعر، اديب ۽ فنڪار پيدا ٿيا. حسن ۽ عشق جا لافاني داستان ڄاوا. ادب ۽ فن جا اَبدي تاج محل اڏيا. دُنيا کي سونهن ۽ سڪ، سچائي ۽ خلوص، پيار ۽ وفا جا سبق مليا. وڏا وڏا عالم،فيلسوف، تاريخ جا ڄاڻو، سائنسدان کوجنائون ڪندڙ آيا. علم جا سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳا. ڏاهپ ۽ حڪمت جا موتي مُٺين ورهائجڻ لڳا. انسان جي ڪهاڻي الف کان ي تائين بيان ٿيڻ لڳي. فطرت جا سوين هزارين گونگهٽ هڪ هڪ ٿي لهڻ لڳا. باهه، پاڻي، وڄ، تارن، چنڊن، سجن، ڏينهن ۽ راتين، مُندن ۽ موسمن جا اسرار کُلي پيا. سمنڊ جا ترا ڇانڇوليا ويا. ڌرتيءَ کان سج تائين جا پنڌ ماپيا ويا. انسان اونڌو ڦيرو نه بدليو، ڪروڙين پورهيت خان کُٽندا رهيا ۽ بُکون مرندا رهيا. مُــٺ جيترا مفت خور کوليرا کائيندا ۽ خرمستيون ڪندا رهيا. مرضيل سماج جو مرض نه ويو. اُن پُراڻي مرض مان دنيا جا ويڄ ورچي ويا. ڏکن جي کوٽ ڪانه هُئي. صدين کان ڏاها ۽ طبيب ، ماڻهن کي ڇوٽڪاري جا قسمين قسمين ڏس ڏيندا رهيا. ڪن چيو ته نانگن ۽ ڀوتن ڪي پوڄا ڪريو ته اوهان تان دنيا جون آفتون ٽرن ! ڪن ديوين، ديوتائن جا ڏس ڏنا. ڪن چيو ته تپسيائون ڪري نفس ماريو! ڪن چيو ته اها به رب جي رضا آهي، قدرت جو قانون آهي، اهو ڪڏهن به ڪونه بدلجندو. اجايو پاڻ کي هلاک نه ڪريو. هن دُنيا کي مسافر خانو سمجهو.ان جو فڪر ڇڏيو. آخرت جي ڪريو! مطلب ته جيترا طبيب اوتر ڏس. ماڻهن هر ڏاهي جو ڏس آزمايو. هر ويڄ جي ٻُڪي پيتي. هنن سج، چنڊ ۽ تارن کي پوڄيو. هوا، باهه ۽ پاڻي کي پوڄيو. هنن جانورن ۽ نانگن کي پوڄيو. هنن پٿرن اڳيان سيس نمايو، هنن قبرن، مساڻن، ديولن، درگاهن ۽ خانقاهن جي خاڪ چٽي، ناٿ ۽ نانيون، ڪعبا ۽ ڪاشيون ڀيٽيون، هنن جوڳ پچايا، چاليها ڪڍيا، انگ ڀڀوٿ ڪيا، مڙهيون، مسجدون ، ديوليون، آشرم اڏيا ۽ وسايا، جهاديون ڪيون. پنهنجا جهُڳا جهڻ ڪيا، هڪ ٻئي کي ڪُٺائون، پنهنجا ٻچا ڪهايائون، اُن جي عيوض هُن دُنيا ۾ جنت جي جاءِ ملڻ جون خوشخبريون ٻُڌائون. پر هن ڌرتيءَ تي سندن پير نه ٽڪيا. هن ڌرتيءَ جا مالڪ اُهي ئي ٿورڙا مُٺ جيترڙا، غلامن جا آقا، وڏيرا، زميندار، سردار ۽ شاهوڪار رهيا. اُن دستور ۾ ڪو به فرق نه آيو.
هن زاريءَ کان سواءِ زور به آزمايو. هنن ڦورن ۽ ڌاڙيلن يعني آقائن، وڏيرن، زميندارن، سردارن، شاهوڪارن، بادشاهن، شهنشاهن، خليفن، قيصرن ۽ ڪسرائن خلاف هزارن لکلين ڀيرا بغاوتون ڪيون. هو گهاڻن ۾ پيڙهيا، سورين تي لٽڪيا، جيئري ئي کلون لهرايون، نانگن سان ڀريل کوهن ۾ اُڇلايا ويا. هنن ڇٽ پٽن سان هڻي ڇڏيا. بادشاهتون ۽ سلطنتون ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ڇڏيائون. هو ڪو نه ڪو جهنڊو کڻي، ڪنهن نه ڪنهن جي پويان، بحرن ۽ برن کي لتاڙي، دُنيا جي آخري ڇيڙي تائين وڃي پهتا. پر کين ڪجهه به وريو سريو ڪو نه. هر دفعي کين ٺڳيو ويو. استعمال ڪيو ويو. ڪم ڪڍي پوءِ پيرن هيٺيان چيڀاٽيو ويو. دُنيا جي چرخي جو اونڌو ۽ اُبتو ڦيرو اهو ئي هلندو رهيو. دُنيا جا سڀ ڀلارا ۽ نيڪ ماڻهو، پير، فقير، ولي، بزرگ، اوليا، اوتار، عالم، پنڊت، ڏاها، فيلسوف، شاعر، سائنسدان، سڌارڪ، انقلابي سورما ۽ سرويچ انهيءَ اونڌي چرخي کي سڌو ڪرڻ جي حسرت دل ۾ کڻي پنهنجي راهه رمي ويا. سماج ازل کان وٺي چهٽيل مرض ڪنهن به دوا داورنءَ سان دفع نه ٿي سگهيو آهي.
اهو موذي مرض مجموعي طرح اڄ به انسان ذات کي لڳل آهي. اڄ به اُن جو مڪمل علاج نه ٿي سگهيو آهي. پر تڏهن به فقط هڪ سئو سال اڳ جي دُنيا ۽ اڄ جي دُنيا جي وچ ڀيٽ ڪري ڏسجي ٿي ته زمين آسمان جو فرق نظر اچي ٿو. انهن هڪ سئو سالن ۾ ماڻهن، طبقن، ملڪن، قومن، بلڪه کنڊن جون قسمتون ذري گهٽ بدلجي ويون آهن. مثال طور:؛ هڪ سئو سال اڳي انگريز بهادر دُنيا جي برن ۽ بحرن جو مالڪ هو. سندس سلطنت جو سج لٿو ئي نٿي. اڄ انگريز سلطنت سُسي، سُڪي پنهنجي اصلوڪن ٻيٽن ۽ اُن جي ٻن ٽن ٻين علائقن تائين محدود ٿي وئي آهي. سئو سوا سال اڳي يورپي فوج“اڪ رانجها لکان دا مٽ” هوندي هُئي ۽ هڪڙي گوري پلٽڻ سان ديسي سپاهين جا ڪٽڪن ڪٽڪ ماري ختم ڪري ڇڏيندي هُئي. اڄ مُٺ جيترڙا بُکيا، اُگهاڙا، ڪارا، پيلا، آفريڪي ۽ ويٽنامي، عرب ۽ چيني هاري آمريڪا ۽ يورپ جي بهترين فوجن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ساڻو ڪري چُڪا آهن ۽ هو گيسيون ڪري جند ڇڏائڻ ۾ پورا آهن، اڄ عمل، جوش، جذبي ۽ تخليق جو مرڪز اولهه مان ڦري اوڀر طرف اچي رهيو آهي. اڳي ايشيائي ۽ آفريڪي ماڻهن لاءِ آمريڪا ۽ يورپ جي هر ڳالهه ڄڻ آسماني صحيفو هُئي. اڄ آمريڪا ۽ يورپ جا نوجوان نسل ايشيائي، ليٽن آمريڪي ۽ آفريڪي انقلابين جي نالي کي احترام ۽ ادب سان اُچارين ٿا ۽ سندن تصويرون کڻي مارچ ڪرڻ ۽ مُظاهرا ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. اڄ دُنيا جون ننڍڙيون مظلوم،هيسيل ۽ غلام قومون، دُنيا جي اجگرن ۽ ڏاڍن سان سينو ساهي کين گوڏن ڀر جُهڪائي رهيون آهن. دُنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ هڪ نئون انسان پيدا ٿي چُڪو آهي. هڪ نئون نظام اڏجي رهيو آهي. دُنيا ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا آهن، جتي انسانن جون سموريون صلاحيتون، انسانن جي ڀلائي لاءِ ڪتب اچن ٿيون. جتي ڌرتي کي بک، بي روزگاري، غلامي، خوف،ڏاڍ، ڏهڪاءُ کان پاڪ ڪيو ويو آهي. جتي ماڻهن ڏيهي ۽ پرڏيهي وڏيرن، سيٺين ۽ پرڏيهي غلام بڻائيندڙن جي ظالم جو راڄ جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو آهي. عام انسانن ، ٻارن، ٻُڍن، مردن ۽ عورتن اهڙيون اهڙيون قربانيون ڏنيون آهن. اُنهن اڳوڻي زماني جا وڏي ۾ وڏا جوڌا جوان، نيڪ کان نيڪ ۽ اعليٰ کان اعليٰ انسان ۽ قربانيءَ جا پُتلا به فخر بلڪه ريس ڪن ٿا.
اڄ دُنيا ۾ اُن بنيادي ڦير گھير ۽ انقلاب جي شروعات ٿي چُڪي آهي. جنهن ڦير گھير ۽ انقلاب لاءِ هو هزارين سالن کان واجهائيندو ۽ خواب ڏسندو رهيو آهي. ان جو مکيه ڪارڻ اهو آهي جو اڄ انسان ذات هزارين سالن جي تاريخ ۾ پهريون پنهنجي مجموعي تاريخ کي صحيح نموني پرکڻ ۽ پروڙڻ جا اوزار ۽ ڪسوٽيون ڳولي هٿ ڪري چُڪي آهي. اڄ جي دور ۾ انسان پنهنجي سماجي وجود جي راز جو انت ڳولي لڌو آهي. ان کان سواءِ هن اهو راز به ڳولي لڌو آهي ته انسان ذات جي گڏيل تقدير ڪيئن بدلائي سگهجي ٿي ۽ ڪير بدلائي سگهي ٿو. انسان ذات پنهنجي لاءِ موذي مرض جي سُڃاڻپ ڪري چُڪي آهي. ۽ ان جي علاج جي يڪ ٽڪ نسخي جي ڪرامت آهي جو اڄ دُنياجي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسان کي اهڙيون قومون ۽ ملڪ ملن ٿا جي يا ته چڱا ڀلا ۽ جان مڙد ٿي ويا آهن يا اچي بيمارين مان چڙهيا آهن ۽ ڄاڻ سڀني مرضن ۽ مصيبتن مان آزاد ٿيا. فلسطين، الجزائر، يمن، ڪوريا، ڪيوبا، ويٽنام، الباييه،چين، روس، ڪي اڳتي ڪي پوئتي، پر سڀ پنڌ ۾ آهن. سڀ آزاد ي، خوشحالي ۽ نجات جي منزل ڏانهن ڪاهيندا پيا وڃن.
انقلابي عمل جو اهو نئون سلسلو اتفاقي نموني خوش قسمتي سان سڪيءَ ۾ ٽُٻيون هڻڻ سان شروع ڪونه ٿيو آهي. اهو هڪڙي نئين انقلابي سوچ جي لاٽ جي روشنيءَ ۾ ٿيو آهي. نئين انقلابي سوچ جو اهو سلسلو هونئن ته هروڀرو ايترو نئون ڪونهي ۽ هزارين سالن کان نت نوان جنم وٺندو رهي ٿو. پراُن ۾ جيڪو هن دور ۾ خاص نئون وڏو ڇال آيو آهي، سو هڪ خاص نئين انقلابي سائنس آندو آهي. اُن نئين ۽ خاص سائنس جو سلسلو سڀ کان پهرين ٻن ماڻهن شروع ڪيو.“مارڪس ۽ اينجلس” هنن سڀ کان پهرين هڪڙي ننڍڙي ڪتابڙي سان شروعات ڪئي. اهو ڪتابڙو اوهان جي هٿن ۾ آهي. اهو اڳ به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي. پر هيستائين ههڙن ڪتابن جي ترجمي ۾ اڪثر رُڳو ثواب خاطر بيگر لاٿي وئي آهي. جنهن ڪري ريڪارڊ جي پورائي ٿيندي آهي. ٻيو ٿيو خير، هن ڀيري اها خاص ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اُن ۾ ڪو به اهڙو ڏکيو ۽ اوپرو لفظ ، جملو يا محاورو نه هجي، جنهن جي ڪري ماڻهو حيلا ڪري بيهي رهن ته به ٻي ڳالهه سمجهي سگهن، هي ڪتاب آهي ننڍڙو پر جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته تاريخي خيال کان اُن جو لفظ لفظ ڄڻ ايٽم بم آهي. اهو وحي يا قرآن ڪونهي.اُن ۾ سموري انقلابي سائنس جا اصول ۽ سڀ نُڪتا بيان ڪيل ناهن. ان جون ڪيتريون ڳالهيون زندگي ۽ تاريخ مدي خارج ثابت ڪيون آهن. ڪيترا نقطا اُن کان پوءِ بهترنموني بيان ڪيا ويا آهن، ڪيتريون اڳڪٿيون صحيح ثابت نه ٿيون آهن. پر مجموعي طرح هن ڪتابڙي ۾ انساني تاريخ جون اهڙيون وڏي ۾ وڏيون سماجي کوجنائون سمايل آهن. جن جي سماجي حيثيت ۽ اهميت ائٽمي نظريي جي آندل انقلاب کان به وڌيڪ بنيادي ۽ دائمي آهي.
ڪميونسٽ پڌرنامي انساني تاريخ جي رنگين ڊرامائي ۽ حيرت انگيز داستان جي سڀ کان رنگين ڊرامائي ۽ حيرت انگيز باب جي ڄڻ بسم الله ڪئي .
ان کان پوءِ انسانن جي گڏجي تقدير بدلائڻ بابت عظيم الشان ۽ لافاني تخليقون ڪيون ويون آهن. شعر، ناول، ڊراما،ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. انقلابي اقتصاديات، سياست،جنگ، جدوجهد، اڏاوت، اخلاقيات ۽ ٻين ڪيترن ئي زندگيءَ جي شعبن بابت شاندار ايجادون ، کوجنائون ۽ تخليقون پيش ٿيون آهن. ٿين پيون ۽ ٿينديون رهنديون پر اهڙي ڪا به تخليق، تصنيف يا سماجي کوجنا ڪانهي، جنهن جي راءِ يا ڏس پتو ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪميونسٽ پڌرنامي ۾ نه ڏنل هجي.
انساني عقل، انساني عمل جي پيداوار آهي پر جڏهن عمل مان عقل ٺهي پوي ٿو ۽ اهو عوام جي ذهنن ۾ گهر ڪري وڃي ٿو تڏهن اهو عقل خود عوام جو هٿيار بنجيو پوي . سندن عمل جي ڪايا پلٽيو ڇڏي ۽ سندن زندگين ۾ انقلاب آڻيو ڇڏي. اهڙي طرح عقل ڦريو عوامي عمل ٿيو پوي. دُنيا ۾ انساني هٿن جو لکيل اڄ تائين ڪو به اهڙو ڪتاب ڪونهي ، جنهن جي ڏسيل عقل انسان ذات جي گڏيل تقدير تي ڪميونسٽ پڌرنامي کان وڌيڪ اثر هجي ۽ اُن ۾ انقلاب آندو هُجي.هن ڪتاب جو موضوع اسان سنڌي ماڻهن لاءِ ڏُکيو ۽ اوپرو آهي. تنهن ڪري اُن جي پهرين پڙهڻيءَ ۾ اُن جي پوري تاريخي اهميت اسان تي ظاهر نه ٿئي ۽ اسان کي ڪو خاص مزو نه اچي ته اسان کي عجب نه کائڻ کپي. انساني تاريخ ۽ گڏيل انساني تقدير بابت جيڪي نظريا هن ڪتاب ۾ پيش ڪيا ويا آهن سي اسان لاءِ مڪمل طرح ڌاريا ۽ اوپرا آهن. انهن تائين پهچڻ لاءِ اسان کي پنهنجي سامراجي نصاب مطابق حاصل ڪيل تعليم جي سامراجي مفروضن کي وسارڻو پوندو يا درست ڪرڻو پوندو. اُن ۾ ڪافي دير لڳندي، ڪافي ذهني جاکوڙ ڪرڻي پوندي، پر ڪن ماڻهن وانگر ڪي ڪتاب ۽ ڪي علم به اهڙا هوندا آهن جن سان نه رُڳو سُڃاڻپ رکڻ يا دُعا سلام هُجڻ به وڏي ڳالهه آهي. لطيف سائين جي لفظن ۾ ائين چئجي:
“جي ماسو مليئي مال، ته پُوڄارا پُر ٿئين !”
جيڪڏهن هن ترجمي ڪري اسان جو سنڌي عوام انقلاب جي نئين سائنس جي رُڳو الف ¬_ب کان واقف ٿي پوي يا کين رُڳو اهو سماءُ پئجي وڃي ته اُن نالي ۽ اُنهن رنگن پارن واري ڪا “علمي ۽ عقلي بلا ” به ٿيندي آهي ته به چئبو اسان لک کٽيا. اهو تنهن کانسواءِ هرو ڀرو لازمي ناهي ته اسين فقط اهي شيون پڙهون جن سان اسين نوي سيڪڙو اتفاق ڪريون. مکيه ڳالهه اها آهي ته اسين دُنيا جي عظيم سائنسن ۽ سوچن جي طاقتور وهڪرن کان اهڙا اڻ واقف نه هجون جو ماڻهو پيا انهن بابت پاڻ ۾ ڳالهائين، بحث مباحثا ڪن ۽ هڪ ٻئي جا مٿا ڦاڙين ۽ اسين وات ڦاڙيو بيٺا هجون ۽ ويٺا سوچيون ته “ هي الائي ڪنهن جي بازار پئي لُٽجي” هيستائين ائين ٿيندو آيو آهي. هاڻي ائين ٿيڻ نه گهرجي. سنڌي قوم وڌيڪ اڻ ڄاڻ، جاهل ۽ ذّهني طرح بي هٿيار رهڻ جو جوکم کڻي نٿي سگهي، ههڙا ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو بنيادي سبب ۽ مقصد اهو ئي آهي.پڇاڙي ۾ باقي هڪڙي ڳالهه.
هي ڪتاب سوا سئو سال اڳ يورپ ۾ ۽ گهڻي قدر يورپ بابت لکيو ويو هو. اُن وقت يورپ سماجي ترقي جي واڌاري جي ان منزل تي هو، جنهن منزل تي پهچڻ لاءِ عام حالتن ۾ اسان کي سئو سو سال ٻيا به کپن. اسان جو ملڪ اڃان قبائلي سردارن ۽ وڏيرن جي راڄ واري دور ۾ ڦاٿل آهي. هي ڪتاب ان کان اڳتي جي يعني سرمائيدارن جي راڄ جي ڳالهه ٿو ڪري. عام حالتن ۾ قبائلي سردارن، وڏيرن ۽ زميندارن جي راڄ کان پوءِ لازمي طرح سرمائيدارن جي راڄ جو دور اچڻو آهي. عام حالتن ۾ اسان جي ملڪ کي ان سرمائيداري دور تائين پهچڻ لاءِ سوا سئو سال ٻيا به گهرجن.
ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ جن جي اڃا قبائلي وڏيرڪي نظام مان ئي جند نه ڇُٽي آهي. تن ۾ اُتان جا حاڪم طبقا اُنهي پروپئنگيڊا جي ڌم لڳايو بيٺا آهن ته“ اسان جي حڪومت ۾ رنڊڪ نه وجهو!” ڇڏيو ته ٻيو هڪڙو ڀيرو اوهان کي ڪارخانا لڳائي، ملڪ ترقي يافته بنائي ڏيون، پوءِ ڏسجو ويهي دنيا جا رنگ، اوهين پاڻ سڄي عمر پيا مزا ماڻيندا پر اوهان جا پويان به اوهان کي کايو دُعائون ڪندا.!’ جنهن ترقيءِ جون هو بشارتون پيا ڏين سا ترقي کي جيڪڏهن سچ پچ ٿي به کڻي ته اها ڇا جي ترقيءَ هوندي؟ اها هوندي وڏيرڪي نظام جي جاءِ تي سرمائيداري نظام قائم ڪرڻ ۽ ترقي ۽ وڏيرڪي ڦرلٽ ۽ غلامي سان گڏ يا ان بدران هيٺئين طبقي جي ڦرلٽ ۽ غلامي رواج پوڻ ۾ ترقي. اُن ترقي جي ڪري عوام لاءِ فقط ڦورو ۽ غلام بنائيندڙن جو انگ وڌندو ۽ هڪڙن ڦورن جي جاءِ ٻيا وٺندا ۽ ڦرلٽ ۽ غلامي جو نظام اهو ئي قائم رهندو. پر رُڳو اها سرمائيدارن واري ترقي اچي سا به ڪا سولي ڳالهه ڪانهي. اول ته انهن ملڪن جا حاڪم طبقا اڪثر وڏيري طبقي، قبائلي سردار، وڏيرا ۽ جاگيردار هوندا آهن. تنهنڪري اهي سرمائيداري به فقط اوتري آڻيندا ۽ آڻي سگهن ٿا. جيتري سرمائيداري سندن ڦورو ۽ ظالم وڏيرڪي راڄ جي اوگهڙ ڍڪي سگهي ۽ کين عوام جي غصي، بغاوت ۽ جڳ جهان جي خواريءَ کان بچائي سگهي. باقي ٻيو جيترو پهچي سگهندن اوترو مڪمل وڏيرڪو راڄ قائم ڪندا. اُن کي بچائيندا ۽ اُن ۾ واڌارو آڻيندا. اُن لاءِ جيڪي به اٽڪون، سٽڪلون، فريب، ڦندا ۽ مڪر ڪرڻا پين سي ڪندا. ٻيو ته هنن هڪ هٽي ۽ سامراج جي ڏاڪي واري سرمائيداري دور ۾ غريب ۽ پوئتي پيل ملڪ پوري دُنيا جا گبر سيٺيون، سر.مائيدار، دنير ٻلا ڪنهن ٻئي ننڍڙي سرمائيدار ٻلي کي ساهه کڻڻ ئي نٿا ڏين. ان هوندي به اسان جو سرمائيداري نظام سان ڪجهه نه ڪجهه واسطو آهي ۽ ڪافي وقت رهندو. ان ڪري اسان لاءِ اُن جي ڄاڻ لازمي آهي. وڏيرڪي نظام جي ڪُک مان سرمائيداري نظام ڪيئن ٿو پيدا ٿئي، ڇو ٿو پيدا ٿئي ، ڪهڙو طبقو دائي بنجي ان کي ڄڻائي ٿو؟ اهو نظام ڪهڙا رنگ ٿا ڪري، اُن جو پس و پيش انت ڪهڙو ايندو، ڪير آڻيندو، ڇو آڻيندو؟ انهن سوالن جا جواب هر سمجهو ماڻهو ۽ خاص ڪري مظلوم قوم جي هر وطن دوست لاءِ ڄاڻڻ ضروري آهي.
ڇو ته پوءِ ئي کين خبر پوندي ته سندس قوم جا حاڪم طبقا سندن قوم کي جنهن آئيندي طرف ڪاهيندا وڃن سو آئيندو حقيقت ۾ ڪهڙو آهي ۽ اُن کان بچڻ ۽ اُن کي بدلائڻ لاءِ عوام کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
اهي سڀ خبرون هن ڪتاب مان معلوم ٿينديون.
رسول بخش پليجو
جنرل ايڊيٽر
سنڌي عوامي ڪتاب گهر
حيدرآباد 01-01-1975