حضرت محمدﷺ جي سماجي زندگي
حضرت محمدﷺ جو دنيا ۾ مبعوث ٿيڻ تاريخ انسانيت جو هڪ رنگين باب آهي. پاڻ هادين ۽ مصلحين جي انهيءَ گروهه سان تعلق رکن ٿا، جيڪو قديم زماني کان خداپرستيءَ ۽ اخلاق جي تعليم ڏيئي رهيو هو. پاڻ سڳورن به اهائي تندتنواري. مگر سندن هي ڪارنامو تاريخ ۾ زنده آهي ته پاڻ خدا تي ايمان، اصول اخلاق ۽ عملي زندگي، ٽنهي کي ملائي، هڪ مڪمل نظام حيات ۽ مڪمل تهذيب ۽ تمدن جو نقشو دنيا آڏو آندو. حضور جن تهذيب ۽ تمدن جو نقشو دنيا آڏو آندو. حضور جن واضح طور تي ٻڌائي ڇڏيو ته فقط هڪ خدا تي ايمان آڻڻ مسلماني نه آهي. پر انهيءَ ايمان جي فطري تقاضا هڪ اهڙي اخلاق جو ظهور آهي، جيڪو انسان جي عملي زندگيءَ ۾ ڪرنگهي مثل آهي. سندن سيرت سڳوريءَ جو هڪ ڪمال هي آهي ته اها هڪ ئي وقت زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ انسان جي رهنمائي ۽ رهبري ڪري ٿي. سندن پاڪ زندگيءَ جو جيڪو به پهلو ڏسبو، ته ان ۾ پاڻ سڳورا اڳي کان اڳرا نظر ايندا. مان هت حضورﷺ جي اقوال مبارڪ ۽ پاڪ سيرت جي روشنيءَ ۾، سندن سماجي زندگي جي ڪن خاص پهلوئن تي روشني وجهڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو.
حضورﷺ جي سماجي زندگي سندن سيرت پاڪ جو هڪ روشن باب آهي، پاڻ محسنِ انسانيت ۽ انسانيت جا علمبردار هئا. انسانذات جي خيرخواهي، انساني محبت ۽ خلوص، انساني رابطن ۽ لاڳاپن، معاشرتي طرز حيات ۽ خدمت خلق جي جيڪا تعليم سندن اقوال مبارڪ ۾ ملي ٿي، ان جو عملي نمونو سندن سيرت پاڪ ۾ به ملي ٿو پاڻ سڳورن صرف چئي نه ڇڏيو، بلڪ عملي دنيا ۾ هڪ پوري ملڪ جي نظام تمدن ۽ سياست کي انهن اصولن تي نافذ ڪيو. سماجي زندگيءَ جا ڪيترائي پهلو آهن. مثال طور، عام سماجي لاڳاپا، خدمت خلق، حسن سلوڪ، مهمان نوازي، طرز معاشرت، حسن معامله، مجلسي آداب ۽ طريقا وغيره. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حضورﷺ جن انهن سڀني ۾ مڙني کان مٿانهان نظر ايندا. سندن دل ۾ انساني درد هو. جڏهن کين اڃا ظاهري نبوت ڪانه ملي هئي، تن ڏينهن ۾ به پاڻ عام سماجي بهتريءَ لاءِ ڪوشان رهيا. سندن ڪوششن سان ئي مڪي شهر ۾ هڪ سماجي جماعت وجود ۾ آئي، جنهن جا پاڻ ميمبر ٿي رهيا ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي چونڊيا ويا. هن جماعت جا مقصد هي هئا:
(1) ملڪ مان بدامني دور ڪرڻ، (2) مسافرن جي حفاظت ڪرڻ،
(3) غريبن جي مدد ڪرڻ، (4) مظلومن جي حمايت ڪرڻ ۽
(5) ڪنهن به ظالم کي مڪي ۾ نه رهائڻ. هن جماعت جي رڪنيت سان کين ايتري ته محبت هئي، جو نبوت ملڻ کان پوءِ هڪ ڀيري پاڻ فرمايائون ته، ”جيڪڏهن اڄ ڪا اهڙي مجلس قائم ٿئي، ته اسان خوشيءَ سان ان جا رڪن بڻباسون.“
(1) عام سماجي لاڳاپا:
پاڻ سڳورا هميشه رستي هلندڙن کي سلام ڪندا هئا، جيڪڏهن ڪنهن کي پيغام موڪليندا هئا، ته ان سان گڏ کيس سلام به موڪليندا هئا. هڪ دفعي ڇوڪرن جي هڪ ٽوليءَ وٽان لنگهيا ته کين سلام ڪيائون، عورتن وٽان گذر ٿين، ته انهن کي به سلام چيائون. گهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت به سلام چوندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن سان هٿ ملائيندا هئا، ته ايستائين پنهنجو هٿ نه ڇڏائيندا هئا، جيستائين اهو شخص خود پنهنجو هٿ جدا نه ڪري، مجلس ۾ شريڪ ٿيندا هئا، ته هن ڳالهه جو خيال رکندا هئا ته جيئن اصحاب تعظيم ۽ عزت خاطر اٿي نه بيهن. مجلس جي ڪناري سان ئي ويهي رهندا هئا ۽ ٻين کي تڪليف ڏيئي، هروڀرو وچ ۾ وڃي ويهڻ پسند نه ڪندا هئا، فرمائيندا هئا ته ”اهڙيءَ طرح اٿو ويهو، جهڙيءَ طرح خدا جو بندو اٿي ويهي ٿو.“ پنهنجون ٽنگون ڊگهاري يا پٿاري ڪين ويهندا هئا. ڪو ايندو هو، ته پنهنجي چادر وڇائي ڏيندا هئا. اچڻ وارو جيستائين پاڻ نه اٿندو هو، تيستائين پاڻ به نه اٿندا هئا. ڪن ۾ ڪو ڳالهائيندو هون، ته پاڻ ايستائين ڪن پري نه ڪندا هئا، جيستائين اڳلو ڳالهه پوري نه ڪري، ڪنهن سان ملڻ ويندا هئا، ته در تي بيهي اطلاع ڏيندا هئا، ۽ اجازت وٺڻ لاءِ ٽي دفعا سلام چوندا هئا. جواب نه ملڻ تي واپس هليا ويندا هئا، بدن يا ڪپڙي تان ڪو مٽي پري ڪندو هو، ته ان کي سلام چوندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: ”خدا هر ان شيءِ کان توکي پري رکي، جا توکي خراب لڳي.“ تحفو قبول ڪندا هئا ۽ ان جي عيوض ۾ تحفو ڏينداهئا، ڪنهن کي کانئن ڪا تڪليف پهچندي هئي، ته ان کي بدلي وٺڻ جو حق ڏيندا هئا، ڪو نئون ڪپڙو پائي ايندو هو، ته ان کي چوندا هئا: ”سٺو آهي، بهتر آهي، شل هميشه پائين.“
ٻارن سان کين بي پناهه محبت هوندي هئي، فرمائيندا هئا: ”جنهن وٽ ٻار ۽ گل نه آهن، سو خدا جي نعمتن کان محروم آهي.“ ٻارن جي مٿي تي هٿ ڦيريندا هئا، دعا ڪندا هئا ۽ گود ۾ کڻندا هئا. هڪ ٻار کي پيار ڪندي چيائون ته” هي ٻار خدا جي باغ جا گل آهن.“ ٻارن کي قطار ۾ بيهاري، ڊوڙائيندا هئا. ٻار ڀڄندا ايندا هئا، ته ڪو سندن پيٽ مبارڪ تي ڪرندو هو ته ڪو سيني مبارڪ تي، سفر کان واپس ايندا هئا، ته ٻارن کي پاڻ سان گڏ سواري ڪرائيندا هئا، ڪو نئون ميوو ايندو هو، ته اول ٻارن کي کارائيندا هئا، سندن نظريو هو ته: ”هي ٻارڙا آئيندي تحريڪ اسلامي جا علمبردار بڻبا.“ ٻڍن جو سدائين احترام ڪندا هئا، مڪي جي فتح جي موقعي تي حضرت ابوبڪر ؐ پنهنجي ضعيف العمر والد کي بيعت اسلام لاءِ سندن خدمت ۾ وٺي آيو، پاڻ فرمايائون ته، ”هن کي ڇو تڪليف ڏنيئه، مان پاڻ وٽس هلان ها.“
حضورﷺ جي ميل ميلاپ واري زندگيءَ جي تصوير، حضرت انس ؐ هن طرح چٽي آهي: ”مان حضورﷺ جن جي خدمت ۾ ڏهه سال رهيس، پر پاڻ سڳورن مون کي ڪڏهن اُف به نه چيو. ڪوبه ڪم جيئن به ڪيم، ڪجهه نه چيائون ۽ ڪو ڪم نه ڪيم، ته به ڪجهه نه چيائون، اهو معاملو سندن ٻانهن ۽ ٻانهين سان به هو، پاڻ انهن کي به ڪڏهن کهرو نه چيائون.“
(2) خدمت خلق:
خدمت خلق ۽ عام جي ڀلائي، پاڻ سڳورن جي سماجي زندگيءَ جو روشن باب آهي. ٻنهي جهانن جي سردار جنهن ماحول ۾ اسلام جي پيغام کي ماڻهن تائين پهچائڻ جو نبوي فرض ادا ڪيو، تنهن ۾ سندن شخصي ڪردار ۽ بلند اخلاقي کي وڏو دخل هو ۽ سندن قوم کي ”امين“ ۽ ”صادق“ جي لقبن سان ياد ڪندي هئي. ان جو سبب رسول ڪريمﷺ جن جي انساني همدردي، خدمت ۽ انساني دوستيءَ جا گڻ هئا ۽ اهي ئي ڳالهيون پوءِ اسلام جي تبليغ ۾ سندن مددگار ثابت ٿيون. حضور جن جي بيلوث خدمتن جو اعتراف سندن دشمنن به ڪيو آهي. بهرحال اهي اخلاق ئي هئا، جنهن جي ڪري دشمنن جي گروهه ۾ سندن حيثيت ۽ وقعت بلند ٿي ۽ سندن آندل پيغام ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ والاري . پاڻ فرمائيندا هئا: ”مخلوق جي خدمت عبادت جو ٻيو نالو آهي. بهترين انسان اهو آهي، جنهن کان ٻين کي فائدو رسي.“ فرمايائون ته، ”مال جي محبت ۽ رغبت جي باوجود، ان کي الله جي راهه ۾ رشتيدارن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن تي خرچ ڪجي. مزور کي پگهر سُڪڻ کان اڳ مزوري ڏجي، الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ان شخص کان ناراض هوندو، جنهن مزور کان ڪم ته ورتو، پر ان کي مزوري پوري نه ڏنائين.“ فرمائيندا هئا ته ”مظلوم جي خون جو هڪ ڦڙو هارڻ، هزار ڪعبن جي ڊاهڻ کان به وڏو گناهه آهي لک ڪعبا ڊاهي ڇڏيو، الله کي ايترو رنج نه پهچندو، پر هڪ بي گناهه انسان جي رت جو هڪ ڦڙو به زمين تي هاريو، ته هو ڏاڍو ناراض ٿيندو.“
حباب بن ارب هڪ اصحابي هو، حضورﷺ ان کي ڪنهن جنگ تي اماڻيو، گهر ۾ ڪوبه ڪونه هو ۽ عورتن کي کير ڏهڻ به ڪين ايندو هو. پاڻ سڳورا روز ان اصحابيءَ جي گهر وڃي کير ڏهي ايندا هئا. ساڳيءَ طرح، مديني کان ٻاهر ڪي يتيم نينگريون رهنديون هيون. پاڻ روز وڃي انهن جون ٻڪريون ڏهي ڏيندا هئا. عبدالله بن ابي ادنيٰ هڪ اصحابيءَ جو چوڻ آهي ته ”بيواهه ۽ مسڪينن جي ڪمن ڪرڻ کان کين ڪوبه عار ڪونه هوندو هو. پر پاڻ ان ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا.“ عام ماڻهن کي حڪم هو ته، ”جي ڪو مسلمان مري وڃي ۽ اهو پنهنجي ذمي ڪو قرض ڇڏي وڃي، ته ان جي ادا ڪرڻ لاءِ مان تيار آهيان.“
صحيح بخاريءَ ۾ آيل آهي ته، ”حضورﷺ وٽ ڪوبه سائل ايندو هو، ته اصحابن کي چوندا هئا ته ”اوهان سفارش ڪريو ته اوهان کي به ثواب ملي.“ فرمائيندا هئا ته، ”اوهان کي ٻيو ڪجهه نه ٿي سگهي، ته ڪنهن بيڪس ۽ حاجتمند جي مدد ڪريو، انڌي کي رستو ڏيکاريو ۽ رستي هلندي ڪنڊا ۽ ڀٿر دور ڪندا هلو. خدا تعاليٰ هن ڪم جو قدر ڪندو آهي، ۽ ان جي عيوض ننڍا ننڍا گناهه معاف ڪري ٿو ڇڏي.“ فرمائيندا هئا، ”الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهي جي ان وقت تائين مدد ڪندو آهي.“ چوندا هئا، ”ٻه خصلتون اهڙيون آهن، جن کان افضل ۽ برتر ٻي ڪابه شيءِ ڪانهي، هڪ ته الله تي ايمان رکڻ ۽ ٻيو مسلمانن کي فائدو پهچائڻ.“ هڪ ٻيءَ جاءِ تي ارشاد فرمايائون: ”جنهن پنهنجي ڀاءُ جي ڪابه ضرورت پوري ڪئي، خدا قيامت جي ضرورتن مان ان جي ضرورت پوري ڪندو.“ اهو تعليم نبوي ۽ فيض رسالت جو ڪرشمو هو، جنهن جي وسيلي اسلامي معاشرو دنيا ۾ قابل رشڪ ۽ تقليد بنجي پيو.
(3) مهمان نوازي:
حضورﷺ مهمان نوازيءَ ۾ به سڀ کان اڳرا هئا، مسلمانن ۾ ڪابه ننڍ وڏائي ڪانه هئي، سڀ هڪ جهڙا هئا، جڏهن اهل حبش جو هڪ وفد آيو، ته پاڻ ان جي مهمانداريءَ جا فرض بجا آندائون، هڪ دفعي وٽن هڪ ڪافر مهمان ٿيو، ته کيس پنهنجين ستن ئي ٻڪرين جو کير پياريائون. ڪڏهن ڪڏهن اها نوبت اچي ويندي هئي جو وٽن کائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچندو هو؛ سڀ مهمانن کي کارائي ڇڏيندا هئا. اصحابن ۾ سڀ کان مفلس ۽ غريب گروهه ”حضر“ جي اصحابن جو هو. تنهن ڪري اهي مسلمانن جا مهمان عام هئا، پر گهڻو ڪري اهي پاڻ سڳورن وٽ مهمان ٿيندا هئا، هڪ دفعي ارشاد فرمايائون ته، ”جنهن شخص وٽ ٻن ماڻهن جو کاڌو هجي، ته اهو ٽن کي کارائي ۽ ٽن ڄڻن جو کاڌو هجي ته اهو چئن کي کارائي.“ حضرت ابوبڪرﷺ ٽن ماڻهن کي ساڻ وٺي ويو ۽ پاڻ ڏهن ڄڻن کي ساڻ وٺي آيا. مقداد ؐ جو بيان آهي ته، ”اسان ٻه دوست ايتري قدر تنگدست هئاسون، جو بک کان انڌا ٿي پيا هئاسون، اسان ماڻهن کي ڏاڍيون اپيلون ڪيون، پر ڪنهن به نه ٻڌي، آخر حضور جن وٽ آياسون، حضور جن اسان کي پنهنجي گهر وٺي ويا ۽ اسان کي ٽي ٻڪريون ڏيکاري چيائون ته هنن جو کير ڏهي پيئو، پوءِ اسان هميشه انهن جو کير ڏهي پيئندا هئاسون. پاڻ فرمائيندا هئا ته ”جيڪو شخص خود پيٽ ڀري کائي ٿو پر ان جو پاڙيسري بک پيو مري، ته اهو ايمان نٿو رکي.“ پاڻ سڳورا ايتريقدر مهمان نواز هئا جو گهر ۾ جيڪي ڪجهه هوندو هون، آڻي مهمانن جي آڏو پيش ڪندا هئا، پوءِ ڇو نه کين فاقه ڪشي ڪرڻي پوي. بعضي پاڻ رات جو اٿي مهمانن جي ڳولا ڪندا هئا.
(4) حسن سلوڪ:
پاڻ سڳورا هر ڪنهن سان هڪجهڙي هلت هلندا هئا، دوست ۽ دشمن، عزيز ۽ بيگاني ۾ فرق نه رکندا هئا، مڪي جي ڪافرن کين ڪيتريون تڪليفون ڏنيون، پر پاڻ انهن سان ڪوبه اهڙو سلوڪ ڪين ڪيائون جو کين ناگوار لڳي، مڪي جي فتح وقت مڪي جي ڪافرن ساڻ جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، سو تاريخ عالم ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو، فرمائيندا هئا: ”اوهان پنهنجي والدين سان سٺو سلوڪ ڪريو ته اوهان جو اولاد به اوهان سان سٺو سلوڪ ڪندو، پنهنجي برادريءَ سان به سٺو سلوڪ ڪريو، جيڪو شخص خدا ۽ روز جزا تي ايمان رکي ٿو، ان کي پنهنجي پاڙيسريءَ جي عزت ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي تڪليف نه پهچائي.“ چوندا هئا: ”اهو مومن ناهي، خدا جو قسم اهو مومن ناهي، خدا جو قسم اهو مومن ناهي، جنهن جي بديءَ کان سندس پاڙيسري امن ۾ نه هجي.“ ٻانهن سان تمام سهڻي نموني هلندا هئا، فرمائيندا هئا: ”اهي اوهان جا ڀائر آهن، جيڪي اوهين کائو، اهو انهن کي کارايو، جيڪي پاڻ پايو، اهو انهن کي پارايو.“ پاڻ سڳورن جي حصي ۾ جيڪي به غلام ايندا هئا، انهن کي آزاد ڪري ڇڏيندا هئا، پر اهي حضورﷺ جي احسان ۽ ڪرم کان آزاد نه ٿي سگهندا. اهي ماءُ پيءُ ۽ عزيزن قربن جي شفقت کان وڌيڪ هن ”لولاڪ لما“ جي غلامي قبول ڪند اهئا، زيد بن حارث ؐ سندن غلام هو، سندس والدين کيس وٺڻ آيا، حضور جن کيس اجازت به ڏني، پر هن رحمت جي درياءَ کي والدين جي محبت تي ترجيح ڏني، زيد جي پٽ اسامه ؐ سان کين بيپناهه محبت هوندي هئي، ايتريقدر جو پنهنجي هٿ مبارڪ سان ان جو نڪ صاف ڪندا هئا، غلامن سان اهڙيءَ رحمت ۽ شفقت سان هلڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪافرن جا غلام ڊوڙي اچي سندن آڏو اطاعت جو سر جهڪائيندا هئا، پر پاڻ کين آزاد ڪري ڇڏيندا هئا. مال غنيمت مان غلامن جو حصو به ڪڍندا هئا. شروعات ۾ جيڪي غلام ٿيندا هئا ۽ جن وٽ ڪوبه سرمايو نه هوندو هو، ان لاءِ جيڪا آمدني وصول ٿيندي هئي، ان مان غلامن کي به ڏنو ويندو هو. غيرمسلمانن جو ڏاڍو خيال رکندا هئا. يهودين سان به سندن تعلقات خوشگوار هئا، حالانڪ انهن جي دشمني جنگ خيبر جي شڪل ۾ ظاهر ٿي، تنهن هوندي به پاڻ سندن سخت لفظن ۽ بدتميز فقرن تي ڌيان ڪين ڏيندا هئا. يهودين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تان جهڳڙو ٿي پوندو هو، ته پاڻ مسمانن جي پاسخاطري ڪين ڪندا هئا، هڪ دفعي هڪ يهودي اچي شڪايت ڪئي ته ، ”محمد (ﷺ)، هڪ مسلمان مون کي بيگناهه چماٽ هنئي آهي.“ پاڻ سڳورن ان مسلمان کي گهرائي، کانئس ان جو بدلو ورتو، هڪ دفعي سندن لڪڻ ڪنهن ماڻهوءَ کي لڳي ويو. پاڻ کيس چيائون ته، ”مون کان بدلو وٺ، ۽ مون کي اهڙي زور سان لڪڻ هڻ جيئن توکي لڳو.“
هڪ يهودڻ عورت خار وچان روز مٿانئن ٻُهر اڇلائيندي هئي، ٻه ٽي ڏينهن سانده ٻُهر نه اڇليو ويو، ته پاڻ اصحابن کان پڇيائون، معلوم ٿين ته عورت بيمار آهي، پاڻ ان عورت وٽ ويا ۽ سندس چڱڀلائيءَ لاءِ دعا ڪيائون.
هڪ دفعي ڪنهن جنگ ۾ بيبي حليمه جي نياڻي قيد ٿي آئي، پاڻ سڳورن پنهنجي چادر وڇائي ان تي کيس ويهاريو ۽ پوءِ آزاد ڪري، اُٺ تي چاڙهي، عزت ۽ احترام سان واپس ڪيو.
(5) حسن خلق:
حضورﷺ جي سماجي زندگيءَ ۾ سندن ”خلق“ کي اهم حيثيت حاصل آهي، سندن اخلاق ئي هئا، جن صرف 23 ورهين جي مختصر عرصي ۾ وچ اوڀر ۾ عظيم انقلاب آڻي وڌو. سندن اخلاق جو درجو بلند آهي. قرآن شريف به ان تي شاهد آهي. ”انک لعليٰ خلق عظيم“ پاڻ فرمائيندا هئا: ”حسن خلق ۽ سخاوت سڀ کان اول تارازيءَ ۾ رکيا ويندا، حسن خلق جون ٽي نشانيون آهن: پهرين شيرين ڪلامي، ٻيو خنده پيشاني ۽ ٽي خنده روئي. بس، جيڪو شخص ماڻهن سان احسان ڪري ۽ خوش اخلاقيءَ سان پيش اچي، ان جي واکاڻ ڪئي وڃي.“ هڪ ٻئي موقعي تي چيائون ته، ”جنهن شخص ۾ هي ٽي صفتون يا انهن مان ڪا هڪ به نه هجي، ته ان جا سڀ عمل هيچ آهن: هڪ تقويٰ، جا خدا جي غضب کان بچائي، ٻيو علم، جيڪو ان کي جاهل سان مقابلي ڪرڻ کان روڪي، ۽ ٽيون خلق، جنهن جي ڪري هو ٻين ماڻهن سان گڏ رهي زندگي بسر ڪري.“ پاڻ سڳورا هر هڪ سان نهايت چڱي نموني پيش ايندا هئا، حتيٰ ڪه ننڍن ٻارن ۽ ڪافرن سان به سندن اخلاق جو هي حال هو جو جيڪڏهن ڪو ساڻن خراب نموني سان به هلندو هو ته پاڻ ان مان عاجزانه نموني پيش ايندا هئا.
هڪ يهودي مقرر وعدي کان ٽي ڏينهن اڳ کانئن قرض واپس ڪرڻ جي گهر ڪئي، حضور جن کان چادر کسي ورتي، ڪپڙن کان ڇڪيو ۽ زبان درازي ڪئي، ان تي حضرت عمر ؐ به تيز ٿي ويو. پر پاڻ فرمايائون ته، ”عمر، اها طرز سٺي نه آهي، توکي سونهي ٿو ته مون کي قرض جي ادائگيءَ ۽ هن کي سهڻي نموني قرض گهرڻ جي هدايت ڪرين ها.، پوءِ پاڻ حڪم ڪيائيون ته ”هن جو قرض ادا ڪيو وڃي، پر اصل قرض کان ڏيڍ مڻ اناج زياده ڏنو وڃي، جو عمر هن سان سخت روش هليو آهي.“
حضرت انس ؐ کان روايت آهي ته هڪ دفعي هڪ اعرابي آيو، ۽ حضور جن جي چادر کي وٺي اهڙي زور سان ڇڪيائين، جو چادر جي ڪُني سندن گردن مبارڪ ۾ گهڙي ويئي ۽ نشان ٿي پين. پوءِ چوڻ لڳو: ”اي محمد (ﷺ) مون کي هي ٻه اُٺ مال سان ڀري ڏي، ڇاڪاڻ ته اهو مال نه تنهنجو آهي ۽ نه تنهنجي پيءُ جو.“ پاڻ فرمايائون ته، ”هائو، اها ڳالهه سچي آهي، مال برابر الله جو آهي ۽ مان ان جو ٻانهو آهيان.“ وري پڇيائونس ته ”اهو برتاءُ جيڪو تو مون سان ڪيو، ان کان ڊڄين نٿو؟“ چيائين: ”نه“. پاڻ پڇيائونس: ”ڇو؟“ ڳوٺاڻي جواب ڏنو ته ”مون کي معلوم آهي ته واهان برائيءَ جو بدلو برائيءَ سان نه ڏيندا آهيو.“ ان تي حضور جن مشڪيا ۽ کيس هڪ اُٺ کارڪن جو ۽ هڪ جوَن جو ڀري ڏنائون.
هڪ دفعي زينب بنت الحارث، هڪ يهوديڻ کين گوشت ۾ زهر وجهي کارايو، بعد ۾ حضور جن کي اها خبر پئجي ويئي، پر پاڻ کيس معاف ڪري ڇڏيائون.
هڪ دفعي پاڻ حضرت ابوذر ؐ کي نياپو موڪليائون، پر هو گهر ۾ موجود نه هو، ۽ جڏهن آيو، ته پاڻ ليٽيا پيا هئا، هن کي ڏسي پاڻ اٿي بيٺا ۽ کيس ڀاڪر پائي پيشانيءَ کي چميائون.
هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته پاڻ سڳورا اصحابن سان گڏ مسجد ۾ ويٺا هئا، ته هڪ ڪافر اچي مسجد ۾ پيشاب ڪرڻ لڳو، ان تي اصحاب ڪاوڙجي پيا ۽ ڪافر کي مارڻ لڳا، پر پاڻ کين روڪيو ۽ ڪافر کي ڀر ۾ ويهاري، نهايت سهڻي نموني سمجهايائون.
ڪنهن حضرت عائشه ؒ کان حضورﷺ جي اخلاق بابت پڇيو، ته جواب ڏنائين ته، ”ڇا، توهان قرآن ڪونه پڙهيو آهي؟ جو ڪجهه قرآن ۾ آهي، سي حضورﷺ جا اخلاق هئا.“
(6) حسن معامله:
حضور جن دنيا جي وهنوار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ هميشه انصاف کان ڪم وٺندا هئا. فرمائيندا هئا ته ”انصاف جي هڪ گهڙي ستر سالن جي عبادت کان بهتر آهي.“ فيصلو اهڙو ڪندا هئا، جو دشمن به راضي ٿي وڃن، اهوئي سبب هو جو مديني جا يهودي به پاڻ سڳورن وٽ اچي فيصلا ڪرائيندا هئا، پاڻ ڪنهن جي به سفارش ڪين مڃيندا هئا، هڪ دفعي فاطمه نالي هڪ عورت چور ي ڪئي، ماڻهن حضور جن جي محبوب ٻانهي، اسامه بن زيد ؐ کان سفارش ڪرائي، پاڻ فرمايائون، ”اسامه، تون هڪ چور لاءِ سفارش ٿو ڪرين! ٻڌ، جيڪڏهن فاطمه بنت محمد به چوري ڪري ها، ته اها به سزا کان نه بچي سگهي ها.“
حضرت صائب ؐ حضور جن سان گڏ واپار ڪندو هو، هڪ دفعي ان ٻڌايو ته ”منهنجا ماءُ پيءُ حضور تان قربان ٿين، پاڻ سڳورا منهنجا ڀائيوار هئا، پر معاملو هميشه صاف رهيو.“ پاڻ سڳورا هميشه فياضيءَ ۽ سخاوت ڪري مقروض هوندا هئا، ايتريقدر جو وفات وقت به سندن زرهه هڪ يهوديءَ وٽ هڪ مڻ اناج جي عيوض گروي هئي، پاڻ هرحال ۾ حسن معامله جو خيال ڪندا هئا، هڪ دفعي ڪنهن شخص کان قرض طور کارڪون ورتائون. ٿورن ڏينهن کان پوءِ ان قرض چڪائڻ لاءِ چيو. پاڻ هڪ انصاريءَ کي قرض چڪائڻ لاءِ ارشاد ڪيائون. پر اهي کارڪون ڪجهه ڪَسيون هيون، تنهن ڪري ان شخص وٺڻ کان انڪار ڪيو. انصاريءَ کيس چيو ته، ”رسول اڪرم جون عطا ڪيل کارڪون توکي نه ٿيون وڻن!“ چيائين، ”ها. پر رسول الله به عدل نه ڪري ته پوءِ ٻيو ڪير ڪندو؟“ پاڻ اهو ٻڌي چيائون ته ”بلڪل سچ ٿو چوي.“
هڪ دفعي ڪنهن کان اُٺ قرض طور ورتائون، ۽ جڏهن واپس ڪيائون، ته ان کان ڀلو اُٺ ڏنائون. فرمائيندا هئا: ”سڀ کان سٺو ماڻهو اهو آهي، جيڪو چڱيءَ طرح قرض ادا ڪري ٿو.“
هڪ ڀيري مديني جي ٻاهران هڪ قافلو اچي لٿو، جنهن ۾ هڪ سرخ رنگ جو اٺ به هو، جيڪو حضورﷺ کي ڏاڍو وڻي ويو، پاڻ رقم چڪائي، اٺ کي ڪاهي آيا. بعد ۾ قافلي وارن هاءِ گهوڙا مچائي ته اسين هن ماڻهوءَ کي سڃاڻون به ڪين ۽ ايئن اٺ ڪيئن ڪاهي ڏنوسين. ان قافلي ۾ هڪ عورت به هئي، جنهن چين ته، ”مان هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ٿي، هي ماڻهو دغا نه ڪندو.“ رات ٿي، ته حضورﷺ اٺ جي رقم سان گڏ قافلي وارن لاءِ ماني به موڪلي.
هڪ دفعي پاڻ ڪنهن کان پيالو اڌارو ورتائون، اتفاق سان اهو ڀڄي پيو، پاڻ ان جي قيمت ڀري ڏنائون، مطلب ته اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن مان حضورﷺ جي وهنوار ۽ ڏيتي ليتيءَ جي خبر پوي ٿي ته پاڻ هر معاملي ۾ هميشه صاف ۽ سڌا رهيا.
(7) نبوي ڪچهري:
فيض رسالت هونئن ته هر جاءِ ۽ وقت تي جاري هو، پر ان مان فيض اهو شخص حاصل ڪري ٿي سگهيو، جيڪو ان وقت اُتي حاضر هو. انهيءَ ڪري حضور جن خاص ڪچهريءَ جو وقت به مقرر ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ پريت جا پانڌيئڙا حاضر ٿي، قرب خداوندي حاصل ڪندا هئا. اها ڪچهري ”مسجدنبوي“ جي هڪ ننڍي صحن ۾ ٿيندي هئي. پاڻ سڳورا وچ ۾ ويهندا هئا ۽ اصحابي سندن چوگرد ويهي رهندا هئا، مجلس ۾ هر شخص کي هڪ جهڙي جاءِ ملندي هئي، حضور جن جي مجلس علم ادب ۽ فيض ۽ فضيلت جي مجلس هئي. پاڻ نه ڪنهن جي حد کان زياده تعريف پسند ڪندا هئا ۽ نه وري ڪنهن جي خوشامد کين ڪنهن جي عيب جوئي به نه وڻندي هئي. ڪچهريءَ ۾ ماڻهو آرام سان ويٺا هوندا هئا، مجلس ۾ گفتگو جي اجازت ۽ ترتيب جو خيال رکيو ويندو هو، مگر هي امتياز حسب نسب ۽ مال ۽ دولت تي نه هو، پر علم ۽ فضل تي. جيستائين هڪڙو ڳالهه پوري ڪري بس نه ڪندو هو، تيستائين ٻيو ڳالهه شروع نه ڪندو هو. انهيءَ ڪري هر ڪنهن جي ڳالهه رغبت سان ٻڌي ويندي هئي. جنهن به مرڪڻ يا کلڻ جهڙي ڳالهه تي اهل مجلس کلندا يا مرڪندا هئا، ته پاڻ به انهن سان گڏ معمولي طرح مشڪندا هئا، پر ٽهڪ ڪڏهن به نه ڏيندا هئا، ۽ جنهن ڳالهه تي ٻيا هم نشين عجب ظاهر ڪندا هئا ته پاڻ به ايئن ڪندا هئا. مطلب ته هر ڳالهه ۾ جائز حدتائين اهل مجلس سان شريڪ ٿيندا هئا، ڪنهن به اعليٰ خواه ادنيٰ جي ڳالهه اڌ ڪاٽڻ کين پسند نه هو، سڀ کان پهرين پاڻ حاجتمندن ڏانهن ڌيان ڏيندا ۽ انهن جون حاجتون دور ڪندا هئا. حال احوال پڇڻ سان گڏ، هر شخص کان اهو پڻ پڇندا هئا ته ڪا ضرورت ۽ حاجت ته ڪانهي، ڪڏهن ڪڏهن مجلس ۾ وقت جا مشهور شاعر، حسان بن ثابت ؐ ۽ ڪعب بن مالڪ ؐ شعر به پڙهندا هئا، حضور جن مجلس ۾خوش طبعيءَ جون ڳالهيون به ڪندا هئا، پر ڪابه اهڙي ڳالهه نه ڪندا هئا، جنهن ۾ ڪوڙ هجي، يا ان مان ڪنهن جي ذلت ۽ گهٽتائي ٿيندي هجي، هڪ دفعي هڪ عورت وٽن آئي ۽ عرض ڪيائين ته: ”يارسول الله، منهنجو مڙس اوهان کي سڏي ٿو.“ پاڻ فرمايائون ته، ”تنهنجو مڙس اهو آهي، جنهن جي اک ۾ اڇاڻ آهي؟“ عورت جواب ڏنو ته، ”نه سائين، منهنجي مڙس جي اک ۾ سفيدي نه آهي.“ ان تي حضور جن مشڪيا ۽ فرمايائون ته، ”ڀلا اهو ڪهڙو انسان آهي، جنهن جي اک ۾ سفيدي نه آهي!“
نماز کان پوءِ جيڪا مجلس ٿيندي هئي، تنهن ۾ وعظ ۽ نصيحت جون ڳالهيون ٿينديون هيون، ان کان علاوه ڪن خاص مقصدن لاءِ به مجلسون ڪوٺايون وينديون هيون، جيئن ته اهو فيض صرف مردن تائين محدود هو، ان ڪري عورتن عرض ڪيو ته سندن وعظ ۽ نصيحت لاءِ به ڪو خاص ڏينهن مقرر ڪيو وڃي. پاڻ اهو قبول ڪيائون، ۽ ان لاءِ هڪ خاص ڏينهن مقرر ڪيو ويو.
(8) ٻين سماجي براين کي دور ڪرڻ:
حضرت محمدﷺ نه صرف زندگيءَ جي مڙني روشن پهلوئن تي روشني وڌي آهي، پر زندگيءَ جي تاريڪ مسئلن تي به نظر ڪئي آهي، فرد ۽ معاشري جي فلاح و بهبود ۽ بهتريءَ لاءِ جن به ڳالهين جي ضرورت آهي، پاڻ انهن کي دور ڪرڻ جو حڪم ڪيائون، دغا، فريب، رياڪاري، ڪوڙ، رشوت، سمگلنگ، ذخيره اندوزي، بليڪ مارڪيٽنگ، زنا، چوري، جوا، فضول خرچي، ملاوٽ، اهڙا خاص پهلو آهن، جيڪي سوسائٽيءَ کي هميشه نقصان رسائيندا رهن ٿا ۽ جن تي اڄ جون ترقي يافته حڪومتون به خاص نظر رکن ٿيون، مثال طور، پاڻ سڳورن فرمايو ته،
1. رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ، ٻئي جهنمي آهن.
2. جنت ۾ اهو ماڻهو وڃي نٿو سگهي، جيڪو حرام جي گراهن مان ٺهيو هجي، حرامخوريءَ سان پليل جسم لاءِ ته باهه جي ضرورت آهي.
سماج دشمنن جي هڪ خاص گروهه جو ذريعه معاش تجارت هوندو آهي، تجارت متعلق معاملن تي به پنهنجا رايا ڏنا اٿن. فرمايائون ته، ”جنهن شخص ڪا عيبدار شي وڪي ۽ ان جو عيب خريدار کي نه ٻڌايائين ته ان تي خدا ناراض ٿيندو آهي ۽ فرشتا ان تي لعنت وجهندا آهن.“
3. جيڪو واپاري قيمتن وڌڻ جي آسري تي مال روڪي رکي، اهو ملعون آهي.
4. جنهن شخص اَن چاليهه ڏينهن صرف ان خيال سان رکيو ته قيمت وڌي، ته پوءِ الله جو ان سان ۽ ان جو خدا سان ڪوبه تعلق ڪونهي.
5. چاليهن ڏينهن اَن رکڻ کان پوءِ جيڪڏهن ماڻهو ان کي خيرات ڪري، ته به سندس گناهه معاف ٿي نه سگهندو.
6. پنهنجي مال کي وڪڻڻ لاءِ قسم کائڻ کان بچو، اها شيءِ وقتي طور تي ته نجات کي هٿي ڏئي سگهي ٿي، پر برڪت کي ختم ڪري ڇڏيو.
سماج جي ٻئي گروهه جو ذريعه معاش ملازمت مزدوري ۽ ڪڙمت آهي، مزدورن متعلق فرمايائون ته ”مزدور کي مزوري سندس پگهر سڪڻ کان اڳ ادا ڪريو.“ ملازمت جي باري ۾ ارشاد ڪيائون ته ”اهو شخص جنت ۾ وڃي نٿو سگهي، جيڪو پنهنجن ملازمن تي بريءَ طرح حڪم ٿو هلائي.“ ڪڙمت ۽ هٿ جي پورهئي کي ڏاڍو ساراهيو اٿن، ارشاد آهي ته پيشور ۽ هنرمند ماڻهوءَ جا کهرا هٿ نازڪ اندام ماڻهوءَ جي نرم هٿن کان وڌيڪ افضل آهن، ۽ مون کي وڻن ٿا.” فرمايائون ته، ”پورهيت خدا جو دوست آهي.“ ”زراعت الله جي پيارن ٻانهن جو پاڪيزو شيوو آهي.“ ”پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ کان بهتر کاڌو ٻيو ڪو ڪونهي، الله جي نبي دائود عليه السلام پنهنجن هٿن سان ڪمائي کاڌو.“ وغيره.
معاشري ۾ قرض جو ڏيڻ وٺڻ لازمي آهي، ان لاءِ فرمايائون ته، ”اهو شخص، جنهن الله جي راهه ۾ جان ڏني، ان جو هر گناهه معاف ڪيو ويندو سواءِ قرض جي.“ جيڪو شخص قرض وٺي، ان جي ادائگيءَ جي نيت رکي ٿو، ته الله تعاليٰ ان جي طرفان اهو ادا ڪري ٿو، پر جنهن قرض ورتو، ليڪن ان جي ادا ڪرڻ جي نيت نٿو رکي، ته الله تعاليٰ ان کي سندس نيت جي ڪري تباهه ڪري ٿو ڇڏي.“ ”بهترين ماڻهو اهو آهي، جيڪو بهترين طريقي سان قرض ادا ڪري.“ هڪ ڀيري فرمايائون ته، ”زوال پذير قوم جي آثارن ۾ هي به آهي ته ان جا امير ظالم ٿين، عالم لالچي هجن، عابد رياڪار، تاجر وياج خور ۽ عورتون هار سينگار ۾ ڦاٿل هجن.“
ان کان سواءِ سندن ”حجة الوداع وارو خطبو به انساني معاشري جي فلاح ۽ بهبوديءَ جو ڄڻ آدرش آهي، جنهن ۾ ڪيترائي زرين اصول ڄاڻايل آهن.
مطلب ته رسول اڪرمﷺ جي سماجي زندگي اسلامي نظام حيات جو سرچشمو آهي، پاڻ انساني معاشري کي جنهن تعليم سان پختو ڪيائون، ان تي جيڪڏهن اڄ به عمل ڪيو وڃي، ته هي فتني ۽ فساد سان ڀريل دنيا امن ۽ سڪون جو گهوارو بنجي پوي.
(ماهوار نئين زندگي جون 1969ع ۾ ڇپيل)