سرور عالم ۽ سنڌ
حضرت آدمؑ تي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو وحي لٿو، اهڙي طرح ساري دنيا لاءِ توحيد الاهي جو پيغام سنڌ مان ئي شروع ٿيو، نور محمديﷺ جيئن ته آدمؑ جي پيشاني ۾ امانت هو، ان ڪري حضور پرنور جو ابتدائي ظهور، هن ئي سرزمين ۾ ٿيو، اهڙي طرح نور محمدﷺ جو پهريون مبارڪ ڪرڻو سنڌ ۾ آيو ۽ وحي خواهه نبوت محمدي جو پهريون مرڪز سنڌ آهي، ۽ ان نبوت محمدي جو آغاز، سنڌ ۾ ٿيو( )، اهوئي سبب آهي جو، پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ته، ”مون کي سنڌ مان رباني خوشبوءِ اچي ٿي.“ ( )
حضرت شيثؑ حضرت آدم جو همشڪل پٽ هو، جنهن کي تورات ۾ ”سيت“ جي نالي سڏيو ويو آهي، الله تعاليٰ حضرت شيثؑ کي اها طاقت بخشي هئي، جو هو زمين خواهه پاڻي جتي به رهيو، سڀ سندس نالي سان سڏجڻ لڳا، مؤرخ لکن ٿا، ته اهو سنڌ ۾ رهيو، ان ڪري سنڌ سندس نالي ۾ ”سيت“ سڏجڻ لڳي، جنهن مان ڦري سنڌ ٿيو، سندس سارو بادشاهي خطو به سنڌ حڪومت سڏبو هو. ( )
حضرت آدمؑ کان پوءِ حضرت نوحؑ کي نبوت ملي، سندس دور ۾ طوفان عظيم آيو، جنهن جا آثار سنڌ ۾ به ملن ٿا، طوفان نوح کان پوءِ هي ملڪ نوحؑ جي نسل کي مليو. نوحؑ کي حام، سام ۽ يافث پٽ هئا، جن سنڌ ۾ رهڻ پنهنجي لاءِ باعزت سمجهيو. حام کي ٻه پٽ هئا، هند ۽ سند، سند هن ملڪ ۾ رهيو، جنهن جي نالي پٺيان هي ملڪ سنڌ سڏجڻ لڳو، جيڪو سندس ايڪهٺ ملڪن مان ٽيتاليهون ملڪ هو. ( ) علامه ابن خلدون به هن ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي هو لکي ٿو ته، ”نوحؑ جي هڪ پوٽي سنڌ جي نسبت سان، هن ملڪ جو نالو سنڌ ٿيو“ جنهن سنڌ تي حڪومت ڪئي هئي.“
قرآن شريف ۾ جنهن ”اصحاب الرسد“ قوم جو ذڪر آيو آهي، ان لاءِ مؤرخن جو چوڻ آهي ته ”اها سنڌ جي قوم هئي، جنهن تي حضرت يعقوبؑ جي پٽ حضرت يهودا جي اولاد مان نبي موڪليو ويو هو. اهو زمانو حضرت موسيٰؑ کان ٿورو اڳ ۽ حضرت يوسفؑ کان پوءِ جو هو، اهي ماڻهو صنوبر جي وڻ جي پوڄا ڪندا هئا. ( )
حضرت موسيٰؑ الله جو برگزيده ۽ اولوالعزم پيغمبر هو، جيڪو فرعون جي ڏينهن ۾ آيو. مولانا گرامي صاحب جو چوڻ آهي ته ”هو سنڌ ۾ به آيا هئا.“ ان ۾ سنڌ واپاري لحاظ کان ساري دنيا ۾ مشهور هئي، مصر سان به هن جو وڏو واپار هلندو هو، فرعون جي لاشن جي ممي ٺاهڻ لاءِ سنڌ مان مصالحو گهرايو ويو، ان دور ۾ گگر، کؤنر، لاک، نير ۽ ميندي سنڌ مان ويندي هئي، حضرت سليمانؑ به الله جو نبي هو، توريت ۾ آيل آهي ته هن لاءِ سنڌ مان مور، اگر، مشڪ، عنبير، گينڊا ۽ سون ٻيڙين رستي يروشلم ويندو هو، جيڪو ”هيڪل سليماني“ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. ان جو ذڪر علامه ابن خلدون به ڪيو آهي، حضرت عيسيٰؑ تي انجيل نازل ٿيو، انجيل ۾ سنڌ جي نفيس ۽ ملائم ململ جو ذڪر ملي ٿو، جنهن کي ”سنڊڻ“ سڏيو ويو آهي، جيڪو اصل ۾ ”سنڌڻ“ آهي، انجيل ۾ آهي ته حضرت مسيحؑ کي جنهن ڪپڙي ۾ ويڙهيو ويو هو، سو سنڌ جو هو، انجيل ۾ سنڌ جي سٽ مان ٺهيل رسن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن مان پراڻي زماني ۾ ٻيڙين کي ٻڌو ويندو هو. ( )
تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته ”سنڌ جا ان زماني ۾، ڪيترائي ماڻهو واپار ۽ تجارت جي سلسلي ۾ ساري دنيا ۾ پکڙجي ويا، جن مان ڪيترائي عرب ۽ يمن ۾ پهچي ويا. جيڪي سنڌي ذاتيون هتان لڏي عرب ۾ وڃي رهيون تن مان زط، ميد، سيابطه، احاصره، اساوره، بياسره، تڪاڪره (ٺاڪر) مشهور آهن. سنڌ جون هي قديم ذاتيون، جيڪي سنڌ قوم سان واسطو رکندڙ هيون ساري عرب، مثلاً عمان، مسقط، قطيف، بحرين، قطر، ڪويت ۽ بصري کان سواءِ عرب جي ريگستاني علائقن، نجد ۽ وچ عرب جي مڪي ۽ مديني ۾ گهڻائي ۾ رهڻ لڳيون.( ) زط ۽ ميد جنگجو ۽ فوجي فن جا ماهر هئا، ايران جي فوج ۾ به هو شامل هئا، بصري جي ڀرسان بطلاع جي ماٿري ۾ هنن جو وڏو تعداد رهندو هو، جتي هو زراعت به ڪندا هئا، پوءِ لڏي هو انطاڪيه ويا، هنن جي ڪوششن سان عراق ۽ شام ۾ سنڌي مينهون پهتيون.( ) هنن بعد ۾ اسلامي دور ۾ وڏي ترقي ڪئي، هو حساب ڪتاب جا ماهر هئا، جنگ جمل وقت هنن سنڌي فوجين جي هڪ وفد حضرت علي ؐ سان ملي کيس عرض ڪيو هو ته، ”توهان حق تي آهيو، اسان جي مدد اوهان کي آهي نصرت هميشه حق جي ٿيندي آهي.“ اهو ٻڌي حضرت علي ؐ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بصري جو خزانو سندن حوالي ڪيائين.( )
اهڙي طرح خود عربن جو به سنڌ سان تجارتي ناتو هو، سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته، ”عرب واپاري، هزارين ورهيه اڳ هندستان جي ڪناري تائين ايندا هئا ۽ هتان جي واپار ۽ پيداوار کي مصر ۽ شام ذريعي يورپ تائين پهچائيندا هئا ۽ اتان جي سامان کي هندستان جي ڀر وارن ٻيٽن چين ۽ جپان تائين به نيندا هئا.“( ) مولانا ابوالجلال ندوي به اهو ساڳيو رايو رکي ٿو. سندس چوڻ آهي ته، ”قديم زماني ۾ سنڌ جا عرب دنيا سان گهاٽا لاڳاپا هئا ۽ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي عرب قومون اچي آباد ٿيون هيون.“( ) ڊاڪٽر موسيو ليبان تمدن عرب (ص 267) ۾ لکي ٿو ته، ”اسلام کان اڳ واري زماني ۾، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي پيداوار کي، عرب جي سامونڊي ڪناري تائين آڻيندا هئا. جنهن وقت يمن جي بندرن کان هندستان ڏانهن جهاز وڃڻ لڳا، اهو زمانو حضورﷺ جي بعثت جي تمام ويجهو هو، ان وقت جهازن جون قطارون عمان ۽ بحرين کان نڪري سنڌوندي تائين پهچنديون هيون.“ ان دور ۾ ابله (بصره) صحار، يمن ۽ عدن سنڌي تجارتي سامان جون منڊيون هيون، عرب جي وڏن وڏن بازارن مثلا دومة الجندل، صحار، ادبار، مثحر، رابيه، حضرت موت، ذوالمجاز، نظاة، خيبر، مثقر، منيٰ، حجر، عطاظ، عددن ۽ صنعاءَ ۾ هتان جا رهاڪو ايندا ويندا هئا ۽ خريد فروخت ڪندا هئا، سنڌ مان عود، صندل، ڪافور، لؤنگ، جعفر، ڦوٽا، اوني، سوٽي ڪپڙا، موتي، تاڙي بانس ۽ بيد کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي قيمتي شيون هت وڪامنديون هيون.( )
انهن ڏينهن ۾ يمن سنڌ جي ڪپڙي جو خاص مرڪز هو، جنهن جو ذڪر سيد بلگرامي ”تمدن هند“ ۾ به ڪيو آهي، يمن مان سنڌي ڪپڙو عرب جي اندرين حصن جهڙوڪ: حجاز، عراق ۽ شام ۾ به پهچندو هو جتان يورپ ويندو هو، اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪپڙي کي ”يمن“ يا ”يماني“ لکيو ويندو هو، ڪپڙي کان سواءِ سنڌ جون گڏيون به يمن ۾ وڪامنديون هيون، انهيءَ تجارتي ميل جول جي ڪري ٻنهي ملڪن جي رهاڪن جي پاڻ ۾ ڄاڻ سڃاڻ وڌي ۽ عربن ۽ سنڌين هڪ ٻئي جو زبان، لباس، اٿڻ ويهڻ حتيٰ ڪه نالن تي به گهرو اثر قبول ڪيو، قرآن شريف ۾ ڪافور، مشڪ، انجيل، بصر ۽ ٿوم جا نالا ملن ٿا.( ) اهڙي طرح سنڌ جا رهاڪو عربستان ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي چڪا هئا، جڏهن ڪسريٰ نوشيروان جو زمانو هو تڏهن اتي به هي سنڌي پنهنجي بهادري کان مشهور ٿي ويا، سندن طاقت ۽ بهادري هن واقعي مان ظاهر ٿئي جو: هڪ ڀيري ڏکڻ عرب ۾ ايران جي لشڪر کي شڪست ملي ۽ يمن تي حبشين قبضو ڪيو، جڏهن ان جو اطلاع ايران جي شهنشاهه ڪسريٰ کي مليو، تڏهن هن چيو ته ”يمن تي ڪهڙن ڌارين ماڻهن قبضو ڪيو آهي سنڌين يا حبشين.“( )
بهرحال سنڌ جا ماڻهو حضورﷺ جي ولادت باسعادت کان اڳ عرب دنيا ۾ پهچي چڪا هئا، مخدوم امير احمد جو چوڻ آهي ته ”اسلام کان اڳ سنڌ جا باشندا، ڪعبي پاڪ جي زيارت لاءِ ويندا هئا ۽ اتي جي بتن جي پوڄا ڪندا هئا، هتان جا راجا ۽ مهاراجا عربي ٻولي کان واقف هئا، ۽ عربي ۾ گفتگو به ڪندا هئا.“( ) ساڳيو رايو جناب مولانا دين محمد وفائي به پنهنجي هڪ مضمون ۾ ظاهر ڪيو آهي.( ) هن مان ملوم ٿئي ٿو ته سنڌ سونهاري جا لاڏلا ۽ اسلام جا سچا سپاهي عربستان ۾ پهچي، نبي آخرالزمان جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا هئا.
تاريخ جو ورق ورق شاهد آهي، ته جڏهن ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جو ظهور ٿيو ۽ اسلام جي تبليغ شروع ڪيائون، تڏهن سنڌ جي هنن سوڍن ۽ سورهين پاڻ سڳورن جو ساٿ ڏنو، ۽ ساڻن گڏ رهيا، هڪ حديث، ”ترمذي ابواب الامثال“ ۾ آهي ته، ”عبدالله ابن مسعود ؐ هڪ اصحابي، حضرت محمدﷺ سان گڏ هڪ ماڻهوءَ کي ڏٺو جنهن جي شڪل ۽ شبيهه لاءِ ان چيو ته، ان جو مهانڊو جاٽ يا ذط وانگر هو.( ) ان مان معلوم ٿيو ته سنڌ جي ماڻهن حضورﷺ کي آخري نبي ڪري مڃيو ۽ اسلام قبول ڪيو، حافظ ابن حجر عصقلاني ”الاصابه“ ۾ لکي ٿو ته ”حضرت پير زطن يعني (سنڌي) جيڪو هڪ ماهر طبيب هو، پهريون هندستاني آهي، جنهن حضورﷺ جي دور ۾ اسلام قبول ڪيو.“( ) رشيد هاشمي لکي ٿو ته، ”هو قرب زماني سان گڏ قرب مڪاني جي لحاظ کان به پهريون هندستاني مسلمان آهي.“( ) هن ئي زماني ۾ يمن جي ايراني حاڪم باذان اسلام قبول ڪيو، هن حاڪم جي سرڪردگي ۾ سنڌي ذات اساوره به يمن ۾ رهندڙ هئي، ان ڪري هي سڀ سنڌي ماڻهو مسلمان ٿي ويا، ۽ جڏهن باذان وفات ڪئي، تڏهن هو پاڻ سڳورنﷺ جي انتظام هيٺ زيرباف بن بدر جي حوالي ڪيا ويا، هنن مان جيڪي مشهور هستيون پيدا ٿيون تن مان سلمان فارسي، معتزلي عالم موسيٰ بن سيار ۽ اسواري خاص اهميت رکندڙ هئا.( )
حضورﷺ سنڌي ماڻهن کي چڱي طرح سڃاڻندا هئا، هڪ ڀيري پاڻ سڳورنﷺ کان صحابه ڪرام پڇيو ته، ”يارسول الله اوهان موسيٰؑ کي ڏٺو آهي.“ پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ته، ”موسيٰ اهڙو آهي، جهڙو سنڌي ماڻهو.“ هڪ ٻي تاريخي روايت ۾ اچي ٿو ته،جڏهن نجران جا ڪجهه عيسائي، پاڻ سڳورنﷺ سان ملڻ آيا ۽ مسجد نبوي جي در تي گڏ ٿيا، تڏهن پاڻ ڪريمنﷺ کين ڏسي، صحابه کان پڇا ڪئي ته هي ڪير آهن، ايئن چوندي هي لفظ به چيائون ته، ”ڄڻ سنڌي ماڻهو ٻيا لڳن.“( )
حضورﷺ کان روايت آهي ته ”زمين تي بهشتي درياهه چار آهن، دجله ۽ فرات عراق ۾، جيحون مصر ۾ ۽ سيحون سنڌ .“ سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته، ”سيحون سنڌو درياهه آهي.“( )
سنڌ جي عظمت جا اهي ئي سبب آهن، جو حضورﷺ جن سنڌ سان محبت ڪندا هئا، هڪ روايت ۾ اچي ٿو ته پاڻ نماز ادا ڪري، سنڌ ڏانهن منهن مبارڪ ڪري ويهندا هئا، صحابه ڪرام جي پڇڻ تي فرمايائون ته ”سنڌ کان جنت جي هير لڳي ٿي، جا منهنجي دل کي سڌير ڏي ٿي.“
سنڌ واري جنت جي هير بابت تاريخن ۾ اچي ٿو ته توريت ۾، جنهن کي آسماني جنت سڏيو ويو آهي، سو سنڌ جي گهاٽن باغن وارو مقام آهي، توريت ۾ سنڌ کي ”عدن جو باغ“ چيو ويو آهي، بهرحال هي آسماني جنت کڻي نه آهي پر تڏهن به حضور اڪرمﷺ جن جي قلب مبارڪ کي سڌير پهچائيندي هئي، ۽ غالبن هن واقعي ڏانهن ئي شاعر مشرق مفڪر اسلام علامه اقبال اشارو ڪندي چيو آهي:
میر عرب کو آئی ٹھنڈی ہوا جہان سے
میرا وطن وہی ہے میرا وطن وہی ہے
اهوئي سبب آهي جو پاڻ سڳورنﷺ ۽ صحابه ڪرام جي زبان مبارڪ مان سنڌ، سنڌي شين ۽ سنڌي رهاڪن جا نالا ورتا ويا آهن. حديثن ۾ هندستاني شين جو ذڪر آهي. پاڻ سڳورنﷺ ڪن هندستاني شين کي دوا ۽ علاج طور به استعمال ڪرڻ کان روڪيو آهي، انهيءَ ميل ميلاپ ڪري هت اسلام جي تبليغ لاءِ فضا سازگار ٿيڻ لڳي، ان ڪري عربستان ۾ رهندڙ سنڌي اسلام طرف مائل ٿيڻ لڳا. ڪتاب ”عجائب الهند“ جي ص 52 تي آهي ته، ”وهم يحبون المسلمين، ويميلون اليهم ميلا شديدا“ (اهي ماڻهو، مسلمانن سان محبت ڪندا هئا ۽ انهن ڏانهن زياده مائل هئا.( )
انهيءَ پنهنجائپ پاڙيسري ۽ پيار واري جذبي تحت آقاءِ نامدارﷺ، جڏهن سنه 6 هجري ۾ ايران، روم، شام ۽ حبش ڏانهن خطوط مبارڪ ۽ وفد موڪليا، تڏهن پاڻ ڪمال شفقت فرمائي، سنڌ کي به ياد ڪيائون. مخدوم عبدالواحد، مخدوم محمد هاشم، علامه جلال الدين، علامه محمد ملڪاڻي، مولانا عبدالله ڪٻر ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، سنڌ جا اهي عالم آهن، جيڪي سڀئي هن راءِ تي متفق آهن ته، ”حضورﷺ پنج اصحابي، پنهنجي خط مبارڪ سان سنڌ اماڻيا، اهي جڏهن سن جي نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ پهتا، تڏهن سنڌ جا رهاڪو سندن تبليغ کان متاثر ٿي، اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي اهڙي طرح حڪم جي اطاعت ڪرڻ لڳا، جهڙي طرح پاڻ سڳورنﷺ کين خط ۾ حڪم ڪيو هو، انهن اصحابن مان 2 اصحاب سڳورا نون سنڌي مسلمانن جو هڪ وفد وٺي، حضورﷺ جي خدمت ۾ واپس ويا ۽ 3 اصحابي سنڌ ۾ اسلام جي اشاعت لاءِ ترسي پيا ۽ هتي ئي وصال ڪيائون. سندن مزارون حيدرآباد ۾ آهن.( ) قاضي اطهر مبارڪپوري پنهنجي ڪتاب ”عرب و هند عهد رسالت مين“ جي ص 191 تي به اها ساڳي ڳالهه لکي آهي. انهن ٽن اصحابن سڳورن جي ڪوششن سان ئي هتي ڪيترائي سنڌي ماڻهو مسلمان ٿيا ۽ اهي اصحابي کين اسلامي احڪام سيکاريندا هئا، اهڙي طرح اهي سنڌ جا پهريان مفتي هئا.( ) مخدوم امير احمد مرحوم لکي ٿو ته، ”عرب ۽ سنڌ جي قديم لاڳاپن کي نظر ۾ رکي، عقل سليم، هن روايت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو، ته اصحاب سونهارا سنڌ ۾ آيا آهن؛ ڇو ته سنڌ جهڙي پاڙيسري ملڪ ۽ قريبي تعلق رکندڙ ملڪ کي پاڻ سڳوراﷺ اشاعت اسلام لاءِ نظرانداز ڪري ڇڏين، اهو کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي.“ مولانا قاسمي صاحب لکي ٿو ته، ”سنڌ جا ڪيترائي پروانا، شمع هدايت کان، نور پسڻ لاءِ مديني پهچي ويندا هئا، برصغير جو جيڪو پهريون وفد هتان اسريو هو ۽ حضورﷺ جي حضور ۾ پهتو، سو سنڌي وفد هو.“ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ؓ ”جمع الجوامع“ جي هڪ روايت آندي آهي ته، ”حضرت علي ؐ فرمايو ته، هڪ ڏينهن پاڻ سڳورنﷺ وٽ ٻه وفد آيا، هڪ سنڌ مان ۽ ٻيو آفريڪا مان، جن رضا خوشي سان اسلام ۽ فرمانبرداري کي قبول ڪيو ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي اقوال مبارڪ کي چڱي طرح ٻڌو.“( ) انهن سنڌين حضورﷺ جي خدمت ۾ ڪي تحفا به پيش ڪيا جن مان ٻن جو ذڪر ملي ٿو، هڪ سنڌي ڪڪڙ، جنهن جو ”طريهي مجمع البحرين“ ۾ احوال ملي ٿو. پاڻ سڳورنﷺ سنڌي ڪڪڙ تناول فرمائي ۽ ان لاءِ پسنديدگي جا لفظ ظاهر ڪيائون.( ) ٻئي سنڌي تحفي ۾ اجرڪ جو نالو اچي ٿو. جنهن لاءِ مولانا گرامي صاحب جو چوڻ آهي ته، ”اجرڪ، جنهن کي عربستان ۾ برديمني چئجي ٿو، حضورﷺ جي لباس مبارڪ ۾ شامل هو، جيئن ته سنڌ جو ڪپڙو يمن کان ٿي حجاز ۾ ايندو هو، ان ڪري ان کي يمني چئبو هو ۽ برد جو مطلب آهي چادر، جيڪا سنڌي چادر اجرڪ هئي.“( ) حضورﷺ نه صرف پاڻ سنڌ جو ڪپڙو استعمال ڪيو، مگر سندن حرم پاڪن پڻ سنڌ جي ڪپڙي کي استعمال ڪرڻ جي سعادت بخشي، جيئن ته ”لسان العرب“ ج3، ص 223 ۾ آيل آهي ته، ”حضرت بيبي عائشهؒ کي چار ڪپڙا سنڌ جا پهريل هئا.“( ) هي روايت مولانا قاسمي صاحب نقل ڪئي آهي، مولانا گرامي صاحب جو چوڻ آهي ته، ”حضرت بيبي عائشهؒ جي حجري جي دروازي تي پردا ٽنگيل هوندا هئا، جن تي ڇر جو ڪم ٿيل هوندو هو. هڪ دفعي حضورﷺ انهن لاءِ ناپسنديدگي جو اظهار فرمائي (پردن لاءِ، ڇو ته درن تي پردا اسراف ۽ ڏيکاءَ لاءِ هوندا آهن) حڪم ڪيو ته، اهي لاهي! ڦاڙي وهاڻن جون ڇؤن ڪيون وڃن، سندن حڪم موجب ايئن ڪيو ويو، اهي ڪپڙا سنڌ جا ڪاريگر ٺاهيندا هئا، جن کي ڇيٽ سڏيو ويندو هو.( ) حضورﷺ جن جي حرم پاڪ جو علاج به سنڌي طبيب ڪيو، جناب ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، امام بخاري جي حوالي سان لکيو آهي ته، ”هڪ دفعي حضرت بيبي عائشه بيمار ٿي پئي، سندس ڀائٽين هڪ زط سنڌي طبيب کي علاج لاءِ گهرايو.“( ) مطلب ته سنڌ سونهاري جو حضورﷺ سان گهرو لاڳاپو رهيو ۽ سندن ئي دعائن سان سنڌ سرسبز ۽ خوشحال ٿي ان لاڳاپي جو ئي اهو نتيجو نڪتو جو هتي اهڙا عالم پيدا ٿيا، جن قرآن ۽ حديث ۾ اهي خدمتون سرانجام ڏنيون، جيڪي ان سلسلي ۾ پيڙهه جي پٿر مثل آهن، قرآن شريف جو ساري دنيا ۾ پهريون ترجمو سنڌي ٻولي ۾ ٿيو، جيڪو راجا مهروڪ بن رائق جي ڏينهن ۾ منصوره سنڌ جي عرب حاڪم عبدالله بن عبدالعزيز جي حڪم سان هڪ عراقي عالم ڪيو، جيڪو سنڌي زبان جو وڏو ڄاڻو ۽ شاعر هو، انهيءَ راجا تي هن ترجمي جو ايڏو اثر ٿيو جو سورة ياسين جي هڪ آيت، ”من يحي العظام، وهي رميم“ جو ترجمو ۽ تفسير ٻڌي، تخت تان لهي اچي پٽ تي ويٺو ۽ خدا جي خوف کان اکين سان ڳوڙها ڳاڙيندي روئڻ لڳو.( ) ان کان پوءِ حديث جو نمبر اچي ٿو هن علم ۾ جن سنڌي عالمن ڪمال حاصل ڪيو، تن ۾ امام اوزاعي ابو معشر سنڌي، ابوبڪر، احمد بن سندي، اسلم بند سندي، ابو ابراهيم، اسماعيل بن عيسيٰ بن فرح سنڌي، ابونصر سندي، ابوعبدالله، ابوجعفر بن ابراهيم ديبلي، محمد حيات السندي وغيره هنن عالمن عربيءَ ۾ سوين ڪتاب لکي، حضورﷺ سان پنهنجي دلي لڳاءَ جو چٽو ثبوت پيش ڪيو. پاڻ سڳورنﷺ جي خطوط مبارڪ کي ديبل جي هڪ سنڌي عالم مرتب ڪيو. بخاري شريف جي شرح لکڻ ۾ جيڪو ڪمال ابوالحسن سنڌي کي هو، ان جو اعتراف عرب و عجم ٻنهي ڪيو آهي، اهوئي سبب آهي جو حضرت علي ؐ فرمايو ته، ”سنڌ اها سرزمين آهي، جتان علم جو سج اڀريو.( )
حضورﷺ سان سنڌ جي عقيدت ۽ محبت جو هي نتيجو نڪتو جو هتان جي ماڻهن عربن سان مٽيون مائٽيون ڪيون، تاريخن ۾ اچي ٿو ته امام حسينؑ جي صاحبزادي امام زين العابدين جي والده ماجده سنڌي هئي. محمد بن علي بن زين العابدين جي والده به سنڌي هئي. هن مان معلوم ٿيو ته عرب ۽ اسلام جي سڀ کان شريف ۽ مقدس خاندان کي پيدا ڪرڻ ۾ سنڌ جو هٿ آهي، ان ڪري سنڌ کي سيد سليمان ندوي، اهل بيت جو ناناڻو گهر سڏيو آهي. تاريخ ۾ اچي ٿو ته ڪربلا جي ميدان ۾ 72 ڄڻن جي ٽولي ۾ ڪجهه سنڌي به هئا، جن حضرت محمدﷺ جي ڏهٽاڻن تي سر قربان ڪيا.( ) علي اصغر بن زين العابدين علي بن الامام حسين جي والده ماجده به سنڌڻ هئي.( ) امام ابوحنيفه ؓ به سنڌي نسل سان واسطو رکندڙ هو.
مطلب ته سنڌ سونهاري، هن ڏس ۾ هڙان توڙي وڙان اسلام سان پنهنجي عقيدت محبت ۽ وفاداري ڏيکاري آهي، هن وقت به سنڌ ۾ اسلامي فڪر ۽ فلسفي تي وڏو ڪم ٿيو آهي ۽ اڃان به ٿيندو رهندو، سنڌ ان ڪم ۾ پٺتي نه پوندو.
(چار ماهي ”سنڌ“ حيدرآباد سيارو 1983ع ۾ ڇپيل)